سنڌي سماج ۾ باهمي لاڳاپن جي صورتِ حال

 

 

رسمي طور تي يا نج سماجي علم جي پٽاندڙ نه ته به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان خاص طور تي ادبي دنيا ۾ باهمي لاڳاپن تي چڱو ڪجهه لکيو ويو آهي. پيڙهيءَ - وڇوٽي ته ڪيترو وقت بحث جو موضوع رهيو آهي. اهڙي ريت اسان جي افسانه نگارن پنهنجي ڪردارن جي اوٽ ۾ سنڌي سماج ۾ باهمي لاڳاپن جي سٺي تصوير چٽي آهي. پر جڏهن انهن لاڳاپن کي موضوع بڻائي علمي ۽ عقلي بحث شروع ڪبو ته ان جي نتيجي طور انهن لاڳاپن کي وائکو ڪري، ڪنهن حد تائين تبديلي آڻي سگهجي ٿي.

 

لاڳاپا پوءِ اهي خانداني هجن يا ڪاروباري، وقتي هجن يا دائمي هجن.اهي اسان جي سماجي قدرن ، نظرين ۽ اصولن جا طابع ٿين ٿا.جيئن ته اسان پير شاهي ۽ امير شاهي جي ٻٽن زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيون.ان ڪري اسان جا هر قسم جا لاڳاپا طبقاتي منفي سوچ جو پڙاڏو هوندا آهن. پير ۽ امير اسان جي سماج جو آدرش بنجي چڪو آهي ، ۽ انهيءَ هٿ ٺوڪئي آدرش ذريعي استحصال، مفت خوري ۽ هر قسم جي پسنديده شئي کي پنهنجو ڪرڻ ۽ اختيار ۾ ٻئي ڪنهن کي به شريڪ نه ڪرڻ جي منفي سوچ هر ڪنهن فرد ۽ ڪردار جي وجود ۾ شامل ٿي چڪي آهي. ان ڪري هر ڪو ماڻهو ساڳي ڏک ڏئي ٿو. هر ڪو ماڻهو سوچ ۽ لوچ ۾ پير ۽ امير آهي. اهڙي ماحول ۾ استحصال انهيءَ جو ٿئي ٿو جيڪو علم ، عقل ، جسم ، ذريعي ، وسيلي ۽ موقعي جي حساب سان ڪمزور آهي. انهن جزن مان ڪنهن وٽ ڪو به هڪ جزو ڪونهي يا نالي ماتر آهي ته اهو غلاميءَ جي زندگي گهاري ٿو.

جيڪو جاهل آهي، اهو پڙهيل هٿان بيوقوف بڻجي وڃي ٿو. جيڪو بيوقوف آهي ، ان جو هر ڪو استحصال ڪري ٿو.جيڪو جسماني طور تي ڪمزور آهي. جيئن عورت ۽ ٻار ان کي هر ڪو محتاج بڻائي ٿو. زال ۽ مڙس جا لاڳاپا خواه اولاد ۽ والدين جا لاڳاپا، انهيءَ حقيقت جو مظهر آهن. اهڙِيءَ ريت جنهن کي ذريعا ، وسيلا ۽ موقعا ميسر آهن هو جهڙوڪ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معتبر ۽ معزز آهي.

جيئن معاشي ۽ سماجي طور تي اسان جو سماج آرين ۽ اڻ آرين ۾ ورهائجي ويو آهي، تيئن سوچ ۽ لوچ جي حساب سان به اسان ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويا آهيون.هڪڙي طبقي وٽ مٿي ذڪرڪيل سمورا استحصال ۽ قوت جا جزا موجود آهن ۽ ٻين وٽ اُهي نالي ماتر آهن. انهن ٻنهي متضاد طبقن ۾ اڻ ٽر ڇڪتاڻ موجود آهي، اُهي ٻئي طبقا هڪ ٻئي کي بيوقوف بنائڻ ۽ هڪٻئي کان پنهنجا مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ آتا آهن.

مثال طور عام ماڻهو جي ڀيٽ ۾ پير ۽ امير وڌيڪ با اختيار آهي . جيئن ڪجهه وقت اڳ چيو ويندو هو ته ” انگريز سرڪار جي بادشاهيءَ تان سج لهي ئي نه ٿو.“ تئين اڄ اهو اعزاز اسان جي مٿئين طبقي کي حاصل آهي. اهو طبقو اقتدار ۾ هجي يا نه پر انهيءَ جي اختيار ۽ رسائيءَ ۾ ڪابه ڪمي نٿي اچي. هي طبقو هر دور جو حڪمران آهي. جيڪڏهن هن طبقي مان ڪو فرد حڪومت جي خلاف آهي ته به هن لاءِ ريل يا جيل ڪا معنيٰ نٿا رکن. اهو جيل ۾ ايترا سک ماڻي سگهي ٿو ، جيڪي عام ماڻهوءَ کي جيل کان ٻاهر ميسر ڪونهن. هن جي هلندي پڄندي تي حڪومت سان مخالفت يا موافقت اثر انداز نٿي ٿي سگهي.

عام ۽ عوام جڏهن مٿئين طبقي جي انهيءَ حيثيت۽ حالت جو اندازو لڳائي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته وٽس اهڙي ”وڏي ماڻهو“ ٿيڻ لاءِ موقعا، ذريعا ۽ وسيلا ڪونه آهن ، ته پوءِ هو اهڙو سمجهوتو ڪري ٿو جنهن مطابق ڪجهه پنهنجو استحصال به ڪرائي ٿو ۽ مٿئين طبقي جو به استحصال ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو پيرن، اميرن ۽ اقتدار يا اختيار ڌڻين جا خاص ماڻهو ، مقرب ۽ ڪارندا انهن سان سچا ڪو نه ٿيندا آهن . انهن کي استحصال جي اهڙي ڪنجي هٿ چڙهي ويندي آهي، جيڪا ٻين جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اهي چاپلوسي، گلا ۽ سازش جو ڄار وڇائي پنهنجي پير ، امير ۽ اختيار ڌڻيءَ ۽ عوام جي وچ ۾ مضبوط ويڇو پيدا ڪري ڇڏيندا آهن. انهن مقربن ۽ خاص ماڻهن جا تڏا تڏهن ويڙهبا آهن، جڏهن سندن مالڪن کي پڪ ٿي ويندي آهي ته اهي مقرب ۽ خاص ماڻهو هنن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ استحصال ڪن ٿا.

استحصال جي انهيءَ انوکي سماجي سمجهوتي پٽاندڙ وڏو طبقو اهڙن ماڻهن کي مقرب ۽ خاص بنائڻ تي مجبور ٿيندو آهي، جيڪو سندن مفادن ۽ استحصالي نظام کي قائم رکڻ ۾ هنن جي مدد ڪن. اهوئي سبب جڏهن سنڌين کي سمجهه ۾ آيو، تڏهن راءِ قائم ڪيائون ته ” پير کي کڻن خليفا“.

مٿئين طبقي جو اهو ويساهه ۽ يقين ٿي ويندو آهي ته جيڪو به وٽن اچي ٿو، سو ڪو نه ڪو مطلب کڻي اچي ٿو. ان ڪري هو هر ڪنهن کي فقير ۽ پينو ڄاڻندا آهن، ۽ مطلب يا سوال مطابق کانئن معاوضو وٺندا آهن ۽ سندن استحصال ڪندا آهن. انڪري جيڪو به وٽن ويو ، پوءِ اهو مطلب سان هجي يا بنا مطلب جي ، پر هن جو استحصال ضرور ٿيندو . اهڙي ريت جيڪو به مطلب، لالچ يا غرض سان وٽن ويندو کيس ڪانه ڪا قرباني ڏيڻي پوندي.استحصال ٿيڻ ۽ استحصال ڪرڻ جو اهواصول فقط هيٺئين ۽ مٿئين طبقي ۾ ڪارِفرما ڪونهي ، پر اهو هنڌين ماڳين رڪنهن طبقي ۾ موجود آهي ۽ انهيءَ پٽاندڙ ئي سنڌي سماج ۾ باهمي لاڳاپا جنم وٺن ٿا.

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 19.07.1995)

 

 

 

Good Wishes