اچو ، ڪجهه ته آدرشن سان سچا ٿيئون

 

قومن تي ڪڏهن ڪڏهن ڏکوئيندڙ ڏينهن به ايندا آهن. بلاشڪ هينئن به ٿيندو آهي ته ”قوم جا مرد زالن جهڙا ۽ زالون جنازن جهڙيون ٿيو پون.“پر هيءَ ڳالهه، جنهن جي نشاندهي ابنِ خلدون جي حوالي سان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪئي آهي،ايڏي خطرناڪ ڪانهي ، خطرناڪ ڳالهه ۽ خوفائتي صورتِ حال ان وقت پيدا ٿيندي آهي، جڏهن قوم جا باشعور ماڻهو بي شعور، علم ڌڻي وائڙا ۽ اختيار ڌڻي خود غرض ٿي پون، اهڙِي صورتِ حال ۾ قوم جو واهي الله . اسان اهڙي ئي صورتِ حال مان گذري رهيا آهيون.

ڏکوئيندڙ صورتِ حال هي آهي ته اڪثر ڪري اسان مان هر ڪو اُهو ڪجهه نٿو ڪري، جيڪو ڪجهه کيس پنهنجي ضمير، ذهن، علم ۽ ذميواريءَ پٽاندڙ ڪرڻ گهرجي. ڪهڙا مثال ڏئي ڪهڙا ڏجن؟ ڪنهن گهر کان دفتر تائين، بازار کان گهٽيءَ تائين، ادارن کان فردن تائين ٿوري نگاهه ڪري ڏسبي ته ڳالهه پڌري ٿي پوندي.

ڳالهه اتي دنگ نٿي ڪري، پر اسان مان اڪثر ڪري هر ڪو نه ته پاڻ سان سچو آهي نه وري پنهنجي آدرش سان سچو آهي. اسان هر قسم جي آدرش سان مذاق ڪيون ٿا. قرآن مجيد انهيءَ لاءِ آهي ته اسان ان کي پڙهون، سمجهون، ۽ ان تي عمل ڪيون. اسان قرآن شريف کي ان وقت ڪم آڻيندا آهيون جڏهن پنهنجي چوري ٿيندي آهي ته ان کي ڳولهڻ لاءِ يا ٿيل چوريءَ جو الزام لڳندو آهي ته پوءِ قسم کڻي پنهنجي سچائيءَ جي تصديق ڏيندا آهيون. هونئن نه ته قرآن شريف ڏي ڏسندا به ڪونه آهيون.

اسان کي ڌرتي ۽ ڌر تيءَ - ڌڻين جا ڏک ان وقت ياد ايندا آهن. جڏهن پنهنجي مٿان کا مصيبت اچي ڪڙڪندي آهي. ان وقت اسان ڌرتي ۽ ڌر تيءَ - ڌڻين جي دکن دردن جو دل کولي اظهار ڪندا آهيون، پر اهو به وري اهڙي نموني سان جو ڪنهن جو وار به ونگو نه ٿئي ، پنهنجو مطلب به پورو ٿئي ۽ ٿورو وري ٻين تي ٿئي. مثال طور سکر بئراج جي تعمير جون ڳالهيون هليون ته اسان جي وڏيرن کڻي ”هاري پارٽي“ ٺاهي ته جيئن جلسن جلوسن ۽ نعرن هڻڻ لاءِ هاري ساڻن گڏ هجن ۽ زمينن وٺڻ ۾ کين آساني ٿئي .

اهو زندگيءَ جو ڪهڙو شعبو آهي، جنهن ۾ اسان پاڻ سان يا پنهنجي آدرش سان سچي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟اسان جا روحاني ، تعليمي، علمي ۽ سياسي آدرش انهيءَ ۾ خوش آهن ته اڻ ڳڻيا ماڻهو سندن معتقد ۽ پوئلڳ آهن. پر کين ڪهڙي خبر ته انسان انهيءَ الله کي مڃڻ لاءِ تڪڙو تيار ڪونه ٿيندو آهي ، جنهن کيس پيدا ڪيو آهي ۽ جنهن هن کي سڌارڻ سنوارڻ لاءِ سوا لک نبي موڪليا.

اسان وٽ آدرشن سان عقيدت جو اهو عالم آهي جو لطيف سائين زندهه هو ته رَتُ ڪري ڇڏيو سين. جڏهن اسان کان جدا ٿيو، تڏهن اسان لاءِ دنيا جو عظيم شاعر بڻجي ويو. اسان جو ڪنهن چڱي ڀلي شخصيت جي وفات کان پوءِ سندس نالي پٺيان اڪيڊميون ٺاهيندا آهيون ۽ انهيءَ جا ڏينهن ملهائيندا آهيون ، اهڙي عمل پٺيان به اڪثر ڪري پنهنجي شهرت واري لالچ لڪل هوندي آهي. هي جو هيترا سارا ماڻهو جلسن ۽ جلوسن ۾ وڃن ٿا، ڪي انهن مان پنهنجا مٿا ڦاڙائن ٿا ۽ ڪي وري ٻين جون ٽنگون ٻانهون ڀنڃي اچن ٿا.انهن مان سندن پنهنجي رهبر لاءِ عقيدت ۽ محبت جي معنيٰ ڪڍڻ اجائي آهي.ڇو ته اهو نظرياتي نه پر نفسياتي مسئلو آهي. نظريات انسانن ۽ معاشرن جي سڌارن لاءِ هوندا آهن. ڪو به نظرياتي ماڻهو ڏڦيڙي ٿي نه ٿو سگهي. اسان مان اڪثر جذباتي ٿين ٿا. انهن پنهنجي جذبن تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران انهن جي غلامي کي پسند ڪيو آهي. ان ڪري اسان اڪثر ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾، ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن ٿي پوندا آهيون. ان ڪري اهڙي طبيعت وارن کي معتقد ۽ محبتي سمجهڻ ڀل آهي. عام ماڻهو ڪنهن مطلب لالچ يا مجبوري کانسواءَ آدرشن جي ويجهو نٿو وڃي . تحفظ ۽ ترقي جو اونهو عام ماڻهوءَ کي سياسي ۽ سماجي آدرشن جي ويجهو آڻي ٿي. جوانيءَ ۾ ماڻهو فطرتاّ آدرش دوست ۽ انسان دوست ٿئي ٿو، ۽ پوڙهائپ ۾ به انسان عملي زندگي کان ڪٽجي وڃڻ بعد آدرشن جي ويجهو وڃي ٿو. اهي ٻئي دور گهڙي پلڪ برابر آهن. جوانيءَ ۾ انسان نظرياتي طور پختو نه ٿو ٿئي ۽ پوڙهائپ ۾ وري عملي طور تي ڪنهن به ڪم جو نٿو رهي. انسان جي زندگي جو اهو وقت جنهن ۾ هو صبر ڪري سگهي ٿو ۽ نظرياتي پختگي ماڻي سگهي ٿو، ان ۾ هو اڻڳين مجبورين ۽ بيشمار مسئلن جو شڪار ٿئي ٿو. هو زندهه رهڻ واري تانگهه ۾ گهڻو ڪجهه ڪري نٿو سگهي.

آدرش ۽ خاص طور تي سياسي آدرش جيڪي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا ۽ ماڻهن خواهه ملڪ جو مقدر بدلائي سگهن ٿا ۽ جيڪي عوام ۽ قوم کي ئي پنهنجو آدرش ڄاڻين ٿا ، انهن مان ڪيترا خود پنهنجي آدرش يعنيٰ عوام سان فريب ڪن ٿا ۽ هنن جي مقدر بدلائڻ نٿا گهرن ، ڇو ته سندن منفي سوچ مطابق هو حڪمران آهن ۽ ڄمندي حاڪم آهن . انهن حاڪمن کي هر دور ۾ محڪوم گهرجن ! ان ڪري سندن خيال مطابق جيڪڏهن محڪوم سڌري پوندا ته پوءِ هو ڪنهن تي حڪمراني ڪندا؟ڪيترن آدرشن سان ٻي جٺ پڻ آهي، اهي سياسي آدرش جيڪي سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اقتدار جي ڪرسي تائين پهچن ٿا، تن کي سندن حريف ، خارجي قوتون ۽ انتظامي نا تجربيڪاري پير کپائڻ ئي نٿي ڏئي. ان ڪري اهي جڏهن به اقتدار ۾ اچن ٿا ته پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۽ مستقبل ۾ وري اقتدار ۾ اچڻ وارين تدبيرن ۾ لڳي وڃن ٿا. اهڙي صورتِ حال ۾ به عوام نظر انداز ٿئي ٿو.

هاڻي جڏهن عوام گهنگهر گهارڻ تي مجبور هجي ۽ ان جي هر دور ۾ ۽ هر ڪنهن حالت ۾ مقدر سڌارڻ واري ڳالهه ئي نٿي ته هو ڪيئن اهڙن آدرشن سان سچو ٿيندو؟ عوام جيڪو پاڻ خود سياسي آدرشن جو آدرش آهي، ان سان جڏهن بااختيار آدرش دوکو ڪندو ته هي وري ڪهڙي آدرش سان سچو رهندو؟ ادبي آدرش پاڻ بي اختيار هئڻ ڪري عوام جي بک ۽ بدحاليءَ کي ختم نٿو ڪري سگهي. مذهبي آدرش هن دنيا جا نه پر آخرت جا پڪا يقين ڏياري ٿو.ان ڪري عوام جي اڪثريت اهڙن آدرشن کي به هاڻي پنهنجي ۽ الله جي وچ ۾ ويهڻ جي جاءِ نه ٿو ڏئي.

هن صورتِ حال سڄي ڳالهه کي منجهائي ڇڏيو آهي، عوام آدرش سان ان وقت تائين سچائي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو جيستائين اصلي ۽ نقلي آدرشن جو فرق نمايان نه ٿو ٿئي . حق ۽ سچ اهو آهي ته اصلي آدرش عوام آهي. جيڪڏهن باقي آدرشن طرفان هن جو استحصال نه ڪيو ويندو، هن کي بيوقوف نه بڻايو ويندو ۽ هن سان سچي محبت ڪندي خدمت نه ڪئي ويندي ان وقت تائين ثانوي آدرشن کي ڪو به دل سان قبول نه ڪندو. ان وقت تائين ماڻهو مجبوريءَ، ڊپ، لالچ ۽ مصلحت مان ڪم وٺي گڏهه کي ابو چوندو رهندو.

منهنجي خيال ۾ هن صورتِ حال ۾ مذهبي آدرشن ۽ ادبي آدرشن کي عوام جي آدرشي عظمت ۽ اهميت جا گيت ڳائڻ گهرجن. ڪٿي به، ڪڏهن به عوام سان آزار ٿئي ۽ عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ان خلاف آواز بلند ڪيو وڃي.

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

تاريخ : 14.11.1995)

 

 

Good Wishes