خبر ٻڌ سڄڻ ، او! اڙي بي خبر

اقتدار ڌڻين مان ٻن ساٿين هڪ ٻئي کي حال اوريندي چيو ته

”ڳجهيون هدايتون مليون آهن ته دهشتگردن اندرون سنڌ ڏي منهن ڪيو آهي، ان ڪري اسان کي اٿڻ ويهڻ ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي، ڇو ته متان اهي دهشتگرد ڪٿي اسان کي نه نشانو بڻائن .“ مون جڏهن اها سُس پُس ٻڌي ته اهڙي ڳالهه کي اقتداري ڌر جو روايتي بهانو ڄاتم. سوچيم ته ماڻهن جا ڪم ڪونه ٿا ٿين، ان ڪري انهن کي بچڻ جو اهو هڪ بهانو آهي. نه ڪوئي وس وارو ٻاهر نڪرندو ۽ نه ڪوئي بي وس ماڻهو دانهون ڪندو.

پر پوءِ اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيڻ لڳيون ته ” ڪي پناهه گير ڪراچي مان لڏي اندرنِ سنڌ آباد ٿيڻ لڳا آهن“اهي خبرون مختلف هنڌن ۽ ضلعن کان اچڻ لڳيون. اهڙين خبرن تي هنڌين ماڳين تبصرا ٿيڻ لڳا.ڪنهن ڪيئن ٿي چيو ته ڪنهن ڪيئن ٿي چيو. جيترا وات اتريون ڳالهيون ٿيون . پر هر ڪو تبصرو اسان جي سادگيءَ جو مظهر پيو محسوس ٿئي. ايئن ٿو لڳي ، جهڙوڪ خوش فهمين جا خواب ڏسي رهيا آهيون يا پنهنجي”حال“ خواهه ”مستقبل“ لاءِ دنيا جهان وانگر سوچيون ئي نه ٿا.

اسان اڃا سائنسي ۽ منطقي انداز سان سوچڻ ئي شروع نه ڪيو ته وري اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيڻ لڳيون. هڪڙي خبر ڇپي ته ” ڪراچي مان ڀڄي يا لڏي ايندڙ ماڻهن وٽ رات جون گاڏيون اچن ٿيون ، هي گاڏيون هڪ خيراتي اداري جون آهن .“

اها خبر پڙهڻ سان مون کي اندرون سنڌ جا اهي وڏيرا ياد اچي ويا، جيڪي ڏوهاري ماڻهن کي ڪنهن نه ڪنهن هلڪي ڦلڪي ڏوهه ۾ لاڪپ ڪرائي پوءِ رات جو کين پنهنجين گاڏين ۾ کڻي وڃي ڏوهه ڪرائيندا آهن. جيڪڏهن ڏوهه دوران انهن مان ڪنهن کي ڪو کڻي سڃاڻي به ، ته به هن جي شاهدي ڪوڙي ٿي پئي. ڇو ته ڏوهي سرڪاري طور تي لاڪپ ۾ بند هئو.

جڏهن حڪومت دهشتگردن جي وٺ پڪڙ ۾ مصروف هجي ۽ ڪي ماڻهو ڪراچي ڇڏي اندرون سنڌ ۾ اچن ۽ رات جو ڳجهيءَ طرح ڪوئي ساڻن رابطو قائم ڪري يا هنن ڏانهن گاڏيون اچن ته هن سموريءَ صورت حال کي ”انڊر گرائونڊ تحريڪ بلڪ منظم تخريبي تحريڪ “

جو هڪ پهلو چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو .

جيڪڏهن ڪراچيءَ جي صورت حال تي کڻي مختلف رايا قائم ڪجن، ايئن چئجي ته اهو سڀ ڪجهه اقتداري پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو پاڻ ۾ سالن جي دوستيءَ ۽ دشمنيءَ جو نتيجو آهي يا حزب اختلاف جي سياسي چال آهي. بين الاقوامي سازشن جو پڙاڏو آهي يا سنڌ دشمنيءَ جي صورت آهي، يا وري ايجنسين جي عنايت آهي. اهي سمورا سبب هجن يا انهن مان ڪو به هڪ سبب هجي. پر جنهن ڳالهه تي سنڌ واسي تشويش ظاهر ڪري سگهن ٿا. اها دهشتگردن جي منظم حڪمت عملي آهي. هنن پنهنجي ويڙهاند جو آغاز اهڙيءَ ريت ته ڪيو آهي جو خارجي طور تي انهن کي ٻاهرين حڪومتن جو آشيرواد حاصل ٿي چڪو آهي۽ داخلي طور تي اهي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندي به سنڌين جي نفرتن کان آجا رهيا آهن. سنڌ واسين جي وڏي اڪثريت جهڙوڪ هن سڄي جهيڙي ۾ غير جانبدار ٿي چڪي آهي. ٿورا سياستدان ۽ اديب آهن، جيڪي فقط بيانن تي گذارو ڪري، پنهنجي ڌرتيءَ جو قرض لاهي رهيا آهن.

دهشتگردن وڏي هوشياريءَ سان الائي ڪيترن ملڪن جون همدرديون حاصل ڪري ورتيون آهن. هو افغانستان کان اسلحو وٺن ٿا ۽ افغانستان کان اسلحي نه وٺڻ واري معمولي ڌمڪي تي ئي افعانستان کي پريشان ڪري سگهن ٿا . ان ڪري افغانستان جا حڪمران هنن جي چوڻ تي پاڪستان حڪومت ۽ جهڳڙالو ڌر جي وچ ۾ ”امين“ جوڪردار ادا ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا . هنن ڀارت ۽ پاڪستان جي ازلي دشمنيءَ مان فائدو وٺي ڪراچيءَ جون حالتون ڪشمير جي حالتن جهڙيون بڻائي، ڀارت جي همدردي حاصل ڪري ورتي آهي. اهڙيءَ طرح ڪي ملڪ جمهوريت جي نالي ۾ ته ڪي ملڪ انساني حقن جي اوٽ ۾ ته ڪي وري دنيا جي نئين جوڙ جڪ جي خفت ۾ جهڳڙالو ڌر کي هنج ۾ ويهارڻ ڀلو ڄاڻن ٿا. اهڙي حيثيت يا منزل ماڻڻ ۾ جهڳڙالو ڌر جي سياسي بصيرت، معامله فهمي ۽ منظم حڪمت عملي جو وڏو عمل دخل آهي.

هيءَ حالتن ۽ حادثن جي ستم ظريفي، اسان جي دانشورن جي خواب خيالي ۽ اسان جي مدبرن جي بصيرت کان وانجهائپ ئي آهي، جو ظالم گروهه پاڻ کي دنيا جهان ۾ مظلوم ڌر ثابت ڪري سگهن ٿا.ٻاهرين حڪومتن ۽ قومن جي مزاج ۽ مجبورين مان فائدو وٺي سگهن ٿا. حڪومتن کي پنهنجي مرضيءَ واري ”وقت“، ”جاءِ“ ۽ ”حالتن“ مطابق ڳالهين ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿا، پر اسان هر ڪنهن ڌر کان سڀ ڪجهه لٽائيندي به خوش آهيون ۽ خاموش آهيون. جيڪڏهن دهشتگرد سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪن، ته به اسان خاموش آهيون، جيڪڏهن اسان ” مرڪزي ڪردار“ هوندي به ڳالهين ۾ شامل نه هجون ته به خوش آهيون.اسان ڪنهن تي به ڪنهن به قسم جي نظر رکڻ لاءِ تيار ڪونه آهيون. پوءِ ڇو نه ڪو دهشتگرد اچي اسان جي پاڙي ۾ آباد ٿئي.

هن کي بدنصيبي نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي جو هڪڙي سياسي پارٽي 1985ع ۾ قائم ٿي ۽ ڏهين سال ۾ دنيا جهان کي پاڻ سان ملائي الڳ ۽ آزاد ٿيڻ جي ڳالهه ڪري. ٻئي طرف اسان آهيون جو اڌ صديءَ گذرڻ بعد به عقل ڪونه آيو اٿئون. پنهنجي وجود جو ته رهيو پري پر پنهنجي تشخص جو ڪيس به ٺاهي نه سگهيا آهيون.

پي . پي دؤر ۾ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ ٺاهه ڳالهين دوران ايم ڪيو ايم وارن پنهنجن مطالبن کان علاوه حڪومت اڳيان ايڪيهن مثالن وارو ” مظلوميت وارو داستان“ پيش ڪيو ۽ حڪومت کي چيو ته اوهان اسان تي هي ۽ هيترا ظلم ڪيا . ڇا سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري، نيم سرڪاري اداري، ڪنهن سياسي پارٽي يا تنظيم وٽ اهڙا انگ اکر آهن، جن مان معلوم ٿئي ته :

(1) پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سنڌ واسين کي ڪيتريون نوڪريون ملڻ گهربيون هيون ۽ انهن مان ڪيتريون مليون آهن؟

(2) ڪوڙن ڪيلمن جي نالي ۾ سنڌ واسين کي ڪيتريءَ جائداد ۽ ملڪيت کان محروم ڪيو ويو؟

(3) سنڌ جي زرعي زمين انهيءَ عرصي دوران سنڌين کي ڪيتري ملي ۽ ٻين کي ڪيتري ملي.

(4) ريڊيو ،ٽي وي ۽ ثقافتي ادارن مان سنڌين کي ڪيترو ونڊ مليو ۽ ٻين ڪيترا جهول ڀريا؟

(5) سرڪاري خرچ ۽ اسڪالرشپ تي ڪيترن سنڌين کي غير ملڪي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن مان تعليم ملي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ ٻين کي ڇا هڙ پلئه پيو؟

(6) سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ٻين صوبن جا ملازم، مزدور ۽ پورهيت هر سال ڪيترو ناڻو ڪمائي پنهنجي گهر موڪلين ٿا؟

(7) هر دور ۾ سياسي انتقام جو نشانو بڻائي ڪيترا ۽ ڪهڙا سنڌي ماڻهو جيلن ۾ وڌا ويا؟

(8) اسان جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ڳڀرو جوان وڏن شهرن ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيا ؟

(9) اسان جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ماڻهو ڌاڙيلن هٿان کڻايا، ماريا ۽ لٽيا ويا؟

(10) سنڌ ۾ شروع کان وٺي ايجنسين ۽ ٻين اهلڪارن اسان تي ڪهڙا ڪهڙا احسان ڪيا؟

(11) صنعت ، زراعت ۽ حرفت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسان کي ڪڏهن ۽ ڪيترا قرض مليا ۽ ٻين تي ڪيتريون نوازشون ٿيون؟

(12)سنڌ جا ڪيترا صاحب لوڪ ٻين صوبن ۾ عملدار ٿي رهيا ان جي ڀيٽ ۾ ويچاريءَ سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڪيترن ماڻهن کي عهدا ، رتبا ، زمينون ۽ پلاٽ مليا ؟

اسان جي دانشورن ، مدبرن ۽ خير خواهن کي اهي ڳالهيون سوچڻ گهرجن ۽ سنڌ جو ڪيس تيار ڪري مختلف محاذن تي وڙهڻ گهرجي ۽ سنڌ واسين کي هوشيار ڪرڻ گهرجي . هن ڪم ۾ دير ٿي ته اسان سان وڏو انڌير ٿي ويندو . اسان جو مقدر مٽجي ويندو ۽ سنڌ جي جاگرافي بدلجي ويندي .

 

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،تاريخ : 25.07.1995)

 

 

 

Good Wishes