اچو ته هڪ ٻئي کي اڌورو قبول ڪرڻ ڇڏي ڏيون

 

نفيءَ جا نغارا جيڪي اسان جي سماج ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ، تن جي آواز مان اسان کي سچ ۽ صلاح واري مڌر آواز جو پڙاڌو ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. اسان پنهنجي وجود کان وٺي هر ڪنهن فرد ۽ شخص جي نفي ڪيون ٿا.پنهنجي نفي جو مثال ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ملندو جو اسان ڌرتي ڄاوا سڏائڻ بدران پاڻ کي عربن يا افغانن جو اولاد سڏائڻ تي فخر محسوس ڪيون ٿا . هيءَ اسان جي عجيب غيرت آهي. جو پنهنجي مائي ڪنهن سان کلي ڳالهائي ته بي گناهه کيس ڪاري ڪري ماريون، پر اسان ساڳيا ئي غيرت مند پنهنجي رضا خوشيءَ ۽ هوش حواس سان ابا ڏاڏا مٽائي ڇڏيون ته ان ۾ پنهنجي عظمت ڄاڻون.

اسان پنهنجي اصل نسل جي نفي ڪري، در حقيقت پنهنجي ڌرتيءَ جي نفي ڪيون ٿا. ڌرتيءَ کي ماتا ڄاڻي به ان سان رشتو قائم نه ٿا ڪيون. پنهنجي قهر جي ڪهاڻي اتي پوري نه ٿي ٿئي. پر اسان سنڌي سڏائي پنهنجي ئي لوئي سان وير وجهون ٿا. وڏن شهرن ۾ جيڪي به اسان جا وڏ - گهراڻا ماڻهو رهن ٿا، انهن مان اسي سيڪڙي جي گهرن ۾ پاڻ کي سنڌي ٻڌڻ لاءِ ڪانه ملندي !

پنهنجا نسل مٽائڻ ذهني غلاميءَ جو پڙاڏو آهي ۽ پنهنجي زبان ڪٽي منهن ۾ ٻي ڄڀ چمبڙائڻ قومي احساس ڪمتريءَ جو مظهر آهي. اسان رڳو ائين اجتماعي طور تي پنهنجي، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي ئي نفي نه ٿا ڪيون پر پنهنجي وجود جا به منڪر ٿي پئون ٿا . سون جي صلاحيتن ۽ لکن جي لياقتن جا ملڪ آهيون، اسان انهن کي ڪم آڻيون ته هوند نالو به روشن ٿئي ۽ دنيا جهان کي به فائدو رسي. جنهن ماڻهو بجلي ٺاهي، ريڊيو، ٽي وي ٺاهي، جهاز ٺاهيو ۽ فون ايجاد ڪئي ، انهن جي صلاحيتن ۽ ڪوششن مان قيامت تائين انسان ذات فائدو وٺندي . پر اسان جي صلاحيتن ۽ لياقتن مان ته اسان پاڻ به فائدو وٺي نه ٿا سگهون.پڙهبو ڪونه پر ڪاپيءَ تي سندرو ٻڌي ڊگري وٺبي. محنت ۽ مزدوري ڪانه ڪبي پر هٿ ٻڌي خيرات وٺڻ ۾ عيب نه ڄاڻبو . دفترن ۾ دير سان وڃبو ۽ سوير موٽبو، عملدار ٿبو ته رعيت آزار ٿبو . واپاري ٿبو ته ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جو سهارو وٺبو. قدم کڻون ته ڌرتي ڌٻڻ لڳي ، پر ڪنهن نه ڪنهن جي قدمن ۾ سر رکڻ ۾ خوشي ٿيندي. سياستدان ٿبو ته عوام کي دوکو ضرور ڏبو . پهريون پنهنجا ڀڀَ ڀربا پوءِ ڇو نه ملڪ جو ۽ عوام جو ڏيوالو نڪري وڃي. امير کان غريب تائين، حاڪم کان محڪوم تائين ، اختيار ڌڻين کان بي اختيارن تائين ، ننڍي کان وڏي تائين ، پڙهيل کان اڻپڙهيل تائين، مرد کان عورت تائين اسان جو ڪيترو سيڪڙو پنهنجي ۽ پرائي نفي نه ٿو ڪري؟

نفي جي اهڙي عالم ۾ اسان جا رابطا ، واسطا ۽ تعلق به مخصوص ۽ محدود نوعيت جا ٿي پيا آهن. اسان هڪ ٻئي سان يا واسطيدار سان ”ورڪنگ رليشن شپ“ به قائم نه ٿا ڪري سگهون . اسان مان افهامِ تفهيم ختم ٿي رهي آهي.تعاون ۽ سهڪار ناپيد ٿيندا پيا وڃن. ان ڪري جيڪڏهن گهر آهي ته هر ڪنهن ڀاتيءَ جا قبلا ڪعبا الڳ آهن، جيڪڏهن دفتر آهي ته بالادست جو منهن اولهه ڏي هوندو ته زير دست جو منهن اوڀر ڏي. اسان فقط هڪ ٻئي لاءِ اوپرا ئي نه ٿي پيا آهيون، بلڪه هڪ ٻئي لاءِ آهيون ئي ڪونه ! اوهان ڪنهن امير، وزير يا حاڪم حڪمران ڏي خط لکو ، هڪ دفعو نه پر هزار دفعا لکو . اوهان کي ڪنهن به قسم جي موٽ ڪانه ملندي. ايئن لڳندو ڄڻ اهي امير وزير حاڪم حڪمران هن ملڪ ۾ ئي ڪونهن يا هن ملڪ جا ئي ڪونهن.

سان جي ورڪنگ رليشن شپ جو اهو عالم آهي جو اوهان ڪنهن ثقافتي يا سماجي تنظيم کي لکو ته پنهنجي عهديدارن جو احوال ۽ ڪارڪردگي رپورٽ ڏياري موڪل . اوهان ڪنهن عالم اديب، شاعر ۽ صحافيءَ کي لکو ته پنهنجا ڪوائف ڏياري موڪل. اوهان ڪنهن سياسي پارٽيءَ کي لکو ته پنهنجي منشور جي ڪاپي ڏياري موڪليو . اوهان کي جواب مشڪل سان ئي ملندو .

اسان هڪ ٻئي کي جزوي ۽ وقتي طور تي قبول ڪيون ٿا. اسان جو تعلق هڪ ٻئي سان ان وقت تائين هوندو آهي، جيستائين ڪو مطلب يا ڪو ڪم هوندو آهي. اسان جزوي طور هينئن قبول ڪيون ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن ۾ ڪو ڳڻ آهي، جنهن ۾ ڪو ڪم يا مطلب آهي ته هو اسان لاءِ قبول ڪرڻ لائق آهي. جيستائين ڪو ماڻهو اسان سان چڱائي ڪندو، اهو ان وقت تائين چڱو آهي. چڱي ماڻهوءَ کان جيڪڏهن لڱائي يا سستي ٿي پئي يا هو ڪنهن لاچاريءَ يا مجبوريءَ ڪري اسان جي اميدن تي پورو نه پيو ته هو بيڪار ۽ بي سود ٿي پئي ٿو. اسان جون دوستيون دشمنين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. پنهنجا لاڳاپا جهڙوڪ سنگين صورتحال اختيار ڪري وڃن ٿا. اسان اهڙا ته ڏکيا ۽ ڏنگا ٿي پئون ٿا جو جيڪڏهن شاهه لطيف جو رسالو کوليون ۽ ان کي آئينو بڻايون ته پنهنجي شڪل ئي ڪانه وڻي. لاکيڻو لطيف ٿو چئي ته”جيها جي تيها، مون مارو مڃيا“ پر اسان چونداسين ته ڪوبه قبول ناهي . جي ڌاڙا هڻنداسين ته پنهنجي کي، جيڪڏهن لٽينداسين ته پنهنجي کي، جيڪڏهن نه مڃينداسين ته پنهنجن کي . پوءِ ڇو نه دنيا جهان چئي ته اسان شيرشاهه جا شڪرا آهيون ۽ رڳو پنهنجي گهر جا ڪڪڙ ماريندا آهيون. غير سنڌي عملدار مان سنڌي کي جي فائدو نه ٿيندو ته تڪڙو نقصان به نه ٿيندو. پر الله پناهه ڏئي سنڌي عملدار کان هو وڏيري جيان پاڻ به ماريندو پر ٻين کان به مارائيندو. اسان اهي انڌا هاٿي آهيون، جيڪي پنهنجي ئي لشڪر جو نقصان ڪندا آهيون.

هن نازڪ حالتن مان پاڻ گذري رهيا آهيون، انهن جي ته تقاضا اها آهي ته اسان هڪ ٻئي کي اڌورو قبول ڪرڻ ڇڏي ڏيون ۽ لاکيڻي لطيف جي صلاح وٺون ته ”جيها جي تهيا مون مارو مڃيا.“

(ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،تاريخ : 25.02.2001)

 

 

Good Wishes