ڪيڏا ڪارڪن، ڏوهي منهنجي ڏيهه جا!
هر ڪنهن خبر ٻڌي يا پڙهي هوندي ته سنڌي جي هڪ قوم پرست شاعر ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته مان پنهنجي حياتي جي شام وارو پهر ايم ڪيو ايم جي ٿڌڙي ڇانو ۾ گذارڻ چاهيان ٿو ۽ سنڌ جي ٽئين حصي تي ايم ڪيو ايم جي حاڪميت ۽ مالڪيءَ جو حق تسليم ڪيان ٿو. هي آواز اسان جي انهيءَ ڌرتيءَ دوست جو آهي، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ جي سورن جي ڳالهه ڪئي. سڄي ڄمار ڌرتيءَ جا گيت ڳاتا ۽ هاڻي جڏهن سندس زندگيءَ جي شام ٿي چڪي آهي ته پنهنجي نظرين، قدرن ۽ اصولن جي شام غريبان ملهائي رهيو آهي.
سنڌ جو هي ساڃهه وند ماڻهو اسان جي تاريخ جو ڪو پهريون ماڻهو ڪونهي، جنهن پنهنجي نظرين، قدرن ۽ اصولن جي قبلي کي مٽايو آهي . نه وري ڪو آخري ماڻهو آهي ، جنهن جي دل ۽ دماغ مان اهڙي صدا بلند ٿي آهي.پر اسان جي اها بدنصيبي رهي آهي ته اسان جي سوچ ۽ لوچ جو بنياد جذبن، امنگن ۽ احساسن تي رهيو آهي۽ جذبا امنگ توڙي احساس دائمي نوعيت جا ڪونه ٿيندا آهن.ان ڪري ڪيترن ڏاهن، ڏات ڌڻين ۽ قومي هڏ ڏوکين پنهنجي ڄمار ۾ اهڙي اکٻوٽ راند پئي کيڏي آهي. گهٽ ۾ گهٽ اڌ صديءَ جي تاريخ کي اڳيان رکو ۽ تعليمي ادارن جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسو. ”ٻوليءَ جي تحريڪ“ کان وٺي”ون يونٽ“ جي تحريڪ تائين، ”چوٿين مارچ“ جي واقعي کان وٺي ”بهاري نه کپن“ واري تحريڪ تائين، ”ڪوٽا سسٽم“ جي حق کان وٺي ”ڪوڙن ڊوميسائيلن“ رد ڪرڻ واري جاکوڙ تائين ، هر موڙ تي وڏا وڏا نالا پيدا ٿيا ۽ ٿورن سالن کان پوءِ اسان جا اهي هيرا الائي ڪاڏي گم ٿي ويا. جن کي اڄ اسان تلاش ڪرڻ کان پوءِ به ڳولهي نه ٿا سگهون. ايئن ٿو لڳي ڄڻ اهي ڄاوا ئي ڪونه هئا . ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ انهن جي دلين ۽ دماغن ۾ ڪڏهن سنڌ ۽ سنڌ واسي آباد ئي ڪونه ٿيا هئا. اڄ ڪٿي آهن اسان جا اُهي گم ٿيل هيرا؟ انهن جي اڪثريت وڃي نوڪري ۽ ملازمت جي چادر پائي ٻيو جنم ورتو ۽ سندس اهو ٻيو جنم گهڻي ڀاڱي انهن نظرين، قدرن ۽ اصولن جي بنهه برعڪس رهيو، جن جي هنن تبليغ ڪئي هئي. جن تي هلڻ جو هنن وچن ڪيو هو. انهن وچن تان اسان جا الائي ڪيترا هيرا ايئن ڦري ويا ڄڻ سندن زبان تي ڪڏهن اهڙي ڳالهه آئي ئي ڪونه هئي. اهڙن ”وقتي وفادارن“ پنهنجي جوڻ ڇو مٽائي؟ انهي سوال جو جواب قوم کي ڪنهن به ڪونه ڏنو آهي. جوڻ مٽائڻ جو ڪارڻ اهو به ٿي سگهي ٿو ته پاڻ کي سستي شهرت سان چلڪائي چمڪائي پنهنجو ملهه وڌائجي ۽ پوءِ حالتن جي بازار ۾ پنهنجو من گهريو ۽ من پسند ملهه وٺي سگهجي.
ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها آهي ته اسان جي انهن وقتي وفادارن جوڻ مٽائڻ کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌين سان اها ويڌن ڪئي آهي جيڪا ڌارين ۽ غيرن به ڪونه ڪئي هوندي. عملدار ٿيا ته رعيت آزار ٿيا. وڃي پنهنجيون ٻنيون سنڀاليائون ته ٻين جون ونيون به پنهنجون ڪيائون . مطلب ته جتي ويا ۽ جتي به کين موقعو مليو ، اتي لٽڻ ۽ ڦر ڻ کي پنهنجو دين ايمان بڻائي ويٺا.
سنڌ هر دور ۾ اهڙا ” گم ٿيل“ هيرا پيدا ڪيا آهن. گم ٿيندڙ انهن قافلن کان علاوه رنگ مٽائڻ وارن ۽ ڀاڄوڪڙ ڪارڪنن جو انگ به سنڌ ۾ گهٽ ڪونه رهيو آهي. خاص طور تي سياسي ڪارڪنن ته مختلف پارٽين جي ڪنين چٽڻ تي ڳنڍ ٻڌي ڇڏي. اسان جو اپر ڪلاس ته هر دور ۾ اقتدار ۾ رهڻ گهرندو آهي. ان ڪري جيڪڏهن خاندان جا چار فرد هوندا ته چارئي مختلف پارٽين سان واڳيل هوندا. اهو ان لاءِ ته جيئن جيڪا پارٽي اقتدار ۾ هجي ان مان فائدو وٺجي. اسان جي سياست جي قيادت اڪثر ڪري اميرن ۽ مڇي ماني لائق ماڻهن جي هٿن ۾ هوندي آهي.ايئن به ٿيو آهي جو مڊل ڪلاس جو ماڻهو پارٽي ٺاهي، ان کي مقبول بڻائي گهڙي پلڪ ۾ اپر ڪلاس ۾ داخل ٿي ويندو آهي. مطلب ته سياسي قيادت وڏن ماڻهن جي هٿ هيٺ هوندي آهي. جڏهن ته انهن جي پارٽين جا هراول دستا يعنيٰ ڪارڪن اڪثر ڪري لوئر ڪلاس جا ٿيندا آهن. انهن ڪارڪنن مان جن کائي ڄاتو يا ڪمائي ڄاتو، سي اهڙا ته پروفيشنل ٿي وڃن ٿا ، جو جتي کائڻ، ڪمائڻ جا داءَ وڏا هوندا، هي همراهه منهن به اوڏانهن ڪندا. ان ڪري سياسي پارٽيون مٽائڻ ۾ اهي ايتري به ويرم نه ٿا لڳائن، جيتري پنهنجي بدن جي ڪپڙن بدلائڻ ۾ لڳائن ٿا.
اسان جي سمورين پارٽين جا سمورا ڪارڪن ڪي پروفيشنل ڪونه آهن. انهن مان ڪيترا سئو فيصد نظرياتي، سچا ۽ بي لوث آهن. اهڙن ئي ڪارڪنن کان وڏي کان وڏو گناهه ٿي وڃي ٿو. اهي جڏهن پنهنجي قيادت جي اصلي، سنڌ دشمن ۽ عوام ويري وارو روپ ڏسي وٺن ٿا ته اتان ڀاڄ جو آغاز ڪن ٿا. ڪي ايترا مايوس ٿي وڃن ٿا جو ڄمار جو ڳچ حصو جيل ڪاٽڻ ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ باوجود صوفي ۽ سنت ٿي سياست ۽ دنيا کان ئي بانءِ ڪري ويهي رهن ٿا. سندن اها ۽ اهڙي مايوسي ”نئين ڪارڪن “ جي سوچ ۽ لوچ تي برو اثر وجهي ٿي. نئون ڪارڪن جڏهن يقين ڪري ويهي ٿو ته ”سڀ ڪوڙ“ آهي ته پوءِ هو نظرين، قدرن ۽ اصولن کي رڃ ڄاڻي مفادن ۽ منافقين کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ٿو ۽ پوءِ اهڙا ڪارڪن اڳتي هلي پروفيشنل ڪارڪن بڻجي پون ٿا. اهي پروفيشنل ڪارڪن جتي سڻڀو ڳڀو ڏسندا، اوڏانهن ڊوڙ ڪندا. اهڙا پروفيشنل ڪارڪن دوستن سان به راضي ته دشمنن تي به مهربان . ڪا ايجنسي هجي يا ڪا حڪومت هر ڪا لٺ ۽ چٺ هنن کي جهڪائي سگهي ٿي.
ڀاڄوڪڙ نظرياتي ڪارڪنن جو ٻيو قسم اهو آهي، جيڪي ڪونه ڪو ٻوٽو ٻارن ٿا. اهڙا ڪارڪن قوم جا ايترا ڏوهي ڪونه آهن. ڇو ته اهي پنهنجو سياسي ۽ نظرياتي سفر جاري رکن ٿا. ڪانه ڪا پارٽي ٺاهي ، ڪو پليٽ فارم جوڙي پنهنجي لياقت ۽ صلاحيتن جي ورکا ڪن ٿا. کين پنهنجي پنهنجي اختلاف کي مثبت موڙ ڏيڻ تي هنن کي شاباس ڏئي سگهجي ٿي. ليڪن سابق قيادت سان خاموشي تي ٻڌل سمجهوتي بدران کين انهيءَ قيادت تي وڏي دليريءَ سان ” قومي فرد جرم“ عائد ڪرڻ گهربو هو ڇو ته اختلاف خاموشي جو نالو ڪونه ٿيندو آهي ۽ اهو اختلاف جيڪو حق ۽ ناحق، ڪوڙ ۽ سچ، دوست ۽ دشمن جو فرق نه ٻڌائي اهو بي معنيٰ ۽ مطلبن تي ٻڌل هوندو آهي. ان ڪري اهي ڪارڪن جيڪي اختلافن جي بنيادن تي چپ چاپ ڪا پارٽي ڇڏي ٻي پارٽي ٺاهن ٿا اهي ڄڻ هڪ سر جي مست ٺاهن ٿا ۽ پڪ ئي پڪ انهيءَ مست ۾ هو پاڻ ئي نمازي هوندا .
(ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،
تاريخ : 22.04.2001)