واٽون ويهه ٿيون.............

 

اوهان ڪنهن اديب ۽ دانشور سان ملو، هن کي دانهون ڪندي ٻڌندا ته قوم کيس پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ڪونهي. اوهان ڪنهن سماجي ڪارڪن سان ملو، هو اوهان سان شڪايت ڪندو ته چڱي ڪم ۾ هن سان ڪو به ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. اوهان سچي ۽ سٺي استاد سان ملو هو ، روئي اوهان کي ٻڌائيندو ته هن جا شاگرد پڙهڻ لاءِ تيار ڪونهن. اوهان ڪنهن سياستدان جي مٿي تي قرآن رکي کانئس سچي ڪرايو، هو ڪوڙي کل گاڏڙ موٽ ڏيندو ته پيو ٿو ڪم هلائجي. اوهان ڪنهن صحافيءَ سان ملو، هو اوهان سان شڪايت ڪندو ته کيس ڪوڙين خبرن، تعارفي ليکن ۽ پريس رليز شايع ڪرڻ لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي.

مطلب ته معاشري ۾ ذهني ۽ فڪري تبديلي آڻيندڙ سمورا فرد خوش ڪونه آهن، بلڪه روز به روز مايوسي ۾ وڪوڙبا پيا وڃن. هن صورتِ حال کي ڇا چئجي؟ اسان ڪٿي پهتا آهيون ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ هيءُ ئي مناسب وقت آهي ته پاڻ انهن سوالن جا جواب تلاش ڪري وٺون.

پهرين ڳالهه اسان کي جيڪا ذهن ۾ رکڻ گهرجي اها هيءَ آهي ته اهڙي پريشاني ۽ مايوسي انهن ماڻهن کي ٿئي ٿي، جيڪي ذهني ۽ فڪري طور تي عوام منجهان آهن ۽ عوام لاءِ آهن. يعني جن وٽ سوچون ۽ لوچون ته آهن پر کين ذريعا ۽ وسيلا ڪو نه آهن. اهو ئي طبقو عوام جي بي حسي ۽ پنهنجي بي وسيءَ کي محسوس ڪري ٿو ۽ مايوسيءَ واري موڙ تي پهچي ٿو. باقي اسان جو مٿيئون طبقو نه اهڙي ڳالهه سوچي ٿو ۽ نه وري اهڙي لوچ رکڻ جي خواهش رکي ٿو. اسان جو ”اپر ڪلاس“ اها آسماني مخلوق آهي، جيڪا ڌرتيءَ جو کائيندي به ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جي دل ۽ درد کان وانجهيل آهي.ڪو مري يا جيئي اهو هن جو مسئلو ڪونهي. ادارا تباهه ٿين ٿا، قدر زوال پذير ٿين ٿا، ٻولي ۽ ثقافت تباهه ٿين ٿيون ، اهي هن لاءِ ڇرڪائيندڙ اشارا ٿي نٿا سگهن. ان جي برعڪس اسان جي اهي وڏا اڪثر حالتن ۾ عوام سان منافقي ئي ڪندا. اسان کي ”سنڌي ٻولي“ پڙهڻ ۽ سکڻ جو تاڪيد ڪندا ۽ اسان ۾ ٻولي بابت شاونزم تي ٻڌل سوچون پيدا ڪندا ته جيئن اسان اتي ۽ انهيءَ موڙ تي مارون کائيندا ۽ مٿا ڦاڙيندا رهون ۽ هنن جا ٻار انگريزي ۽ ٻيون ٻوليون پڙهي وڏا وڏا ڪامورا بڻجي سگهن . اهي ماڻهو اسان کي سنڌيت پڻو سيکاريندا، پر پاڻ لساني ۽ ثقافتي حد دخليون ٽوڙي شاديون مرادون،دوستيون ۽ دنيا داريون دنيا جهان، بلڪه عوام دشمن قوتن سان ئي رکندا. اهوطبقو جيڪو اسان کي بيوقوف ڪرڻ کي ئي سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، ۽ جنهن جي هٿان اسان صدين کان بيوقوف بڻبا رهون ٿا، تنهن ۾ قومي ۽ عوامي سوچ ۽ لوچ جي تلاش ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي.

عوام جي اها ذهني خواهه فڪري تبديلي آڻيندڙن جي مايوسي،جنهن جي شروعات ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي، اها درحقيقت پريشان ڪندڙ صورتِ حال ڪانهي.اسان نه موٽڻ واري موڙ تي ڪونه پهتا آهيون. بلڪه هي صورت حال اسان کي وڌيڪ سوچڻ ۽ لوچڻ جي دعوت ڏئي ٿي.

صدين کان وٺي ” اپرڪلاس“ جي منافقي، استحصال، ظلم ۽ ذيادتيءَ کي سهندي ۽ ڏسندي عوام کي هاڻي يقين ٿي چڪو آهي ته مذهب، سياست ۽ سماجي ڀلائي جي نالي تي هن کي هر دور ۾ دوکو ڏنو ويو آهي. ان ڪري جڏهن به عوام جي ڀلائي جي ڳالهه ڪبي، ذهني ۽ فڪري تبديلي آڻڻ جي ڳالهه ڪبي ،ذهني ۽ فڪري تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪبي ته ٻن سببن ڪري، ان جي موٽ نه ملندي. ان جو پهريون سبب هي هوندو ته عوام ”تاريخي نفسيات“ پٽاندڙ شروع ۾ شڪ، بي حسي ۽ غير دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪندو. هن جي غير دلچسپي کي بيحسيءَ جو روپ تڏهن ٿو ملي، جڏهن هن کي اها پڪ ٿي ٿئي ته اسان لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ اسان يعنيٰ عوام وانگر بي پهچ ۽ بي وس آهي. هو ذريعن ۽ وسيلن کان خالي آهي ۽ هن وٽ ڪو به اهڙو علاءُ الدين جو ڏيئو ڪونهي ، جنهن سان ويٺي ويٺي دنيا بدلائي ڇڏي.

اسان جي حالتن ۽ اسان جي تعليم عوام کي خوشحالي واري تبديليءَ جو ” مادي روپ“ ئي ياد ڪرايو آهي. ان ڪري عوام تبديلي مان مراد ڌن، دولت، نوڪري، بنگلو ۽ گاڏي وغيره سمجهي ٿو. عوام ان کي ئي زندگيءَ جو مقصد بڻائي چڪو آهي.اهڙي صورت حال ۾ ڪنهن دانشور بدران دنيا جي دجال کي ئي مقبوليت ملي ٿي . ڇو ته هن جي هٿ ۾ اَنُ هوندو ، ماني ڀور هوندو ۽ ڌنُ هوندو. ان هوندي به ڪنهن عوامي استاد، اديب ،صحافي، شاعر ، عالم، سماجي ڪارڪن ۽ سياسي ڪارڪن کي مايوس ٿيڻو ڪونهي، بلڪ پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي جنت جي ڌنڌلي عڪس کي چٽي ڪرڻ لاءِ کيس ڪلاسيڪل ادب ۽ ثقافت جو سهارو وٺڻو پوندو. هنن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻي پوندي ته کيس جنگ جو ميدان ۽ ماحول پيدا ڪرڻو ڪونهي، بلڪ پيار، محبت، خلوص، ايثار، همدردي، وفا ۽ ٻين اهڙن ڳڻن خواهه لڇڻن جي تبليغ ڪرڻي آهي، جنهن مان ماڻهپي ۽ انسانيت جا گل ڦٽي نڪرن . جنهن مان ”مادي غرض “ بدران ”نظرياتي محبت“ عام ٿي سگهي. مارئي مثل اهڙا ماڻهو پيدا ٿي سگهن، جيڪي سيڻ ۽ سون ۾ فرق ڪن، جن کي محل ۽ ماڙيون متاثر نه ڪن. جن کي ڪوٽ ۽ ڪڙا ڊيڄاري نه سگهن ۽ جيڪي هڪ ئي وقت ” پکن ۽ پنهوارن“ سان محبت ڪري سگهن. اهو عوامي سوچ ۽ لوچ رکندڙ انسان جو امتحان آهي. هن کي اتان ڪم کڻڻو آهي، جتي شاهه، سچل ۽ ساميءَ ڇڏيو هو.

عوام دوست ڏات ڌڻيءَ ۽ سوچ ۽ لوچ رکندڙ انسان کي اهو به ڏسڻو پوندو ته هن وقت اسان کي اهو يقين رکڻ گهرجي ته عوام جڏهن ”اپر ڪلاس“ کان مايوس ٿيو آهي، تڏهن ان جي بيحسي ئي ڪم ڪندڙ لاءِ وڏي خزاني ۽ وڏي موقعي برابر آهي. ان ڪري موقعي کي مايوسي ڄاڻڻ پاڻ تان ۽ پنهنجي عوام تان ايمان کڻڻ برابر ٿيندو. جڏهن جڏهن به واٽون ويهه ٿي وڃن، تڏهن تڏهن ايئن سوچڻ گهرجي ته پاڻ کي ۽ پوري قوم کي دڳ، رستي ۽ پيچري جي تلاش آهي. رستو اهو ئي لهندو آهي، جيڪو خاموش نه ويهندو آهي ۽ منزل طرف وڌندو آهي . ها هيءَ ڳالهه برابر آهي ته عوام دشمن قوتن جو تعداد وڌي ويو آهي ۽ هر ڪنهن قوم کي پنهنجي دڳ تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر اچو ته اسان پاڻ کليا ڪتاب ٿي پئون ۽ پنهنجي قؤل ۽ فعل جي سچائيءَ سان عوام دشمن قوتن کي ڪوڙو ثابت ڪيون .اچو ته محبت، خلوص، ماڻهپي ۽ سچائيءَ جي موڙ تي بيهي عوام کي سڏ ڏيون . پڪ ڄاڻو ته عوام انهيءَ آواز تي لبيڪ چوندو، هڪ هنڌ تي گڏ ٿيندو ۽ ايئن ويهن واٽن کي رد اچي ويندو .

 

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 7.03.1995)

 

 

Good Wishes