اڄوڪي ڏينهن 28 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
28 نومبر 1786ع عالم دين، مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر احمد شاهه بريلوي جو راء بريلي ۾ جنم ٿيو.
28 نومبر 1887ع ڦلجي سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم انصاري جو جنم ڏينهن آهي.
28 نومبر 1928ع اردو جي نامياري ليکڪا، ڊراما نگار ۽ ناول نگار بانو قدسيه جو جنم ڏينهن آهي.
28 نومبر 1935ع شاعر ۽ اداڪار سڌارشن ”ناچيز“ (ڪراچي/ ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
28 نومبر 1975ع ڪامارو شريف سان تعلق رکندڙ شاعر ياسين بادل لاشاري جو جنم ڏينهن آهي.
28 نومبر 1990ع بدين سان تعلق رکندڙ شاعر طارق چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
28 نومبر 1932ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر غلام سرور فقير جي وفات ٿي.
28 نومبر 1945ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر خوشي رام باشا رام جي ديهانت ٿي.