اڄوڪي ڏينهن 02 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
2 نومبر 1857ع قنبر سان تعلق رکندڙ سياستدان ۽ مذهبي اسڪالر پير تراب علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي۔
2 نومبر 1902ع شاعر ثاقب منگي جو جنم ڏينهن آهي۔
2 نومبر 1936ع سنڌي فلمساز غلام حيدر صديقي جو جنم ڏينهن آهي۔
2 نومبر 1946ع صحافي تيرٿ داس اميداڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
2 نومبر 1949ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ آغا رفيق جو جنم ڏينهن آهي۔
2 نومبر 1962ع خيرپور ناثن شاهه سان تعلق رکندڙ شاعر ارباب بخاري جو جنم ڏينهن آهي۔
2 نومبر 1964ع شاعر علي دوست عاجز (فريد آباد) جو جنم ڏينهن آهي۔
2 نومبر 1965ع باليوڊ جي مشهور اداڪار شاهه رخ خان جو جنم ڏينهن آهي۔
وڇوڙو:
2 نومبر 1935ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر پير غلام سرور سرور انتقال ڪري ويو۔
2 نومبر 1995ع ڏيپلي سان تعلق رکندڙ شاعر گل محمد اشق گلاڻي جو انتقال ٿيو.