سوچن ۽ لوچن ۾ توازن جو مسئلو

 

لطيف سائين فيصله ڪن انداز ۾ ڏاڍي ڪارائتي ڳالهه ڪئي آهي، فرمايو اٿس ته”جي ڪوڙو تون ڪفرسين ته ڪافرڪيم سڏاءِ “اسان سان جٺ اها آهي ته اسان نه پاڻ کي ٻڌندا آهيون ۽ نه وري ٻئي کي ٻڌندا ۽ مڃيندا آهيون.

پاڻ کي ٻڌڻ، پاڻ کي مڃڻ ۽ پاڻ کي سڃاڻڻ جا سبق ڏيندي اسان جي ڏاهن جا الائي ڪيترا نسل وڃي قبرن ڀيڙا ٿيا. اسان اهو چئي کين سندن پيغام کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ته هوصوفي لاڪوفي آهن ۽ سندن پيغام اسان کي بي عمل بڻائي ڇڏيندو. جيڪڏهن اسان مان هر ڪو پاڻ سڃاڻي ها ته ، نه پاڻ ڪنهن جي هٿان استعمال ٿيون ها ۽ نه وري ڪو ٻيو ڌاريو استحصال ڪري ها. پاڻ نه سڃاڻڻ ، پاڻ کي نه ٻڌڻ ۽ پاڻ کي نه مڃڻ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته هوا ۾ اڏندڙ ڪک پن بڻجي ويا آهن. جنهن جيڪا ڳالهه ڪئي، ان تي ڳنڍ ٻڌي کڻي هائو ۾ هائو ملائينداسين.ان تي ڪڏهن به سوچ ويچار ڪونه ڪنداسين. جيڪڏهن سوچ ويچار ڪري سگهون ٿا ته پوءِ پنهنجن توڙي پراون ، ڏاهن توڙي اڏاهن کي پرکي سگهون ها. انهيءَ ڪري اسان جهڙوڪ ٻين کي به نه ٿا ٻڌون ۽ سمجهون. لياقت ۽ صلاحيتن، سوچن ۽ لوچن، وقت ۽ دولت کي بيڪار استعمال ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ ڪيڏي نه ڪم جي ڳالهه ڪئي آهي.مٿي ذڪر ڪيل سٽ ۾ ساڳئي ڳالهه سلي اٿس. چئي ٿو ته ” انهيءَ ٿيڻ ۽ پاڻ کي سڏڻ جي ڪوشش نه ڪر، جيڪو تون نه آهين. اهو ٿيءُ ۽ ايئن هل جيڪو اصل ۾ پاڻ آهين. “ حقيقت به اها آهي ته جيڪڏهن مور ڪانءُ جيان هلڻ لڳندو ته ، پنهنجو ٽلڻ به وساري ويهندو.

هي هڪ عام فهم ڳالهه آهي ته نڪ کان ڪن جو ، ۽ ڪن کان وات جو ڪم وٺي نٿو سگهجي. هر ڪنهن جو ڪم الڳ الڳ آهي ۽ انهن کان اهوئي ڪم وٺڻ گهرجي.اسان جي سوچن ۽ لوچن ۾ انهيءَ ڪري توازن برقرار نه ٿو رهي ۽ ڪو به ڪم ان ڪري نتيجو نه ٿو ڏئي جو اسان اهو ڪجهه ڪيون ٿا جيڪو پاڻ کي نه ڪرڻ گهرجي ، ۽ اهو ڪجهه نٿا ڪريون جيڪو اسان کي ڪرڻ گهرجي. هر ڪنهن جون لياقتون ۽ صلاحيتون الڳ آهن. هر ڪو انهن لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق هڪ ٻئي کان الڳ ۽ منفرد آهي. ان ڪري هر ڪنهن جو ڪم الڳ آهي ۽ الڳ ٿيڻ گهرجي. صحافي سگهڙ ٿي نه ٿو سگهي، سياستدان سائنسدان ٿي نه ٿو سگهي. علم ادب الڳ شئي آهي، صحافت جدا ڳالهه آهي، سياست انهن ٻنهي کان مختلف آهي . زندگيءَ جو هر شعبو هڪ ٻئي سان لاڳاپيل هوندي به الڳ آهي، پر اسان وٽ ايئن ڪونه آهي. اسان مان هر ڪو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهي. ڳالهه اتي دنگ نه ٿي ڪري، پر اسان مان هر ڪو اها تبليغ ڪري ٿو ۽ اها ڪوشش ڪري ٿو ته باقي دنيا هن وانگر ٿي پئي. پوءِ اديب ۽ شاعر سياستدان سان ملندو ته سياستدان ان کي تبليغ ڪندو ته لکڻ پڙهڻ ڇڏي سياست ۾ ڪاهي پئو. اهڙي ريت اديب ۽ شاعر جي تمنا رهندي ته ٻيا ماڻهو هر ڪو ڪم ڪار ڇڏي هٿ ۾ قلم کڻي ڪجهه نه ڪجهه لکڻ لڳن. سماجي ڪارڪن سان ملبو ته اهو ئي چوندو ته سياستدان ٺڳ ۽ قلم ڌڻي سودائي آهن صحيح ۽ سچو ڪم فقط سماجي ڪارڪن ئي ڪن ٿا. صحافي اهو ٿو سوچي ته سچ فقط ۽ فقط هو ئي ٿو ٻڌائي پر اديب ته قوم کي خيالي پلاءُ ٿو کارائي.

پر جيڪڏهن اسان مان هر ڪو اهو سوچڻ لڳي ته هن کان سواءِ ٻيو پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن مطابق ڪم ٿو ڪري ۽ هن جون اهي ڪوششون به ڪارائتيون آهن ته ههڙي صورت حال ئي پيدا نه ٿئي. هوند هر ڪوماڻهو هر ٻئي کي پنهنجي پوءِ لڳ، مريد ۽ معتقد بڻائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪري.

جنهن معاشري ۾ لياقتن ۽ صلاحيتن جي سڃاڻ، شناس ۽ قدر داني ڪو نه هوندي، اتي هر ڪو ٻئي ماڻهوءَ جي ڪم کي بيڪار ۽ بي سود ڄاڻيندو بلڪه ٻئي ماڻهوءَ کي ڪم ئي اهڙو ڏيندو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ هن جي ڏانءُ، لياقت ۽ صلاحيتن مطابق نه هوندو. اسان وٽ ايئن ئي پيو ٿئي ٻين ڳالهين کي ڇڏي رڳو ملازمتن کي ئي وٺو ، اوهان سروي ڪري ڏسو ۽ هر ڪنهن ملازم کان پڇو . اوهان کي جواب ملندو ته کيس ٻي نوڪري نه پئي ملي ان ڪري اها نوڪري ڪري رهيو آهي. سرڪاري دفترن ۾ جيڪا اوندهه لڳي پئي آهي ۽ ڪم جو اڪلاءُ نه پيو ٿئي ۽ هر ڪو ماڻهو ڪنهن ٻيءَ نوڪريءَ جي تلاش ۾ سرگردان آهي ۽ ان نوڪريءَ هوندي ڪونه ڪو اضافي ڌنڌو ڌاڙي به ڪري ٿو ، ان جو هي به هڪ بلڪ اهم ڪارڻ آهي ته ان کي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق ملازمت ڪانه ملي آهي. هن جون لياقتون ۽ صلاحيتون بيقرار روح بڻجي هن کي بي سڪون بڻائي ڇڏين ٿيون. اسان جيستائين ٻين جي لياقتن ۽ صلاحيتن کي مڃتا نه ڏينداسين ۽ هر ڪنهن کي سندس ڪم بدران پنهنجي ڪم سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪندا سين ، ان وقت تائين اسان مان ڪنهن جي به محنت رنگ نه لائيندي نه پاڻ ڪم ڪري سگهبو ۽ نه ٻئي کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو. بس هر ڪو انهيءَ ڌُن ۾ هوندو ته ٻئي کان سندس ڪم ڇڏائي پنهنجي ڪم سان ڪيئن لڳائي. انهيءَ روش ۽ انهيءَ سوچ اسان مان ٻين سان تعاون ڪرڻ واري سگهه ۽ صلاحيت کسي ڇڏي آهي. بلڪ ان جي برعڪس اسان کي هڪ ٻئي جو حريف ۽ دشمن بڻائي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سياستدان اديب کي بيڪار ۽ بي مقصد ڄاڻي ٿو ۽ اديب ۽ دانشور کي ڏاهو به چئي پر ان کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ چاهي ٿو.ليڪن انهيءَ ڏاهي جي چوڻ تي هلڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي . زندگيءَ جي هر شعبي جو اهڙو ئي حشر آهي.

اسان جيڪڏهن هڪ ٻئي سان هٿ نه ونڊايو ته ڪا خراب ۽ خطرناڪ ڳالهه ڪونهي. پر هڪ ٻئي کي آزاديءَ سان پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيون ته هوند بهتر نتيجا نڪري پون. اسان جيڪڏهن سوٽو کڻي اخبار وارن جي مٿان چڙهي وينداسين ته هي خبرون ڇپيو ۽ هي خبرون نه ڇپيو ته عوام تائين حق سچ ڪيئن پهچندو؟ ۽ عوام صحيح عام راءِ ڪيئن قائم ڪري سگهندو . اسان جيڪڏهن اديبن ۽ ليکڪن تي پابنديون مڙهينداسين ته اهي ڌر بڻجي ڪنهن پارٽي، شخصيت يا ڪنهن واقعي يا مسئلي تي قلم کڻن ته پوءِ ادب ۽ اديب جو ڪهڙو مقصد وڃي بچندو ؟ اسان جيڪڏهن ڪنهن سياستدان تي پنهنجي مرضي مطابق بيان ڏيڻ ۽ سياست ڪرڻ لاءِ بار وجهنداسين ته هو پنهنجون لياقتون ۽ صلاحيتون ڪيئن ڪم آڻي سگهندو؟ هن لاءِ ضروري آهي ته اسان صحافيءَ کي صحافي، سياستدان کي سياستدان، اديب کي اديب ، شاگرد کي شاگرد ئي رهڻ ڏيون ۽ انهن تي ٻيا بار نه رکون. ايئن ڪرڻ سان ئي اسان پنهنجن سوچن ۽ لوچن ۾ توازن قائم ڪري سگهون ٿا. هي ڳالهه تمام ضروري آهي ته اسان ٻين کي زوري پاڻ جهڙي بنائڻ جي ڪوشش نه ڪيون ۽ پاڻ ٻين جهڙي ٿيڻ جو سعيو نه ڪيون. بلڪ ٻين کي آزاد ڇڏيون ته اهي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق سوچن ۽ لوچن، ۽ اسان پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن مطابق ڪم ڪيون.

 

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

تاريخ : 31.10.1995)

 

 

 

Good Wishes