روئاري سڄڻ پوءِ کلائڻ نه آيئي!
سنڌي علم ادب جو ڳچ حصو ”محبت“ جو مذڪور آهي. اسان جي شاعرن ۽ اديبن جيترو محبت جي جذبي کي عام ڪرڻ لاءِ لکيو آهي، اوترو پنهنجي اجتماعي ۽ قومي حقن لاءِ نه لکيو آهي. بيشڪ مزاحمتي ادب سرجي پيو، پر امن ۽ محبت جون ڳالهيون اڃا به وڌيڪ زور سان ڪيون پيون وڃن.
سنڌيءَ ۾ پيار ۽ محبت جي ايتريون ۽ ايڏيون ڳالهيون ڪرڻ مان اهوئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ واسيءَ کي ڀرپور انداز سان محبت ڪانه ملي آهي.هو صدين کان وٺي انفرادي طور تي ۽ اجتماعي طور تي محبت کان محروم رهيو آهي. اجتماعي طور تي محبت کان اسان محروم ڪيئن رهيا آهيون؟ اهو معلوم ڪرڻو هجي ته هر دور جي حڪمرانن جي اکين ۾ ڏسڻ گهرجي، تاريخ جي چهري تان پڙدو لاهي ڏسجي ۽ وقت ۽ حالتن جي بي رحم هٿن جو رنگ ڏسجي . پاڻهن خبر پئجي ويندي ته اسان کي اجتماعي طور تي محبتون مليون آهن يا نفرتون. اسان انفرادي طور تي محبت کان محروم آهيون يا نه؟ انهيءَ سوال جي جواب تلاش ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجن روين ۽ اندازن جو مطالعو ڪرڻو پوندو. پراوا ته رهيا پراوا پر پنهنجن به سنڌ واسين کي ڏکن جي ڏونگرن هيٺان پئي آندو آهي. هن حقييقت جي تصديق ڪرڻ لاءِ اسان جو لوڪ ادب ڪيترن ئي پهاڪن ۽ چوڻين سان ڀريو پيو آهي. تاريخ جا ورق اڻ ڳڻين واقعن سان ڀريا پيا آهن. چيو ويندو آهي ته”ميرن کي گهران لڳي“،۽ انهيءَ چواڻيءَ سنڌيءَ کي سورن جي سوغات سدائين سنڌي کان ملي.
صدين جي غلاميءَ ۽ آزاديءَ جي اکٻوٽ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار خواهه نفسيات تي منفي اثر وڌا آهن. انهن مان هڪ برو اثر اهو به پيو آهي ته اسان پاڻ ۾ محبت ۽ ميٺ ۾ گهاري گذاري نه سگهندا آهيون. اسان جي پرچڻ جا ته سبب هوندا آهن،پر رسڻ لاءِ ڪنهن جواز، سبب ۽ ڪارڻ جي ضرورت ڪانه محسوس ڪندا آهيون.اسان هڪ ٻئي سان ڪيئن رسون ٿا؟ ۽ ڪڏهن رسون ٿا؟ اها ڪنهن کي به ڪل ڪانهي. پر جيڪڏهن ڳالهه فقط رسڻ تائين دنگ ڪري ها ته به جهڙوڪ اسان فائدي ۾ هئا سين.پر اسان جو رسڻ قهر بڻجي پوندو آهي.خدا تعاليٰ به ڪنهن گنهگار تي ناراض ٿي، کيس ايڏي سزا نه ڏيندو آهي ته جيتري اسان رسڻ کانپوءِ ڪنهن کي سزا ڏيندا آهيون. ڀلي ته ڪنهن سان کير کنڊ هجون، پر جيڪڏهن هن سان رسي پياسين ته سندس کير ئي زهر ڪري ڇڏينداسين. اها ڪنداسونس جو کيس ڏينهن جا تارا ڏسڻ ۾ ايندا. هن سلسلي ۾ اسان جي اها فطرت بڻجي چڪي آهي ته ڀلي ڪو اسان تي هزارين احسان ڪري ۽ ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون پنهنجو رت پياري، پر جيڪڏهن ڪنهن لاچاري، مجبوري ۽ بيوسيءَ سبب هڪ دفعو اسان جو ڪم نه ڪيائين يا پير ڀري نه سگهيو ته پوءِ اڳوڻا احسان به کڏ جي تري ۾ ته همراهه به تحت سرا جي تري ۾ . هن جا اسين جاني دشمن ٿي پونداسين ۽ سندس حياتي ئي حرام ڪري ڇڏينداسين.
اسان جي اهڙي ريت اک مٽڻ واري عادت کي ڏسي، اسان کي ڳڻ چور ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ئي شايد اسان جي شاعرن ۽ اديبن صدين کان وٺي محبت جي موضوع تي گهڻو ڪجهه لکيو ۽ چيو آهي.سماج جي هنن سپورنجن ان ڪري ئي محبت کي عام ڪرڻ مناسب ڄاتو ته جيئن اسان نفرت جهڙي مقدس ۽ عظيم جذبي جي اجايو ۽ بي دريغ استعمال نه ڪيون.محبتون ماروئڙن لاءِ هونديون آهن ۽ نفرتون ظالمن، جابرن ۽ ڌارين لاءِ هونديون آهن. نفرتون ڪنهن به ناراضپن جي صورت ۾ ضايع نه ڪبيون آهن. جهالت، غربت ۽ استحصال ۽ ظلم جون حالتون ئي نفرتن جون حقدار هونديون آهن.
منهنجي خيال ۾ ڀلي ته ڪو خيراتن ۾ خزانا لٽائي پر هن کي ايترو ۽ اهڙو سڪون نه ملندو، جيترو درگذر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ مان ملي سگهي ٿو.
در گذر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ جو عمل محبت جي جذبي مان ڦٽي نڪرندو آهي. معاف انهيءَ کي ڪبو آهي، جيڪو غلطي ڪري . درگذر خطائون ئي ڪبيون آهن. پر هي ڪٿان جو انصاف آهي؟ ۽ هي ڪهڙي اسان جي فطرت آهي ته اسان انهن کي به معاف نه ٿا ڪيون، جيڪي نه ته غلطي ڪن ٿا ۽ نه وري ڪنهن قسم جي خطا ڪن ٿا . اسان جو ڏوهه فقط اهو آهي ته وقت ۽ حالتن جي بي رحم هٿن اسان مان هر ڪنهن کي اهڙي زاوئي ۽ اهڙي ڪنڊ تي ٽيڏو ويهاري ڇڏيو آهي، جتي جيڪا به نگاهه پئي ٿي اها اسان کي پرکي ۽ پروڙي نه ٿي سگهي. نتيجي ۾ اسان پاڻ ٽيڏا ٿي پيا آهيون ۽ ”هوت مڙوئي هيڪڙو پر ٽيڏا ڏسن ٽي“ مصداق هڪ ٻئي کي انيڪ روپن م تسليم ڪيون ٿا، جڏهن ته اسان جو روپ فقط هڪ آهي ۽ اهو هي آهي ته اسان ساڳئي قوم جا فرد آهيون ۽ اسان جا دک ۽ سک ، هڪ جهڙا آهن . اسان جو ماضي ساڳيو آهي ۽ اسان جو مستقبل ساڳيو آهي.
اسان جي محققن اسان کي تاريخ جا اهي ورق پڙهايا، جن ۾ اسان جي دانهن، آهن ۽ ڪوڪن جي رت مان ٻڏل داستان موجود آهن. اسان کي مدبرن وقت ۽ حالتن جا اهي روپ ڏيکاريا، جن کي ڏسندي اسان کان دانهون نڪري ويون. اسان کي سماج اهي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا ، جن اسان جي نيڻن کي ڪڏهن به سڪڻ نه ڏنو. اسان سان رهبرن رهزنيون ڪيون، هادين دڳ کسيا، سڄڻن دشمنيون ڪيون، ايترو ۽ ايڏو روئاري ڪنهن به کلڻ ڪين سيکاريو. جيڪڏهن شاعرن ۽ اديبن محبت جون ڳالهيون ڪيون ته سي به مثالن ۾، اشارن ۾ ڪناين ، تشبيهن ۾ ۽ اصطلاحن ۾. ڪنهن ايئن نه ٻڌايو ته محبت درگذر ڪرڻ جو نالو آهي. پيار معاف ڪرڻ جو نالو آهي ۽ پريم خامين سان گڏ خوبين کي به قبول ڪرڻ جو نالو آهي.اسان کي روئاريو ته هر ڪنهن آهي پر کلايو ڪنهن ڪنهن آهي . ڀلا جيڪڏهن ٻيو ڪو کلائي نه ٿو سگهي يا کلائڻ نه ٿوچاهي ته ڇا پاڻ اسان ايئن ڪري نه ٿا سگهون. ڇا کلائڻ به ڪو طريقو آهي جو ڪنهن ٻئي کان سکجي؟اسان پاڻ ان وقت کلي سگهون ٿا، جڏهن پاڻ ۾ پرچي پئون ۽ رسڻ جون ريتون ڇڏي ڏيون. پر جيڪڏهن رسي پئون ته پرچڻ لاءِ نه ڪي قهر بڻجي هڪ ٻئي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ لاءِ آتا رهون .
(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،
تاريخ : 04.10.1994)