ڄائي ناهي پر هوندي ناني جي مهانڊي

 

ننڍڙائپ ۾ هڪ الله جو بندو ڏٺو سون، جنهن کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ ۾ اجائي ضد ڪرڻ جو خفت هوندو هو. ماڻهن کي رَتُ ڪري ڇڏيندو هو . هڪ دفعي منجهند ٽاڪ جو وچ روڊ تي ماڻهن سان مهاڏو اٽڪايو بيٺو هو، وات مان گڦون پيون نڪرنس ۽ رڙيون ٿي ڪيائين ته” مان نٿو مڃيان ته ڪو ڏينهن آهي ۽ سج اسان جي مٿان آهي. تون مون کي مڃراءِ ۽ ثابت ڪر يا منهنجي ڳالهه مڃ ته واقعي سج ڪونهي.“ ماڻهو هن کي ڏسي پاسو ڏئي ڀڄي ويندا هئا. ڀلا ڪنهن جو مٿو خراب ٿيو هو جو هن بددماغي سان منهن ڏئي. هو ويچارو هڪڙو هئو ۽ پنهنجو سڄو ڳوٺ مٿي تي کڻي ڏنو هئائين، پر هاڻي جتي ڪٿي اهڙا جوڌا جوان پيدا ٿي پيا آهن. جيڪي شرط رکڻ لاءِ به تيار آهن ته جيڪو ٻار ڄائو ڪونهي، سو هوندو پنهنجي نانيءَ جي مهانڊي.

اسان جي نفسياتي مريض هئڻ جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شاهدي ۽ ثابتي آهي ته اسان پنهنجي ڏک کي ڇڏي ٻئي جي ڏک تي ڳوڙها هاريون، پنهنجي ملڪ کي ڇڏي ٻئي ملڪ جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪيون ۽ اڪثر ڪري پنهنجي ڪنهن ماڻهوءَ جي قول ۽ فعل ڏسڻ پرکڻ کانسواءِ هن بابت ڪا راءِ قائم ڪيون. اهو ماڻهو ڪوڙو آهي، جيڪو پنهنجي دک جي دوا ڪرڻ بدران ٻئي جي درد لاءِ دارون تجويز ڪري. اهو ماڻهو قومي سوچ کان وانجهيل آهي، جيڪو پنهنجي هر ڳالهه ۾ ٻين ملڪن جي ڏاهن ، نظرين ۽ قدرن جا مثال ڏئي پنهنجي تاريخ ۽ ڌرتي مان ڪا به شاهدي ڏئي نه سگهي. اهڙي ريت اهو ماڻهو سودائي، وهمي ۽ وسوسي آهي، جيڪو اجايو انومان ڪڍي ۽ بيڪار خواهه بي بنياد مفروضا قائم ڪري. اهي ٽئي ڳالهيون اسان کي اڪثر ماڻهن ۾ نظر اينديون.اسان عظيم قوم جا وهمي سپوت آهيون، اسان نوڙي مان نانگ بڻائي سگهون ٿا.ڀلي مکڻ ۾ وار نه به هجي پر پوءِ به اسان مکڻ مان وار ڪڍي سگهون ٿا. انهيءَ کي اسان ڏاهپ سمجهون ٿا، اهوئي اسان جو منطق آهي، ۽ اهائي اسان جي تنقيد آهي.

اوهان ڪنهن سان ڪنهن به موضوع تي هڪ منٽ کلي ڳالهايو هو لڳاتار 8 ڏينهن ۽ 8 راتيون ساهي کڻڻ کان سواءِ انهيءَ تي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ انهن جا روحاني راز ٻڌائي سگهي ٿو. اوهان جي نيتن تي روشني وجهي سگهي ٿو. پنهنجي شڪن، وهمن ۽ وسوسن کي حقيقتن جي روپ ۾ پيش ڪري سگهي ٿو.اوهان محسوس ڪندا ته وقت کٽي پوندو ۽ هن جا ويچار اڃا اڌورا رهجي ويندا.پر جيڪڏهن اوهان کيس ٿوري مهلت ڏيو ۽ الله کان به ٽي حياتيون اوڌر تي وٺي اچو ته هو همراهه لڳاتار پنهنجي علم ۽ عقل جا واهڙ وهائيندو رهندو.

اسان مان هر ڪو ائين آهي ۽ اسان هر ڪنهن لاءِ وهمي بڻجي مفروضن جو اهڙيءَ ريت خاڪو جوڙي سگهون ٿا. چڱي کي برو، اديب کي ادب دشمن ۽ قومي ڪارڪن کي قوم دشمن ، استاد کي تعليم دشمن ثابت ڪرڻ اسان جي ڏائي هٿ جو کيل آهي ، ڇو ته اسان ڄاڻون آهيون ۽ اسان کي اها پڪ هوندي آهي ته”ڄائي ناهي، پر هوندي ناني جي مهانڊي .“اسان ڪنهن ۾ خير، خيرخواهي، چڱائي ۽ ڀلائيءَ جي اميد رکنداسين ئي نه ته پوءِ چڱي کي به چڱو ڇو چونداسين؟

اسان جيڪڏهن فقط وهمي هجون ته خطرو ڪونهي، پر اسان جا وهم اسان کي منفي روين ۽ ويچارن جي رڻ پٽ ۾ رولي وجهن ٿا، جيڪا ڳالهه خطرناڪ آهي. هن صورتِ حال اسان کي سچاين ۽ ڀلاين جو منڪر بڻائي ڇڏيو آهي.اسان کي يقين جي حد تائين وهم ٿيندو آهي ته ڪو به فرد ۽ انهيءَ فرد جو ڪو به فعل ۽ قول چڱائيءَ وارو ڪونهي. ڪو به ماڻهو لالچ ، طمع ۽ غرض کان خالي ڪونهي ۽ ڪو به ماڻهو ٻئي سان دشمني ڪرڻ ۽ ٻئي کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي .

هن ڪري اسان ڪنهن اڳواڻ کي صحيح معنيٰ ۾ اڳواڻ طور قبول نٿا ڪيون. ڪنهن اديب کي اديب نٿا ڄاڻو، ڪنهن تحرير کي مفيد نٿا ڄاڻو، ڪنهن استاد کي عالم نٿا سمجهون ، ڪنهن شاگرد کي فضيلت مند تصور نٿا ڪيون، ڪنهن عملدار کي رحم دل ۽ زير دست کي وفادار نٿا ڀانئيون . اسان سڀني جي نفي ڪيون ٿا ۽ ائين پنهنجي نفي ڪيون ٿا . اسان پنهنجي سوچ ۾ اها لچڪ ضرور رکندا آهيون ته متان ڪو چڱائي نه ڪري پر اها پڪ هوندي اٿئون ته چڱائي ڪوبه ڪونه ڪندو.

اسان جي هن نفسياتي مرض جو اهو عالم آهي ته اسان ڪنهن مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي کانسواءِ آسانيءَ سان ڪنهن لاءِ به راءِ قائم ڪري سگهون ٿا.پر قائم ڪيل راءِ تي ڳنڍ ٻڌي، ضد ۽ هوڏ به ڪري سگهون ٿا . نه فقط ايترو پر انهيءَ ”راءِ“ کي ٻين کان مڃرائڻ تي سندرو پڻ ٻڌي ويهنداسين.ڪنهن کي ڪهڙي مجال جو اسان کي پنهنجي برج تان لاهي.

هي استادن، اديبن ۽ سياسي خواهه نظرياتي رهبرن لاءِ سوچڻ جو مرحلو آهي . اهي ڌريون جيڪي فرد جي ذهن جي تعليم ۽ نظريي جي حوالي سان تربيت ڪن ٿيون ، تن کي سوچڻ گهرجي ته هر ڪنهن جي سوچ منفي ڇو ٿي ٿئي ۽ هر ڪو وهمي ۽ مفروضاتي ماڻهو ڇو ٿو بڻجي وڃي. اسان جي هن سوچ فقط ۽ فقط منفي روين کي جنم ڏنو، جنهن ڪري ”بي اعتمادي“ اسان جي قومي سڃاڻ بڻجي وئي آهي ۽ انهيءَ بي اعتماديءَ ڪري اسان ۾ اتحاد خواهه اتفاق پيدا ٿي نٿو سگهي. اسان قوم هوندي به قوم ٿي نه سگهيا آهيون ، اسان مان هر ڪو ماڻهن جي هجوم ۾ هوندي به اڪيلو آهي . اسان مان هر ڪو ويڳاڻپ جو شڪار آهي۽ ان کان وڌيڪ هي ڳالهه ته اسان مان ڪو به ماڻهو ”صاحب راءِ “ ڪونهي . نه اسان پاڻ راءِ جا صاحب آهيون ۽ نه وري ٻئي کي ڄاڻون ٿا.

هنن حالتن جاهلن کي عالمن تي فوقيت ۽ ڏنڊي کي قلم تي حڪمراني ڪرڻ جو وجهه ڏنو آهي. وقت جي تقاضا آهي ته اسان اهڙيون تحريڪون هلايون ، جنهن ۾ عام ۽ عوام وهمي ۽ مفروضاتي نه ٿئي پر پنهنجي مشاهدي، مطالعي ۽ تجربي جي آڌار تي ڪا راءِ قائم ڪري ۽ ڪنهن به راءِ کي اکيون ٻوٽي قبول نه ڪري . جڏهن ۽ جتي به ڪو ماڻهو پنهنجي دوست يا دشمن لاءِ راءِ قائم ڪري هن جي قول ۽ فعل جو مثالن ۽ ثابتين سان ڇيد ڪرڻ بدران سکڻيون تشريحون ۽ اجايا روحاني راز ٻڌائي ته هن کي روڪي سندس هر ڳالهه ۽ ڳالهه جي هر پهلو کي هن جي مطالعي مشاهدي ۽ تجربي جي ڪسوٽيءَ تي ڀيٽيون . بلڪه کانئس اهڙي تقاضا ڪيون ته سندس مطالعو، مشاهدو ۽ تجربو هن جي پنهنجي راءِ جي ڪيتري پٺڀرائي ڪري ٿو.

اسان جيڪڏهن اجايو پنڊت ۽ نجومي بڻجي هروڀرو هر ڪنهن ڄمندڙ ٻار کي نانيءَ مهانڊي ثابت ڪرڻ جي خفت ۾ لڳا رهيا سين ته پوءِ ڪا به تبديلي آڻڻ ناممڪن ٿي پوندي. اسان کي ڪنهن به اداري جي ڪارڪردگي ، ڪنهن به شخص جي قول ۽ ڪردار ، ڪنهن به واقعي ۽ موقعي تي ڳالهائڻ ۽ راءِ ڏيڻ لاءِ اجايو راءِ ڏيڻ ۽ ڳالهائن نه گهرجي. اهڙيءَ ريت ڪنهن به فرد کي اڳ ۾ برو يا ڀلو نه چئجي جيستائين هو پنهنجي قول ۽ فعل سان پاڻ کي برو يا ڀلو ثابت ڪري ۽ هن کي بري يا ڀلي ثابت ڪرڻ لاءِ اهڙِيون ٺوس ثابتيون ۽ شاهديون هجن، جن جي اسان جو مطالعو ، مشاهدو ۽ تجربو ڪا تصديق ڏئي سگهي.

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

تاريخ : 23.04.1996)

 

 

Good Wishes