رت آئي مٺڙيءَ ٿاڌل جي

 

سيوهڻ جي مغل نواب يا سندس ويجهي مائٽ جي ڳالهه ڪندا آهن ته هو همراهه سيوهڻ ٻاهران ٽه واٽي تي تيل جو ڪڙاهه رکائي ويهندو هو. نوڪر چاڪر ڪڙاهه کي باهه ذريعي گرم ڪندا رهندا هئا ۽ هي همراهه کٽ وجهي ويهي رهندو هو. ڪنهن به طرف کان ڪو سنڌي آيو ته کڻي ٽهڪندڙ ڪڙاهه ۾ وڌو ويندو هو . هيڏانهن ڪڙاهه ۾ پيل مظلوم جون آهون ۽ دانهون ڌرتي ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏينديون هيون ۽ هوڏانهن هو همراهه پيو گد گد ٿيندو هو.

اڄ نه ته آهيون اسان اُهي سنڌي ۽ نه وري ڪڙاهي حڪمران. اڄ واٽن ۽ ٽه واٽن تي ڪڙاهه ڪونه ٿا تپايا وڃن. البته گرمين ۾ هر سال ڪا خدا جي مخلوق ايندي آهي. واٽن، رستن ۽ روڊن تي ڪنهن پوليس چونڪي، ڪنهن پيٽرول پمپ، يا وسنو واري جڳهه تي شاميانو لڳي ويندو آهي. پنج اٺ ماڻهو ٿاڌل گهوٽيندا آهن. ايندڙ ويندڙ گاڏيون اتي خود به خود رڪجي وينديون آهن ۽ مسافر ڏوڪڙ ڏئي اها ٿاڌل پيئندا ۽ هنيانءُ ٺاريندا آهن. پر اها عجيب رونق ڏسي ڪيترن جو هنيانءُ ڪونه ٺرندو آهي. ويتر کين ڏک ٿيندو آهي ۽ هنن کي انوکا انومان وڪڙي ويندا آهن.

مون پارا وهمي ماڻهو سوچيندا آهن ته متان ايئن هجي ته انهيءَ ٿاڌل ۾ ڪا اهڙي شئي به ملائي ويندي هجي، جيڪا مٺو زهر ثابت ٿئي ۽ پيئندڙن ۾ ڪنهن اوپري شئي جي عادت وجهي ڇڏي. اهڙا وهمي ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ايئن به سوچيندا آهن ته سنڌ جي اتر کان ڏکڻ تائين روڊن رستن تي نظر رکڻ جو اهو ڪو نئون طريقو ته ڪونهي؟ ٿاڌلي ماڻهو ڪنهن اهڙي ڪم سانگي ته ڪونه آيا آهن ؟

کڻي اهڙن وهمي ماڻهن جي ويچارن تي اعتبار نه به ڪجي، پر ڪي ماڻهو هن رونق کي ڏسي روئي پون ٿا ته اسان جي ماڻهن کي عقل ڇو نه ٿو اچي؟ ڇا اسان جا ماڻهو بک ۽ بي روزگاري جي هن ماحول ۾ به ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪري نه ٿا سگهن. انهن کي اهڙا ڏان ڇو نه ٿا اچن جو ڪنهن اهڙي موسم ۾ هڪ نه پر هزارين ماڻهو پنهنجو گهر تر ڇڏي نڪري پون ۽ موٽ تي کيساڀري پنهنجي وطن ورن.

سنڌ ڪيڏي نه عظمتن ۽ نعمتن واري ڌرتي آهي، جو سائبيريا جا پکي پکڻ هجن يا ڀر پاسي جا ماڻهو هجن. سنڌ انهن کي پناهه ڏيڻ ، زندهه رکڻ ۽ خوشحال بنائڻ جي هڪ خاص موسم فراهم ڪري ٿي.شايد هن ڌرتي جي اهڙي ننگپاليءَ واري فطرت ڪري ”سنڌو“ لفظ جي ئي معنيٰ ٿي: پناهه ڏيندڙ ۽ خوشحال بنائيندڙ.

پر اڄ اهو ”سنڌو“ پنهنجي اها معنيٰ مٽائڻ لڳو آهي. شايد هن اسان جا حال ۽ افعال ڏسي سڪي ٺوٺ ۽ بنجر بڻجن جو پڪو پهه ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان جي سنڌو ۾ ڪا سهڻي ته ڇا پر ٻلي به ٻڏي نه ٿي سگهي . ڪنهن سهڻي ۽ ڪنهن ميهار جو رومانوي داستان هن سڌوءَ مان جنم وٺي نه ٿو سگهي. ڪا سسئي سنڌوءَ جي لهرن لوڏن تي صندوقڙيءَ ۾ ترندي ڀنڀور ۾ پهچي نه ٿي سگهي. اڄ اسان جي سنڌوءَ پاڻ پوڄائڻ وارو حق پاڻ کان کسي ورتو آهي.اڄ خواجه خضر جهڙوڪ سنڌ مان لڏپلاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جي سنڌوءَ کي زبان هجي ها ته هوند هن کان رسڻ ۽ ناراض ٿيڻ جو ڪارڻ پڇي وٺجن ها . پر هن دادلي درياهه جي دهشت اڄ واري جي وحشت ۾ تبديل ٿي رهي آهي.

ڇا ائين ته نه آهي ته سنڌو اسان جا افعال ڏسي سڪڻ ۽ رسڻ لڳو آهي؟ ڇا ايئن ته نه آهي سنڌو سڪندي رسندي اسان کان پيغام ڏئي رهيو ته اوهان ”سنڌو“ کي زندهه رکي نه سگهيا، پر هاڻي سنڌ ۽ سنڌي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪجو ، ڇو ته انهن جو به وارو اچڻ وارو آهي ۽ اسان جي افعالن جو انهن تي به اثر پوڻ وارو آهي .

ڳالهه اسان جي افعالن ۽ پرڪارن جي آهي . اسان مثال طور ٿاڌل جي وهنوار ۽ ڪاروبار جي ڳالهه ڪئي آهي . ٺيڪ آهي ته اسان کي اهو اعتراض ڪونهي ته ڪو ٻاهريون هتي اچي ڇو ٿو ڪمائي . پر آهي ڪو اسان مان جيڪو روڊن ۽ رستن تي نظر رکي اهو حساب ڪتاب ڪري ڏيکاري ته انهيءَ وهنوار ۾ ڪيتري افرادي قوت ڪم اچي ٿي ۽ ڪيترا ماڻهو هن وهنوار سانگي پنهنجا گهر تڙ ڇڏي آيا آهن ، ۽ روزانو سنڌ مان انهن کي ڪيتري اپت ٿئي ٿي؟ اهڙو حساب ڪتاب ڪري پوءِ سموري سنڌ کان سوال ڪري ته اسان کي ڪمائڻ ۽ زندهه رهن جا ڍنگ ڇو نه ٿا اچن؟ اسان جون سوچون ۽ لوچون اسان جي اقتصادي خوشحاليءَ جو ڪارڻ ڇو نه ٿيون ٿين.اسان لال جا آرسي ڇو ٿي ويا آهيون؟ جڏهن دنيا ڌوڙ مان به ڌن ٺاهي سگهي ٿي، ته اسان پنهنجي ڌن کي ڌوڙ ڇو ٿا بڻايون؟ اُهي ۽ اهڙا کوڙ سارا ذريعا ۽ وسيلا آهن. ذريعن ۽ وسيلن جي انهيءَ ڌن مان اسان فائدو ڇو نه ٿا وٺون؟ جڏهن غير سنڌي گهرن ۾ ميڻ بتيون، ماچيس ۽ ٻيو الائي ڇا مان ڇا ٺاهيو وڃي ٿو ته اسان سنڌين جي گهرن ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ڌڻي تعاليٰ اسان جي هر ضلعي کي، ضلعي جي هر تعلقي کي، ۽ مختلف وسندين ۽ واهڻن کي کوڙ سارو ڪچو مال ڏنو آهي. اسان وٽ کجيون آهن، ڏير آهي ، پلال آهي ، ٻوڙا سر ۽ ڪانا آهن، جوهي جي مٽي آهي ، وڻ ٽڻ آهن، جهنگ جبل آهن. اسان جيڪڏهن تخليقي ۽ پيداواري صلاحيتن کي ڪم آڻيون ته ڇا ڇا نه ٿا ڪري سگهون؟اڳ ٻهراڙين ۾ عورتون گهرن ۾ ٽوپيون، رلهيون اڳٺ ۽ چوٽيون ٺاهينديون هيون.سئي سان ڀرت ،مردن جا پهرياڻ ۽ ماين لاءِ گج ڀريا ويندا هئا.هاڻي هن وقت هر هنڌ ۽ هر گهر ۾ اهڙو تخليقي ۽ پيداواري ڪم نه ٿو ٿئي. اڳي ٿورا ڪمائيندا هئا ته گهڻا کائيندا هئا. هاڻي جهڙوڪ ڪمائڻ وارا ڪونهن. اسان جهڙوڪ پاڻ پالڻ ڇڏي ڏنو آهي. ٻيا ماڻهو اسان جي گهرن ۽ شهرن ۾ اچي ڪمائي وڃن ٿا. پر اسان هٿ تي هٿ رکڻ تي ئي ڳنڍ ٻڌي ويٺا آهيون.

اسان جي اها غير پيداواري ۽ غير تخليقي سوچ، اسان کي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي ميدانن ۾ تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. پنهنجي ڀر پاسي ۽ شهرن ۾ ڏسبو ته اسان جي شرافت جا ڪوٽ ڪرڻ لڳا آهن. ڪرپشن وڌڻ لڳي آهي.اسان جي گهرن، اوطاقن ۽ وٿاڻن جون ثقافتي رونقون مٽجڻ لڳيون آهن. ٽڪي جي نوڪري جي تلاش ۾ اسان سياسي ۽ سماجي طور تي پاڻ کي پنهنجي نئين نسل کي ڪنهن نه ڪنهن هلندي پڄندي واري ماڻهو وٽ گروي رکي چڪا آهيون. هٿ جو پورهيو پاڻ لاءِ حرام قرار ڏئي پاڻ کي پورهيت جي عظمت ۽ حيثيت کان محروم ڪري چڪا آهيون. هي حالتون ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ڊپ ٿيندو آهي ته اسان ۾ زندگي جي رونق ۽ حرارت جهڙوڪ رهي ئي ڪانهي. اسان نه ته پنهنجو پاڻ کي سڃاڻون ٿا ۽ نه وري پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن کي سڃاڻون ٿا. ڌڻي ڄاڻي ته هي حالتون اسان کي ڪاڏي وٺي وينديون؟ڇا سنڌ جي ڪهاڻي فقط اها آهي ته ڪڏهن انهي جي رستن روڊن تي ٽهڪندڙڪڙاهه رکيا وڃن ۽ ڪڏهن مٺي ٿاڌل جامٽ رکيا وڃن؟

 

(ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

تاريخ : 29.04.2001)

 

 

Good Wishes