الطاف حسين کي موٽ احتياط سان ڏجي يا جذبات سان؟

 

 

ايم ڪيو ايم جي بانيءَ الطاف حسين سنڌي صحافين سان دل کولي ڳالهيون ڪيون آهن، حالتن جي مناسبت سان انهيءَ موقعي تيمور ٿو ٽليوارو گيت به ٻڌايو ويو. ڇا اسان هاڻي مور بدران پان ٽلڻ ۽ نچڻ شروع ڪيون يا مونن ۾ منهن پائي ماضي، حال ۽ مستقبل جي روشنيءَ ۾ ڪو جواب، ڪو رويو ۽ ڪو ردِ عمل ٺاهي وٺون؟

 

اسان سنڌي نفسياتي طور تي ڏاڍا روايتي ۽ جذباتي ماڻهو آهيون. ڀلي اسان پاڻ تي ويساهه نه به ڪيون پر جذبات جي وهڪري ۾ اچي اسان پنهنجي ڪنڌ لڻندڙ تي به ويساهه ڪري ويهندا آهيون. پوءِ ڇو نه اسان کي تاريخ دانهون ڪندي ٻڌائي ٿي ته اسان سان پنهنجن توڙي پراون هر موڙ تي ويساهه گهاتي ڪئي آهي.

 

الطاف حسين ڪهڙين حالتن ۽ مجبورين ۾ ڳالهه ڪئي آهي؟ اهو اسان ۾ ڪهڙي اميد رکي ٿو. هن دوستي ۽ خلوص کي قائم رکڻ لاءِ ڪهڙي گئرنٽي ڏني آهي؟ اهي اهم پهلو آهن، جن تي اسان کي سوچڻ گهرجي.

 

الطاف حسين هن وقت اڪيلو آهي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ سندس ڪي شرط مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهن.هو صاحب پنجاب ۽ اسٽبلشمينٽ ته ڇا پر فوج جي خلاف به ڳالهائي ٿو. انهن ڳالهين مان ڏٺي وائٺي اڪيلائپ جي تصديق به ٿئي ٿي. جيڪڏهن هو ڪنهن لڪل قوت جي ڏڍ ۽ اشاري تي اها چال نه ٿو کيڏي ته پوءِ اسان سنڌي بارگيننگ پوزيشن ۾ آهيون ۽ پوءِ اسان کي ٻُڌي قبول ڪرڻ بدران ڪجهه ٻڌائي قبول ڪرائڻ گهرجي . پر جيڪڏهن ڪنهنلڪل طاقتجي سهاري ۽ اشاري تي هو اهو ڪجهه چئي ٿو ته پوءِ اسان کي آڳو پيڇو ڏسڻو پوندو. ڪو به سياستدان جيڪڏهن پنجاب، اسٽيبلشمينٽ يا فوج خلاف ڳالهائي ٿو ته ان جو مطلب هي به نه وٺڻ گهرجي ته واقعي هو انهن جي خلاف آهي. ڪڏهن ڪڏهن نه پر اڪثر سياستدان جڏهن گهڻو گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن ته اڪثر اهي زماني کي ڏيکارڻ ۽ بيوقوف بنائڻ لاءِ ايئن ڪندا آهن. جڏهن ته دراصل اهي پاڻ ۾ جهٽ ۽ پڳ مٽيا يار هوندا آهن. ان ڪري الطاف حسين جن اختلافن کي اڀاري ٿو يا ظاهر ڪري ٿو ، اسان کي انهيءَ جي پسمنظر ۽ اصل حقيقت تائين به پهچڻ گهرجي. ايئن نه ٿئي جو اسان سندن هشيءَ تي پنجاب، اسٽيبلشمينٽ يا ڪنهن ٻئي طاقت خلاف ٿي بيهون ۽ جڏهن نشانبر ٿيون تڏهن خود الطاف حسين تاڙيون وڄائڻ شروع ڪري ۽ اسان اڪيلا ٿي ڪُٽجي وڃون .

 

اسان کي هيءَ ڳالهه به ڌيان تي رکڻي پوندي ته الطاف حسين هن موڙ تي پنجاب ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف ڇو ٿو ڳالهائي؟ اهڙي سچ چوڻ لاءِ هن هي وقت ڇو منتخب ڪيو آهي؟ هن اهو سچ ان وقت ڇو نه ٿي چيو جڏهن حيدرآباد وارن فسادن دوران پنجاب جي وڏي وزير ۽ ٻين سياستدانن کليءَ طرح مهاجرن جي ناجائز ڌر ورتي ۽ هنن جي مالي، اخلاقي ۽ سياسي مدد ڪئي؟ اڌ صديءَ جي تجربن ۽ مشاهدن کان پوءِ سچ ڳالهائڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي پر انهي سچ جي دائميت جي ڪهڙي گئرنٽي آهي؟ يا اها گئرنٽي ڪير ڏيندو؟

 

الطاف حسين جو معافي نامو بيشڪ سندس تدبر جو مظهر هجي ، ليڪن اهو واضح ۽ صاف ڪونهي. هن جو چوڻ آهي تهجيڪڏهن سنڌي سمجهن ٿا ته اسان سندن ڏوهي آهيون.“ اهو غير مبهم جملو آهي. الطاف حسين کي پناهگير آبادڪاري، ڪوڙن ڪليمن ۽ ملازمتن ۾ ڪيل ذيادتين کان وٺي سمورن مامرن ۽ مسئلن بابت پنهنجو موقف چٽو ڪري ٻڌائڻو پوندو. کيس اها ڳالهه واضح ڪري ٻڌائڻي پوندي۽ گئرنٽي ڏيڻي پوندي ته ازالي ٿيڻ جهڙين غلطين ۽ گناهن جو هر حالت ۾ ازالو ڪيو ويندو.

 

اسان مان گهڻي کان گهڻا ماڻهو سنڌيمهاجر اختلافن جو حل چاهين ٿا. هيءَ حقيقت آهي ته مهاجر هاڻي سنڌ مان ڪنهن ٻئي طرف لڏي به ڪو نه ويندا. سنڌي توڙي مهاجرن کي گڏجي سنڌ ۾ رهڻو آهي ۽ ٻنهي جا مفاد گڏيل آهن. پر سنڌي اهو به ڪونه چاهيندا ته هو ڪنهن ٻئي اسرائيل کي جنم ڏئي پنهنجي ايندڙ نسلن کي دائمي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏين.انهيءَ خدشي جي روشني ۾ به الطاف حسين جي آڇ کي ڏسڻو پوندو. خود الطاف حسين صحافين سان ڳالهائيندي ٻه اهم ڳالهيون ڪيون آهن. هڪ هي تهمهاجر پاڻ کي هٿين خالي نه ڪندا.“ ٻي هي تهاسان کي ايترو به تنگ نه ڪيو جو گڏجي رهڻ ناممڪن ٿئي، ڇو ته ملڪن مان ملڪ جنم وٺندا آهن.“ اهڙن جملن مان ايئن لڳي ٿو ته الطاف حسين اسان کي لٺ به ڏيکاري ٿو ته چٺ به ڏيکاري ٿو ۽ سندس اهڙي رويي کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.

 

سنڌي ۽ مهاجرن جي لاڳاپن جي تاريخ جي اڌ صديءَ جو رڪارڊ اسان جي اڳيان آهي. اسان کي اهي مشاهدا ۽ تجربا به ڌيان ۾ رکڻا پوندا. اسان کي ڪير جواب ڏيندو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽارچر سيل ڇو قائم ڪيا ويا؟ اسان کي ٻورين ۾ لاش ڪهڙي سوغات ۾ ڏنا ويا؟ ۽ اسان جي نياڻين جي انگن تي ڏنڀن جا نشان ڪنهن ۽ ڇو هنيا؟ ڇا اهو سڀ ڪجهه پاڻ ڪيو ويو يا ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي ڪيو ويو؟ اهو سچ ڪير ٻڌائيندو؟

 

سنڌي - مهاجر اختلافن مان خود مهاجرن کي ڪيترا فائدا مليا؟ ۽ سنڌين کي ڇا مليو؟ اندرون سنڌ ٻورين ۾ ايندڙ لاشن جي وارثن ۽ پونيئرن کي ته ڪجهه نه مليو پر ڪراچيءَ ۾ ماڻهن کي ڪروڙين روپيا ڏنا ويا.ان ڪري اها گئرنٽي ڪير ڏيندو ته سنڌي شهيد به املهه هئا ۽ سندن پونيئرن يا وارثن کي رڳو ڳوڙها نصيب ۾ ڇو آيا؟ ڇا انهن جو به تدارڪ ٿيندو؟

 

الطاف حسين جي خطاب تي اسان کي ڪو فيصلو ڏيڻو ڪونهي پر اهو اسان کي سمجهڻ گهرجي۽ ايم ڪيو ايم کي بانور ڪرائڻ گهرجي ته هي خطاب سنڌين سان ڊائلاگ جي ابتدا آهي. الطاف حسين جي ڳالهه ٻول نقطئه آغاز طور قبول ڪري کيس وڌيڪ ڳالهائڻ ۽ گئرنٽين ڏيڻ جي صلاح ڏئي سگهجي ٿي. هن لاءِ بهتر ايئن ٿيندو ته صحافي برادري اڳتي اچي ۽ اخبارن ۾ ايڊيٽوريل لکي الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي واضح ڪري ته سنڌي امن پسند آهن. هو خطائن ۽ گناهن جي معافي به ڏئي سگهن ٿا. هو ٻين کي زندهه رهڻ جو موقعو ڏئي پاڻ به زندهه رهڻ جو حق رکن ٿا. ان ڪري فقط هڪ خطاب کيحرفِ آخرچئي نه ٿو سگهجي. ان لاءِ ايم ڪيو ايم کي هڪ ڪاميٽي تشڪيل ڏيڻ گهرجي، جيڪا طئه ٿيل اصولن، طريقيڪار ۽ اعتراضن ۽ مقصدن کي ڌيان ۾ رکي سنڌ جي مدبرن، دانشورن، صحافين ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان ڳالهيون ڪري ۽ گئرنٽيون ڏئي. جيڪڏهن الطاف حسين اقوام متحده جي ججن کان ڪراچيءَ ۾ ٿيل ذيادتين جي انڪوائري ڪرائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته سنڌين کي به اهو حق رسي ٿو ته سنڌي مهاجر اتحاد ٿيڻ جي صورت ۾ گئرنٽي به اهڙي ۽ ايتري وٺن.

 
 
 

(ڪالمجهڙي سوچ ، تهڙي لوچ، روزنامهعوامي آوازڪراچي ،

 

تاريخ : 21.01.2001)

 
 
 
 

 

 

Good Wishes