اڄوڪي ڏينهن 27 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

 

31

 

جنم ڏينهن:

27 نومبر 1922ع اسٽيج ڊراما ليکڪ گورڌن چوڌري (ٽنڊو الهيار / اجمير) جو جنمڏينهن آهي.​

27 نومبر 1923ع ليکڪ نرنجن کلناڻي (سکر / بمبئي) جو جنمڏينهن آهي.​

27 نومبر 1940ع مارشل آرٽ جي هيرو ۽ فلم ميڪر بروس لي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​

27 نومبر 1927ع گلوڪار ۽ اداڪار چمن داس تلسي لال (ٺٽو/ دبئي) جو جنمڏينهن آهي.​

27 نومبر 1950ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ صحافي حبيب الله ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.​

27 نومبر 1961ع ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪمپيئر ڊاڪٽر محمود مغل جو جنم ڏينهن آهي.​

وڇوڙو:

27 نومبر 1862ع آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي رنگون جي جيل ۾ وفات ٿي.​

27 نومبر 1879ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ مولانا نور محمد جي وفات ٿي.​

27 نومبر 2000ع ٿر سان تعلق رکندڙ سياستدان ارباب فيض محمد نهڙيو جو انتقال ٿيو.​

27 نومبر 2001ع شاعر ۽ ليکڪ امام بخش عاصم (شڪارپور) جو انتقال ٿيو.​


 

Good Wishes