اسان جي تاريخ ۽ تحقيق دشمنيءَ جا ڪي مثال
”تاريخ“ ۽ ”تحقيق“ سان اسان جي جهڙوڪ لڳي ئي ڪا نه ٿي. اهي ماڻهو جيڪي هن ڪم سان لڳل آهن، تن کي اسان قبرون کوٽيندڙ، اجايو وقت ضايع ڪندڙ ۽ مٿي ڦريل ڄاڻيندا آهيون. اسان جو وس پڄي ته محققن کي ڪچو کائي ڇڏيون ۽ تحقيقي ادارن کي تالا لڳائي ڇڏيون.سڪاري ۽ نيم سرڪاري تحقيقي ادارا جيئن اڪ ڪارا ڪري رهيا آهن، انهن تي اسان کي ان ڪري چڙ نٿي اچي جو اسان تاريخ ۽ تحقيق کي بيڪار ڪم ڄاڻون ٿا. ان ڪري انهن اداران ۾ ڪم ٿئي يا نه ٿئي اسان جي صحت تي اثر ڪونه ٿو ٿئي.
ڪنهن به ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ جودارومدار پنهنجن عملن تي ٿئي ٿو. بلڪ ايئن چئجي ته ٻولي ۽ علم ادب جي عمارت پنجن ٿنڀن تي ٻڌل ٿيندي آهي جيڪي هن:”تخليق“ ،”تحقيق“ ، ”ترجمو“ ، ”تنقيد“ ، ۽”تنظيم“.اسان وٽ بدقسمتيءَ سان انهن عملن ۽ ٿنڀن ۾ ڪوبه توازن ڪونهي . ۽ انهن جا نتيجا اسان جي اڳيان آهن. ڪجهه وقت اڳ مون ڪالم ذريعي يونيورسٽين جي سنڌي شعبن کي صلاح ڏني هئي ته سنڌيءَ جي نصاب ۽ ڪورس کي انهن پنجن ”ت“ کي ڌيان ۾ رکي ترتيب ڏيو، اهو ئي سئليبس ٺاهڻ جو بهتر، مثالي ۽ سائنٽيفڪ طريقو آهي. پر ڪنهن به يونيورسٽيءَ طرفان انهيءَ ڳالهه جو نوٽيس نه ورتو ويو. جيڪڏهن هن صلاح تي ٿورو توجهه ڏنو وڃي ته ”تاريخ“ ۽ ”تحقيق“ جي به الله ٻڌي ها. پر ايئن ڪونه ٿيو.
ويهن سالن جي تجربي ۽ مشاهدي مون کي انهيءَ موڙ تي اچي پهچايو ، جو مون لکين روپيا خرچ ڪري ” گل حيات انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪيو ته جيئن تاريخ دوستي ۽ تحقيقي نوعيت واري تعليم کي عام ڪرڻ جي هڪ پُر خلوص ڪوشش ڪجي. پر دکن، دردن ۽ سورن جو مذڪور ويهن سالن ۾ به ساڳيو ئي رهيو،بلڪ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ صورتحال اڃا به ابتر ٿي وئي آهي.
اڳ آئون جڏهن پنهنجي مقصد لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪندو هئس، ته ان وقت جيڪي تلخ تجربا ٿيا، اهي پنهنجي کاتي ۾ لکي ڇڏيم ۽ ڪنهن کي ميار نه ڏنم. پر ”گل حيات انسٽي ٽيوٽ“ ذريعي هاڻي عوام لاءِ ۽ ڪم لاءِ ڪم ڪجي ٿو.هن وقت جيڪو ٻڌجي ۽ سهجي ٿو، اهو رڪارڊ تي آڻڻ ان ڪري ضروري آهي ته جيئن اسان پنهنجي تاريخ دوستي ۽ تحقيق نوازي جي ڳڻن ۽ اوڳڻن جو رڪارڊ ٺاهي سگهون.
آئون جڏهن پي ايڇ ڊي ڪندو هئس ته ڪن همراهن کي اچي ڏک ورايو ته آئون ڪلهوڪو ٻار متان ڊاڪٽر ٿي وڃان. ان ڪري هنن همراهن اهڙي ڪئي، جيئن ٻرڙي ڪئي ٻارن سان. انهن مان هڪڙو همراهه لياريءَ مان مڪراني موڪليندو هو. آئون طارق روڊ تي رهندو هئس. لياريءَ جا غنڊه اچي گاريون به ڏيندا هئا ۽ ڪتاب به فليٽ مان ڪڍي اڇلائيندا هئا. ٻئي همراهه اهو قرب ڪيو جو هڪ دفعي پاڻ اچي ڪراچي جي هڪ آڳاٽي ۽ گمنام شاعر جي پونئرن جو ڏسُ پتو ڏنائين. آئون سندس ٿورا مڃيندي شام جو وڃي گمنام شاعر جي وارثن تائين پهتس. در کڙڪايم ته هڪڙو ماڻهو نڪري آيو . هن مون سان چڙيو چڙيو ٿي ڳالهايو. اڃا دل کولي حال احوال به ڪو نه ڪيم ته ٻيو ڏٺل ماڻهو اتان اچي گذريو. هن زور ڀريو بلڪ گهلي وٺي ويو ته اسان پهريون گڏجي چانهه پيئون. چانهه پيئارڻ دوران حال احوال ورتائين، چيو مانس ته ، ”فلاڻي شاعر جو احوال ۽ ڪلام وٺڻ آيو آهيان.“ ان تي ميزبان چيو ته ،”جنهن ڏسُ ڏنو ٿئي تنهن توسان دشمني ڪئي آهي. تون جنهن سان ڳالهائي رهيو هئين اهو تنهنجي فلاڻي شاعر جو اولاد نه پر چريو آهي. هو پنهنجي رڳ تي اچي ها ته توکي مار ڪڍي ها. شڪر ڪر جو آئون پهتو آهيان. هيءُ منهنجو پاڙو آهي.“
ويهه سال اڳ تحقيق ۽ تاريخ جي جستجو ههڙا حشر ڪيا . پر ”جيئن ٿڌ تيئن وڌ“ مصداق صورتحال اڃا وڌيڪ ابتر ٿي وئي آهي. هاڻي جهڙوڪ ماڻهو مارين نه ٿا پر نسورو مارين ٿا ، سو به مرڻ کان اڳ. هاڻي ٿي شاهه لطيف جي مجبوري محسوس ٿئي ته هن ايئن ڇو چيو هو ته ” جنين ڪاڻ مياس، سي ڪلهي ڪانڌي ئي نه ٿيا.“
گل حيات انسٽيٽيوٽ طرفان اسان هر ڪنهن قلم ڌڻيءَ کي سندس ڄمڻ واري تاريخ تي سالگرهه مبارڪ نامو موڪليندا آهيون. هن وقت تائين اسان اهڙا هزارين خط موڪليا هونداسين. ليڪن موٽ فقط چئن پنجن جي ملي آهي.باقي ڪنهن کان به ڪونه پڳو آهي ته ٻه اکر لکي چئي ته ”خير مبارڪ!“.
اهڙي ريت مواد، معلومات، ڪوائف ۽ فوٽو وغيره وٺڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ جن تائين اسان پاڻ پهچي سگهندا آهيون، انهن سان پاڻ وڃي ملندا آهيون، هونئن نه ته خط لکندا آهيون. ۽ اڪثر ڪري ان ۾ جوابي لفافو به وجهي ڇڏيندا آهيون. پنجن سالن کان وٺي اسان طرفان موڪليل اڻ ڳڻيل جوابي لفافن مان هڪ به واپس ڪونه موٽيو آهي. آئون هڪ شخص ڏي پورا هڪ سئو دفعا ويس ۽ هر دفعي گذارش ڪيم ته اوهان پنهنجو فوٽو ڏيو ته ”گل حيات جي گئلري“ ۾ لڳايون . هر دفعي اهو جواب مليو ته ” سڀاڻي کڻي وڃجانءِ“ سئو دفعا وڃڻ کان پوءِ به اهو سڀاڻو اڃا ڪونه آيو آهي.
”گل حيات“ کان ٻارهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي رهندڙ هڪ شخصيت کي پاڻ وڃي دعوت ڏنم ته اوهان جي پاڙي ۾ اوهان جي ڇانو ۾ اسان قومي اهميت وارو ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪڏهن قرب جا قدم کڻي اچو.انهيءَ دوست دلاسو ڏنو ۽ آئون فون تي کيس يادگيرو ڏياريندو رهيس.سندس اها وراڻي ملندي آهي ته ”آئون ڪشمير کان موٽيو آهيان. افغانستان وڃڻو آهي، هاڻي عمري تي ويندس “ هو ايڏا ته مفاصلا طئي ڪري سگهندو آهي، پر ٻارهن ميل سفر ڪري نٿو سگهي.
”گل حيات“ ۾ اسان جيڪو ڪجهه گڏ ڪيو آهي يا ڪري رهيا آهيون ان کي اسان قوم جي امانت ڄاڻون ٿا. جيڪڏهن ۽ جڏهن قوم ان خزاني جي سنڀال ڪرڻ جو ذمو کڻڻ گهريو ته اسان هڪ ڪلاڪ لاءِ به ميڙي چونڊي کي پاڻ وٽ نه رکنداسين. ”گل حيات“ ۾ 1843ع کان وٺي اڄوڪي دور جو اهو اهم رڪارڊ موجود آهي. جنهن مان سياست، علم ادب، سماج، مذهب، ثقافت ۽ صحافت تي اُٺ ڪتابن جا لکي سگهجن ٿا. اسان جيئن ۽ جيڪو ڪم ڪيون ٿا ، ڪن جو چوڻ آهي ته اهو سڀ ڪجهه ايجنسين جي اشاري تي پيو ٿئي ۽ پڪ ئي پڪ ايجنسين جو خيال هوندو ته اسان اهو ڪن تنظيمن جي چوڻ تي پيا ڪيون. اهو ٻڌون ٿا ۽ محسوس ڪيون ٿا. پوءِ به ڪم ڪجي ٿو ڇو ته هي ڪم قوم جو آهي ۽ قوم لاءِ آهي. جيڪڏهن ٻيا ماڻهو رويا بدلائڻ لاءِ تيار نه آهن ته اسان پنهنجو شيوو ڇو بدلايو؟
(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،
تاريخ : 10.10.1995)