دوکو ناهي دل جو دارون

 

اڄ اهو دؤر اچي ويو آهي، جو جيڪڏهن ڪنهن سان ڪنهن کي چڱائي ڪرڻي هوندي ته پهريون ادب سان هٿ ٻڌي پڇڻو پوندس ته ” سائين يا سانئڻ ! ڇا مان اوهان سان چڱائي ڪيان؟“ جيڪڏهن هن اهڙي اجازت نه ورتي ته بدن تي کل ئي نه هوندس. اڳي چيو ويندو هو ته ”چڱائي ڪري درياهه ۾ لوڙهجي“ پر هاڻي روايتون بدلجي چڪيون آهن. هاڻي چڱائي ڪري ان کي نه پر پاڻ کي لوڙهن گهرجي ڇو ته خيريت ان ۾ ئي آهي.

اسان جي قوم نفسياتي طور تي انهيءَ صورت حال کي ڇو پهتي آهي؟ چڱائي ڪندي هٿ ڇو ٿا سڙن؟ اوهان جيڪڏهن ڪنهن سان پيار ۽ خلوص سان هلندا ته هو اوهان سان نفرت ڪندو، ايئن ڇو ٿو ٿئي ؟ ڀلائي ڪندي موٽ ۾ برائي ڇو ٿي ملي؟ ٽن صدين کان وٺي اسان ان چڪڻ مان نه چڙهيا آهيون.لاکيڻي لطيف به دانهون ڪيون هيون ته ” اوڳڻ رسي سڀڪو، ڳڻين پرين رٺام“ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي اها سٽ ٻڌائي ٿي ته اسان ڳڻائتن جا دشمن ٿيندا آيا آهيون. اسان چڙندا آهيون ته چڱائي ڪرڻ تي ناراض ٿيندا آهيون ته ڀلائي ڪرڻ واري تي ! اسان جي ريت ئي عجيب آهي. جيڪو اسان سان دوکو ڪري اهو اسان جو خير خواهه آهي. جيڪو اسان جو استحصال ڪري، اهوئي اسان جو محسن آهي. اسان ڳڻ چور آهيون ۽ اسان جي دل جو دارون فقط ۽ فقط دوکو آهي. دوکي بنا اسان کي قرار ئي نه ٿو ملي.

قوم جي انهيءَ سوچ کي ڪير بدلائيندو؟ هي ڪم اهوئي مٿي تي کڻڻ گهرندو، جيڪو دوکو کائڻ ۽ دوکي ڏيڻ جي خلاف هوندو. جيڪو چڱائي کي چڱائي ۽ مندائي کي برائي ڄاڻيندو. جيڪو خود-فريبي ۽ قوم فريبي ۾ ايمان نه رکندو هوندو. قوم کي ته قوم دشمن قوتن انهيءَ ڏاڪي تي اچي بيهاريو آهي. ان ڪري هي ڪم فقط ۽ فقط قوم جا خير خواهه ئي ڪري سگهن ٿا. اسان جي قوم اهڙي درياهه ۾ لڙهي رهي آهي، جنهن جو هڪ ڪنارو ڏوهه پرستي ته ٻيو ڪنارو خود فريبي آهي . درياهه کي اهي بند ڌرتيءَ يا ڌرتيءَ ڌڻين پاڻ ڪونه ٻڌا آهن.اهي حالتن ۽ حادثن جا جوڙيل بند آهن. اهي ٽٽي سگهن ٿا ۽ اهي ٽوڙي سگهجن ٿا. انهيءَ لاءِ عقل جو ڪوڏر ۽ همت جي بيلچن جي ضرورت آهي. انهيءَ سوچڻ ۽ لوچڻ جي ضرورت آهي ته ته قوم کي انهيءَ قيد ۾ ڪنهن بند ڪيو آهي. اُهي ڪهڙا محرڪ، محور ۽ مرڪز آهن جن اسان جي نفسيات کي اهڙو انوکو ۽ عجيب روپ ڏنو آهي.

هن صورتِ حال جي قائم ۽ دائم رکڻ ۽ رهڻ جو پهريون ۽ بنيادي سبب اهو آهي ته قومي نفسيات جي ماهرن هن مسئلي کي مستقل طور تي سنگين مسئلي جي حيثيت ۾ نه کنيو آهي. شاهه ، سچل، سامي ۽ ٻين دانشورن هن مسئلي تي ضروري توجه ڏنو، پر ٻين انهيءَ جو تسلسل قائم نه رکيو . جيئن هر درد جي دوا ٿئي ٿي، تيئن هن مسئلي جو به حل آهي ۽ ٿي سگهي ٿو.

اسان جي انهيءَ قومي نفسيات ان ڪري دائمي درد جي صورت ورتي آهي، جو صدين کان وٺي عام ۽ عوام کي ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن سياست، ڪڏهن ثقافت ته ڪڏهن علم ادب جي نالي تي ايترا ته دوکا ڏنا ويا آهن، جو هاڻ جيڪو قوم کي هن خود فريبيءَ جي طلسم مان ڪڍڻ گهري ٿو ته سندس ڪوشش کي به شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ڪنهن قوم سان چڱائي ڪئي هجي ته قوم کي به ڪڏهن چڱائي تي اعتبار اچي .اهم سبب هي به آهي ته اسان جي مٿئين طبقي چڱائي ۽ خلوص جي اهڙي ته مٽي پليت ڪئي آهي جو ماڻهن جو چڱائي ڪرڻ تان ارواح ئي کڄي ويو آهي. جڏهن به نيڪي، چڱائي، خيرخواهي، سچائي خلوص۽ قرباني ، مطلب هر ڳڻ کي سرڪاري ، درٻاري، نوڪر شاهي ۽ وڏيرا شاهيءَ جي دروازي تي وٺي وڃبو ته اهي ڳڻ اتان ننگا ، لنگڙا ۽ لولا ٿي موٽندا. ان ڪري حقيقت ۾ اسان مان ڪيترا ماڻهو حقدارن بدران ڳڻن کي حق غضب ڪندڙن جي در تي وٺي وڃن ٿا۽ اتان پاڻ توڙي ڳڻ بي مهتا ٿي موٽن ٿا. اهڙن ڳڻن جو حقدار عوام آهي ۽ اهي عوام لاءِ ئي آهن. اهي عوام دشمن قوتن لاءِ قربان ڪبا ته مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه به هڙ پلئه نه پوندو.

ڳڻن تان ارواح ان ڪري به کڄي ويندو آهي جو انهن جي چهري تي ڪنهن نه ڪنهن لالچ يا غرض جو ٺپو هنيو ويندو آهي. اسان پاڻ جڏهن ڳڻن جا چهرا داغدار ڪنداسين ته پوءِ انهن کي عوام وٽ قبوليت ڪيئن ملندي؟

اسان جون دليون جيڪي ڌڻي ڄاڻي ته الائي ڪيترين صدين کان دوکي کي دارون ڄاڻينديون اچن ٿيون، انهن کي دلاسي ۽ درست دوا جي ضرورت آهي. اسان کي انهيءَ اعتماد جي ضرورت آهي، جيڪو پاڻ تي يقين ۽ ٻئي تي اعتبار ڪرڻ جي سگهه ڏئي. اسان کي انهيءَ اعتماد جي ضرورت آهي، جنهن ذريعي اسان قدرن،نظرين ۽ اصولن جي منهن مٿي ڪرڻ لاءِ مالي ۽ جاني قرباني ڏئي سگهون. اسان جيڪڏهن هن موڙ تي ناحق، برائي ۽ اوڳڻن خلاف نفرت جي جذبي کي اڀاري سگهون ته عوام دوکي کي دل جو دارون ڄاڻڻ ڇڏي ڏئي. اسانکي پنهنجي قول ۽ فعل سان اوڳڻن جي ندا ڪرڻي پوندي ۽ عوام جي دلين جا تالا ٽوڙڻا پوندا. ماڻهو جيڪو ڪجهه محسوس ڪن ٿا، ان جو ڀرپور اظهار به ڪري سگهن. جيڪڏهن عوام کي اظهار جو موقعو مليو ته هو ڀلائي ۽ برائي، ظلم ۽ رحم، اوندهه ۽ روشني مطلب ته سمورن تضادن ۽ انهن جي فرق کي محسوس ڪري وٺندو اهڙيءَ حالت ۾ ئي هو دوکي کي دارون نه ڄاڻندو.

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 18.04.1995)

 

 

Good Wishes