سنڌين جي تقسيم کان سنڌ جي تقسيم تائين
پاڻ کي جيڪڏهن عظيم ۽ قديم قوم جو وائڙو نسل چئجي ته ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو. اڌ صدي کان مختصر عرصي ۾ اسان جي وائڙائپ تاريخ کي انوکي انداز ۾ ڪر موڙڻ تي مجبور ڪيو ۽ ايندڙ اڌ صديءَ وارو اسان جو نسل اسان جي عقل تي ماتم ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو. دنيا ڪن سالن کان پوءِ ايڪيهن صديءَ ۾ داخل ٿيندي۽ اسان اڃا به ايڪيهه صديون پٺتي هليا ويندا سين .
ڳالهه ڪندا آهن ته ڪو موالي نشي جي حالت ۾ کٽ تان ڪري پيو. ٿورو هوش سنڀاليندي گهر وارن کان پڇيائين ته ” هي ڌماڪو ڇا جو ٿيو؟“ جواب مليس ته ” تون کٽ تان ڪري پيو آهين“. اهو ٻڌي مواليءَ چيو ته ” جيڪڏهن مان ڪري پيو آهيان ته مري ويس، پڪ ئي پڪ عضوا به ڀڄي پيا هوندا“. اسان انهي موالي جي جاءِ ورتي آهي. جڏهن سنڌ جو ورهاڱو ٿي ويندو ۽ اسان حالتن جي کٽ تان ڪري پوندا سين ته انهيءَ تاريخي حادثي واري ڌماڪي جي آواز جي ٻين کان خبر پڇنداسين. جڏهن اسان کي ٻيا ٻڌائيندا ته سنڌ ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي ته پوءِ مواليءَ وانگر چونداسين ته ” پڪ ئي پڪ اسان کي نقصان به ٿيو هوندو“ .
اُٺ پکيءَ لاءِ چوندا آهن ته جڏهن طوفان لڳندو آهي، ته همراهه ٻوڙي ۾ منهن لڪائي ، سمجهندو آهي ته هن کان طوفان ٽري ويندو . پر اسان ته اُٺ پکي کان به پري آهيون ، اسان کي نه ته طوفان جو احساس ٿئي ٿو ۽ نه وري پنهنجي سسي لڪايون ٿا. اسان کي ڪو به طوفان ان ڪري نظر نه ٿو اچي جو اسان قيامت جهڙين حالتن مان گذري رهيا آهيون.قيامت به اها جيڪا اسان پاڻ پنهنجي لاءِ برپا ڪئي آهي، حالتون اهي جيڪي اسان پاڻ پنهنجي لاءِ پيدا ڪيون آهن. سنڌ دشمن قوتن نه پر اسان پنهنجي عقل کي تالا هڻي پاڻ هڪٻئي سان وڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهيون. پاڻ ۾ وڙهڻ اسان جو دين ايمان بڻجي چڪو آهي.اسان لاءِ سٺي کان سٺو عمل هڪٻئي جي ڏاڙهي پٽ ڪرڻ آهي. ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سروي ڪري ڏسو ، اوهان کي هنڌين ماڳين فقط سنڌي ئي هڪ ٻئي سان وڙهندا نظر ايندا.سنڌ جي صحافين کي سور ڪير ٿو ڏئي؟اٻوجهه عوام سان انياءُ ڪير ٿو ڪري ؟ ڪارو ڪاري جي نالي ۾ قتل جون قهري روايتون ڪنهن قائم ڪيون آهن ؟ڪنهن شريف جو پٽڪو ڪير ٿو لاهي؟ ڪلاس روم ۾ تعليمي ادارن ۾ استادن ۽ انتظامي اڳواڻن جي توهين ڪير ٿو ڪري؟ پاڻ ۾ وڙهندڙ شاگردن جون تنظيمون ڪير آهن؟ اسان جا دشمن سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۾ مصروف آهن ۽ اسان هڪ ٻئي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۾ مصروف آهيون. هن وقت جڏهن اسان کي متحد ۽ مضبوط ٿيڻ جي گهرج آهي، تڏهن ڪوڙي انا، ذات پات جي زهر ، مقدس نظرين جي نالن ۾ عوام دشمني ۽ جهالت جي جنون کي اسان پنهنجو مذهب ڇو بڻايو آهي؟ اسان جي عقل کي ڇا ٿيو آهي؟ اسان سنڌ دوستيءَ جي دعويٰ ڪري سنڌي عوام جي زندگي ڇو ۽ ڪنهن لاءِ زهر بڻائي رهيا آهيون؟
اڄ سنڌ ۾ آواز ۽ طاقت رکندڙ طبقن، شاگرد تنظيمن، وڏيرن، پيرن ۽ اميرن کي اهنسا جو اصول اپنائڻ گهرجي. جڏهن حالتون موت بڻجي اچي مٿا بيٺيون آهن ته پوءِ پاڻ کي گهٽا ڏئي مارڻ ڪٿان جي دانشمندي آهي؟ عقل ۽ حالتن جي تقاضا ته اها آهي ته اسان پنهنجا ويڇا وساري ڇڏيون، ڪوڙي انا مان آزادي حاصل ڪيون ۽ نفرتن بدران پاڻ پيارجي ورکا ڪيون، جيڪڏهن پنهنجو ذيادتي ڪري ته انهيءَ زهر کي به زم زم ڄاڻي پي وڃون. هن وقت هڪ ٻئي کي معاف ڪرڻ ۾ ئي اسان جي اجتماعي بقاءَ جو راز لڪل آهي. اسان جيڪڏهن چاهيون ته قوم جي حيثيت ۾ ڪجهه وقت زندهه رهون ته پوءِ پاڻ تي ، ۽ هڪ ٻئي تي رحم ڪرڻ گهرجي. يقين ڪري ڄاڻو ته سنڌ کي جيترو نقصان اسان پهچايو آهي، اوترو نقصان آسمان ۽ ڌرتيءَ ، ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل ، جاندار ۽ غير جاندار شين ڪونه رسايو آهي. پڪ ڪري ڄاڻو ته سنڌ کي حد کان وڌيڪ ڇهيو سنڌين ئي پهچايو آهي. اسان ڌارين جا دوست آهيون ۽ پنهنجن جا ويري آهيون. اسان تي ڌاريو مٿي تي هٿ رکندو ته پاڻ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن سان غداري به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا سين . هن کي ڇا چئجي ته دنيا جهان وارا اسان جي جيجل ماءُ جي سيني تي ويهي خنجرن سان ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيا آهن ۽ اسان عجيب قسم جا غيرت مند غيرت جي انهيءَ تقاضا کان بي نياز ڪوڙي انا ۽ ڪوڙي غيرت جي نالي ۾ پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهيون. اسان لطيف کي نه بخشيو، اسان سچل کي نه بخشيو، اسان هر ڪنهن محسن تي رحم نه ڪيو ۽ هن نازڪ وقت ۾ به پاڻ ڪنهن کي به معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون.اسان ذات پات رنگ نسل، نظرياتي فرق ، اميري غريبي ۽ عهدي رتبي جي بنياد تي روز بروز حد کان وڌيڪ تقسيم ٿيندا پيا وڃون. پوءِ اسان کي حالتون معاف ڇو ڪن؟ پوءِ اسان سان گڏ اسان جي ڌرتي کي تقسيم ڪرڻ کان ڪوئي ڇو روڪي ۽ ڇا لاءِ روڪي؟ اسان هن وقت تاريخ جو اهڙو باب لکي رهيا آهيون، جنهن جو عنوان آهي سنڌ جي تقسيم کان سنڌين جي تقسيم تائين هن دور جي جوڌن جي انوکي ڪهاڻي.
(ڪالم ” ڌرتي – ڌر تتي “، روزانامه جاڳو ، ڪراچي ،
تاريخ :( 25. 10 .1994.