مقالا ۽ مضمون

 

 ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

                          

ٽيڪنيڪل ڊيٽا

 

 انتساب 

مقالا ۽ مضمون

 

فهرست

 

 . 1سنڌ کان ٻاهر ڪهاڻئ جي اوسر

  . 2               ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ڇپائي

 . 3ڪراچي سنڌ جو چمڪندڙ ستارو

 . 4انگريزي دور جي سياست

 . 5اسان جي دور جون ڪي علمي ۽ ادبي جماعتون

 . 6سکر بيراج جا سنڌ جي عام جيوت تي اثر

 . 7سنڌ  ۾  عيسائيت  جي تبليغ ۽ علم ادب

 

 

  .01سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر

) هڪ خاڪو (

 

ضروري وضاحت:

”سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر“ هڪ اهم ۽ تفصيل طلب موضوع آهي ، جنهن جو هڪ مقالي يا مضمون ۾ ته رڳو خاڪو ئي چٽي سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾ اهو خاڪو به هڪ ڌنڌلي عڪس کان مٿي حيثيت نه رکندو . ڇو ته گهربل معلوماتي مواد جي سنڌ ۾  اڻاٺ آهي.

 هن مقالي ۾ مون ڪوشش ڪري 1948ع کان وٺي 1980ع جي اڌ واري عرصي کي بحث هيٺ آندو ويو آهي، ۽ اها ئي معلومات ڏني اٿم ، جيڪا منهنجي نظر مان گذري آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته مقالو هن موضوع کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ جو انوکو نمونو آهي، ۽ سنڌ توڙي هنڌ ۾ ان کان اڳ هن موضوع تي ايئن نه لکيو ويو آهي. پر پوءِ به آءٌ اهو تسليم ڪريان ٿو ته ڪيتريون اهم ڳالهيون مون کان نظر انداز ٿي چڪيون هونديون ۽ ڪن غير ضروري ڳالهين کي مون حد کان وڌيڪ اهميت ڏني هوندي. ان ڪري آءٌ پاڻ ئي هن مقالي کي ”هڪ خاڪي“ کان وڌيڪ حيثيت نه ٿو ڏيان. اميد ته پڙهندڙ به انهن مجبورين کي ذهن ۾ رکي ڪا راءِ قائم ڪندا.

متن

پس منظر:

سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻيءَ جو آغاز انگريزن جي راڄ دوران ٿيو. سنڌي علم ادب جي چمن ۾ لڳايل هي سلو انهيءَ ئي عرصي دوران سائو ٿيو، ۽ اڄ اسان جي ادبي گلشن جو هڪ سدا بهار گل بڻجي چڪو آهي. ليڪن سنڌ کان سواءِ اڄ هند ۾ به ساڳيو ئي هڳاءُ ڏئي رهيو آهي. 1947ع ۾ هندوستان جي آزاديءَ سنڌ تي جيڪي سياسي اثر ڇڏيا انهن جو اندازو مون کان وڌيڪ هڪ سياستدان ئي سهڻي نموني لڳائي سگهي ٿو. پر جيتري قدر سنڌي ٻوليءَ تي هندوستان جي آزاديءَ جي اثر جو سوال آهي، ته آءٌ اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ته هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت بدلجي بين الاقوامي ٿي چڪي آهي. اها ٻولي جا اڳ رڳو سنڌ تائين محدود هئي سا هاڻي هند، سريلنڪا ۽ سنگاپور کان سواءِ ٻين هنڌن تي به ڳالهائي وڃي ٿي. نه رڳو ايترو پر هند ۾ ته انهيءَ کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آهي.

آزاديءَ کان پوءِ اسان جي علم ادب ۽ ٻوليءَ جي وهندڙ ندي، ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. اسان جي غير مسلم شآعرن، عالم ۽ اديبن جو ڳچ حصو سنڌ ڇڏي هند لڏي ويو . انهن جي ئي ڪوششن سان سنڌ کان ٻاهر جا سنڌي ڪهاڻيءَ جي ترقي ٿي آهي، انهيءَ جو خاڪو ئي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.

اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته آزاديءَ کان پوءِ ٿيل لڏ پلاڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ماحول ۾ هڪ خال پيدا ڪيو هو. 1947ع کان اڳ سنڌ ۾ ”آشا“،”رتن“،”سندر ساهتيه“، ”ڪهاڻي“، ”نئين دنيا“، ”ڀارت جيون  “ ، ”سنڌو“ ۽ ”چوڏس“ جهڙا رسالا سنڌ ۾ سنڌي افساني ۾ جا انقلابي ترقي آڻي رهيا هئا، اهي سڀ بند ٿي ويا، ۽ انهن کي هند جي مختلف شهرن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. آسانند مامتورا، آنند گولاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، جڳت آڏواڻي، ڄيٺانند لعلواڻي، رام پنجواڻي، گوبند پنجابي، تيرٿ سڀاڻي، پارو مل ڪيولراماڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪهاڻيڪار، جن سنڌ ۾ هن صنف کي نئون روپ ڏنو هو، سي به هتان هليا ويا. انهن ئي هند ۾ وڃي ڪهاڻيءَ کيتر ۾ نئين سر ٻج ڇٽيو.

نئون جنم:

سنڌ جي غير مسلم عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن لاءِ وطن جا وڻ ڇڏڻ ڪا گلن جي سيج ماڻڻي ڪانه هئي. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ انهن مان غريب به هئا پر سندن اڪثريت مڇي مانيءَ لائق هئي. ڪي ته ڌن ۽ دولت ، عزت ۽ شهرت جا به مالڪ هئا. کين نه رڳو پرڏيهي ٿيڻو پيو ، پر ڪيترن ئي ڌارين اڳيان اٽي، لٽي۽ اجهي لاءِ محتاج به ٿيڻو پيو. اهو سندن عظيم ڪارنامو آهي ته هنن پنهنجي تهذيب ۽ تمدن، علم ، ادب ۽ ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ به اوتري ڪوشش ڪئي، جيتري پنهنجي وجود جي بقا لاءِ . هنن ننگي آسمان هيٺان ڪئمپون هڻي، پنهنجو سر به لڪايو ته پنهنجي تهذيب کي به بچايو. نه رڳو ايترو پر ٻولي ۽ علم ادب کي به وڌايو. انهيءَ چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه آهي ته سنڌ جي عالمن ۽ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي من گهري حڪومت هوندي به سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ايتري خدمت نه ڪئي آهي،  جيتري هند جي مهاجر سنڌي عالمن ۽ اديبن ڌاريءَ ڌرتيءَ تي ۽ سهولتن نه هئڻ باوجود ڪئي آهي . سنڌ ۾ عالم ۽ اديب سنڌي ٻوليءَ کي ”تعليم جي ذريعي“ طور تسليم ڪرائڻ ۾ ئي رڌل رهيا، ليڪن هند ۾ اتان جي عالمن ان کي ”قومي ٻولي“ جو درجو ڏياري پوءِ صبر ڪيو. سنڌ ۾ رسالا ۽ اخبارون ڪڏهن مالي مشڪلاتن ۽ ڪڏهن سرڪاري نوازشن سبب هڪ ٻئي پٺيان بند ٿينديون رهيون. پر هند ۾ هڪ ٻئي پٺيان اخبارن ۽ رسالن جو اجراع ٿيو. اتان جي عالمن، اديبن، شاعرن، مفڪرن ۽ مدبرن جي رت ولوڙ ۽ جيءَ جاکوڙ سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ”عالمي معيار“ تي آڻي بيهاريو آهي. علم ادب جي ڪهڙي به صنف هجي، هنن انهيءَ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.

ڪهاڻي کيتر:

سنڌي ٻوليءَ جي جديد علم ادب تي نظر ڦيرائبي ته مسلم ۽ غير مسلم عالمن جي ادبي خدمتن ۾ هڪ واضح فرق نظر ايندو. ايئن ٿو لڳي ڄڻ مسلمان اديبن شعر جو ميدان والاريو آهي ۽ غير مسلم اديبن وري نثر ۾ جوهر ڏيکاريا آهن. جيتوڻيڪ هن وقت اهو فرق مٽجي رهيو آهي، پر ان هوندي به اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته غير مسلم اديبن کي نثري صنفن ۾ ماهرن ۽ استادن جي حيثيت رهي آهي. پوءِ اها صنف مضمون جي هجي يا ڊرامي جي، ناول جي هجي يا ڪهاڻيءَ جي . خاص ڪري ڪهاڻي کيتر ۾ ته انهن کي ابي امان جي حيثيت حاصل آهي. 1914ع کان وٺي، جڏهن لعلچند امر ڏني مل ”حر مکي جا“ ڪهاڻي لکي ، ان کان وٺي ويندي اڄوڪي دؤر تائين غير مسلم اديبن ترجمي ۽ تخليق وسيلي هن صنف جي بيمثال خدمت ڪئي آهي.

غير مسلم اديبن جيئن آزاديءَ کان اڳ مختلف رسالا ۽ مخزنون جاري ڪري ڪهاڻيءَ جي صنف کي ترقي و‏ٺرائي، تيئن ورهاڱي کان پوءِ به ساڳي ئي تند تنواري آهي (1) نه رڳو ايترو پر سندن ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي جماعتون ۽ انهن جون گڏجاڻيون، هن صنف کي مقبول ۽ مانوس بنائڻ لاءِ ”ورڪ شاپ“ ثابت ٿيون آهن ، جتان ڪيترائي نوان ڪهاڻيڪار ڪڙهي ۽ پڙهي نڪتا آهن. اڄ بزرگ ۽ باني ڪهاڻيڪارن، اخبارن، رسالن، مخزنن، ادبي جماعتن، سيمينارن ۽ اشاعتي ادارن (2) جي گڏيل ڪوشش سان سنڌي علم ادب جو آسمان ڪيترن ئي ڪهاڻيڪار ستارن سان سنوارجي ويو آهي. انهن مڙني ڪهاڻيڪارن جو تعداد منهنجي اندازي مطابق لڳ ڀڳ اڍائي سؤ کن ٿيندو. جيڪڏهن سراسري طور هر هڪ ڪهاڻيڪار جي کاتي ۾ ڏهه ڪهاڻيون لکجن ته پوءِ ٿلهي ليکي ائين  چئي سگهجي ٿو ته سنڌ کان ٻاهر ٽيهارو کن سالن ۾  ٻه اڍائي هزار کن ڪهاڻيون لکجي چڪيون آهن.

ڪهاڻيڪار:

سنڌ کان ٻاهر ڪهاڻيڪارن جي ورڇ ڪبي ته اها هن ريت ٿيندي:

(الف) بزرگ ڪهاڻيڪار:

اهي ڪهاڻيڪار، جيڪي آزاديءَ کان اڳ ئي پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪا هئا، ۽ جن سنڌ مان لڏي وڃڻ بعد هند ۾ وڃي ڪهاڻيءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون.

(ب) صاحب ڪتاب ڪهاڻيڪار:

اهي ڪهاڻيڪار، جن جي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، ۽ جن جو تعداد مني سؤ کان مٿي ٿيندو. (3)

(ج) عام ڪهاڻيڪار:

اهي ڪهاڻيڪار، جن ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ ته پاڻ ملهايو آهي، ليڪن سندن ڪهاڻين جا مجموعا اڃا تائين شايع ٿي نه سگهيا آهن. اهڙن ڪهاڻيڪارن جو تعداد به هر حالت ۾ هڪ سؤ کان گهٽ ڪو نه آهي.(4)

(د) عورتون ڪهاڻيڪار:

ايئن ڪو نه آهي ته سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ جي ترقي رڳو مردن جي محنت جو نتيجو آهي. حقيقت ۾ اتان جي عورت به مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻيءَ کي دلچسپ بڻايو آهي. انهن جو تعداد به ٽيهن کان گهٽ ڪو نه آهي. تن مان اڌ ڊزن کن جي ڪهاڻين جا مجموعا به شايع ٿي چڪا آهن.(5)

(ه) سنڌ جا ڪهاڻيڪار:

سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ جي ترقيءَ ۾ سنڌ جي ڪهاڻيڪارن جي حصي کي به نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي. 1965ع جي جنگ کان اڳ سنڌ ۽ هند ۾ علم  ادب جي مٽا سٽا آسانيءَ سان ٿيندي هئي، ۽ انهيءَ عرصي دوران سنڌ جي ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون هند ۾ شايع ٿيون. انهيءَ کان پوءِ هي سلسلو بند ٿي ويو. ليڪن هاڻي ”شمله ٺاهه“ بعد جي حالتن وري انهيءَ آڳاٽي روايت کي نئين حياتي بخشي آهي، ۽ هتان جا ڪيترا ڪهاڻيڪار اتي ڇپجي رهيا آهن.(6)

تخليق ۽ ترجمو

جيئن سنڌ کان ٻاهر جي ڪهاڻيڪارن جي ورڇ ڪري سگهجي ٿي، اهڙي نموني سان خود ڪهاڻيءَ کي به تخليق ۽ ترجمي جي خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ڪهاڻيڪارن جتي پنهنجي تخليقي قوتن کان ڪم وٺندي، ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن، اتي ڏيهه پرڏيهه جي ناميارن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون به ترجمو ڪري، پنهنجي ادبي چمن ۾ هڳاءَ جو اضافو ڪيو آهي. ترجمو ٿيل ڪهاڻين کي هيٺين حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

(الف) ننڍي کنڊ جي ٻولين مان ترجما:

جيئن ته سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ڪهاڻيڪار گهڻن ۽ گڏيل تهذيبن جي دن ۾ آباد آهن، انهيءَ ڪري هنن پنهنجي ڀر پاسي وارين ڪيترين ٻولين جي ادب جو مطالعو ڪيو آهي، انهن ٻولين مان چونڊ ڪهاڻيون کڻي ترجمو ڪيون آهن.اهڙين ٻولين مان ”آسامي“،”اڙدو“،”اوڙيا، ، ”بنگالي    ”پنجابي“ ،”تيلگو  “،”گجراتي“،”ڪشميري“ ،”ڪنڙ“،”مرهٽي

”مليالم“، ۽ ”هندي“ ذڪر ڪرڻ لائق آهن. (7)

(ب) ٻين ٻولين مان ترجما:

اهڙي نموني سان هنن ننڍي کنڊ جي ٻولين کان سواءِ ٻين ٻولين مان به ترجما ڪيا آهن. اهڙين ٻولين مان ”اٽالين “،   انگريزي ،  ” چيني “”فرانسسي“،”روسي“  ، ”زيرڪ“، ”مصري“، ”هنگارين“ ۽ ”يوگوسلاوين“

 جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن.(8)              

ترجمي جي خصوصيت:

ڀارتي اديبن پرڏيهي ادب جون پنکڙيون ۽ ڀارتي ٻولين جي جهولين جا گل کڻي جو ڪهاڻيءَ جو گلدستو سجايو آهي، انهيءَ جون به ڪيتريون ئي خصوصيتون ٻڌائي سگهجن ٿيون. ترجمو ٿيل ڪهاڻين جي گهڻائي اهڙي آهي، جيڪي لافاني اصولن ۽ قدرن تي لکيل آهن. مثال طور مئڪسم گورڪيءَ جي لکيل ”سزا“ ڪهاڻي، جنهن ۾ عورت جي بدڪرداريءَ جهڙي سنگين مسئلي تي پورهيت طبقي جي دانشمنديءَ واري فيصلي جو اپٽار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف اهڙيون ترجمو ٿيل ڪهاڻيون نظر اچن ٿيون، جن وسيلي مترجم پڙهندڙن کي باقي دنيا جي حالتن ۽ مسئلن کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن ڪوريا جي جنگ تي لکيل ” ايٽ جي راڻي“ ڪهاڻي، جنهن ۾ آمريڪي فوجي سپاهين جي سيول ۽ ان جي شهرين تي ٿيل ظلم جو داستان ٻڌايو ويو آهي. يا ابراهيم جي لکيل ”زار جي محلات ۾“ ڪهاڻي، جنهن ۾ زار شاهيءَ جي جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي. ترجمو ٿيل ڪهاڻين جي ٽين خصوصيت اها آهي ته انهن مان ڪيتريون ڪهاڻيون سنڌين جي جيوت جون جهلڪيون پيش ڪن ٿيون. جگمندر تايل جي مرهٽي ڪهاڻي” هڪ واقعو انيڪ افسانا“ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿي. جنهن ۾  هن نانڪرام لاڙڪاڻائي تي لکيو آهي، جيڪو بدنصيب ٽرڪ جي هيٺان اچي مري وڃي ٿو. ترجمو ڪيل ڪهاڻين جي وڏي خصوصيت اها آهي ته انهن جو بنياد بخل، مذهبي تنگدلي ۽ ڪٽر پڻي تي نه رکيو ويو آهي. ڀارتي سنڌي ڪهاڻيڪارن اهڙيون ڪهاڻيون به ترجمو ڪيون آهن، جيڪي مسلمان ڪهاڻيڪارن لکيون آهن. (9)

ٽيڪنيڪ جي لحاظ کان ترقي:  

سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻي جي ٽيڪنڪ جو بنياد شروع ۾ انهن روايتن تي رکيو ويو، جن جو آغاز 1914ع ۾ ٿيو، ۽ 1932ع کان پوءِ انهن ۾ ڪي قدر جدت آئي. ڀارت ۾ پهريون اهڙي قسم جون ڪهاڻيون لکيون ويون ، جن ۾ ”اڪثر ڪري ماڻهوءَ جي ٻاهرين حالتن کي چٽيو ويندو هو“ ۽ فني نقطئه نگاهه کان اهي روايتي فارمولا مطابق لکيون وينديون هيون. ۽ اهي جديد ڪهاڻيءَ کان ڪي قدر طويل به هونديون هيون.

ڀارت ۾ ڪهاڻيءَ جي فن جو هي روايتي دؤر لڳ ڀڳ 1960ع تائين هليو . ان کان پوءِ ”نئين ڪهاڻي“ وجود ۾ آئي. جنهن مطابق لکڻ جا طريقا به بدليا ۽ ”ڪهاڻيءَ کي بدلجندڙ حالتن کي زوردار نموني ظاهر ڪرڻ جو ذريعو “ به بڻايو ويو.هن دؤر ۾ پير پائيندي ڪهاڻيءَ کي ”بياني“ ، ”آپ بيتي“، ”گفتگو“ ، ”ڊائري“ ۽ ”خط“ جي فارمن ۾ لکيو ويو. “روايتي ڪهاڻي“ ۽ هن ”نئين ڪهاڻي“ ۾ فن توڙي فڪر جو اهو فرق وڃي رهيو ته پوئين قسم جي ڪهاڻيءَ ۾ ”ڪلائميڪس کان وڌيڪ ميسيج“ تي زور ڏنو ويو ۽ ڪردار جي ٻاهرين حالتن کان سواءِ انسان جي اندروني صورت به چٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

”نئين ڪهاڻي“ به اڳتي هلي فن ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان پنهنجي کل بدلائي ۽ انهيءَ کي هن موڙ تي ”اڪهاڻي“ سڏيو ويو. ”اڪهاڻي“ جو دؤر فن کان بغاوت جو دؤر هو. هن قسم جي ڪهاڻيءَ ۾ ”جڙتو ٻولي ۽ پلاٽ ۾ غير ترتيب“ جون خصوصيتون نمايان طور تي نظر اچڻ لڳيون. ”اڪهاڻي“ کان پوءِ وري ”ننڍڙين“ ڪهاڻين جو دؤر آيو. هن قسم جون ڪهاڻيون گهٽ ۾ گهٽ هڪ پيرا ۾ به لکڻ ۾ آيون.

ڀارتي سنڌي ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ ۾ هڪ ٻيو تجربو به ڪيو آهي. هن تجربي هيٺ لوڪ ادب کي بنياد بڻايو ويو آهي، ۽ آکاڻيءَ جي انداز ۾ بادشاهن، وزيرن، ۽ ٻين ڪلاسيڪل ڪردارن کي کڻي پنهنجون ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. مختصر طور تي ائين کڻي چئجي ته سنڌ کان ٻاهر هن وقت ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ”روايتي ڪهاڻي“ کي ڇڏي ڪري ، باقي ٻين قسمن جون ڪهاڻيون جهڙوڪ: ”نئين ڪهاڻي“، ”اڪهاڻي“، ”ننڍي ڪهاڻي“  ۽ ”آکاڻي نما ڪهاڻي“تي قلم آزمائي ڪئي وڃي ٿي. ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ٻين پهلوئن کي به نظر ۾ رکي اتان جي ڪهاڻين جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو. مثال طور اتي لکجندڙ ڪلائميڪس واريون ڪهاڻيون تاثرات، ۽ انت جي لحاظ کان ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون . ڪهاڻين جو هڪڙو قسم اهو آهي جن جو انت دکدائڪ اثر ڇڏي ٿو.  ٻئي قسم جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ خوشي جو احساس جاڳائي ختم ٿين ٿيون. ڪهاڻين جو ٽيون قسم اهو آهي جن کي اسان نه ته ”طربيه ڪهاڻيون“ سڏي سگهون ٿا ۽ نه وري ”حزنيه ڪهاڻيون“ پر انهن تي ”طنزيه ڪهاڻيون“ نالو رکڻ نهايت مناسب ٿيندو، ڇو ته انهن ڪهاڻين ۾ سماج جي اهڙي ته صورت ڏيکاري وڃي ٿي، جنهن جي ڏسڻ سان هڪ ئي وقت ٽهڪ ۽ ڳوڙها نڪري پون ٿا، اها ”حقيقت نگاري“ اتان جي ترقي پسند ليکڪن جي فڪر  ۽ فن جي تخليق آهي.

اتي ”حقيقت نگاري“جا به ڪيترا تجربا ڪيا ويا آهن. انهن تجربن جو آغاز ”روايتي حقيقت نگاري“کان ٿيو، جنهن مطابق ڪهاڻيڪار رڳو وقت جي سکي توڙي دکي حالتن جي صورت گريءَ ڪرڻ لڳا. اڳتي هلي ڪهاڻيڪار جذباتي طور تي مسئلن ۽ سماج سان ملوث ٿيڻ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ”حالتن يا مسئلن تي پنهنجي غم يا غصي جو اظهار ”به ڪرڻ لڳو. اهڙي نموني سان ”تنقيدي حقيقت نگاريءَ“ جو آغاز ٿيو. اڳتي هلي ڪهاڻيڪارن پاڻ کي حساس ترين فرد ۽ فيلسوف ڪهاڻيڪار ڄاڻي، پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن مطابق درد جو دارون يا مسئلي جو حل به تجويز ڪرڻ لڳا. ايئن ”تخليقي حقيقت نگاري“ جي ابتدا ٿي. پر جڏهن انهن حساس ترين ۽ فيلسوف ڪهاڻيڪارن مان ڪن کي پنهنجي سوچ غير سائنسي ۽ پنهنجا تجزيا محض وقت ۽ حالتن جو پڙاڏو نظر آيا ته هنن دائمي حل تلاش ڪندي ”سماجوادي حقيقت نگاري“ جو سهارو ورتو. اڄ ڀارت جا ترقي پسند ڪهاڻيڪار هن ئي حقيقت نگاريءَ ۾ ايمان رکن ٿا.

 

سنڌ ۽ هنڌ جي ڪهاڻي ۾ فرق:

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪهاڻيون سنڌ ۾ لکيون وڃن ٿيون ته هند ۾ به.اتان جا ليکڪ به سنڌي آهن ته هتان جا ليکڪ به سنڌي آهن. پر سنڌ جي ڀيٽ ۾ هند جي ڪهاڻي شروع کان وٺي پنهنجي ٽيڪنڪ ۽ موضوع جا روپ بدلائيندي رهي آهي. ان ڪري سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻي ۾ ڪنهن حد تائين ڪن واضح فرقن ۽ سببن جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي. مثال طور:

(الف) سنڌ کان ٻاهر ڪهاڻيڪارن جي ڀرپور همٿ افزائي ٿئي ٿي. ڪهاڻيءَ جي صنف کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪنهن خاص رنڊڪ کان سواءِ رسالن ۽ مخزنن جو اجراع ٿيندو رهي ٿو. ان ڪري نفسياتي طور تي ڪهاڻيڪارن کي ”طويل ترين“ ڪهاڻين لکڻ جي ضرورت پيش نه ٿي اچي. ان جي برعڪس سنڌ ۾ رسالن ۽ مخزنن جي کوٽ ڪهاڻيڪارن جي لکڻ واريءَ ضرورت کي پورو ڪري نه ٿي سگهي. جنهن ڪري سنڌ ۾ ”طويل ترين“ ڪهاڻين جو رواج عام جام ٿيو .

(ب) ان کان سواءِ ٻنهي هنڌن جي سماجي جوڙ جڪ، سياسي حالتن ۽ ماحول ۾ زمين آسمان جو فرق موجود آهي. جنهن ڪري ٻنهي هنڌن جي ڪهاڻين ۾ ڪنهن حد تائين موضوعن جو فرق نظر اچي ٿو.      (ج) سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ڪهاڻيڪارن نئين ۽ اوپري ماحول ملڻ سبب ڪنهن حد تائين ”اجتماعي مسئلن“ تي لکڻ لاءِ مجبور آهن. ليڪن سنڌ ۾ ”اجتماعيت“بدران ”وسيع تر انفراديت“ جو دؤر نظر اچي ٿو. هتان جي سماجي جوڙ جڪ سبب سنڌ جي ڪهاڻين ۾ ”داخليت“ ۽ ”انفراديت “ جا عنصر نظر اچن ٿا.

(د) سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌي، سنڌي ٻوليءَ کي “قومي درجي“ تي رسائڻ باوجود ڌارئي ۽ گهڻن ٻولين جي ماحول ۾ رهڻ ڪري، ٻين ٻولين جو به اثر قبول ڪيو آهي. ان کان سواءِ ”هندي“ هنن لاءِ مذهبي ٻوليءَ جي اهميت رکي ٿي، جنهن جو اثر هو آزاديءَ کان اڳ ئي قبول ڪندا پيا اچن. ان کان سواءِ اهي ”سنڌي لپي“ جي سوال تي ٻن گروهن ۾ تقسيم ٿيل آهن. جنهن ڪري شعوري طور تي ”هندي“ ۽ لاشعوري طور تي ٻين ٻولين جو اثر قبول ڪرڻ لاءِ مجبور آهن.اهوئي سبب آهي جو سندن ڪهاڻين جي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. ان جي برعڪس سنڌ جي ڪهاڻي ٻوليءَ جي لحاظ کان گهڻي حد تائين صاف ۽ نج نظر اچي ٿي. البته سنڌ جي نوجوان ڪهاڻيڪارن هاڻي ڀارتي ڪهاڻيڪارن طرفان مجبوريءَ کان استعمال ڪيل غير سنڌي لفظ فيشن طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن.

(ه) 1947ع کان پوءِ سنڌ ۾ سماجوادي سوچ جي پکڙجڻ کان سواءِ اوتري ئي شدت سان رجعت پسند اختلاف به وڌيو. ان کان سواءِ ڪنهن حد تائين مايوسي ۽ ٻڏ تر جا لاڙا به ادب کي ڏسڻا پيا. انهن ڳالهين سنڌ جي ڪهاڻيءَ کي هڪ نئون ۽ الڳ روپ ڏنو آهي. پر ان جي برعڪس لڏ پلاڻ بعد پيدا ٿيل مسئلا ، ڌرتيءَ لاءِ پيار، ماضيءَ ۾ ٿيل وارداتن جون يادون ۽ ڪنهن حد تائين ڪانگريس کان نفرت جهڙين ڳالهين اتان جي ادب کي نوان لاڙا ڏنا آهن، جن جو اثر اتان جي ڪهاڻيءَ به قبول ڪيو آهي. ان ڪري سنڌ ۽ هند جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪي قدر فرق نظر اچي ٿو.

(و) سنڌ ۽ هند جي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ٻيو، مگر واضح فرق اهو نظر اچي ٿو ته هند جا ڪهاڻيڪار دنيا جي ٻين ٻولين مان ڪهاڻيون ترجمو ڪري، پنهنجي ڪهاڻيءَ جي خزاني ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا، ليڪن سنڌ ۾ ترجمي جو ايترو رواج ڪو نه آهي. ان ڪري هند ۾ جتي اصلوڪيون ۽ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون ڪلهو ڪلهي سان ملائي ادبي تاريخ جا گيت ڳائن  ٿيون ته ان جي برعڪس سنڌ ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون اٽي ۾ لوڻ برابر نظر اچن ٿيون.

 

هند جي ڪهاڻيءَ جا مکيه موضوع:

سنڌ کان ٻاهر جي سنڌي ڪهاڻيءَ جو مطالعو هڪ ٻئي رخ کان به ڪري سگهجي ٿو. اهو رخ آهي هند جي سنڌي ڪهاڻيءَ جا مکيه موضوع. ليڪن رخ تي قلم کڻڻ کان اڳ اتان جي حالتن تي نظر ڦيرائڻ نهايت ضروري آهي، ڇو ته اتان جي ڪهاڻيءَ جا موضوع اتان جي حالتن جو پڙاڏو آهن.

هندوستان جي آزاديءَ کان اڳ سنڌ جا ڪيترا غير مسلم عالم، اديب، شاعر ۽ مفڪر مذهب جي محبت يا تحفظ واري احساس هيٺ وطن جا وڻ ڇڏي اڻ ڏٺي مستقبل ۽ آشياني جي تلاش ۾ ڀارت لڏي ويا. اتي پهچڻ کان پوءِ ڳچ جيتري عوام ڪانگريس جي ڏيکاريل سبز باغ جي صحيح صورت ڏسي ورتي. انهيءَ ڪري ڪيترن کي حڪمران پارٽيءَ سان اختلاف ٿي پيا ۽ انهيءَ جي معاوضي ۾ کين ڪنهن  حد تائين ڀوڳڻو به پيو. سنڌ ۾ هندو ۽ ٻيا غير مسلم ڪيتري عرصي کان رهڻ ڪري سنڌي سماج ۾ ملي جلي ويا هئا، ليڪن اهي ڀارت ۾ وڃڻ کان پوءِ پنهنجي هم مذهب انسان اڳيان برابريءَ وارو مقام وٺي نه سگهيا. ڀارتي هندو سنڌ جي هندن کي پاڻ جهڙو پوتر ۽ نج هندو طور تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿيا. ان کانسواءِ سنڌي هندن ڀارت ۾ وڃڻ کان پوءِ گانڌيڌام ۽ سنڌو نگر ۾ الڳ پرڳڻي حاصل ڪرڻ جي ڪوششون ڪيون. سندن اهڙين ڪوششن کي اتي صوبائي توڙي مرڪزي حڪومت طرفان شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو. سنڌي ٻولي کي ”قومي ٻولي“ بنائڻ واري تحريڪ ويتر اهڙِن حالتن جي باهه تي گاسليٽ هارڻ جو ڪم ڪيو، سنڌي هندو اتي الڳ پرڳڻو ته حاصل ڪري نه سگهيا، البته پنهنجي ٻوليءَ کي تسليم ڪرائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيا. ڪنهن وقت کان پوءِ سندن اها ڪاميابي به باهمي اختلاف جو ٻل ٿيڻ لڳي . خاص ڪري ڪانگريسي ذهنيت وارن سنڌي عالمن ۽ اديبن سنڌي کي ”ديوناگري لپي“ جو ويس ڏيڻ چاهيو ليڪن باقي اڪثريت موجوده لپيءَ جي حق ۾ رهي. هنن لاءِ نه رڳو لپيءَ جو مسئلو ئي مٿي جو سور بڻيو رهيو، پر کين ذريعه تعليم جي مسئلي سان به منهن مقابل ٿيڻو پيو . ڇو ته ڪيترا مهاجر ”ڀارتي سڀيتا“ ۾ ضم ٿيڻ جي حق ۾ هئا ۽ انهن اتي پنهنجي ٻارن کي سنڌي اسڪولن ۾ پڙهائڻ بدران انگريزي ۽ ٻين غير مادري ٻولين جي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ شروع ڪيو. هن گروهه جي اڳواڻي اڪثر ڪري ڪانگريسن جي هٿ هيٺ رهي، ليڪن عوام ۽ ترقي پسند گروهه انهيءَ طوفان جو ڀرپو مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن ۽ ماضيءَ جي هر شئي سان مذهبي محبت جهڙي عقيدت رکڻ شروع ڪئي. ڀارتي سنڌين کي نه رڳو باهمي اختلاف ۽ سرڪار جي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ جو نشانو ٿيڻو پيو، ليڪن اتان جي مذهبي ماحول کان سواءِ واپاري طبقي ۾ به مسهائپ جي مصيبت جو منهن ڏسڻو پيو. جيئن ته سنڌ مان لڏي ويندڙ ڪيترا غير مسلم واپاري ۽ تجارتي طبقي سان رکندڙ هئا، ان ڪري کين اتان جي ”وچئين طبقي“ پنهنجي اک جو ڪنڊو سمجهڻ شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ کين”بزنيس مائينڊيڊ “ ، ”ڪولڊ بلڊيڊ“ ۽ ”سنڌي يهودي“ جي لقبن سان نوازيو ويو.

جيتوڻيڪ آزاديءَ کان اڳ سنڌ جي هندن ڪانگريس جي قيادت به ڪئي ته خدمت به ڪئي، پر آزاديءَ بعد اهي مهاجرن جي صورت وٺي ڀارت جي هيڏي ساري سياسي سمنڊ ۾ لهر برابر بڻجي ويا. انهيءَ ڪري منجهائن ڪا به اهڙي قيادت اڀري نه سگهي،جيڪا کين قومي نقطئه نگاهه کان وقت ۽ حالتن جي وير کان بچائي پار پهچائي سگهي. اهڙن سنگين مسئلن جي موجودگيءَ باوجود اتان جو عوام پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ قومي تشخص جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي، وقت ۽ حالتن جو مقابلوڪندو رهيو. انهيءَ صورتحال سندن علم ادب، ۽ ان جي مقبول صنف ڪهاڻيءَ کي به متاثر ڪيو آهي. انهيءَ ڪري سندن ڪهاڻين تي وقت ۽ حالتن جو گهرو رنگ چڙهيل نظر اچي ٿو. سنڌ کان ٻاهر سنڌي ڪهاڻيءَ کي انهن حالتن جي روشنيءَ ۾ مطالعي ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪن موضوعن جي تلاش ڪجي ٿي ته مکيه موضوع هن ريت نروار ٿين ٿا.

(الف) ياد ماضي:

جيئن هن کان اڳ عرض ڪيو ويو آهي، ته آزاديءَ کان اڳ سنڌ جو هندو سنڌي سماج جو مکيه عنصر هو. هنن کي گهڻي عرصي کان وٺي حڪومتن جي ڪاروبار ۽ سماجي ڍانچي جي جوڙ جڪ ۾ وڏو اثر رسوخ حاصل هوندو هو. سماج جي ارتقائي عمل ۾ تصوف ۽ ويدانيت رت جي اڇن ڳاڙهن جزن جهڙو ڪم ڪيو . سنڌ ۾ جتي مسجدون هيون، اتي مندر به ويران ڪونه هئا.ٽڪاڻا هئا، گردوارا هئا، تيرٿ هئا ۽ هندن کي هڪ درجو هو. هو سياست ۾ اڳرا هئا، علم ادب ۾ اڪابر هئا، ۽ هنر توڙي واپار ۾ ناميارا هئا. ليڪن آزاديءَ کان پوءِ جي لڏپلاڻ نه رڳو سندن وجود کي جهنجهوڙي ڇڏيو، پر هو وطن جا وڻ ڇڏي ويا، ۽ ماضيءَ جي ياد هنن لاءِ عذاب بڻجي پيئي . انهيءَ عذاب جو پڙاڏو سندن ڪيترين ئي ڪهاڻين مان ٻڌي سگهجي ٿو.(10)

(ب) ٻه واٽون:

پرديس ۾ پير رکڻ کان پوءِ سنڌي هندن لاءِ وڃي ٻه رستا بچيا : انهن مان پهريون هو ”ڪانگريسي رستو“ جنهن مطابق هتان لڏي ويل ماڻهن کي ماضيءَ جي هر شئي ڇڏي ”ڀارتي سڀيتا“ ۾ فنا ٿيڻو هو. ٻيو رستو اهو هو ته هو هر طوفان جو مڙس ٿي مقابلو ڪندي، پنهنجي ”قومي وجود“ کي برقرار رکن. يعني هنن اڳيان ”فنا“ ۽ ”بقا“ جا ٻه رستا هئا، ۽ اسان کي سندن ڪيترين ئي ڪهاڻين مان انهيءَ ”فنا“ ۽ ”بقا“ جي جنگ جا ناد ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. اتي ڪيتريون اهڙيون ڪهاڻيون به لکيون ويون آهن، جن ۾ ڪانگريس جي ڏسيل رستي جي تبليغ ڪئي وئي آهي. (11) ان سان گڏ اهڙيون ڪهاڻيون به لکيون ويون آهن، جن ۾ پاڻ بچائڻ جا درس ڏنا ويا آهن.(12)

(ج) نئون رستو:

انهن ٻنهي طبقن کان سواءِ هڪ نئين طبقي به عوام کي پڻ ڏانهن متوجهه ڪيو آهي. اهو آهي ”ترقي پسند گروهه“ . هن طبقي ڪانگريس جي تجويز ڪيل دوا کي ڇاونزم  ۽ غير فطري قرار ڏنو ۽ ماضيءَ جي ڪن غير ضروري ريتن رسمن جي لاءِ مرندڙن کي به ڪنهن حد تائين رجعت پسند ڌڙو سڏيو. هن گروهه پنهنجي راءِ ڏني ته وچان ئي ٻي واٽ اهڙي وٺي سگهجي ٿي، جنهن جي سچائي جي تصديق انسان ذات جي تاريخ به ڪري چڪي آهي. اها واٽ آهي ترقي پسنديءَ جي جنهن ۾ اها گنجائش آهي ته ماضيءَ جي ڀلين روايتن ۽ سٺن اصولن کي به کڻي سگهجي ٿو ۽ سماج تي ڇانيل صدين جي جمود کي ٽوڙڻ لاءِ ترقي پسند نظرئي تي به عمل ڪري سگهجي ٿو. اهو ئي اسان جي مسئلن جو حل آهي.اتان جي ڪهاڻين ۾ هنن عقيدن ۽ اصولن جي ڪافي جهلڪ نظر اچي ٿي. (13)

(د) اڌ ڪائنات :

انسان جي اڌ ڪائنات عورت ذات آهي. حقيقت ۾ هوءَ ئي ڪائنات جو مرڪز آهي ۽ انسان ذات جا ڪيترا ئي ڏک ۽ سک ساڻس ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهن. هن دنيا ۾ جنهن معاشري پنهنجي عورت کي منزل ۽ مقام ڏنو، تنهن کي ترقيءَ جو معراج مليو. ليڪن سنڌي معاشري ۾ اڃا عورت کي اهو جائز مقام نه مليو آهي. هوءَ اڃا به اسان جي نظرن ۾ هيچ ۽ نيچ آهي.زال جي صورت ۾ هوءَ مڙس جي زرخريد ٻانهي آهي. ڌيءَ جي حيثيت ۾ هوءَ والدين جي ڪلهن تي آسمان کان ڳرو بار آهي ۽ ڀيڻ جي روپ ۾ هو قربانيءَ جي ٻڪري آهي. هوءَ گوشت پوشت جو پر جذبن، امنگن، خيالن، ۽ خوابن کان سواءِ پتلو آهي ۽ مردن جي پرماريت لاءِ آسانيءَ سان هٿ ايندڙ مجسمو آهي. سنڌ توڙي هند جي روشن  ضمير ۽ روشن خيال ليکڪن ۽ ليکڪائن عورت جي عظمت ۽ اهميت کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو آهي، ۽ هو وقت به وقت سندس مسئلن تي لکندا به رهن ٿا. سنڌ کان ٻاهر لکيل سنڌي ڪهاڻين ۾ عورت کي به هڪ اهم موضوع جي حيثيت حاصل آهي. (14)

انهيءَ کان علاوه ڀارت جي سنڌي ڪهاڻي جا ٻيا به موضوع آهن، جن تي جيڪڏهن تفصيل سان روشني وجهڻ ويهبو ته مقالو طويل تر کان طويل ترين ٿي ويندو. هن مقالي جو مقصد ئي هو هڪ خاڪو پيش ڪرڻ، جنهن لاءِ ممڪن حد تائين ڪوشش ڪئي وئي آهي. هاڻي اهو ٻين محققن ۽ دانشورن جو ڪم آهي ته هن موضوع کي مڪمل بنائڻ جون ڪوششون ڪن.

وضاحتون

(1) 1947ع کان 1980ع جي اڌ تائين ڀارت ۾ جيڪي اخبارون، رسالا ۽ مخزنون نڪتيون آهن، انهن سڀني جو تفصيل ته هتي ڏئي نه ٿو سگهجي، البته اهڙن رسالن ۽ مخزنن جن مختصر وچور ضرور پيش ڪري سگهجي ٿو جن ڪهاڻيءَ جي اوسر ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو آهي.

رسالي جو نالو

نوعيت

شايع ٿيڻ

جو هنڌ

سال

ايڊيٽر

آتم درشن

ماهوار

اجمير

1954ع

ديپچندرتلوڪچند

آدرش

ماهوار

اجمير

1974ع

ايم آر وليچا

آسان راهه

ماهوار

جبلپور

؟

موتي رام منڌياڻي ۽ ڪنهيا لال

آريه پريم

ماهوار

اجمير

؟

موهن لال

آريه وير

ماهوار

اجمير

1977ع

ديپچندرتلوڪچند

اظهار

ٽه ماهي

احمد آباد

1977ع

هوند راج  بلواڻي

اسٽيج

ٽه ماهي

احمد آباد

1978ع

ڄيٺو لالواڻي

الڪا

ساليانو

ممبئي

1965ع

رزرو بينڪ سنڌي سڀاپاران

امن - اي هند

ماهوار

ڀوپال

1971ع

ديو جهوڙاڻي

اهار

ساليانو

الهاس نگر

1973ع

صاحب شهاڻي

پرهه ڦٽي

ماهوار

بمبئي

1961ع

لعل پشپ

پشپ

ساليانو

ٿاڻا

1958ع

هولا رام

ڀارت ٽائيمس

ماهوار

الهاس نگر

1978ع

رميش رامچنداڻي

ڀيروي

ماهوار

احمد آباد

1968ع

ڪويتا  ارجن ڀمڀاڻي

جاڳو

ماهوار

ممبئي

؟

ڪي-سي-شوراساڻي

جوت

ساليانو

ممبئي

1950ع

جڳتراءِ مولچند

جيجل

ساليانو

ممبئي

1974ع

جسونت ڪمار

جيون جوت

ساليانو

ممبئي

1970ع

لڇو ڀاوناڻي

جيون سنگرام

ساليانو

گانڌيرام

1975ع

رام چند ناڻي

جهاز راني

ساليانو

الهاس نگر

1969ع

لڌا رام

چانڊوڪي

ساليانو

آگرو

1970ع

موهن لال

درويش درشن

ماهوار

احمد آباد

1979ع

رام امباڻي

راج فلمستان

ماهوار

ممبئي

1948ع

سشيلا  ڄيٺانند لعلواڻي

رچنا

ٽه ماهي

ڪلڪتو

1979ع

لکمي کلاڻي

زندگي

ماهوار

احمد آباد

1977ع

شيام رام رکياڻي

سرسوتي

ساليانو

آگرو

1954ع

موهن لال

سرسوتي

ماهوار

ممبئي

؟

ساوتري گربخشاڻي

سرهاڻ

ساليانو

الهاس نگر

1965ع

رام جي ڪڪڙيجا

سناتن سارٿي

ماهوار

ممبئي

؟

جڳت آڏواڻي

سنڌ اپڪارڪ

ماهوار

الهاس نگر

؟

ڀاون سنگهه

سنڌي ايڪسپريس

ماهوار

الهاس نگر

؟

نند ڀارتي

سنڌي گلشن

ٽه ماهي

لکنئو

1960ع

راڌا ڪرشن

سنڌيت

ٻه ماهي

لکنئو

؟

ڀڳوان کلناڻي

سورٺ

ساليانو

ممبئي

1968ع

واسديو نرمل

سوکڙي

ساليانو

نيئن دهلي

1972ع

هوند راج سڪايل

شام

ماهوار

پونو

؟

ستي ٿڌاڻي

شڪتي ڌارا

ماهوار

ممبئي

؟

پرشوتم ڀڳتاڻي

شڪنتلا

ماهوار

انڊور

1962ع

ديپڪ ڪوڏواڻي

فلم ۽ فئشن

ماهوار

الهاس نگر

1968ع

اندر لعلواڻي

ڦلواڙي

ماهوار

اجمير

1953ع

ديپچندر تلوڪ چندر

ڪلپنا

ماهوار

لکنئو

1972ع

ساڌو رام

ڪلياڻ سماچار

ماهوار

الهاس نگر

1960ع

ماڌو داس

ڪونج

ماهوار

ممبئي

1960ع

هري موٽواڻي

گلستان

ماهوار

احمد آباد

1966ع

هوند راج بلواڻي

ليڊرآف الهاس نگر

ماهوار

الهاس نگر

؟

ڊي سي گوسوامي

مارئي

ماهوار

احمد آباد

1967ع

رجتي پنجابي

مومل

ساليانو

ممبئي

1953ع

سينٽرل ريلوي سنڌي سڀا

نرگس

ماهوار

پونو

؟

تيج پارواڻي

وندر

ساليانو

الهاس نگر

1968ع

نارائڻ واسواڻي

هلچل

ساليانو

ممبئي

؟

لعل پنجواڻي

انهن کان سواءِ ڪي رسالا ۽ مخزنون هن وقت بند ٿي چڪيون آهن. انهن جو به وچور ٺاهبو ته اهو مختصر طور تي هن ريت ٿيندو:

آکاڻي (ماهوار)، ٻارڙا (ماهوار - احمدآباد)، پشپا نجلي (ساليانه)، پرهه ڦٽي (ٻه ماهي- ممبئي)، پياري سنڌ (ماهوار – احمد آباد)، تمنا (ماهوار- احمد آباد)، چاڻڪيه (ساليانه- الهاس نگر)، چوڏس (ٽه ماهي – احمد آباد)، ڇوليون (ماهوار-احمد آباد)، ڌرم واڻي (ماهوار – الهاس نگر)، رابيل (ماهوار)، راڻي (ماهوار- ممبئي)، ساهت ڌارا(ماهوار- ممبئي)،سڀيتا (ٽه ماهي-بڙودا)،سوجهرو (ماهوار-الهاس نگر)،سونو ڀارت (ماهوار-پونو)،سنڌڙي (ماهوار-الهاس نگر)، سنڌو (ٽه ماهي)، سنڌو ڀارت (ماهوار- راجڪوٽ)،سنڌو جيون ڌارا (ٽه ماهي- ڀوپال)، سنڌو لوڪ (ماهوار- وارنسي)،سنڌو واڻي (ماهوار- انڊور)، سنڌ جي سڪ (ماهوار-دهلي)،سنڌي يوٿ (ماهوار-حيدرآباد دکن)، سهڻي (ماهوار-جيپور)، ڪويتا ( ماهوار)، ڪهاڻي (ماهوار)، گل (ماهوار-الهاس نگر)،گلابي گلڙا (ماهوار- الهاس نگر)، گلشن (ماهوار-احمد آباد)،  ملاح (ماهوار-دهلي)، ميار (ماهوار-احمد آباد)،  مهراڻ (ماهوار-جيپور)، نيا زمانه (ماهوار-ڪلياڻ ڪئمپ)، ”نئين دنيا“(ماهوار-بمبئي)، ۽ نئين زندگي (ماهوار)، وغيره .

(2) رسالن ۽ مخزنن جيان ڀارت جي اشاعتي ادارن به ڪهاڻيءَ جي ترقيءَ ۾ وڏو حصو ورتو آهي، اهڙن ادارن مان هي ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن:

 

اداري جو نالو

اداري جو مالڪ/ پبلشر

هنڌ

ڪهاڻين جا شايع ڪيل ڪتاب

اپسرا پبليڪيشن

هوند راج بلواڻي

احمد آباد

10 ڪتاب

اجنتا پبليڪيشن

ورند همٿاڻي

اجمير

4 ڪتاب

آر-ڪي پبليڪيشن

رميش ڪمار

جهونا ڳڙهه

1 ڪتاب

پرهه ڦٽي

لعل پشپ

ممبئي

10 ڪتاب

ڀارت جيون ساهتيه مالها

ڄيٺانند لعلواڻي

ممبئي

؟

سندر ساهتيه

ميلا رام، رميش

اجمير

؟شايد 2 ڪتاب

سنڌي سپوت ساهتيه پرڪاشن

پورن کٽواڻي

انڊور

؟

سنگيتا پبليڪيشن

آنند ٽهلراماڻي

بڙودا

2 ڪتاب

ڪلپنا ڪتاب گهر

موهن ڪلپنا

الهاس نگر

3 ڪتاب

ڪوڙو مل سنڌي ساهتيه منڊل

هري سندر

اجمير

؟

ڪونج پبليڪيشن

پرڪاش موٽواڻي

ممبئي

؟

ڪويتا ساهتيه مالها

شيام رام رکياڻي

احمد آباد

4 ڪتاب

ڪويتا ساهتيه پبليڪيشن

لاجونتي ڪمل

الهاس نگر

؟

گلستان پبليڪيشن

هوند راج بلواڻي

احمد آباد

؟

نيلم پبليڪيشن

منگها رام ”ديوانو“

جيتپور

2 ڪتاب

نيوسنسار پبليڪيشن

راجا هوند راج

ممبئي

؟

نئين دنيا پبليڪيشن

اتم

ممبئي

؟

 

(3) هند ۾ ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جا جيڪي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. انهن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪڙا ”مشترڪه مجموعا“ جن ۾ مختلف ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن ، ۽ ٻيا ”انفرادي مجموعا“ جيڪي هر هڪ ڪهاڻيڪار جا الڳ مجموعا آهن. ٻنهي قسمن جي مجموعن جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو :

(الف) انفرادي مجموعا:

آتما رام لعلواڻي ( مڌيه پرديش). ”زخمي انسانيت“ (1973) ۽

” پتني پلاسٽڪ جي پتلي“(1975).

آنند ٽهلراماڻي (بڙودا). ”سانجهيءَ جا پاڇولا“ (1973).

آنند گولاڻي (ممبئي). ”ڦڙڪ“ (سال؟)، ”راڻيون“ (سال؟) ”چار ڪهاڻيون“ (سال ؟) ۽ ”نئون جنم وٺندس“.

اتم (ممبئي)”ڪشمڪش“(1971)، ”هڪ ڪهاڻي ٻه ڪردار“

 (ترتيب 1963)، ”جيئي سنڌ“ (ترتيب 1971) ، وغيره.

ايشور آنچل (ڪلياڻ ڪئمپ). ”پيار ۽ پئسو“(1956).

ايشور ڀارتي(احمد آباد)”زهر“ (1978) .

ايشور رامچنداڻي (اجمير)”مئل ماڪوڙا“ (سال؟) ”ٿڌاچپ“

(سال ؟)، ”پنهنجي ئي گهر ۾ “  (سال؟).

برج موهن (ممبئي) ”پٿر جا ديوتا“ (سال؟).

بهاري لعل ڇاٻرا (بمبئي) ”هن جو پٽ“ (1948) ”پٿر پنجلي“

(سال ؟)، ”انڌڪار“ (1951).

پرسرام ڪمل (الهاس نگر). ”ڪمل جون ڪهاڻيون“ (1955).

پورن ”سمايل“ (انڊور) قيمتي ڪهاڻيون“(1975)

پريم پرڪاش (احمد آباد). ”ولين“ (1976).

ڀڳوان نردوش (احمد آباد)”سوني مڇي“ (1976) .

ڀڳوان تلواڻي (اجمير). ”سرتين جون زنجيرون“(سال؟).

تولا رام وليڇا (اڌيپور). ”جيت ڪنهنجي“(1957).

”تيرٿ سڀاڻي“( اڌيپور) ”سونهري پشپا“( ترتيب 1956).

ٽهلرام ”آزاد“ (ممبئي) ”گهر جي روشني“ (روسي ڪهاڻيون 1979).

ٽيڪچند ”مست“. ”رنگين پڙدا“ (سال؟)، هيءَ بمبئي آ پيارا“ (سال؟)

جڳت آڏواڻي (ممبئي) سندس معلومات ملي نه سگهي.

جڳديش لڇاڻي(الهاس نگر) ”خاموش زندگي“ (1957)، ”هڪ تصوير ٻه پاڇا“(1962)، ”جهرڪي لڌو ٽڪو“ (1979)، ”پيڙا“، ”دنيا دو رنگي، “ ،”منهنجي زندگي“ ، ۽ ”اڌوري پياس“وغيره.

جيوت چاولا(ممبئي) ”مان انتظار ڪندس“ (ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو ترجمو)

جيوت رام ”جوت“ (الهاس نگر). ”ڏاڏيءَ جون آکاڻيون“ (1960) ، ”پرين جون آکاڻيون“(1968)، ”نوانوي آکاڻيون“ (1968)، آکاڻيون ئي آکاڻيون“ (1979).

جيوت رام لالواڻي(احمد آباد).مظلوم (1954).

ڄيٺانند لعلواڻي(ممبئي) سندس معلومات ملي نه سگهي.

ڄيٺو لعلواڻي ( احمد آباد) ”ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس“.

چترو ناگپال(ممبئي) ”جواني چار ڏينهن“(1967) .

چين لال آهوجا(ڄام نگر) ”پاپ جي پاڙ“ (1958).

چيتن ماڙيوالا(ممبئي) ”سنڌي جيون ڪهاڻيون“ (1953)

رام پنجواڻي( ممبئي) (سندس ڪهاڻين جي معلومات نه ٿي سگهي)

رام ڪيسواڻي(؟)”گرفتاريءَ جو وارنٽ“ .

رتن ليلاڻي (ممبئي) ”فٽ پاٿ“ (1966)، ”ستيم شوم سندرم “  (1967).

سريچند ”سنگدل“ (پونو) ”سرڳ جي آغوش ۾“ (1968)

سڳن آهوجا(سرڳواسي) ”عيش جي قيمت“ (1954)، (سال؟)، ”بي آگ جلن ٿا پروانا“، ”سمودٽ“ ،”لوڀي اکيون“.

سنتداس جهانگياڻي(نئين دهلي) ”پاپ جي مايا“ (1967).

سندر اگناڻي (جئپور) ”ننگا پٿر“.

سريچند هوند راج(جهونا ڳڙهه)  ”بهادر راج ڪمار“ (1972)

شيام جئسنگهاڻي (ممبئي) ”ننگو آسمان“ (1966) ۽”ٺونگو  “ (1970).

فتح چند واسواڻي (اجمير) ”ٽيگور جون ايڪيهه آکاڻيون“.

ڦتن سکواڻي (  ؟  )”پيار ڌڪار“  ۽ ”ننگي“.

قيمتراءِ هري سنگهاڻي (ڀوپال) ”سنڌ جي اتهاس جا ست سونهري ورق“ (1977) ”ڪلپنا لوڪ جو آواز“ (1978) ۽ ”ودروهي آتمائون“.

ڪشور پهوجا (الهاس نگر) ”فيصلو“ ۽ ”منهنجي ناني“ .

ڪمل ”پياسي“ (بڙوچ) ”سهڻا سهڻا گل“ ۽ ”سمنڊ سمايون بوند ۾“

ڪرشن کٽواڻي (انڊور) ”ٽٽل تارون“ ، ”مٺڙي تو نه سڃاتو“ ، ”وندري ۽ ٻيون ڪهاڻيون“

ڪي ايس بالاڻي ( ؟  ) ”ڪاٺ جي سانچي ۾“ .

ڪيرت ٻاٻاڻي (ممبئي) ”هوءَ“ ”درد جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو“( ؟ ) ”نووا“ (1956) ۽ ”هڪ ڪهاڻي ٻه ڪردار“ .

ڪيرت مهر چنداڻي (احمد آباد) ”جيون ڌارا“، سندس ٽي مجموعا ٻيا به هئا جن جا نالا ملي نه سگهيا.

کيمچند سمن ( ؟ )  ”سونهري ڪرڻا“  .

گرداس آهوجا (راجڪوٽ)”سپنو هي سنسار“ (1974).

گرڌر لعل ڏوڏيجا(ممبئي) ”کرمغز“ (1955).

گنو سامتاڻي (ممبئي) ”اڀمان“ (1964)، ”اپراجتا“(1971)، ۽ پرليه.

گومل دوداڻي ( ؟ ) ”ڦينگون“

گوبند پنجابي (ممبئي) ”سورج مکي (1960) سندس سؤ کن ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون آهن.

گوپ ”ڪمل“ (دبئي) ”چورايل خوشيءَ جو سک“ (1979)

گورڌن تنواڻي (جل گانءِ) ”مٺو درد“ (1962)، ”درد ۽ درد“ (1965).

لعل ”پشپ“ (ممبئي) ”واريءَ جا محل“، ”پنر ملن“ ، ”وشواش اوشواش“، ”دائرو“، ”خالي ئي خالي“ ، بنڌن ۽ نرماڻ“، ”تنهنجي منهنجي وچ ۾“.

لعل هوچنداڻي (گانڌيرام)”سنگتراش“ (1970) ۽ ”چتر ڪار جي ڪلپنا“(1969).

لڇمڻ ڀمڀاڻي(جئپور) ”سپنا ۽ سڏڪا“ (1968) ، مرڪندڙ مکڙيون“

لوڪ ناٿ ڄيٽلي (    ؟   ) ”وساريان نه وسرن“.

لوڪ نوتاني (بڙودا)”ماڻهو ڇا چوندا؟“ ۽ ”شراب جي بوتل“.

ليلا رام رچنداڻي( احمد آباد) ”سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“ (1979) ليکراج ڄيٺانند (   ؟   ) ”نيتم“ .

مرلي ڀلوناڻي (نئين دهلي)”سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو انتخاب“

   (ترتيب) منوهر بيدي. (الهاس نگر)”هراسيل پيڙهي“ (1975)

موتي لعل جوتواڻي(نئين دهلي) ”پرامپراهيڻ“

موتي رام لڇيرام (ممبئي) ”ڪور جون ڪهاڻيون“

موهن ڪلپنا (الهاس نگر) ”موهي مر موهي“(1960)، ”فرشتن جي دنيا“ ۽ ”چاندي ۽ زهر“.

موهن ”ديپ“ (ممبئي) ”پرائي عورت“ (1972).

ميلا رام واسواڻي (اجمير) ”راجپوت ٻيلوان“(1973).

موهن لعل ”ڪوٽائي“ (ممبئي) ”دلجي گهڙي “  (1975)، ”جهلڪ“ 

(هندي ۾  1960) ۽ ”چنانون ڪي راڻي“ (هندي ۾ 1962).

نارائڻ ٻڌراڻي(ناگپور) ”خاموشيءَ جا دائرا“ (1972)

نانڪ مدناڻي(نئين دهلي) ”ٽهڪ ۽ سڏڪا“(1958)، ”نوان پئمانا“ (1960)، ”ڪنات پئلس ۾ هڪ شام“ (1969)، ”هڪ ٽٽل شخص“ (1974).  

نند لعل (ممبئي)”اڪيلو چنڊ“

واشديو ڀارتي (جئپور)(سندس مجموعن جي معلومات ملي نه سگهي.)

وشنو ڀاٽيا(بمبئي)”دل جي بستي“(1965)، ”سج جا ٽڪرا“ (1972) ”ديوار ۽ تاس جا پتا“(1977)، ”چندر مکي“، ”ٽٽل عڪس جو جوڙ“ ۽ ”احساس جي انڊلٺ“ (1977).

وليرام ڪشناڻي (گوپال پري)”فرض جي صدقي“ (1968).

هري همٿاڻي (اجمير) ”ڀنگ جا رنگ“ (1968) ۽ ”ارچنا رچنا“(1977)       هري موٽواڻي (ممبئي) ”هڪ لهر“ (1976).

هري سندر روپ چند (اجمير) ”پنکڙيون“ (1969).

هوندراج ٻلواڻي(احمد آباد) سندس ٻارن لاءِءَ لکيل ڪهاڻين کان سواءِ. ”هوءَ روئي ويٺي“(1968)، ”ڇتو ماڻهو“(1977)، ۽ ”هڪ مرڪ ۽ ٻه لڙڪ“.

هيرو شيوڪاڻي (الهاس نگر)”زندگي ۽ ڪئڪٽس“ (1975).

(ب) مشترڪ مجموعا :

          آخرين پريتا“:  هي ”نئين دنيا آفيس“ طرفان شايع ٿيل يارهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ اصلوڪيون ڪهاڻيون به ڏنيون ويون آهن ته ترجمو ٿيل به . ليکڪن مان سندري اتم چنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪلا پرڪاش، ڦتن پرسواڻي، او-هينري، هاوورڊ فاسٽ، ڪرشنچندر ۽ ابراهيم عبدالين جا نالا ذڪر لائق آهن.

          ”آلوچا“:  هي مجموعو 1956ع ۾ ”بينا“ مخزن طرفان شايع ٿيو جنهن ۾ ڪل ست ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن، اهي آهن: ”آلوچا“ (ڪرشن چندر-سدرشن)، ”شيطان ڇوڪري“ (گوبند پنجابي)، ”شهنائيءَ جا سر“ (موهن سنگهه/ش. راجپال)”سائمن جو پيءَ“ (موپاسان/ بهاري لعل)”ڀڳوان ڀڄي ويو“، ”هرديه ايش/ سدرشن)، ”بادل، شام ۽ تون مٺڙي“ (آنند/ ش. راجپال) ۽ ”انتقام“ (شبداش بئنرجي/ سدرشن)

”بڙودي جا سنڌي ساهتڪار“:

          هي مجموعو ”سنڌي ساهت مالا“ بڙودا طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر لکميچند”پريم“، هاسارام شرما، گورڌن شرما”گهايل“، ڪمل ”پياسي“، ايم آءِ تيجواڻي، ميول آهوجا، ۽ هري ڪڪڙيجا”ناز“ جي شاعري کان سواءِ ليکراج موهنداس جو هڪ ناٽڪ”نڪري ٿيا نروار“ دريانو ٺرياڻيءَ جو مضمون ”سارتر جي ڪلا“، رام فتحچند جو ادب لطيف ”ٻه پاڇا“ ۽ ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون، ڪهاڻيون ۽ ڪهاڻيڪار آهن: تيرٿ پرڪاش (واپس)، ڪيرت مهرچنداڻي(جيون-ڌارا)، باروي لڇواڻي(۽ شآم گذري وئي)، رام ٿولاڻي (واسنا ۽ قرباني)، راجڪماري –ايم (خط-هڪ الجهن) ۽ ڪڪڙيجا گوپي(جنگ-صلح ۽ ٽهڪ). ان کان سواءِ مجموعي ۾ آنند ٽهلراماڻي جو اسڪٽ”ايڪسيڊنٽ“ به ڏنو ويو هو.

”بهترين سنڌي ڪهاڻيون“:

           ”پرهه ڦٽي“ طرفان آزاديءَ کان پوءِ ڀارت ۾ شايع ٿيل بهترين ڪهاڻين جا چار مجموعا شايع ٿيا. پهريون مجموعو گوبند مالهي ۽ ٻين جو ترتيب ڏنل هو.جيڪو 1975ع ۾ شايع ٿيو، هن مجموعي ۾ ”پياري چيز“ (سڳن آهوجا)، ”محمد رام“ (ڪيرت ٻاٻاڻي)، ”ٽاٽا“ (آنند گولاڻي)، ”مرڪ ۽ ممتا“ (ڪلا پرڪاش)، ”ڊگها وار“ (ڪرشن کٽواڻي)، ”تپسيا“ (موهن ڪلپنا)، ”غوراب“ (شيام جئسنگهاڻي)، ”پريا ۽ ڪرانتي“(ڪي ايس ٻاراڻي)، ”پتني فرض“(لعل پشپ)۽ ”ٿڌا چپ“ (ايشور چندر) ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن. ٻيو جلد به 1975 ۾ شايع ٿيو، جنهن جو مکيه مرتب ڪرشن راهي هو. هن مجموعي ۾ جي ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون، اهي هيون:”ٻڌيمان“(لعل پشپ)، ”ٻنڌن“ (گنو سامتاڻي)، ”نراشا“ (آنند گولاڻي)، ”نه لئليٰ نه مجنون“ (ڪيرت ٻاٻاڻي)، ”محبت جو مينهن“ (مايا راهي)”خانواهڻ“(ڪلا پرڪاش) ۽ ”پٿر جو دشمن“ (موهن ڪلپنا). ٽئين جلد جو خاص مرتب هو موهن ڪلپنا ۽ ان ۾ ”فرنيچر“(تيرٿ وسنت)، ”رعب “(سڳن آهوجا)، مان نئون جنم وٺندس“(آنند گولاڻي)، ”ڇهاءُ“(ايشور آنچل )، ”عزت کپي اڌاري“ (ڪرشن راهي)، ”شڪست“ (گنوسامتاڻي)، ”قرض جي درخواست“(لعل پشپ)، ”پورٽريٽ هڪ پيءُ جو“ (هيرو شيوڪاڻي)، ۽ ”نه مرڻ جو ڏک“(ايشور چندر) ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون. چوٿون مجموعو 1976ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو مکيه مرتب هو گنوسامتاڻي. هن مجموعي ۾ ”سلسلو“ (هريش واسواڻي)، ”نئين شروعات“(ابند کيماڻي)، ”لهندڙ چڙهندڙ ڏاڪا“ (شيام جئسنگهاڻي)، ”بس مان ڪريل انسان“(موهن ڪلپنا)، ”۽ روشني جو گم ٿيل هڪ ٽڪرو“(لعل پشپ) ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

”پتنگن پهه ڪيو“:

           هي مجموعو ”نئين دنيا پبلشرس“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾  ڪل اٺ ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون. ”پتنگن پهه ڪيو“(اتم)، ”سون ورني دل“(ڪرشن کٽواڻي)، ”هڪ گهڙي“(منو گدواڻي)، ”ٻوڙن جو سهارو“(نند لعل)، ”جڳو“ (ڪشور لعل پهوجا)، ”شهنائي“ (گوبند پنجابي)، ”پيار جي جيت“ (ڪلا پرڪاش) ۽ ”فيصلو“( جيسي رامناڻي).        

 

”پياريون باتيون، جيون باتيون“:

           هن مجموعي ۾ چيخوف، او هينري، موپاسان، ڪرشن چندر، گالسودي، ٽئگور، منشي پريم چند ۽ سندري اتم چنداڻي جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

”جهلڪ“:

         هن مجموعي ۾ هڪ ناٽڪ، تاج صحرائي، آنچل، اياز، شيام ۽ موتي پرڪاش جي شاعريءَ کان سواءِ ست ڪهاڻيون به ڏنيون ويون هيون. مجموعي جا ڪهاڻيڪار آهن: گوبند مالهي، گوبند پنجابي، آنند، سندري، ڪرشن هميراجاڻي، داس”طالب“، نهچل واسواڻي ۽ ڪشور پهوجا.

”چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون“:

           هن ۾ ڀارت جي سنڌي ڪهاڻيڪارن کان سواءِ ٻين غير سنڌي ڀارتي ڪهاڻيڪارن جهڙوڪ يشپال(هندي)، ڪرشن چندر(اردو) ، امرتا پريتم (پنجابي)، ٽي-شنڪر پلي (مليالم)، برين گنگو پاڌيه (بنگالي)، انا ڀائو ساٺي(مرهٽي)، نندني شئپٿي(لڙيا)، ۽ ڪي- اين- سبرمنيم(تامل) جون جملي چوڏهن ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

”راڄڌاڻيءَ جا ساهتيڪار“:

           هن مجموعي ۾ دهليءَ جي 32 اديبن جا ڪلام ، مضمون ۽ ڪهاڻيون آهن: ليکراج-هنس(لوڪ جو وات)، پرسرام وليڇا(انسانيت جي اوٽ ۾)، شيام ڀاڳيا(امر راڌان)، ۽ ٻالاڻي آشآ(مان ڪاري).

”ساگر ۽ لهرون“ :

          هن مجموعي ۾ لوڪ ناٿ، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، بلرام وڪيل، پشپال، کانڌيڪر ، پربوڌ ڪمار، امرتا پريتم ۽ هيوگر جر بنسيڪ جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

”سارنگ“ :

         هي مجموعو ”سنڌو ساهت سنگت“ اجمير طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ شعرن، مضمونن ۽ هڪ ناٽڪ کان سواءِ ڪهاڻيون به ڏنيون ويون هيون. مجموعي جي شاهڪار ڪهاڻي پوپٽي هيراننداڻيءَ هي لکيل آهي، جنهن ۾ هن هٿ ڦاڙ عورت جو سهڻو ڪردار چٽيو آهي.

”سپنو ۽ موتي“ :

          هي مجموعو”نئين دنيا پبلشرز“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ اصلوڪيون توڙي ترجمو ٿيل ڪل يارهن ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون، مجموعي جي ڪهاڻيڪارن ۾ مئڪسم گورڪي، چيخوف، هاورڊ فاسٽ ، پشپال ، ڪرشن چندر ، وشنو پرڀارڪر ، بلونت گارڪي ، ڦتن پرسواڻي، اتم ۽ سندري اتم چنداڻيءَ جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن.

”غيرن جي هٿ ۾“:

          هن مجموعي کي لڇمڻ ساٿي ترتيب ڏنو ۽ ”راڻي پبليڪيشنز“ شايع ڪرايو. هن ۾ موتي پرڪاش ۽ ڀڳوان ميواڻيءَ جي شاعريءَ کان سواءِ وشنو ڀاٽيه، جيرام، لڇمڻ ساٿي ۽ ٺاڪر چاولا جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.                        

کير ڀريا هٿڙا“:

          ڪهاڻين جو هي مجموعو سيپٽيمبر 1960ع ۾ شايع ٿيو جنهن ۾ ڪي- ايس- ٻالاڻي، (پريا ۽ ڪرانتي) ، گنو سامتاڻي (ٻنڌن) ۽ ٻين جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

”ڪارو سورج“: هي مجموعو ”سهڻي ڪتاب گهر“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڪرشن چندر جي چئن ڪهاڻين جو ترجمو ڏنو ويو آهي . مترجم آهن:- جيوت چاولا، پارو چاولا ۽ اندرا پنجابي .

 ”ڪوشان“:

          هي مجموعو ”ڪهاڻي ناول مالا“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ارجن ”حاسد“، نارائن شيام ۽ آنچل جي شاعريءَ کان سواءِ ٽي ڪهاڻيون به ڏنيون ويون آهن. اهي ڪهاڻيون آهن، ”ڪوشان“ (سندري اتم چنداڻي)، ”مان وڃان ٿي“ (ٽئگور)، ۽ ”هي پيار“ (هندي ڪهاڻي).

”گل ۽ مکڙيون“ :  

          هي مجموعو ”سنسار ساهتيه منڊل“ بمبئي طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ٻين ٻولين جي مشهور ليکڪن جهڙوڪ ، ملڪ راج آنند، ڪنيا لعل ڪپور، او هينري ، ۽ سعادت حسن منٽو ، ۽ سنڌي ترقي پسند ڪهاڻيڪارن جهڙوڪ اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڄيٺانند جادواڻي، سندري ۽ ڪلا پرڪاش جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون، ڪهاڻين جو تعداد نوَ آهي.

”گهونگهٽ ۾ گوري چلي“ :

          هن مجموعي ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون ڏنا ويا آهن. ڪهاڻيون آهن؛ ”ڀومي دان“ (ڪرشن چندر)، ”مان جيڪر ڪتو هجان ها“ (پاچن ) ۽ ”گمنام خط “ ( چيخوف).

”لاٽ“ :

          هن مجموعي کي ڪشور ڀوڄواڻيءَ ترتيب ڏنو ۽ ”نيلم پبليڪيشن“ وارن شايع ڪرايو. مجموعي ۾ داس ”طالب“ جي ناٽڪ ، ”بيدرد“، ”اياز“ شيخ ۽ موتي پرڪاش جي شاعري،گوبند مالهي  ۽ لعلچند جي مضمونن کان سواءِ سندري اتم چنداڻي (تفاوت)، گوبند مالهي (پاپ جو گهڙو) . ڪيرت ٻاٻاڻي (لچي)، ڪرشن راهي (مائٽي) ۽ آنند گولاڻي (سپنو)، جون ڪهاڻيون ڏنيون ويون هيون.

”نئون ساهتيه “ :

           هي مجموعو گوبند پنجابيءَ ترتيب ڏنو  هو، جنهن ۾ شعرن، مضمونن ۽ هڪ ناٽڪ کان سواءِ ڪرشن چندر جي لکيل ۽ ٺاڪر چاولا جي ترجمو ڪيل ”مرڻ واري ساٿي جي مسڪراهٽ“، گوبند پنجابيءَ جي ”ساس ۽ گراس“ ، مهيندر ناٿ جي لکيل ۽ جيوت چاولا جي ترجموڪيل ”هڪ ڏينهن جو عيش“ ڪهاڻيون به ڏنيون ويون هيون.

(4) اهڙن ڪهاڻيڪارن جو مختصر وچور هن ريت ٿئي ٿو:

          ارجن سچاڻي(راجڪوٽ)، آسانند ويلو مل(جهونا ڳڙهه)، اشوڪ ڀارتي ( ؟ ) ايشور چندر (اجمير) ايشور پرمانند (ممبئي) ٻڌر مل لڇواڻي(بڙودا)، بلرام وڪيل (بڙودا)، پارو چاولا (  ؟ ) پرڀداس ”ونيت“ (پونو) ، پرسرام وليڇا ( ؟ )، پرشو تم  ڀيڊا (   ؟  )، پرمانند ريجهسنگهاڻي (  ؟  )،پريم ابيچنداڻي (نيو دهلي)، ڀڳوان پشت (ممبئي) ڀوڄراڄ وڇاڻي ( ممبئي)، ڀيشم ملڪاڻي (  ؟  )، تولا رام رهيجا (پونو)، ٿيرٿ بسنت (نيو دهلي)، تيرٿ ”پرڪاش“(بڙودا)، تيرٿ چانڊواڻي (جهونا ڳڙهه)، ٺاڪر چاولا ( ؟)، ٿڌيرام ”انپڙهه“ (نندر پار)، ٽمل ”سروپ“ (ممبئي)، ٽيئون ”موجي“ (الهاس نگر)، جڳت پرڪاش (راجڪوٽ)، جڳتراءِ مل (الهاس نگر)، جڳديش ”نماڻو“ (الهاس نگر)، جيرام روهڙا (الهاس نگر)، جيوت رام ستپال (ممبئي)، ڄيٺا نند ”تاب“(ممبئي)، ڄيٺانند جادواڻي ( ؟) جهمون ڇڳاڻي (بئرا ڳڙهه)، چترو ناگپال (ممبئي)، چرنداس ٺاڪرداس (ممبئي)، چندرو پنجابي (ممبئي)،چمچنداس رائسنگهاڻي (پونو)،حشو پارواڻي (الهاس نگر)، داس ”طالب“ ( ؟ ) دوارڪا راڄ ”سروج“ (داهور)، دولترام ڪلياڻي(الهاس نگر)،   ديال پيرواڻي( ؟  )، ديو جهوڙاڻي (ڀوپال)، ديو راج ”پياسي“ (الهاس نگر)، ديوداس (ممبئي)، راڌا ڪرشن عالمچنداڻي (لکنئو)، رام گلراج مل (گانڌيرام)، رام گيانچنداڻي (نئين دهلي)، رام ايسر داس (الهاس نگر)، رام روچيرام (ممبئي)، رام داس لکاڻي(احمد آباد)،راهي آڏواڻي (ممبئي)،راملال ”رمل“ (گونڊيا)، رمڻ لال راجپال(الهاس نگر)، رميش مهتا (ممبئي)، روپ ڪمار روهڙا (الهاس نگر)، ريلو مل چوڌري (جهونا بلاسپور)، ريوا چند اجواڻي (ممبئي)، سدرشن ”ناچيز“ (ممبئي)، سريچند ڪيسواڻي (احمد آباد)، سريش روهڙا(الهاس نگر)، سکومل باگائي (ممبئي)، بسمن ڌيرواني (راجڪوٽ)، سندر نيڀواڻي (بئنگلور)، سنتوش ڀاڳيا (احمد آباد)، سيتل ڪمار (ممبئي)، شيام ڀاڳيا( ؟  ) ، شيوڪ ڀوڄراج (باپوگانءِ)، ش راجپال(  ؟  ) فتحچند شرما (ڪلڪتو)، ڦتن پرسواڻي (الهاس نگر)، ڪان آهوجا (الهاس نگر)، ڪانجي لعل ”قاصد“(گوپال پوري)، ڪرانتي ڪمار (الهاس نگر)،  ڪرشن ”ساٿي“ (رائپور)،ڪرشن هيمراج ( ؟ ) ، ڪرمچند تيجواڻي (الهاس نگر)، ڪشنچند ”مسرور“(انڊور)، ڪوڏو مل بولچنداڻي (بئرا ڳڙهه)، ڪيولرام  نرسنگهاڻي (کنڊوا) ، کيمن مولائي (بئرا ڳڙهه ) ، کئلداس آڏواڻي (ممبئي)، گرداس گولاڻي (الهاس نگر)، گوبند پارواڻي(احمد آباد)، لعل جي رامناڻي (گانڌيرام)، لعل پنجواڻي(ممبئي)، لڇمڻ ”داس“(الهاس نگر)، لڇمن ”ساٿي“ (  ؟  )، لڌارام ڇابڙا (الهاس نگر)، لکميچند ناگراڻي(بڙودا)، ليکراج پرياڻي (بڙودا)، ليکراج ”هنس“ ( ؟ )، ماڏو آسنداس(الهاس نگر)، مرليڌر سکواڻي (احمد آباد)، منو گدواڻي(  ؟  )، موتي گلراجاڻي (ممبئي)، موهن گيهاڻي ( ؟ )، ميگهراج وليڇا (بڙودا)، ميول آهوجا (بڙودا)، نارائن ڪيسواڻي (نڙيار)، نارائڻ گنگولي ( ؟  )، امديو تاراچنداڻي (ڀاونگر)، نندلعل (احمد آباد)، نهچل واسواڻي ، وشو مهتاڻي (الهاس نگر)، ونود ليکاڻي (راجڪوٽ)، ويڙهو رفيق(احمد آباد)، هري تنواڻي ”نماڻو“ (الهاس نگر)، ۽ هيرو شيوڪاڻي وغيرهه.

          (5) مرد ڪهاڻيڪارن سان گڏ جن عورت ڪهاڻيڪارن هن صنف ۾ پاڻ ملهايو آهي . تن کي به ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرين حصي ۾ اهي ليکڪائون اچن ٿيون جن جي ڪهاڻين جا مجموعا شايع نه ٿيا آهن، ٻئي حصي ۾ اهي ليکڪائون اچي وڃن ٿيون جن جي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيا آهن. ٻنهي قسمن جي ليکڪائن جو مختصر وچور هن ريت ٿئي ٿو.

(الف) اهي ڪهاڻيڪارائون جن جي ڪهاڻين جا مجموعا شايع نه ٿيا آهن:

          اندرا پنجابي(  ؟  )، انيتا ڪمل ڪيولراماڻي (بروچ)، ٻالاڻي آشا (  ؟  )، پدمڻي- بجارام (ممبئي)، ڀڳونتي لڇمڻ (الهاس نگر)، چندرا آڏواڻي (بمبئي)، ديپا درياناڻي (احمد آباد)، راجڪماري. ايم (بڙودا)، رڪي پنجابي (گانڌيدام)، ستي ڪيسواڻي (ممبئي)، سرلا ڪان آهوجا (الهاس نگر)، سشيلا رائسنگهاڻي (احمد آباد)، سشيلا لعلواڻي (ممبئي)، سيتا سامتاڻي (بمبئي) ڪماري جسي رامتاڻي ( ؟  )، ڪماري ڪوشي آڏواڻي (  ؟  )، ڪماري وشو هنگوراڻي (  ؟  )، گلي سرارٽگاڻي (ممبئي)، گوپي موٽواڻي (ممبئي)، گوپي نرموهي (بڙودا)، لڪشمي ”جيوتي“ (الهاس نگر)، مايا راهي (ممبئي)، هير ڀاڳچنداڻي (گانڌيدام)، ۽ يشودرا واڌواڻي (پونو) وغيرهه.

(ب) جن ليکڪائن جا ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن :                  پوپٽي هيراننداڻي (ممبئي) ”پڪار“ (1954) ، ”رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون“، ”ڪلي گلاب جي ساغر شراب جو “ ، ”خزان جو دور پورو ٿيو“،  ۽ ”مون توکي پيار ڪيو“.

سندري اتم چنداڻي: ”ڪوشان“ (1954)، ”اڇا وار ڳاڙها گل“ (1965)، ”تو جنين جي تات“ (1970).

ڪلا پرڪاش :  ”مرڪ ۽ لڙڪ“.

ڪلا رائسنگهاڻي : ”سنگم“ (1953).

لکمي گلاڻي : (ڪلڪتو) ”رت جا داغ“ ۽ ”اڌوري رچنا“.

6. سنڌ جي ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ڀارت جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن، مثال طور ڪجهه نالا هيٺ ڳڻائجن ٿا :

          آغا سليم (”ڌرتي روشن آهي“ ۽ ”اکيون آرسيون“).اقبال جتوئي (”تخليق جو درد“). امر جليل (”هن جڳ ۾“ ، ”ساجن منهنجو دوست“ ۽ ”جلاوطن“)انور عباسي (”بنا رسيد وڏيرو“).بشير مورياڻي (”تنهنجي قابل ناهيان“) ثميره زرين (”رمندا بادل“).جمال ابڙو (”مهرباني“  ۽ ”ڪارو پاڻي“).جمال رند (”واريءَ سندو ڪوٽ“)دائود بلوچ (ڏاند“ ۽ ”ستا اٿي جاڳ“)شوڪت حسين (”آئيني جيان سپنا“ ۽ ”شريف ماڻهو“)رسول بخش (”وڍيو هيئن ته ويهه“)رشيد ڀٽي (”ڪوڙو“، ”خون چور“ ۽ ”جيئي سنڌ“)طارق اشرف (”ڦرلٽ“)عبدالقادر جوڻيجو (”اجهايل مچ اڏندڙ رک“)ع - ق- شيخ (”ناڙو“)گلزار احمد (”انسانيت“)منير احمد (”شيرو“)         مدد سنڌي (”پکا پکن- سامنهڙي اوري اچي اڏ)مشتاق ڀٽي (”جيجي ! جيئي سنڌ“)ناصر مورائي (”پيچرو“)          نجم عباسي (”بلندي“)

 (مرحوم)نسيم کرل (”گذريل واردات “) وغيرهه.

(7) ننڍي کنڊ جي جن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ويون آهن. ، انهن مان مثال طور ڪجهه نالا هيٺ ڄاڻائجن ٿا:

          آرؤدر (تيلگو) جي  ڪهاڻي ”ڳوٺ مان ٿي ويو“، مترجم اتم.

آلمينسا پيار(آسامي)  جي ڪهاڻي”آڌي رات روئندڙ تارا“ مترجم رتن ”دلبر“ .

آڊري باپياجو (تيلگو)جي ڪهاڻي ”خوشنصيب ڪير؟“مترجم ديوداس.

اسرائيل (هندي) جي ڪهاڻي ”ويران واٽون، بي معنيٰ ماڻهو “

اروند ڪمار جي ڪهاڻي”نئين راهه“ مترجم سندري.

امرتا پريتم (پنجابي) جي ڪهاڻي ”گيت جو جنم“ مترجمه سندري.

”رازدارين“ مترجم اتم.

          ان کان سواءِ هنن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ”ساگر ۽ لهرون“ ،  ”درد “۽ ”نئين دنيا“ ۾ به ڇپيون آهن.

ايم –ڪي- واراگري (ڪنڙ) ڪهاڻي: ”پيار“ مترجم اتم.

اڻاڀائو ساٺي(مرهٽي) ڪهاڻي: ”شيطان“ مترجمه سندري.”شڪار“ مترجم واسديو نرمل.

برين گنگو پاڌيه (بنگالي) ڪهاڻي: ”هڪڙو هو ماڻهو“ مترجم وشنو ڀاٽيه ۽ هڪ ڪهاڻي مجموعي ”چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون “ ۾ بلونت گارگي(پنجابي) جي ڪهاڻي ”پاڻيءَ جي بوند“، مترجم نانڪ تاريجا. ”مٺي“ مترجم ڦتن پرسواڻي ۽ هڪ ڪهاڻي مجموعي ”سپون ۽ موتي“ ۾ .

ٽي شيو شنڪر(مليالم) ڪهاڻي : ”هڪ رات“ مترجم موهن گيهاڻي ۽ هڪ ڪهاڻي” چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون“ مجموعي ۾ .

ٽئگور (بنگالي): هن مهاڪلاڪار سنڌي علم ۽ ادب تي تمام وڏا اثر ڇڏيا آهن، ۽ هند جي سنڌي اديبن دل کولي کيس داد ڏنو آهي، آزاديءَ کان اڳ يا پوءِ سندس مختلف ڪتابن جا ترجما ڪيا ويا آهن. هند ۾ جيڪي به ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيندا رهن ٿا، انهن مان هن جي ڪهاڻين کي به جوڳي جاءِ ڏني وڃي ٿي. جهڙوڪ مجموعي” پياريون باتيون جيون جهاتيون“۾ ، ۽ مجموعي ”ڪوشان“ ۾ هڪ هڪ ڪهاڻي، ان کان سواءِ فتحچند واسواڻي سندس ايڪيهه ڪهاڻيون ترجمو ڪيون، جيڪي  ” ٽئگور جون ايڪيهه ڪهاڻيون“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيون. سندس هڪ ڪهاڻي ”تارا پرسن جو شاهڪار“ ماهوار ”نئين دنيا“ ۾ شايع ٿي.

ان کان سواءِ آنند وري  سندس هڪ ڪهاڻي ”وڌوا“ به ترجمو ڪئي.

پرٻوڌ ڪمار: سندس هڪ ڪهاڻي مجموعي ”ساگر ۽ لهرون“ ۾ ڏني وئي آهي.

پشپال(هندي) ڪهاڻي: ”ڪمبل دان“ مترجم داس طالب.”شاهوڪار ۽ چور“ مترجم جيوت چاولا، ”جيل جي شادي“مترجم لوڪ ناٿ. ”ڪلا ڪنهن لاءِ“مترجم ڪشور جيون. ”جن گن من“ مترجم ڀارتي.  ۽ ان کان سواءِ هڪ ڪهاڻي رسالي ”نئين دنيا“ ۾ هڪ ”سپنو ۽ موتي“ مجموعي ۾ ۽ هڪ”ساگر ۽ لهرون“ ۾.

جگمندر تايل: (مرهٽي) ڪهاڻي :”ڦرڙي ۽ فرائڊ وادي ڇيد“ مترجم گوبند پنجابي.

ڌرم وير ڀارتي : ڪهاڻي : ”انسان جو گوشت“ مترجم گوبند پنجابي.

رامانند ساگر :ڪهاڻي : ”۽ انسان مري ويو“ مترجم ڪوشي ڇڳاڻي.

زيو چند مينگهاڻي (گجراتي) ڪهاڻي : ”چوٿين قسط“ مترجم گوبند پنجابي

سبر منيم (تامل) ڪهاڻي: ”پريکيا“ مترجم سندري اتم چنداڻي ۽ هڪ ڪهاڻي ”چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون“ ۾ .

شرت چندر : هن نامور اديب جا ڪيترائي ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، سندس ڪهاڻيون ٻين رسالن کان سواءِ ”نئين دنيا“ ۾ به ڇپيون آهن.

ڪنعيا لال ڪپور(هندي) ڪهاڻي: ”لال آفت“ مترجم نارائڻ ڀارتي، ”مرزا ازبڪ“ مترجم موهن گيهاڻي، ”فلو “ مترجم وشنو ڀاٽيه ۽ ”هندوستان ڏسو “ مترجم گوبند پنجابي.

ڪاشناٿ گپت (هندي) ڪهاڻي: ”وڌندڙ آدمشاري“ مترجم هيرو –ٽي شيوڪاڻي.

ڪتل پرڀاڪر جي  ڪهاڻي: مئجسٽريٽ صاحب“ مترجم وشنو ڀاٽيه.

ڪرشن چندر: (اردو)

ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون سنڌي ۾ گهڻي تعداد ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن، ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

ڪهاڻي: ”مرڻ واري ساٿيءَ جي مسڪراهٽ“ مترجم ٺاڪر چاولا.”عش بازي، الله راضي“ مترجم سومدٽ. ”ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي“ مترجم نارائڻ ڀارتي ، بيگم“ مترجم جڳت آڏواڻي، ”ايٽ جي راڻي“ مترجم بهاري لال. ”منهنجي دوست جو پُٽ“مترجمه سندري،”پنجين روپئي جي آزادي“ مترجمه سندري،”سپنن جو قيدي“ مترجم اتم، ”مڱڻو“ مترجم اتم،”شيشي جا ٽڪر “ مترجم لڇمڻ ساٿي. ”درياهه وهندو رهي ٿو“ مترجم اتم، ”هي داغ داغ اجالو“ مترجم ڪشور جيون، ”منهنجي آلوچڪا“ مترجم وشنو ڀاٽيه، ”امن جون آڱريون“ مترجم ارجن شرما، ”آلوچا“ مترجم سدرش، ”پنهنجو گهر“ مترجم ڊي-ايس-اجواڻي. ان کان سواءِ سندس ٻه مجموعا ”ڪارو سج“ ۽ ”مان انتظار ڪندس“ به شايع ٿي چڪا آهن. آخري مجموعو جيوت چاولا ترجمو ڪيو هو، جنهن م ”ايراني پلاءُ“ ، ”سو روپيا“ ، ”سوال“ ۽ ”مان انتظار ڪندس“ ڪهاڻيون ڏنل هيون.

منشي پريم چند ، ڪهاڻيون :  ”جادو“ مترجمه ڪلا پرڪاش، ”سياري جي رات“ مترجمه مسز گارگي لالواڻي، ”نشو“ مترجم راهي ۽ ان کان سواءِ مجموعي ”پياريون باتيون، جيون جهاتيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

مهيندر ناٿ جي ڪهاڻي : ”نئون ساهتيه“ مترجم جيوت چاولا.

ملڪ راج آنند جي ڪهاڻي: جان بچي ته لک کٽيا سين“ مترجم ڦتن پروسواڻي، ۽ هڪ ڪهاڻي مجموعي ”گل ۽ مکڙيون“ ۾.

ماڻڪ بئنرجي (بنگالي)ڪهاڻي: ”گهورڙيو“ مترجمه سندري، ۽ ان کان سواءِ مجموعي ”انڌڪار“ (مترجم بهاري لال) ۽ مجموعي ”پٿر پنچلي“(مترجم بهاري لال) جون سڀ ڪهاڻيون.

منوج باسو(بنگالي)ڪهاڻي: ”مانيٽر“ مترجم سورج ٺارواڻي.

نارائڻ سيتارام ڦڙڪي: ڪهاڻي: ”غير شرنارٿي غنڊو“مترجمه وشو هنگوراڻي.

نؤتيج (پنجابي)ڪهاڻي :”کيتن جي خوشبوءِ“ مترجم سورج ٺارواڻي، ”بي سکان ٻيڙي“ مترجم سورج ٺارواڻي.

نانڪ سنگهه(پنجابي) ڪهاڻي :” لڪشمي پوجا“ مترجم موتي پرڪاش.

نندني شئپٽي(اڙيا) ڪهاڻي:”مجموعي چوڏهن ڀارتي ڪهاڻيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

وشنو پرڀاڪر: ڪهاڻي:” ڌرتي اڃا به ڦري ٿي“ مترجم لوڪ ناٿ، ۽ مجموعي ”سپون ۽ موتي“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

و-پ-دانڊيڪر(مراٺي) ڪهاڻي:”سائين آسمان ئي ڦاٽي پيو“ مترجم گوبند پنجابي.

وي-ايس کانديڪر (مرهٽي) ڪهاڻي:”پراڻا بليڊ“ مترجم وشنو ڀاٽيه، ”انسان“ مترجم موهن گيهاڻي، ۽ مجموعي ”ساهر ۽ لهرون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

هريشٿڪر پرسائي(هندي) ڪهاڻي:”استري ۽ پرش“ مترجم پيتامبر جوڌواڻي.

(8) ٻين ٻولين جي جن ڪهاڻيڪارن جو ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ويون آهن، انهن مان ڪي هي آهن.

ابراهيم (روسي)ڪهاڻي:”زار جي محلات ۾“ مترجم ڪرشن کٽواڻي، ۽ مجموعي ”آخري پريتما“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

اوهينري(آمريڪي) ڪهاڻي:”جڏهن پتني پري آهي“مترجمه پوپٽي هيراننداڻي، ”ٻه پاسا“ مترجم جڳديش لڇماڻي، ”عيسيٰ ۽ شيطان“ مترجمه ڪلا پرڪاش .۽ ان کان سواءِ مجموعن ”پياريون باتيون“، ”آخري پريتما “ ۽ ”گل ۽ مکڙيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

ايديشر ڪپياني(روسي) ڪهاڻي:”هٿ“ مترجم موهن گيهاڻي.

ايمليا جوهان(اٽلين) ڪهاڻي:”واپس“ مترجم لڇمڻ ساٿي.

بالزاڪ(فرانس) ڪهاڻي:”جو ديري“ مترجم رميش ساٿي.

پاچن(چيني) ڪهاڻي”مان جيڪر ڪتو هجان ها“ مجموعي ”گهونگهٽ ۾ گوري چلي“ ۾ ڏنل.

جري مارڪ(زيڪ) ڪهاڻي:”ماءُ جي تمنا“ مترجم گوبند مالهي.                   چيخوف(روسي) ڪهاڻي:”ڪلا جي مورتي“ مترجم موتي پرڪاش، ۽ مجموعن ”پياريون باتيون“، ”سپون ۽ موتي“، ”گهوگهٽ ۾ گوري جلي“ ۽ رسالي ”نئين دنيا“ ۾ ڏنل ڪهاڻيون.

سگمند مورس (هنگارين)ڪهاڻي”ست پئسا“ مترجم هيمراج.

سمرسٽ ماهم (انگريزي)ڪهاڻي:”سپنو“ مترجم لال پشپ.

سئي-پا-وا (چيني) ڪهاڻي:”ڪتا“ ماهوار رسالي ”نئين دنيا“ ۾ .

صالح حافظ (مصري)ڪهاڻي:”انڌي وشواش جو موت“ مترجم موتي پرڪاش.

فرنيج مورا(هنگارين) ڪهاڻي:”سو سونا سڪا هڪ ضد“ مترجم وشنو ڀاٽيه

ڦينگ سي ڦينگ(چيني) ڪهاڻي:”جنتا جا دوست“ مترجم واسديو نرمل.

گالسوردي(روسي) ڪهاڻي:”همٿ“ مترجم ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ هڪ ڪهاڻي مجموعي”پياريون باتيون، جيون جهاتيون“ ۾.

گورڪي(روسي) مئڪسم گورڪي به سنڌي ٻولي ۽ ادب کي بي حد متاثر ڪيو آهي ۽ سندس ڪيترائي ڪتاب ترجمو ٿي شايع چڪا آهن، پر سندس ڪهاڻيون ڪجهه هي آهن ، ڪهاڻي : ”طوفان ۽ انسان“ مترجم اتم ،  ”سرنگهه“ مترجم اتم.”نماءُ“ مترجم ڪمل پياسي، “سزا“ مترجم ڪيرت ٻاٻاڻي ، ”جيسي ۽ پيٽر“ مترجم نارائڻ ڀارتي، ”ڪروڙ پتي“ مترجم گوبند پنجابي.

لايوش جلاهي(هنگارين)ڪهاڻي:”انت يا ڪو واچ جو“ مترجم هيرش.

لوهسون(چيني) ڪهاڻي:”افواهه“ مترجم ڪشور پهوجا.”لغڙ“ مترجم منوهر لال.

موپاسان(فرانسيسي)ڪهاڻي:”سونهن جي ديوي“ مترجم موهن گيهاڻي.”خطاب جي قيمت“، ”هوءِ وري نه آئي“ مترجم ايم سڳن، ”سائمن جو پيءُ“ مترجم بهاري لال. ۽ مجموعي ”پياريون باتيون جيون جهاتيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

مئڊم دوستو وسڪي (روسي) ڪهاڻي:”هيرو ملي ويو“ مترجم وشنو ڀاٽيه.

مئڪسم رلسڪي(روسي) ڪهاڻي:”پيار“ مترجم ڪرشن کٽواڻي.   

نووڪ نودا ڪووچ(يوگوسلاوين) ڪهاڻي:”فرصت به هجي، محبت به ڪجي“ مترجم ارجن سڪايل.

وليم سارويان(آمريڪي)ڪهاڻي:”هوئڻهار هئري“ مترجم گوبند پنجابي.۽ ڪهاڻي”ڪافي ۽ سئنڊوچ“ رسالي نئين دنيا ۾.

هاورڊ فاسٽ(آمريڪي) ڪهاڻي:”س‍‍‍‍ؤ مان“ مترجم هيمراج ناگواڻي.”پنهنجو گهر“ ڦتن پرسواڻي، ۽ مجموعن ”سپون ۽ موتي“، ”آخري پريتما“ ۾ هڪ هڪ ڪهاڻي.

هيوگوجرنسبيڪ(انگريزي) مجموعي ”ساگر ۽ لهرون ۾ هڪ ڪهاڻي.

(9) هند جي سنڌي ڪهاڻيڪارن جن مسلمان ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن، انهن مان ڪي هي آهن:

اختر معين(ڪشميري) ڪهاڻي:” چوري جو موت“ مترجم ارجن سڪايل،  رضيا سجاد ظهير(اردو) ڪهاڻي:”نيري هڙ“ مترجمه سندري.

حميدالله ڀارتي(اردو)ڪهاڻي:”هوءَ هڪ پتورتا“ مترجم رميش ساٿي.

خواجه احمد عباس(اردو) ڪهاڻي”نئون زمانو، نئين زندگي“ مترجم ديال ڀيرواڻي.

سعادت حسن منٽو(اردو)ڪهاڻي:”ڦوجو“ مترجم لوڪ ناٿ، ۽ مجموعي ”گل ۽ مکڙيون“ ۾ هڪ ڪهاڻي.

سراج الدين”شيدا“(اردو)ڪهاڻي:” آزاديءَ جو ڏينهن“ مترجم آءِ-پي- آسناڻي.

سردار جعفري(اردو)ڪهاڻي:”گلينا“ مترجم ڦتن پرسواڻي.

ڪوثر چاند پوري(اردو)ڪهاڻي:” زندگيءَ جي شاهراهه“ مترجم وشن تلريجا.

مظفر پوري(اردو)ڪهاڻي:”هي به هڪ ڪهاڻي آهي“ مترجم ڦتن پرسواڻي.

(10) هند جي سنڌين انهيءَ موضوع تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن، جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

”انساني جذبو“ (ليکڪ اتم).”خان واهڻ“(ليکڪا ڪلا پرڪاش)؛ هن ڪهاڻيءَ ۾ خان واهڻ جي ياد کي دهرايو ويو آهي .”دستاويز“ (ليکڪ نارائڻ ڀارتي) ”ڏاچي واليان“(ليکڪ نارائن ڀارتي).”رحمون موالي“(ليکڪ موتي پرڪاش).”سنڌو“(ليکڪ آنند گولاڻي).”سنڌو جو روپ“(ليکڪا سندري اتم چنداڻي).”سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن“(ليکڪ آنند گولاڻي).”ڪليم“(ليکڪ نارائڻ ڀارتي).هن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ مان لڏي ويل هڪ وطن دوست پنهنجي پياري سنڌ جو ڪليم ڀرائي ٿو، ڪهاڻيءَ ۾ وطن جي حب جو دردناڪ منظر آهي. ”گامڙو“(ليکڪ آنند گولاڻي) هن ۾ گجرات جي هڪ ڳوٺ گامڙو جي ماحول ۾ سنڌ جي ”ڀاڳو ديري“ کي ياد ڪيو ويو آهي.”محمد ٽانگي وارو“ (ليکڪ رام پنجواڻي). ”ممتا“ (ليکڪا سندري اتم چنداڻي).

(11) نئين ماحول ۽ نئين سماج ۾ ملي وڃڻ لاءِ تمام ٿورن ڪهاڻيڪارن قلم کنيو آهي. ان ڪري اهڙين ڪهاڻين جا مثال آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. ٻه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

”انوکو ميلاپ“(ليکڪ ڄيٺانند جادواڻي): هن ڪهاڻيءَ کي مرهٽي ۽ سنڌيءَ کي ڀائي ڀائي ڪري پيش ڪيو ويو آهي.

”نئون سال“ (ليکڪ رام امر لال پنجواڻي)؛ هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪب آباد جي دکي رتنا کي ممبئي جي ماحول ۾ غرق ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي.

(12) هن قسم جي ڪهاڻين ۾ ، ڪهاڻيڪار هڪ طرف سنڌي جيون جي ڏکوئيندڙ جهلڪ پيش ڪئي آهي، ۽ ٻئي طرف پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ راهه به ٻڌائي آهي. اهڙين ڪهاڻين جا ڪجهه مثال هي آهن:

”ٽي تصويرون“ (ليکڪ لڇمڻ راڄپال): هن ۾ نانڪ جي زندگيءَ جا ٽي رخ ڏيکاريا ويا آهن. 1942ع ۾ جڏهن هو سنڌ ۾ هو ته جوشيلو جوان هو. 1946ع ۾ پيءُ مئس ته ڪٽنب جي بار چيلهه ڀڃي رکيس. 1947ع جي سال وطن جا وڻ ڇڏايس، 1949ع ۾ وري ڀارت ۾ اهو حال ٿيس جو خاڪي نڪر، ڦاٽل لٽن، ۽ اڻڀن وارن سان به سندس ماضي سڃاڻپ ۾ ڪو نه ايندو هو.

”سبز نوٽ جو پاڇو“(ليکڪ سڳن آهوجا): هي سنڌ جي سيتل ۽ رام سروپ جي ڏکوئيندڙ ڪهاڻي آهي، جيڪي تقدير ۽ ليڊرن جي هٿان لٽجي پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي وڃي دلتپور ۾ حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.پر سيتل ڪارين ڪوڏين تي عصمت ۽ زندگيءَ جو سودو ڪري اٿي ۽ رام سروپ پاڻ پالڻ جي تلاش ۾  ٻڏي مري ويو.

”سپنو“ (ليکڪ آنند گولاڻي) هن ڪهاڻيءَ ۾ ڀارتي سنڌين جي ماضي، حال مستقبل جي سپنن جي هڪ جهلڪ پيش ڪئ وئي آهي.

”سنڌي جيون ڪهاڻيون“ (ليکڪ چيتن ماڙيوالا): هي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن م ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڀارتين جي مسئلن جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي.

”مان نئون جنم وٺندس“ (ليکڪ آنند گولاڻي): ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾، جي سنڌين سان ڪيس ٿا، هن ڪهاڻيءَ ۾ انهن مان هڪ جهلڪ ڏيکاري ٻڌايو ويوآهي ته اتي سنڌين کي پنهنجي وجود بچائڻ لاءِ سروٽي جو جواب پٿر سان ڏيڻ گهرجي.

(13) ٺيٺ نظرياتي قسم جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، جن مان ڪي مثال هت ڏجن ٿا :

”اٺ سؤ اکيون“ (ليکڪ گوبند مالهي)،”اسٽرائيڪ“ (ليکڪ لڇمڻ راڄپال)”افق وٽ“ (ليکڪ رامداس): هن ۾ مصيبت ماريل ڪارخانن ۾ پسجندڙ مزدورن جي حالت جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي.

”ترس! ايندو محبت جو زمانو“ (ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي) : هي ڪهاڻي پريم جي بکايل انسانن لاءِ آٿت مثال آهي.”پيريءَ جو توشو“ (ليکڪ اتم ) . ”چريو“ (ليکڪ آنند).”روشن مستقبل“ (ليکڪ ڪشور پهوجا): هن ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته محبت ئي عقيدن کي بدلائڻ جو مکيه ذريعو آهي،ڪيئن نه چندر انقلابي دوست جي صحبت ۾ مارڪسوادي سوچ قبولي ٿو.

”زندگي ۽ موت“ (ليکڪ ڪرشن کٽواڻي) : هن ۾ بنگال ۾ ايندڙ تبديليءَ جي جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي.”شردا جا ڦول“ (ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي): هي انهيءَ نظرياتي مارئي جي ڪهاڻي آهي، جيڪ پنهنجو انت ته آڻي ٿي، پر رسم و رواج جوقيد نٿي قبولي. ”قافلو وڌندو رهيو“ (ليکڪ اتم)”ڪامريڊ“ (ليکڪ لڇمڻ راڄپال): هيءَ انهيءَ عام انسان جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي وقت ۽ حالتون سراپا انقلاب بڻائي ڇڏين ٿيون. ”گيت“ (ليکڪ ڪرشن کٽواڻي):هيءَ انهيءَ عورت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا تن بدران من کي سينگاري ٿي.”لال آفت“ (ليکڪ ڪنعيا لعل/ نارائن ڀارتي) انهيءَ بدنصيب نئين نسل جي ڪهاڻي آهي، جن کي رڳو انهيءَ ڏوهه ۾ جيل ۾ وڌو ويندو آهي ته هو لال پوش وارا ڪتاب پڙهندا آهن.”مان سوچيندو آهيان“ (ليکڪ سڳن آهوجا).”مائي باپ“ (ليکڪ سڳن آهوجا).”محمد رام“ (ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي): هن ڪهاڻيءَ ۾ مذهب جي تشريح پيش ڪئي وئي آهي.”نوان پورهيت“ (ليکڪ ڄيٺانند تاب).”هوءَ موٽي آئي“ (ليکڪ گوبند مالهي) .

(14) هن موضوع تي به ڀارتي سنڌي ڪهاڻيڪارن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن. ڪجهه مثال هت ڏجن ٿا.

”پرڀا ۽ ڪرانتي“ (ليکڪ ڪي – ايس- ٻالاڻي): هيءَ وڌوا جي مسئلن تي روشني وجهي ٿي.

”پاپ جو گهڙو“ (ليکڪ گوبند مالهي): هيءَ زوري شادي ڪرائڻ واري مسئلي تي لکيل آهي.

”پتني ۽ فرض“ (ليکڪ لعل پشپ): هن ۾ زال ۽ مڙس جي حقن ۽ فرضن جي جهلڪ ڏني وئي آهي.

”سرتين جي ڪڙي“ (ليکڪ گورڌن تنواڻي): هن ۾ شڪي مڙس۽ مظلوم عورت جو داستان ٻڌايو ويو آهي.

”سوکتي“ (ليکڪ لوڪ ناٿ): هيءَ عورت ذات جي ممتا پڻي جي ڏکوئيندڙ تصوير آهي .

 

(”پيغام“ ، ڪراچي ، مارچ / اپريل 1983ع

 

 

 

      .02      ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ڇپائي

 

سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي ڪوششن سان 1853 ۾ سنڌي لپئي جي سڌارو ۽ واڌارو ٿيو، ليڪن سنڌ ۾ ڇپائيءَ جو آغاز انهيءَ کان اڳ ٿيو. چيو وڃي ٿو ته خانگي شعبي ۾ سڀ کان اول پارسين سنڌ ۾ پريس قائم ڪئي. سرڪار جو ڇاپخانو پهريون ڪوٽڙيءَ ۾ هوندو هو. هن وقت تائين اهو پئي سمجهيو ويو آهي ته ننديرام جو ڪتاب”باب نامو“ پهريون سنڌي ڪتاب آهي، جيڪو شايع ٿيو، ليڪن سنڌ ۾ انهيءَ ڪتاب کان اڳ به سنڌي ڪتاب شايع ٿيا، جهڙوڪ : ”حڪايت الصالحين“ جيڪو اصلي ۾ عربيءَ ۾ هو، ان کي ولي محمد ترجمو ڪيو. هي ڪتاب 580 صفحن تي مشتمل هو ۽ 1851ع ۾ ڪراچي ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ 1952ع ۾  ”چٽ جي پاڙ“ نالي خانداس جو ترجمو ٿيل ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو اصل ۾ سدا سک لعل جي هندي ڪتب ”اصول نقش“ جو ترجمو هو. هي، ڪتاب ڊرائينگ جي موضوع تي لکيل هو ۽ 35 صفحن تي مشتمل هو. ساڳي سال ”گليڊون جون ڳالهيون“ ڪتاب به ڇپيو. هن ڪتاب ۾ فارسي مان 75 ڪهاڻيون ۽ ڏوسل ڀائي سهراب جا پهاڪا ڏنا ويا هئا . هي ڪتاب اي- پي-آرٿر ۽ منشي غلام علي ترجمو ڪيو هو. بهرحال 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻوليءَ جو درجو مليو ته سموري سنڌ ۾ پريسن جو ڄار پکڙجي ويو. پر جيئن ته نيپيئر جي چئن سالن جي گورنريءَ کان پوءِ سنڌ کي بمبئي پرڳڻي سان ملايو ويو هو، ۽ انهيءَ ڳانڍاپي سبب سنڌ واسين کي ننڍي کنڊ ۾ اچڻ وڃڻ جو موقعو مليو ته سنڌ کان ٻاهر به ڇپائيءَ جو آغاز ٿيو. سنڌي زبان جو پهريون ديوان  ”ديوان گل“ به سڀ کان پهريون بمبئي ۾ ڇپيو. جيستائين سنڌ جو بمبئي سان الحاق رهيو، ان وقت تائين سنڌيءَ جا ڪتاب سنڌ کان ٻاهر به ڇپبا رهيا، پوءِ وري لاهور کي اها مرڪزي حيثيت ملي، جتي هندوستان جي ورهاڱي تائين ڪتب ڇپبا رهيا .

          سنڌ کان ٻاهر هند جي جن شهرن ۾ ڪتاب شايع ٿيا  آهن، انهن تي هن کان اڳ به لکيو ويو آهي. سيد پيرحسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جا مضمون ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيا هئا. مرحوم غلام محمد گراميءَ وري ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۾ هڪ مضمون لکيو هو. ان کان سواءِ سنڌالاجي طرفان شايع ٿيل ”ديني ڪتابن جو ڪئٽلاگ“ ڪتاب ۾ به اهڙي قسم جي ڪجهه معلومات ڏني وئي آهي . 

سنڌي ڪتاب لنڊن ۾ ۽ جرمني جي ليپزگ برڊ شهر ۾ ڇپيا هئا، آئون انهن جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ هند ۾ ڇپيل ڪن ڪتابن ۽ پريسن جو ٿورو احوال ڏيان ٿو :

آگره : هن شهر ۾ ”ابولعلائي اليڪٽرڪ پريس “ نالي هڪ آڳاٽو ڇاپخانو هوندو هو، جنهن ۾ سنڌيءَ جاڪتاب به ڇپيا . اهڙن ڪتابن مان مرزا علي قلي بيگ جو ترتيب ڏنل سچل سائين جو ڪلام ”رسالو سچل سائين“ ذڪر قابل آهي. هي ڪتاب 1902ع ۾ انهيءَ پريس مان ڇپيو هو .

ممبئي : جيئن ته سنڌ لڳ ڀڳ 90 سال ممبئي مرڪز هيٺ رهي، ان ڪري هن شهر مان سنڌيءَ جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. جهڙوڪ ”ليکي جي پيڙهه“ (خواجه –سنڌي خط – ڪل صفحا 32- سال 1866ع )، ”سنڌي ابولحسن “ (ابولحسن جو ڪتاب – ڪل صفحا 152 – سال 1869)، ”نورالابصار“ (عبدالله جو ڪتاب – ڪل صفحا 546 – سال 1869ع )، ”معراج نامو“  (ڪل صفحا 199 – سال 1870ع )، ”هدايت الصالحين “ (ولي محمد جو ڪيل منظوم ترجمو – ڪل صفحا  53 – سال 1870ع)، ”مجموعه وفات نامو“ (هن ڪتاب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم، بيبي فاطمه ۽ حضرت عبدالقادر جيلاني جي وفات جو احوال ڏنل آهي – ڪل صفحا 80 – سال 1871 )،  ”مجموعه سڱ نامو“ (شاديءَ بابت ڪتاب- ڪل صفحا 112 – سال 1870ع )، ”سئر بوستاني “ (اسحاق نيشاپوريءَ جي ڪتاب ”قصص الانبياءَ“ جو ترجمو، مترجم ميان محمد حسين. هي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ آهي . پهريون ڀاڱو 276 صفحا ۽ ٻيو ڀاڱو 256 صفحا آهن – سال 1871ع )، ”منتخب الفوائد“ (مولوي عبدالرحيم جو ڪتاب صفحا- 40÷240 – سال 1871ع)، ”حيات العاشقين“ (عبدالرحمان ولد محمد هاشم جو ڪتاب- صفحا 296- سال 1871ع)، ”بدر المنير“ (مخدوم عبدالله جو ڪتاب – صفحا 270 – سال 1871)، ”جمجمه جو قصو“ (فتح محمد جو ڪتاب – سال 1872ع)، ”مجموعه وفات نامو“ (احوال ڏنل – صفحا 96 – سال 1872ع )، ”غزوات “ (ميان عبدالله جو ڪتاب ٻه منظوم جلد - صفحا 172+ 132- سال 1872ع) تنبيهه الجاهلين“ (صفحا 52 – سال 1872ع)، ”روضه الشهداءِ“ (احمد سنڌي جي شاعريءَ جو ڪتاب – صفحا 712 – 1872ع)، ”عقيق جو رسالو“ (ميان ابراهيم جو ڪتاب جنهن ۾ جهنڊ لهرائڻ جي رسم تي بحث ڪيو ويو آهي. هن ۾ تنبيهه الغافلين ڪتاب به ڏنو ويو آهي. صفحا 64 – سال 1872ع)، ”ترتيب الصلوات“ (حافظ محمد عثمان جو ڪتاب. صفحا 104 – سال 1872ع)، ”ترتيب الصلوات“ (حاجي محمد جو ڪتاب. صفحا 68 – سال 1872ع)، ”مجموعه مد حيات“ (صفحا 128- سال 1872)، ”مجمع الفوائد“ (حاجي محمد خطيب جو ڪتاب. صفحا 336 – سال 1872ع)، ”سنڌي مداحون“ (ضياء الدين جو ڪتاب. صفحا 156 – سال 1873ع)، ”حقوق الزوجين“ (منظوم ڪتاب ”مجموعه“ ۾ ڏنل. صفحا 54 – سال 1873ع)، ”هدايت المريدين“ (مخدوم ابراهيم جو منظوم ڪتاب . صفحا 56 – سال 1873ع)، ”قمر المنير“ (منظوم . صفحا 280 – سال 1873ع)، ”قوت العاشقين“ (مولوي محمد هاشم جو ڪتاب. صفحا 432 – سال 1873ع)، ”سئر بوستاني“ (احوال مٿي ڏنل . صفحا 256 + 276 – سال 1873ع)، ”بيبي خديجھ الڪبريٰ“ (سوانح تي لکيل منظوم ڪتاب ”مجموعه “۾ ڏنل آهي.۽ 40 صفحن تي مشتمل آهي – سال 1873ع)، ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“ (صفحا 288 – سال 1873ع)، ”زاد الفقير“ (مولوي عبدالخالق. صفحا 184 – سال 1873ع)، ”مجموعه“ (هن ڪتاب ۾ ”نصيحت نامو“، ”حقوق الزوجين“، ”موت نامو“، ”بيبي خديجھ الڪبريٰ“، ” علي ملڪ جو قصو“، ”تميم انصاري جو قصو“ ۽ ”قاضي ۽ چور جو قصو“ ڏنل آهن.“صفحا 220 – سال 1873ع)، ”تفسير پاره تبارڪ“ (ميان مهرو جو لکيل تفسير. صفحا 576 – سال 1873ع)، ”ٽه وايا آخري“ (عبدالله محمد مقيم  جو ڪتاب. صفحا 104 – سال 1874ع)، ”سنڌي مداحون“ (ضياء الدين جو ڪتاب. صفحا 104 – سال 1874ع)، ”انيس المتقين“ (شيخ عبدالصمد جو تصوف جي موضوع تي منظوم ڪتاب، هن ۾ ”سراج الجاهلين“ به شامل آهي. صفحا 62 – سال 1874ع)، ”فرائض الاسلام “ (ميان عبدالله جو ڪتاب. صفحا 120 – سال 1874ع)، ”شمائل نبوي“ (صفحا 366 – سال 1874ع)، ”مجنون و ليليٰ“ (حاجي عبدالله نظاماڻيءَ جو منظوم ڪتاب. صفحا 96 – سال 1874ع)، ”مجموعه مولود“ هن ڪتاب ۾ مولودن کان سواءِ ”معراج نامو“، ”بايزيد بسطاميءَ جو قصو“، ”بابر انصاريءَ جو قصو“ ۽ ڪي ڪافيون ڏنل آهن ( صفحا 88 – سال 1874ع)، ”ڪنز العبرت“ (عبدالله سنڌيءَ جو ڪتاب. صفحا 248 – سال 1874ع)، ”ليليٰ مجنون“ (سيد فاضل شاهه جو ڪتاب جنهن ۾ ڪي ڪافيون به ڏنل آهن. صفحا 72 – سال 1874ع)، ”بيان العارفين“ (شاهه ڪريم جو ڪتاب. صفحا 206 – سال 1876ع)، ”مجموعه مدحيات“ (احوال ڏنل.صفحا 152–سال 1876ع)، ”ترتيب الصلوات “ (حاجي محمد جو ڪتاب. صفحا 68 – سال 1876ع)، ”شاهه جو رسالو“ (ڊاڪٽر ٽرمپ جو ترتيب ڏنل. صفحا 512 – سال 1876ع)، ”مختيار نامو“ (ڪربلا جي واقعي تي فارسي ۾ لکيل ڪتاب جو ترجمو جيڪو علي محمد جان ڪيو. صفحا 1072 – سال 1882ع- شايد سنڌيءَ ۾ ڇپيل پهريون ضيخم ڪتاب).

ممبئي ۾ شايع ٿيل ڪن ڪتابن کان پوءِ اسان جيڪڏهن اتان جي ڪن پريسن جو وچور ٺاهينداسين ته اهو هن ريت ٿيندو :

 

1. ممبئي پريس :

هي پريس ممبئي شهر ۾ هئي، انهيءَ مان ”تفسير هاشمي پاره ٽيهون“ ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

2. ڇاپخانه صفدري :

هن پريس مان فقير عبدالصمد جو ڪتاب ”شرائط الجمعھ“ (1885) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

3. مطبع حيدري :

هن پريس مان ميان بن رحمته الله جو ڪتاب ”روضھ شهداءِ“ (1863) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

4. مطبع رحيميه :

هي پريس اسطبل اسٽريٽ ممبئي نمبر 8 ۾ واقع هئي. انهيءَ مان ڊاڪٽر دائود پوٽه جو ڪتاب”مرشدي المبتدي“ (1933) شايع ٿيو .

5. مطبع ڪريمي :

هن پريس مان سنڌيءَ جا ڪيترا ئي ڪتاب شايع ٿيا، جن مان مخدوم ابولحسن جو ”مقدمه الصلوات“، قاضي عبدالڪريم جو ”دلائل الخيرات“ ، قاضي عبدالڪريم جو ترتيب ڏنل ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (1911)،مخدوم ميان عبدالصمد جو ”مفتاح الصلوات“ (1927)، قاضي عزيز الله جو سنڌي فارسي ۾ ترجمو ڪيل ”قرآن مجيد دو ترجمه“ (فارسي ترجمو شاهه ولي الله ۽ شيخ سعدي جو 1935ع) ذڪر ڪرڻ لائق آهن .

6. مطبع نامي ڪريمي :

هن پريس مان ”معراج نامو“ ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا.

پونو : ممبئي کان سواءِ سنڌي ڪتاب پوني ۾ به شايع ٿيا. هن شهر ۾  ”ڏاتار برادرس“ نالي هڪ اشاعتي مرڪز به هوندو هو، جنهن سنڌي ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا . ساڳي اشاعتي اداري جي ساڳي نالي سان پرنٽنگ پريس به هوندي هئي. هن شهر جي ٻن پريسن ۾ ڪتاب شايع ٿيا.

          ڀارت پريس : هن پريس مان 1921ع ۾ سيد علي شاهه گوهريءَ جو ڪتاب ”اذڪار قلندر“ شايع ٿيو .                                        ڏاتار پرنٽنگ پريس :  هن پريس ۾ اڪثر ڪري سنڌيءَ جا نصابي ڪتاب شايع ٿيندا هئا .

          ديو بند : ورهاڱي کان اڳ هي شهر به هندوستان جي سياست توڙي تعليم جو مکيه مرڪز رهيو. سنڌ جي ڪيترن عالمن ديو بند جي مدرسي ۾ پڙهيو. هن مدرسي خود مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تعاون سان انگريزن خلاف انڊر گرائونڊ تحريڪون هلايون . هن شهر ۾ ”مطبع قاسم“ نالي پريس هئي، جنهن مان مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل ”ايها الولد“ (1915) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا.

علي ڳڙهه : ديو بند وانگر هي شهر به هندوستان جو سياسي ۽ تعليمي مرڪز رهيو. انهيءَ رشتي سان سنڌ جي ماڻهن کي به شهر ۾ اچڻ وڃڻ جو موقعو مليو. هن شهر جي ”مطبع احمدي“ مان محمد عثمان نورنگ زاده جو ڪتاب ”بينات القرآن“ (1910) ۽ ٻيا ڪتب شايع ٿيا .

لاهور : ممبئي جو شهر سنڌ جي مسلم خواه غير مسلم جو  هڪ اهڙو گڏيل مرڪز هو، جتي کين سرڪاري ڪمن ڪارين لاءِ وڃڻو پوندو هو. ديو بند وري سنڌ جي مذهبي ذهنيت واري ماڻهن جي تعليمي مرڪز هو. علي ڳڙهه کي وري انگريزي تعليم جي خواهش مند نوجوان مسلمانن جي مرڪز جو درجو ڏنو. اهڙي نموني سان سنڌ جي سکن وري لاهور کي پنهنجو مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي مرڪز بڻايو . سنڌي سکن ۽ ٻين غير مسلم رهواسين جي انهيءَ مذهبي ۽ تجارتي لاڳاپي اسان جي سياست تي به اثر وڌا. سنڌ کي جڏهن ممبئي کان الڳ ڪرڻ جون ڳالهيون شروع ٿيون ته انهيءَ اثر هيٺ سنڌ واسين اڳيان هي تجويز به پيش ٿي هئي ته سنڌ کي ممبئي کان ڌار ڪري لاهور سان ملايو وڃي. هي بحث اڳتي هلي تون ڇا تون ڇا ۾ تبديل ٿي ويو هو . خاص ڪري مير ايوب جنهن لاهور ۾ تعليم ورتي هئي، تنهن پنهنجي تجربي جي بنياد تي انهيءَ راءِ جي مخالفت ڪئي هئي ته سنڌ کي لاهور سان ملايو وڃي . مير ايوب جي انهيءَ راءِ تي چڱو خاصو ”اخباري هنگامو“ برپا ٿي ويو ۽ خاص ڪري  ”سنڌگزيٽ“ اخبار ۾  اهڙا خط شايع ٿيا، جن مان تنهن زماني جي سنڌي – پنجابي جي لاڳاپن جي خبر پوي ٿي . سنڌ آزاد ٿيڻ کان پوءِ لاهور سان ته نه ملي پر سنڌ جي غير مسلم طبقي ۽ خاص ڪري سکن جا انهيءَ مرڪز سان لاڳاپا رهيا . سکر جو ناميارو پبلشر ”هريسنگ اينڊ سنز“ پنهنجي پريس قائم ڪرڻ کان اڳ پنهنجا ڪتاب لاهور مان ئي شايع ڪرائيندو هو . لاهور مان سنڌيءَ جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا، انهن مان ڪي هي آهن :

”درود هزاه ۽ درود ارواحي“ (صفحا 26- سال 1873ع)،  ”ڌرم تتويه“ (گر مکي خط – صفحا 32- سال 1876ع)، ”هندوستان جي مختصر تاريخ“ (مترجم گل محمد خان – صفحا 48- سال 1883ع)، ”گلستان بي خزان“ (مترجم وطڻمل ”محزون“-مذهبي شاعري– صفحا 128- سال 1892ع)، ”عاملن جا نقل“ (خواجه سنڌي خط – صفحا 32- سال 1992ع)، ”مورتي پريکشا“ (منوهر لعل – صفحا 24- سال 1893ع)، ”حاتم طائي جو قصو“ (ترجمو – صفحا 244- سال 1893ع)، ”چار درويش“ (مترجم احمد خان – صفحا 248- سال 1893ع)، ”مداح“ (امرلعل- خواجا سنڌي خط – صفحا 22- سال 1893ع)، ”تاريخ سنڌ“ (محمد اسلم – صفحا 60- سال 1894ع)، ”مجموعه سه نثر“ (مولوي عبدالڪريم – صفحا 60- سال 1896ع)، ”طب سڪندري“ (سڪندر علي – صفحا 255- سال 1897ع)، ”طب سنڌي“ (پوڪر داس – صفحا 38- سال 1897ع)، ”داستان امير حمزه“ (مترجم محمد حسن ڀاڱو پهريون – صفحا 257- سال 1899ع)، ”حاتم طائي“ (ترجمو – صفحا 244- سال 1900ع)، ”سچ جا ڳولهيندڙ“ (گر مکي خط – صفحا 18- سال 1900ع)، ”نادر شاهه“ (مرزا قليچ بيگ – صفحا 124- سال 1900ع) .

 لاهور جي جن پريسن ۾ سنڌي ڪتاب شايع ٿيا، انهن مان ڪي هي آهن :

1. آريا اسٽيم پريس : هن پريس مان درمحمد ۽ هيمراج جو ترتيب ڏنل ”رسالو سچل سائين جو “ (1910) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

2.اسلامي پريس هن پريس مان لال منوهر لعل جو ڪتاب ”نت منش ڪرم سنڌيا گائتري جاپ “ (1893)، بولچند ۽ گوڪلداس جو ڪتاب ”پوئي گرڀ گيتا سنڌي ٻولي ۾ “ ، سانوڻ مل خانچند جو ڪتاب ”مدح گرو نانڪ  شاهه جي الف بي وار ۽ ڪٿا ست نارائڻ جي“ ۽ مسڪين فيض ڪريم جو ”حب الحرمين“  وغيره ڪتاب شايع ٿيا .

3. خادم التعليم پريس: هن پريس مان محمد بچل حاجي ڇٽن همون پوٽي جو ڪتاب”حضرت امام مسلم بن عقيل“ ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

4. سيوڪ اسٽيم پريس: هن پريس مان ڪراچيءَ جي “سناتن ڌرم سڀا“جي ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. هوتچند ٽيڪواڻيءَ جو ڪتاب ”امرت ڦل“ به پهريون دفعو هن پريس مان 1911ع ۾ شايع ٿيو .

5. ڪاشي رام پريس : سنڌ جي مشهور پبلشر ڄيٺانند ٿڌو مل واسواڻيءَ جا ڪتاب اڪثر ڪري هن پريس جا ڇپيل آهن. انهن ڪتابن مان ”جوزف ولمٽ“ (1919) ۽ ”لوز آف دي حرم“ (1919) قابل ذڪر آهن .

          6. ڪريمي پريس : هن پريس مان مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي جو ”تفسير ڪوثر“ (1929) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا .

          7. مجتبائي پريس: هن پريس مان ڄيٺانند جو ڪتاب ”انڌير نگري“ (1888)، منشي پنجومل جو ڪتاب ”ٻارهه ماهه موتيرام ۽ جمناداس“ (1888)، لال منوهر لعل جو ”ست ڌرم جي پالنا جي خوشخبري“ (1890) وغيره  شايع ٿيا.

          8. مصطفائي پريس : هن پريس مان بابو سيتارام جو ڪتاب ”شراب پيئڻ جو نتيجو“ (1889)، ”هندڪيون گڏيل ويهه مداحون“(1890)، ڪشنچند ڪيولرام جو ”نرموهه ڪٿا“(نثر نظم) آوت راءِ ديوان نيڻومل جو ڪتاب ”ڪٿا پرهلاج جي“، لال منوهر لعل جو ”جيوڻ چرتر ڀڳت پورن جي ڪٿا“ وغيره شايع ٿيا .

        9. مفيد عام پريس : هن پريس مان ميان محمد اسماعيل جو ڪتاب ”بحرالحڪمت“ (1905) ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا.

          10. نولڪشور اسٽيم پريس: هن پريس مان هوتچندٽيڪواڻي جو ڪتاب ”ڪٿا شري ستيه نارايڻ سوامي“ (1910)، ڏيا راج هيمراج جو ڪتاب”سري ڀڳوت گيتا“ (1910) ڌرم داس سڌاڻي جو ”آتم رس“ (1911)، ”ڪبير صاحب جا دوها“ (1912)، خوشي رام هيراننداڻيءَ جو ڪتاب ”مس جون“ (1912)، ڪندن مل ڏيپچند جو ڪتاب ”پيپي ڀڳت جا چرتر“ (1912)، تيجورام شرما جو ترجمو ”مختصر مها ڀارت“ (1912) پهريون دفعو هن ئي پريس مان ڇپيا .

          11. وڪٽوريا پريس : هن پريس مان عبدالله ۽ محمود جو ڪتاب”قصو شادي ۽ ٻڍاپڻ جو“ (1988)، ڄيٺا نند جو ”قصو دل جي وندر جو يا ڀل چوڪ“ (1987)، ۽ ساڳي ليکڪ جو ڪتاب ”گيتا جو ارڙهون اڌياءُ“(1987)، سڀ کان پهريان هتي شايع ٿيا .

          لائلپور : لاهور کان سواءِ پنجاب جي هن شهر ۾ به سنڌي ڪتاب شايع ٿيا. لائلپور جي ”نريندر اسٽيم پريس“ ۾ 1927ع ۾ قاضي محمد پريل جو ڪتاب ”مسلماني آساني“ شايع ٿيو .

لڌيانه : لڌيانه ۾ به سنڌيءَ جا ڪتاب شايع ٿيا ۽ اهي اڪثر ڪري عيسائين شايع ڪرايا، اهڙن ڪتابن مان ”سچي ساهمي“ (صفحا 35-سال 1968) جو نالو مثال طور ڏئي سگهجي ٿو .

 

 

(ماهوار ”پيغام“ ، ڪراچي ، نومبر / ڊسمبر 1983ع)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

  .03      ڪراچي سنڌ جو چمڪندڙ ستارو

 

سنڌڙي جا ڳوٺ ۽ شهر پنهنجي تهذيبي، تاريخي، ثقافتي، علمي ۽ تجارتي رشتن ۾ ايئن جڪڙيا پيا آهن، جيئن انساني جسم جا مختلف عضوا . انهن مان ڪنهن به هڪ شهر يا ڳوٺ کي سنڌ کان جيڪڏهن الڳ ڪيو وڃي ته سنڌ جو تصورئي مشڪوڪ ٿي پئي . جيتوڻيڪ سنڌ جا سمورا ڳوٺ ۽ شهر سنڌ جي ايڪي ۾ هڪ جهڙي حيثيت رکن ٿا، پر ان هوندي به ڪراچيءَ جو شهر انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان وڏي اهميت رکي ٿو. حقيقت ته اها آهي ته ڪراچي سنڌ جي قسمت جو هڪ چمڪندڙ ستارو آهي، ۽ هن شهر کي سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ هڪ وڏي اهميت حاصل آهي. سٻاجهيءَ سنڌ جو هي بخت ڀريو شهر سنڌ جي سسيءَ جي حيثيت رکي ٿو. سموري سنڌ هن شهر کان متاثر ٿيندي رهي ٿي، ۽ ان کي متاثر ڪندي رهي ٿي .

 

صدين جو ساٿ :

          ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪراچيءَ جو شهر ماضيءَ قريب ۾ ٻڌو ويو، پر هن شهر جي پسگردائي عظمت ڀرئي ماضيءَ جي يادگارن سان ٽمٽار آهي. سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي عظمت ۽ قدامت کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. پوري دنيا جڏهن تهذيب جي نالي کان به بي خبر هئي، تڏهن به سنڌ هڪ سڌريل ملڪ هو .

تازين کوجنائن جي آڌار تي اهو تصديق سان چئي سگهجي ٿو ته ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي به صدين کان وٺي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو مکيه ڇيڙو پئي رهي آهي. ان خطي ۾ سنڌ جي ٻن کان وٺي ٽن  هزار سالن واري قدامت واري تهذيب جا آثار ملن ٿا. اورنگي، منگهو پير، ڪنٽري ڪلب، نيل بازار ۽ عاملاڻو وارا اڄوڪا هنڌ سنڌ جي عظمت ڀرئيءَ قدامت جي آثارن سان ڀريا پيا آهن . انهن هنڌن جي کوٽائي ۽ تحقيق سنڌ جي رهڻي ڪهڻيءَ جو عجيب مثال پيش ڪري ٿي . هتان جا قديم رهواسي صنعت ۽ حرفت جا ماهر هئا. سندن صنعتي علائقا يا مرڪز رهائش کان الڳ ۽ پر ڀرو آهن . ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته هن خطي جي سوسائٽي صنعتي نوعيت جي هئي، ۽ صنعتڪار (جيڪي ساڳئي وقت پاڻ مزدور به هئا) صاف ۽ سٺي ماحول ۾ رهڻ لاءِ صنعتي مرڪزن کان پرڀرو رهندا هئا . منگهو پير، ڊملوٽي ۽ عاملاڻو انهن جا رهائشي مرڪز هئا، ۽ اورنگي توڙي ڪنٽري ڪلب وارا حصا سندن مرڪز هئا . جيئن ته سنڌ جو هيءُ صنعتي علائقو هو، ان ڪري لٽي ۽ اٽي جون ضرورتون باقي سنڌ کي پوريون ڪرڻيون پونديون هيون .

هن خطي ۾ پٿر مان مختلف شيون ٺاهيون وينديون هيون، جن ۾ ٿانءَ، رانديڪا، هٿيار، ۽ عمارت سازيءَ جو سامان قابل ذڪر آهي . ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي نه رڳو سنڌ جو هڪ مکيه صنعتي مرڪز هو ، بلڪ بين الاقوامي تجارت ۽ واپار جو ذريعو به . سنڌ هن ئي خطي وسيلي اولاهن ملڪن سان واپار ۽ تجارت ڪندي هئي . مختصر لفظن ۾ ائين چئجي ته سنڌ جو هي حصو صدين کان وٺي تهذيب ۽ تمدن صنعت ۽ تجارت جو مرڪز پئي رهيو آهي، ۽ اڄ به اهوئي تاريخي ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي .

سنڌ جو بي بدل تختگاهه :                                                      صدين ۽ سالن کان وٺي سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن کي ٻن مشڪلاتن سان منهن مقابل ٿيڻو پيو آهي . اهي آهن : ڌارين جو راڄ ۽ سنڌوءَ جي مستي !، سڄي سنڌ ۾ ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي ئي اهڙو موزون ۽ مناسب حصو آهي، جنهن ۾ سنڌ جو هڪ بي بدل تخت گاهه بڻائي سگهجي پيو. هن حصي جي اهميت ۽ افاديت کي سنڌ جي حڪمرانن ڪڏهن به نظر انداز نه ڪيو هو. پر وقت جي حالتن ۽ مجبورين کين اهڙي عمل کان روڪي ڇڏيو هو . انگريزن جي سنڌ ۽ هند ۾ حڪمرانيءَ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هنن پرڏيهي فرنگين سنڌ جي هن حصي جي بين  الاقومي تجارتي ۽ فوجي اهميت جو گهڻو وقت اڳ اندازو لڳائي ڇڏيو هو.  ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا ڪيترائي جاسوس انهيءَ ڪم تي مقرر ڪيا ويا ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ هن حصي ۾ دلچسپي ۽ دفاعي اندزو لڳائين . اهو وقت به آيو جو هو تجارتي لاڳاپن رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ناٿن ڪرو کي ڪراچيءَ ۾ فيڪٽري کولڻ جو موقعو مليو . هن سنڌ دشمن فرنگي تاجر سنڌ جي هن حصي جي مڪمل جاسوسي ڪئي، ۽ پنهنجي آقائن کي ڪراچيءَ تي قبضي ڪرڻ جي تجويز ڏني. جڏهن سنڌ جا حڪمران هن جي انهن ڳجهين ڪارواين کي واقف ٿيا ته انهن وقتائتو قدم کڻي ناٿن ڪرو کي بي عزتو ڪري تڙي ڪڍيو. ناٿن ڪرو کان پوءِ سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سياسي نمائندن اهو ڪم پاڻ  تي کنيو ۽ پنهنجي سرڪار کي سنڌ جي هن حصي تي قبضي ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ تي ناجائز قبضي ڪرڻ کان اڳ فيبروري 1839ع ۾ سنڌ جي هن حصي ۾ (ڪراچي) تي قبضو ڪيو ويو .

1847ع ۾ جڏهن نيپئر سنڌ تي قبضو ڪيو ته هن سڀ کان پهريون جيڪو ڪم ڪيو، سو هو ڪراچيءَ کي گادي بنائڻ ، کيس يقين هو ته ڪراچي ئي سنڌ جي صحيح معنيٰ ۾ موزون ۽ لائق گادي ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌ ۾ ڪو اهڙو شهر ڪونهي جيڪو سنڌ جو انتظامي ، تجارتي، تعليمي، ثقافتي ۽ سياسي ضرورتون پوريون ڪري سگهي. سنڌ جي هن حصي جي اهميت ان مان ئي پڌري آهي ته نيپئر جڏهن گورنريءَ جو مدو پورو ڪري سنڌ ڇڏي رهيو هو ته هن ڪراچي بندر تي بيهي اکين مان آب هاري چئي ڏنو ته ”اي پياري ڪراچي ! ڪاش آئون تنهنجو جوڀن ڏسي سگهان ها.“ جيئن آڳاٽي زماني ۾ سنڌ جي تخت گاهه جو سنڌو نديءَ جي ڪناري تي هئڻ ضروري هو، تيئن اڄ سنڌ جي تخت گاهه جو ڪراچيءَ ۾ هئڻ تمام ضروري آهي، اڳيان تخت گاهه اسان جي زرعي دؤر جي نشاني آهن، ۽ موجوده تخت گاهه اسان جي صنعتي ترقي ڏانهن کنيل قدم جو اهڃاڻ آهي ۽ اهو اسان جي سياسي وجود ۽ امنگن جو به مرڪز آهي.

سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جو گهوارو :

سنڌ ۾ علم ۽ ادب جو ڏيئو هر دؤر ۾ ٻرندو رهيو آهي. وقت ۽ حالتن جا طوفان انهيءَ ڏيئي جي لاٽ کي وسائي نه سگهيا آهن بلڪ سنڌ واسين پنهنجي ضرورتن ۽ حالتن مطابق انهيءَ ڏيئي کي هڪ هنڌ کان کڻي پئي ٻئي هنڌ رکيو آهي . اسان جي علم ۽ ادب جو مرڪز ڪڏهن بکر رهيو ته ڪڏهن اگهم ڪوٽ، ڪڏهن ٽپٽ رهيو ته ڪڏهن درٻيلو، ڪڏهن پاٽ رهيو ته ڪڏهن سيوهڻ ۽ ٺٽو رهيو ۽ وري ڪڏهن ڪراچي . فرق رڳو اهو آهي ته ڪراچيءَ ۾ جڏهن علم  ادب جي لاٽ  روشن ٿي ته انهيءَ ادبي تاريخ کي نئين روشني ڏني .

ڪراچيءَ شهر ۾ ويهي فرنگي سرڪار جي ڪمشنر فريئر غير سنڌي سرڪاري ملازمن لاءِ لازمي طور تي سنڌي پڙهڻ جو حڪم صادر ڪيو . هن ئي ڪمشنر 1853ع ۾ سنڌي الف –بي جي نئين سر اصلاح ڪرائي .  فرنگي راڄ دوران سنڌ جي هن شهر سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان جو مثال نٿو ملي.

سنڌي لپيَ جي اصلاح ڪرائڻ کان پوءِ فرنگي سرڪار ”ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي“ ٺاهي جنهن طرفان 1936ع  تائين سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي اڻ ڳڻيا ڪتاب شايع ٿيا . سنڌ جڏهن ممبئي کان جدا ٿي ته ان کان پوءِ سنڌ سرڪار ”سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ڪيو، جنهن طرفان به ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا . هي بورڊ اڄ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي سان سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪري رهيو آهي . فرنگي سرڪار ئي هئي جنهن 1858ع ۾ ”فوائد الاخبار“  نالي هڪ هفتيوار اخبار جاري ڪئي. انهيءَ کان پوءِ ”سنڌ سڌار“ (1866ع) ،  ”سنڌ آفيشل گزيٽ“ ۽ ”رساله زراعت“ هن ئي سرڪار جاري ڪيا. انهن ۾ سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي وساريل ورق ملن ٿا .

سنڌي ۾ پهريون ناول “راسيلاس“ هن ئي شهر ۾ ترجمو ٿيو. سنڌ جي پهرين ناٽڪ منڊلي (ڊي- جي سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ ڪلب ) هن ئي شهر ۾ قائم ٿي. نه صرف ايترو پر هن ئي شهر جي شاعر الهه بخش ”اٻوجو“ کي فرنگي راڄ جو پهريون قومي شاعر تسليم ڪيو ويو . ٻين ڳالهين کي ڇڏي صحافت جي ميدان ۾ اچو . اسان اڄ ڏينهن تائين ”الوحيد“ جهڙي روزانه اخبار ڪڍي نه سگهيا آهيون . اسان ”جوت“ جهڙي جوت ڪنهن به پندره روزه اخبار کي ڏئي نه سگهيا آهيون ۽ اسان ”توحيد“ جهڙو رسالو اڄ به ڪڍڻ کان قاصر آهيون . انهيءَ تاريخي اخبارن ۽ رسالن هن ئي شهر ۾ جنم ورتو. سڀ کا وڌيڪ ته سنڌي مشاعرن جو انوکو تجربو  پهريون هن ئي شهر م ڪيو ويو ۽ ادبي ادارن جو قيام پهريون هن ئي شهر ۾ وجود ۾ آيو . ”ترقي پسند اديبن جي انجمن “ ۽ ”سنڌي ادبي سنگت“ پهريون هن ئي شهر ۾ قائم ٿيون . مختلف لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته هن شهر اسان کي عالم به ڏنا ته اديب به، شاعر به ڏنا ته مفڪر به، اشاعتي ادارا به ڏنا ته ادبي ادارا به ، ادب به ڏنو ته ادبي نظريا ۽ موڙ به .

ڪراچي بابت مون مطالعي ۽ تحقيق جي آڌار تي ڪجهه نتيجا اخذ ڪيا آهن، جن جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو :-

1. ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي واپار، تجارت، آمدورفت ۽ جنگي نقطئه نگاهه کان سنڌ، ايشيا، مشرق ۽ مغرب ۾ وڏي اهميت رکي ٿي .

2. ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي پنهنجي بهترين آب وهوا، علمي، ادبي، واپاري، مذهبي ۽ سياسي مرڪز هئڻ سبب سنڌ واسين لاءِ هڪ اهم مسئلو پئي پيدا ڪيو آهي، يعني هي حصو غير سنڌين لاءِ ڪشش جو باعث پئي رهيوآهي، جنهن ڪري هن حصي ۾ سنڌ واسين جي اڪثريت متاثر ٿيندي پئي وڃي . ليڪن اهڙِن حالتن ۾ به هن حصي ۾ رهندڙ مختلف قومن ڪڏهن به ان کي پنهنجي ڪالوني يا جاگير (يا خود مختيار صوبو) نه ڄاتو آهي . ڪراچي جون اڍائي ٽي هزار سال پراڻيون آباديون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته هن حصي تي محض ۽ محض سنڌ واسين جي حق کي تسليم ڪري سگهجي ٿو .

3. سنڌي ٻوليءَ کي پهريون دفعو فرنگي راڄ ”سرڪاري ٻولي“ تسليم ڪيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب حد کان وڌيڪ ترقي ڪئي .

4. سنڌي ٻولي جي سرڪاري سرپرستي فرنگي مفادن تحت ڪئي ويندي هئي ، پر ان هوندي به سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي غير سرڪاري ڪوششن کي وقت جي سرڪار طرفان هميشه همٿايو ويندو هو . هتان جي 75 سيڪڙو سنڌي ليکڪن جا ڪتاب ۽ ايڊيٽرن جون اخبارون يا رسالا ، سياسي، سماجي يا مذهبي اختلاف جي باوجود  سرڪاري لئبرريون خريد ڪنديون هيون ۽ لائق تصنيفن کي جيئن جو تيئن درسي ڪتب طور منظور ڪيو ويندو هو .

5. ڪراچيءَ جا عالم ۽ اديب، شاعر ۽ مفڪر ٻن گروهن ۾ ورهائي سگهجن ٿا . پهريان اهي جن جي جنم ڀومي ڪراچي هئي ۽ ٻيا اهي جي ملازمت يا ڪاروبار سانگي اچي ڪراچيءَ ۾ رهيا هئا .

6. انگريزن جي راڄ دوران سنڌ جي باقي سمورن ضلعن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي کي مکيه ادبي مرڪز جي حيثيت حاصل رهي .

7. ڪراچي جي سنڌي عالمن، اديبن، شاعرن، ۽ محققن ٻولي جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڪارج کي ذهن ۾ رکي پنهنجون تخليقون ۽ تحقيقون ڪيون .

بين الاقوامي تجارتي مرڪز :

ميرن جي زماني ۾ ڪراچي نه رڳو سنڌ پر پنجاب، بلوچستان، خراسان، راجپوتانا ۽ قنڌار جي بين الاقوامي تجارتي مرڪز جو ڪم ڏيندي هئي . هتان ممبئي، يمن، برطانيه، فرانس، ماريطانيه، مسقط ، چين ، ايسٽ انڊيز ، بنگال، جپان، ۽ گجرات سان واپار ڪيو ويندو هو. ڪراچي ان وقت به خشڪي توڙي بحري ذريعن وسيلي پوريءَ ايشيا ۽ ٻين کنڊن سان ڳنڍيل هئي . ڪراچي ڏهن خشڪي رستن ذريعي پوري ننڍي کنڊ سان مليل هوندي هئي ، اهي خشڪي رستا هن ريت هئا :

(1)  ڪراچيءَ کان ٺٽو (لانڍي ، ڌاٻيجي، گهارو، گجو، ٺٽو )

(2)  ڪراچيءَ کان ڀُڄ . (ڪراچي، ٺٽو، سجاول، مرزو لغاري، مغلڀين، مسافر خانه، لکپت،  ڀڄُ)

(3)  ڪراچي کان ڪوٽڙي (ڪراچي، ٺٽو، جهوڪ، ڪوٽڙي)

(4)  ڪراچي کان سيوهڻ (ڪراچي، سپوران، دمب، کڏيجي، ڌماچ، ٿاڻو بولا خان، بچاڻي، گجور، پکرن، سيوهڻ ) .

(5)  ڪراچيءَ کان سيوهڻ (ڪراچي، ڪوٽڙي پيٽارو، مانجهند، سن، آمري، لڪي، سيوهڻ) .

(6)  ڪراچي کان پنجاب (ڪراچي، سيوهڻ، لاڙڪاڻو، سکر، ملتان، جهنگ).

(7)  ڪراچي کان افغانستان (ڪراچي، لاڙڪاڻو، شڪارپور، افغانستان) .

(8)  ڪراچي کان ڪابل (ڪراچي،سونمياڻي، ٻيلو، قلات، قنڌار، ڪابل) .

(9)  ڪراچي کان جوڌ پور (ڪراچي، لکپت، امر ڪوٽ، جوڌ پور) .

(10)         ڪراچي کان گوادر (ڪراچي، ٻيلو، گوادر).

انهيءَ خشڪي رستن کان سواءِ پنجاب ۽ سنڌ سنڌو نديءَ جي وسيلي به پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا، ۽ سنڌو نديءَ جا ڏاکڻيا بندر خشڪي ذريعن وسيلي ڪراچيءَ سان مليل هئا .

ڪراچيءِ جو بندر جو ان وقت اڃا جديد بندرگاهن جي سهولتن کان محروم هو . سو ان وقت به فطري ۽ قدرتي طور تي هڪ لاجواب بندر هو . ميرن پنهنجي دور ۾ هن ڏانهن وقت ۽ حالتن مطابق چڱو ڌيان ڏنو . 1799ع ڌاري هنن منوڙي تي لائٽ هائوس ۽ قلعو ٺهرايو . 1839ع ۾ هن بندر تي 50 کان 150 ٽنن جي وزن وارا وڏا ٻيڙا هئا، ان کان سواءِ ننڍين ۽ وچولين ٻيڙين جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪو نه هو .

ڪراچيءَ جي تجارتي ۽ واپاري اهميت جو اندازو هن مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته 1809ع ۾ هتان جيڪا ڪسٽم ڊيوٽي حاصل ٿي ان جو انگ 99000 روپيا هو . 1838ع ۾ ساڳي آمدني وڌي وڃي 150000 روپيا ٿي . انهيءَ ساڳي سال ڪراچي بندر تان جملي 5894000 روپين جو واپار ٿيو .  

 

تاريخ ساز شهر :

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌ کي سدائين اتر کان خطرو پئي رهيو آهي ، تاريخ شاهد آهي ته سنڌ انهن اتر وارن خطرن کي ته منهن ڏيندي پاڻ بچائيندي پئي آئي آهي . پر ڏکڻ (ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي )طرفان ٿيندڙ حملا هن لاءِ هميشه موتمار پئي ثابت ٿيا آهن، ۽ انهن حملن جا اثر انقلابي ۽ دور رس پئي رهيا آهن . تاريخ ٻڌائي ٿي ته مدد خان لٽ ڪئي ۽ نادر خان قهر بڻجي آيو  ته به سنڌ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لائق ٿي وئي. ان کان سواءِ ارغون، ترخان، ۽ مغل جي سڀ اتر طرف کان آيا، تن سنڌ جي آزاديءَ کي متاثر ڪيو، ليڪن ان هوندي به سنڌ جي تاريخ ۾ انهن دؤرن کان پوءِ  ڪلهوڙن ۽ ميرن جو دؤر اچي ٿو . يعني وري به سنڌ انهن کان آزادي حاصل ڪئي. ساڳي نموني سان يونان ۽ ايران به هميشه لاءِ سنڌ تي حڪومت هلائي نه سگهيا، پر ڏکڻ طرف (ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي )طرفان سنڌ جي تاريخ ۾ محض ٻه حملا ٿيا، جن صدين تائين سنڌ جي سماج، مذهب ۽ سياست  کي بدلائي ڇڏيو . 712ع ۾  محمد بن قاسم هن طرف کان ئي آغاز ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ذري گهٽ سنڌ جو پورو معاشرو تبديل ٿي ويو. ٻيو واقعو ميرن جي آخري دؤر ۾ واقع ٿيو. ان عرصي دوران سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ هو، جنهن ۾ سياست جو هڪ نئون ۽ ڪامياب تجربو ڪيو ويو ، ۽ گڏيل جوابداريءَ تحت حڪومت هلائي ويئي . ان زماني ۾ ننڍي کنڊ تي قابض فرنگي سامراج کي بين الاقوامي سطح تي وڏا وڏا خطره درپيش هئا . نيپولين بونا پارٽ جي فتحن ۽ ڪاميابين، فرنگي سامراج کي بدحواس ڪري ڇڏيو هو، افغانستان ، ايران ۽ روس به هن ست سمنڊ پار واري پرماريت ۾ ايمان رکندڙ حڪومت لاءِ نيڪ جذبا نه ٿي رکيا . انهيءَ وقت سنڌ ئي هڪ اهڙو ملڪ هو جو انهيءَ دور جي ٽڪر کائيندڙ مفادن ۾ مفاهمت پيدا ڪري ٿي سگهيو، ۽ هن امن پسند ملڪ جو اهو ئي پارٽ ادا ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ انهن ڌوڪيل حڪومتن جي وچ ۾ اهڙا تصادم نه ٿيا. ليڪن توسيع پسند ۽ استحصال پسند فرنگي سامراج کي انهيءَ وقت تائين سک ۽ سڪون نه ٿي آيو جيستائين ايران ۽ روس جي اتحادي افغانستان سان نه ٿي اچايائين . فرنگي سرڪار لاءِ سنڌ ٽپي افغانستان سان وڙهن کان سواءِ ڪو چارو ئي ڪونه هو. پر سنڌ هڪ خودمختيار ملڪ هئڻ جي صورت ۾  ٻئي خودمختيار ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ کان قاصر هو . انهن حالتن کي ڏسي فرنگي سرڪار هڪ نئين چال کيڏي، ۽ پنهنجيون اکيون ڪراچيءَ تي کوڙي ڇڏيون.

ميرن جي آخري زماني ۾ ڪراچي وڏي اوج ۽ عروج تي پهچي چڪي هئي . جڏهن ته 1813ع ڪراچيءَ جي آدمشماري 13000 هئي، پر هيءَ ته ان کان به پوءِ جي ڳالهه آهي . ان وقت سنڌ جا ڪيترائي (سنڌو نديءَ جا ڏاکڻيا) بندر ڦٽي چڪا هئا، ۽ ڪراچي سنڌ جو بين الاقوامي تجارتي ۽ دفاعي مرڪز بڻجي چڪي هئي . 1839ع ۾ انگريزن ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو . سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ تي ڏکڻ طرفان هي ٻيو حملو هو . ان جي نتيجي ۾ ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي باقي سنڌ کان ڪٽجي ويئي . انهيءَ وقت ڪراچيءَ جي اها حيثيت ٿي ويئي جيڪا اڄ ”اسرائيل“ کي آهي . سنڌ جو ڌڙ ڄڻڪ ان کان ڌار ڪيو ويو  ۽ باقي سنڌ جي حالت نازڪ بڻجي وئي. ان وقت سنڌ کي اتر طرفان پنجاب ، رنجيت سنگهه جي روپ ۾ اکيون ڏيکارڻ لڳو . ڏکڻ اڳيئي فرنگي سرڪار والاريون بيٺي هئي، باقي اولهه واري حڪومت – بلوچ، ان وقت سنڌ جي تڪڙي مدد ڪرڻ جي حيثيت ۾ نه رهيا. ڪراچيءَ جي کسجي وڃڻ ڪري سنڌ جو ٻاهرين دنيا سان لاڳاپو ٽٽي پيو، ان جو بين الاقوامي تجارتي ۽ واپاري راهون بند ٿي ويون ۽ خود سندس ٽڪرو – ڪراچي هن لاءِ اسرائيل بڻجي ويو، جنهن ڪري سنڌ جون سموريون دفاعي قوتون رتيءَ برابر رهجي ويون، ۽ ان جي قومي آزادي خطري ۾ پئجي وئي، ۽ پوءِ اهو ثابت ٿيو ته ڪراچي کسائڻ جو سودو سنڌ واسين کي مهانگو پيو. انگريزن پنهنجا عهد ناما مڙهيا، سنڌ کي پنهنجي جاگير ڄاڻي لتاڙي وڃي افغانستان سان اٽڪيا . اتي جڏهن سندن دال نه ڳري ته واپس ايندي آسانيءَ سان سموري سنڌ کي ڳڙڪائي ويا. يعني ڪراچي وڃائي سنڌ واسين پنهنجي آزادي تان هٿ ڌوئي ويٺا .                                       1839ع ۾ هن شهر ۽ ان جي پسگردائي سنڌ جي تاريخ کي متاثر ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ 1843ع ۾ سنڌ ۾ فرنگي راڄ جو آغاز ٿيو . هن ڌارئي راڄ دؤران به هي شهر سنڌ جي سياست کي متاثر ڪندو رهيو . نئين دؤر جي شروعاتي ٽئين سال ۾، يعني 1846ع ۾ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي هتي ”ڪراچي فري اسڪول “ قائم ڪيو ، جيڪو 1853ع ۾ ”چرچ مشن سوسائٽي“ جي حوالي ڪيو ويو . مختصر لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته هن دؤر ۾ ڪراچي مغربي تعليم جو مرڪز به ٿيڻ لڳو . جنهن ڪري اڳتي هلي اسان جي سماج ۾ انقلابي تبديليون آيون . 1852ع ۾ وقت جي ڪمشنر بارٽل فريئر غير سنڌي عملدارن کي لازمي سنڌي سکڻ جو حڪم ڏنو . انهيءَ حساب سان به ڪراچي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ئي شهر مان سنڌي ٻولي ۽ علم، ادب جي عظمت ۽ اهميت جي مڃتا جي صدا بلند ٿي .

1857ع ۾ جڏهن ننڍي کنڊ جي عوام فرنگي سرڪار خلاف جنگ جوٽي ته سموري سنڌ هن تحريڪ ۾ حصو ورتو پر انهيءَ تحريڪ جي تاريخ هن ئي شهر ۾ لکي ويئي . يعني امپريس مارڪيٽ جي محل وقوع وٽ آزاديءَ جي سپاهين کي توب جي منهن ۾ ڏئي شهيد ڪيو ويو .

1885ع ۾ ”مجمع محمدي سنڌ“ (سنڌ محمدن ايسوسيئشن) طرفان ”سنڌ مدرستھ الاسلام“ نالي هڪ تعليمي ادارو قائم ٿيو . ليڪن ڪراچيءَ جو اعزاز ته اهو آهي جيڪو ”سنڌ مدرستھ الاسلام “ جي ڦل ۾ ظاهر ٿيو . هن مدرسي اهڙين شخصيتن کي جنم ڏنو جن، هن ننڍي کنڊ جي سياست ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو . اهڙين شخصيتن مان پاڪستان جو باني محمد علي جناح، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سر شاهنواز ڀٽو، غلام حسين هدايت الله، رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد هاشم گذدر، مير ايوب خان، محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، ۽ قاضي خدا بخش جا نالا قابل ذڪر آهن. هن ئي شهر جي تاريخي اداري نه رڳو نامور سياستدان پيدا ڪيا، پر ناميارا عالم ۽ اديب، شاعر ۽ مفڪر به پيدا ڪيا. جن ۾ علامه آءِ .آءِ قاضي، دائود پوٽو، محمد ابراهيم جويو ۽ قابل ذڪر آهن .

هن شهر جي مدرسته الاسلام مان پڙهي نڪتل سياستدانن ننڍي کنڊ جي سياست کي جهڙي طرح متاثر ڪيو، ان جي ڄاڻ سمورن سنڌ واسين کي هوندي . ان کان سواءِ مسلم ليگ جو باني ، بين الاقوامي شهرت جو مالڪ ۽ خواجن جو روحاني رهبر هزهائينس آغا خان به هن ئي شهر ۾  جنم ورتو . سنڌ جو پهريون ڪاليج 1887ع ۾ قائم ٿيو . جنهن کي اڄ ”ڊي . جي سنڌ ڪاليج“  جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو . سنڌ جو پهريون سول انجنيئرنگ  ڪاليج (اين .اي .ڊي ) به هن ئي شهر ۾ (1921ع) ۾ قائم ٿيو. ان کان سواءِ سنڌ جو پهريون لا ڪاليج (ايس .ايم . لا ڪاليج) ۽ سنڌ جو پهريون ڪمرشل ڪاليج (ڪارنوڪيشن ڪاليج) به هن ئي شهر ۾ قائم ٿيا . سڀ کان وڏي ڳالهه ته ”سنڌ يونيورسٽي“ به پهريون هتي ئي قائم ڪئي وئي .

سنڌ کي ممبئي کان الڳ ۽ علحده ڪرڻ جو باعث به هي شهر هو ته خلافت تحريڪ دوران خالق ڏني هال ۾ بائيڪاٽ ۽ هجرت جا ٺهراءَ پاس ڪرائيندڙ  شهر به هي هو .  پاڪستان جو پهريون ٺهراءُ به هن ئي شهر ۾ پاس ٿيو . ننڍي کنڊ جي پهرين سياسي پارٽي ”سنڌ سڀا“ به هن ئي شهر ۾ قائم ٿي ته ”سنڌ محمدن ايسوسيئشن“ به هن ئي شهر ۾ بڻائي وئي . سنڌ مسلم ليگ جي پهرين شاخ به هن ئي شهر ۾ قائم ڪئي وئي . ۽ مسلم ليگ جو پهريون صدر به هن ئي شهر ۾ ڄائو . ڪانگريس جا ڪوڏيا به هن ئي شهر پيدا ڪري ڏنا ، ته تحريڪ آزاديءَ جا متوالا به هن ئي شهر ڏنا . مولانا عبيد الله سنڌيءَ پنهنجي ”سنڌ ساگر پارٽي“ به هن ئي شهر ۾ قائم ڪئي ته سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي”مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ به هن ئي شهر ۾ ٺاهي . ”سنڌ اتحاد پارٽي“ به هتي ٺهي ته “سنڌ آزاد پارٽي“ به هتي ٺهي .

مختصر لفظن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته هي شهر سنڌ جي سياست جو روح ، تاريخ جو جسم، ۽ تعليم جو مرڪز آهي . هن ئي شهر سان سنڌي جي اهميت به آهي ته عظمت به .

شهر جي پسگردائيءَ جي اهميت :

سنڌ جو هي حصو سياسي، سماجي، مذهبي، ۽ اقتصادي نقطئه نگاهه کان نه رڳو سنڌ، مگر باقي دنيا لاءِ به وڏي اهميت رکي ٿو . ڪراچي جو شهر ”مشرق جي راڻي“ ان جو بندر ننڍي کنڊ پاڪ و هند ، افغانستان ، روس ۽ چين جو “ليور پول“ ۽ پورو حصو ”مشرق جو لنڊن“ آهي .

هن حصي کي سنڌ جي لاءِ وڏي اهميت حاصل آهي . سنڌ جو هي حصو سمنڊ جي ڪناري تي آهي . ان جي ٻنهي پاسن تي ويجهڙائي ۾ هڪ طرف ڪڇ ۽ ٿر، ٻئي طرف بلوچستان ۽ مڪران جا خشڪ علائقا واقع آهن. جڏهن سامونڊي هوائون لڳن ٿيون، ته اهي ڪڇ، ٿر، بلوچستان ۽ مڪران جي خشڪ هوائن سان ملي هڪ وڻندڙ ماحول پيد ڪري ڇڏين ٿيون ، انهيءَ ڪري هتان جي آب وهوا پنهنجو مٽ ۽ ثاني نه ٿي رکي . جيڪڏهن ايئن چئجي ته هي حصو سنڌ جي جنت آهي، ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو .

هي حصو نه رڳو آب وهوا جي لحاظ کن وڏي اهميت رکي ٿو ، بلڪ سنڌ جي معيشت لاءِ به ڪرنگهيءَ جي هڏيءَ جي حيثيت رکي ٿو. سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪراچي ۽ ان جو بندر نه هجي ها ته سڄي سنڌ سڃي ۽ بکي لڳي ها  ۽ هتان جي واپار توڙي تجارت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ها. سنڌي ڪڏهن به سرانديپ جي سونهن ڏسي نه سگهن ها ۽ ڪڏهن به جاوا ۾ جاوا ڪري نه سگهن ها .

هن حصي کي نه رڳو سنڌ ۾ بلڪ دنيا ۾ به اهميت حاصل آهي. سنڌ جو هي حصو پنهنجي محل وقوع سبب وڏي جاگرافيائي اهميت رکي ٿو . هي حصو دنيا جي ٽن ننڍن کنڊن – ايشيا، آمريڪا ۽ يورپ جو مرڪز آهي . ڪراچي تي دنيا جي وڏي کان وڏي ٻين برِ صغيري (ننڍي کنڊ جي وچ ۾) آمدورفت جو هوائي ، خشڪي، ۽ پاڻيءَ وارن ذريعن جو مرڪز آهي . سنڌ جي هن ئي حصي ۾ ننڍي کنڊ پاڪ و هند جو الاهون بندر واقع آهي ، جتان وچ ايشيا ۽ باقي دنيا سان تڪڙو ۽ سستو واپار ڪري سگهجي ٿو .

جنگي ۽ دفاعي نقطئه نگاهه کان سنڌ جو هي حصو پوري ننڍي کنڊ ۽ ايشيا لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو . هي حصو بين الاقوامي مفادن ۽ طاقتن جي وچ ۾ توازن يا بگاڙو پيدا ڪرڻ جو مکيه ڪارڻ جي حيثيت رکي ٿو . دنيا جي ڪا به طاقت سنڌ جي هن حصي جي اهميت کان انڪار ڪري نه ٿي سگهي، انهيءَ آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي سنڌ جي تاريخ، تمدن، تهذيب، سياست، تجارت ۽ علم ادب جي ميدان ۾ اهم جاءِ والاري ٿي . ان ڪري جيڪڏهن ان کي سنڌ جي قسمت جو چمڪندڙ ستارو چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه  ٿيندو .

 

 

(روزانه ”هلال پاڪستان “ ، ڪراچي ، مورخه : 1 ، جون 1979ع )

 

 

 

 

04.        انگريزي دؤر جي سياست – هڪ جهلڪ

 

تعارف :

          انگريزن جي راڄ واري عرصي جي سياسي تاريخ کي پنجن مکيه دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو . پهرين دؤر کي ”بيزاريءَ جو دؤر“ ، ٻئي دؤر کي ”بيداريءَ جو دؤر“ ، ٽئين دؤر کي ”هنگامي دؤر“ چوٿين دؤرکي”ڇڪتاڻ جو دؤر“ ۽آخري دؤرکي ”نئين احساس جو دؤر“ چئي سگهجي ٿو .

            پهرين ، يعنيٰ ”بيزاريءَ جي دؤر “ جو آغاز  1843ع کان ٿئي ٿو ، جڏهن سنڌ واسي پنهنجي قومي آزادي وڃائي دنيا جي وڏي حصي تي حڪمراني ڪندڙ فرنگي سامراج کان بيزار ۽ متنفر ٿي چڪا هئا . سنڌ واسين جو ملڪ، جو فرنگي راڄ جي اثر هيٺ اچڻ کان اڳ پوري ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ گڏجي حڪومت ڪرڻ جو هڪ ڪامياب تجربو ڪري چڪو هو ، سو ، نڀاڳي نيپئر جي اچڻ کان پوءِ صوبائي حيثيت به وڃائي بمبئي پرڳڻي جو حصو بڻجي ويو هو . هيءَ هيڏي ساري تبديلي سنڌ واسين کي فرنگين کان بيزار ڪرڻ جو باعث بڻي . ڪن ماڻهن انهيءَ بيزاريءَ ۽ نفرت ۾ پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي ڏنا . باقي هتي رهيل ماڻهن انهيءَ بيزاريءَ سبب پنهنجي نئين پود کي فرنگي سرڪار جي ٻولي ، تهذيب ۽ تمدن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي .

          اهو ”بيزاريءَ وارو دؤر“ 1857ع ۾ پهچي ”بيداريءَ وارو دؤر“ ۾ بدلجي ويو . انهيءَ سال جڏهن سموري ننڍي کنڊ ۾ بغاوتون ٿيون ته سنڌ به انهيءَ ڏس ۾ پٺتي نه رهي . انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان پهريون 8 سيپٽيمبر 1857ع تي حيدرآباد جي فوجين بغاوت جو منصو بو سٽيو ، ليڪن اڳ ۾ ئي سرڪار کي خبر پئجي وئي  ، جنهن اٺن (8) ڄڻن کي گولين جو نشانو بڻايو ۽ باقي ملوث سپاهين کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو . 13 سيپٽميبر 1857ع تي وري ساڳئي ئي نموني سپاهين کي پڪڙيو ويو ، جن مان يارهن (11) ڄڻن کي انهيءَ هنڌ تي توب جي منهن ۾ ڏنو ويو . جتي اڄ ايمپريس مارڪيٽ اڏيل آهي . شڪارپور ۽ سکر جي باغين کي به ڪاميابي حاصل نه ٿي ، جن مان چئن (4) کي ڪورٽ مارشل ڪري گوليون هنيون ويون هيون .

          هن جنگ ۾ رڳو سپاهين ئي بهرو نه ورتو هو ، ليڪن سنڌ واسي به ساڳئي نموني سان ساڻن ڀاڱي ڀائيوار رهيا . نه رڳو ايترو پر هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سپاهي ته پوءِ صبر ڪري ويٺا پر سنڌ واسي سسيءَ ۽ ساهه جي پرواهه نه ڪندي فرنگين جو مقابلو ڪندا رهيا  . جيڪب آباد جي مير درياهه خان ۽ مير دلمراد خان انهيءَ سبب ڪري ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڪاٽي . 1857ع جي انهن واقعن کان پوءِ کين هڪ اڌ دفعو ڪراچيءَ ۾ فرنگين تي حملو ڪيو ، هن طرف وري ڪرڻ سنگهه ٻن هزار ڪولين جو جٿو ٺاهي ٿر پارڪر ۾ مختيار جي ڪورٽ ساڙي بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو .

          جيئن ته آزاديءَ جي هن ويڙهه ۾ عوام کي ايتري ڏٺي وائٺي فتح حاصل نه ٿي ، ان ڪري هن بندوق بدران تدبر جي گوليءَ کي استعمال ڪرڻ گهريو ۽ ائين سنڌ توڙي هند ۾ سياسي جماعتن ٺهڻ جو رواج پيو . انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي پهرين سياسي جماعت ”سنڌ سڀا“ هئي ، جيڪا آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ کان به اڳ يعنيٰ 1882ع ۾ جڙي ، ائين سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ”هنگامي دؤر“ جو آغاز ٿيو .

          هن ”هنگامي دؤر“ جي سياست اڳتي هلي ڪيترائي رنگ بدلايا ، وقت جي حڪومت ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو “ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي انهيءَ سبب رنگ ،نسل، ذات پات ، ۽ دين ڌرم جهڙا عنصر اسان جي سياست تي اثر انداز ٿيڻ لڳا . ۽ سنڌ جي سياست ”ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ جي دؤر“ ۾ داخل ٿي . هن دؤر کي وري ڪانگريس ۽ مسلم ليگ عروج تي رسايو ، جنهن ۾ ڏٺي وائٺي ڪاميابي مسلم ليگ کي ملي .

          جڏهن پاڪستان جي قيام جو تصور هڪ حقيقت بڻجي چڪو هو ، تڏهن سنڌ جي هڪ طبقي ۾ هڪ ”نئون احساس“ پيدا ٿيڻ لڳو ، ۽ ان الڳ حيثيت سان پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ شروع ڪئي، ليڪن وقت جي وهندڙ  نديءَ کي روڪڻ ناممڪن هو . ”نئين احساس جي دؤر“ ڪرَ ئي نه موڙيا ته هندوستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ ائين انگريزي راڄ واري عرصي جي سياسي تاريخ جو پويون باب به پورو ٿي ويو .

مختلف روپ 

          جيئن ابتدا ۾ انگريزي دؤر جي سياسي تاريخ کي مختلف دؤرن ۾ ورهايو ويو آهي ، تيئن انهن مختلف دؤرن جو ، مختلف روپن کان به مطالعو ڪري سگهجي ٿو ، انهيءَ دؤر جي سياست کي اسان ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا ، جيئن ، ”جاگيردارن جي سياست“، ”غيرفرقيوارانه سياست “، ”مسلمانن جي سياست“، ”هندن جي سياست“ ، ”سرڪاري سياست“، ۽ ”مارڪس وادي سياست “ . اچو ته پنهنجي وڏن جي سياست جا اهي روپ به ڏسندا هلون .

جاگيردارن جي سياست :

          انگريزي راڄ کان اڳ سنڌ غير منظم جاگيرداري نظام جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هئي . انگريزن  انهيءَ غير منظم گروهه کي منظم ڪري سنڌ جي مٿان هڪ مصيبت مڙهي ڇڏي . 24 مئي 1843ع وارو ڏينهن سنڌ جي تاريخ جو اهو منحوس ڏينهن هو ، جڏهن نيپيئر کي سنڌ تي قبضي ڪندي اڃا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏينهن ئي مس گذريا هئا، جو سنڌ ۾ برطانيه جي راڻيءَ جي سالگرهه ملهائي وئي . ان موقعي تي سر چارلس نيپيئر حيدرآباد ۾ هڪ درٻار ڪوٺائي ۽ سنڌ جي جاگيردارن ، وڏيرن ۽ پيرن کي پنهنجي سامراجي حڪومت جي سياسي بعيت ڪرڻ جي آڇ ڏني . انهيءَ موقعي تي وقت جي سرڪار طرفان اهو به اعلان ڪيو ويو ته ”فقط انهن جاگيردارن کي زمين تي قبضي رکڻ جي اجازت ڏني ويندي ، جيڪي اچي درٻار ۾ حاضري ڀريندا ، باقي ٻين جاگيردارن جو جاگيرون ضبط ڪيون وينديون .“

          هن درٻار ۾ سنڌ جا ڪيترائي جاگيردار ، پير ۽ وڏيرا شامل ٿيا ، ۽ ايئن پهريون دفعو سنڌ جو مٿيون طبقو عوام کان ڇڄي ڌار ٿيو . هن طبقي مطالعي هيٺ آيل دؤر ۾ رڳو ٻن مفادن جو بچاءُ ڪيو : ”پهريون سرڪاي مفادن جو ، ٻيو پنهنجي طبقي جي مفادن جو  ، انهن مفادن جي حفاظت لاءِ انهن پنهنجيون الڳ پارٽيون به ٺاهيون .

          جيتوڻيڪ سنڌ جا جاگيردار ، زميندار ، وڏيرا ۽ پير شروع کان وٺي سياست تي حاوي رهيا ، پر جڏهن سياست ”عام “  ٿي وئي ته هنن کي ”خاص“ ٿيڻ لاءِ نج پنهنجون جماعتون به ٺاهڻيون پيون . انهيءَ سلسلي ۾ 1920ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هڪ گڏيل ”سنڌ زميندار ائسوسيئشن“ ٺاهي وئي ۽ اڳتي هلي سنڌ جي هن طبقي ۾ اعزاز ، عزت يا شهرت جهڙن مسئلن تي ڏڦيڙ پيو ته هنن پنهنجي الڳ الڳ هڪ سر جي مسيت ٺاهن شروع ڪئي تان جو اها هڪڙي جماعت ”لوئر سنڌ جاگيردار ائسوسيئشن“ ۽ ”اپر سنڌ جاگيردار ائسوسيئشن “ ۾ ورهائجي وئي . ان اختلاف جو ڪارڻ قومي خدمت نه پر مقامي مفاد يا اعزازن جو حصول ئي هو . ڳالهه وڃي اتي دنگ نه ڪيو ليڪن جيئن جيئن معاشرو دين ڌرم ،ذات پات ، ۽ رنگ نسل جي وبا ۾ وڪوڙيو ويو ، تيئن تيئن اهي جاگيردار به ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لڳا ، تان جو خير سان ”سنڌ هندو زميندار سڀا“ به پاڻ پڌرايو .

غير فرقيوارانه سياست :                 

          جيتوڻيڪ ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ فرنگي سرڪار جو سياسي حڪمت عمليءَ جو بنيادي اصول هو ، ۽ انهيءَ اصول جتي ڪٿي پنهنجا رنگ ڏيکاريا ، پر ان جي باوجود سنڌ جي سرزمين تي اهڙين پارٽين به جنم ورتو جن غير فرقيوارانه بنيادن تي ڪنهن وقت تائين عوام کي متحده پيلٽ فارم مهيا ڪنديون رهيون .

          ”سنڌ سڀا“ انهيءَ قسم جي پهرين جماعت هئي ، جيڪا 1882ع ۾ قائم ڪئي وئي ، سنڌ ۾ انهيءَ کان پوءِ ”سنڌ سوراج سوسائٽي “ ، ”سنڌ ليگ آف پروگريس “، ”نيشنل ڪميونيڪيشن ڪلب “ ، ”سنڌ پولٽيڪل ڪلب “ ۽ ”سنڌ اسيمبلي ڪوئيليشن پارٽي“ جهڙيون پارٽيون غير فرقيوارانه بنيادن تي ٺهيون ۽ جنهن ڪنهن حد ۽ ڪنهن وقت تائين سنڌ مان مذهبي ڪٽرپڻي ، سياسي تنگدليءَ جون پاڙون پٽي رکيون .

انهيءَ سياسي پارٽين ، ڪلبن ۽ سوسائٽين کان سواءِ ”سنڌ پرونشنل ڪانفرنس“ کي به اسان غير فرقيوارانه سياست جي حصي ۾ شامل ڪري سگهون ٿا . هنن ڪانفرنس جو آغاز 1896ع ۾ سڏايل ”نائين ممبئي پرونشل ڪانفرنس“ ، منعقد ڪراچيءَ کان ٻارهن سال پوءِ يعنيٰ 1908ع کان ٿيو ، اهي ڪانفرنسون پنهنجي دؤر ۾ هندو مسلم اتحاد جو عملي مظهر هيون ، انهن ڪانفرنسن ۾ هندو ، مسلمان ، سک ۽ پارسي وغيره شامل ٿيندا هئا .

مسلمانن جي سياست :                

          سنڌ ۾ مسلمانڪي سياست جو آغاز ”مجمع محمدي“ جي قيام سان گڏ ٿيو ، جيڪا 16 مارچ 1884ع تي قائم ٿي ۽ ٿوري وقت اندر انهيءَ جون سنڌ جي مخلتف هنڌن تي شاخون به کليون . ان جماعت ئي اڳتي ”سنڌ محمدن ائسوسيئشن“ جو روپ ورتو ، جيتوڻيڪ جماعتن جي حڪمت عملي سرڪار کان هٿ ٻڌي پنڻ تي ٻڌل هئي ، پر پوءِ به سنڌ جي سياسي ارتقا ۾ هن جماعت جي سياسي ، سماجي ، مذهبي ۽ تعليمي خدمتن کي نظر انداز ڪري نٿو سگهجي . اها ٻي ڳالهه آهي ته هي جماعت اڳتي هلي سرڪار جي ”جي حضوري“ جو نادر نمونو بڻجي وئي .

          ”سنڌ محمدن ائسوسئيشن“ جڏهن عوام جو اعتماد وڃائي ويٺي ، ته ان جي ضد ۾ 1917ع ۾ ”سنڌ مسلم ليگ“ قائم ٿي . هي ليگ هڪ الڳ ۽ خودمختيار جماعت هئي جنهن جو عملي طور تي ”آل انڊيا مسلم ليگ“ سان تر جيترو به واهپو يا واسطو نه هو . ”سنڌ مسلم ليگ“ جي تاريخ ۾ به ڪيترائي دؤر آيا ، ان کي 1920ع ۽ 1934ع ۾ نئين سر منظم ڪيو ويو . هي جماعت 1930ع تائين فعال رهي .

          ”سنڌ محمدن ائسوسيئشن“ ۽ ”سنڌ مسلم ليگ “ کان سواءِ سنڌ جي مسلمان اڳواڻن ٻيون به جماعتون ٺاهيون ، جن ۾ ”سنڌ پيپلز  پارٽي“ ، سنڌ آزاد پارٽي“، ”يوننسٽ پارٽي“ ، ”سنڌ يونائيٽيد پارٽي“، ” سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“، ”پروگريسيو مسلم ليگ“، ”سنڌ ساگر پارٽي“۽ ”مسلم نئشنلسٽ پارٽي“ جا نالا ڳڻائڻ لائق آهن .

          سنڌي مسلمانن جي سياسي تاريخ ۾ ”سنڌ جي ممبئي کان علحدگي واري تحريڪ “ کي به نمايان حيثيت حاصل آهي . ابتدا ۾ جيتوڻيڪ هي مسئلو سنڌ جي هندو توڙي مسلمانن جو گڏيل مسئلو هو ۽ ان کي ”سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ 1908ع ، 1917ع  ۽ 1918ع ۾ بحث هيٺ آڻڻ وارا به هندو ئي هئا ، پر پوءِ اڳتي هلي هندن توڙي مسلمانن هن مسئلي تي الڳ الڳ دڳ ورتا، تان جو انهيءَ مسئلي تي 1932ع کان وٺي مسلمانن کي خاص ڪانفرنسون سڏرائڻيون پيون ، جيڪي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“جي نالي سان مشهور آهن . انهيءَ سلسلي ۾ پهرين ڪانفرنس ، 18 اپريل 1932ع تي ڪراچيءَ ۾ ، ٻي 15 نومبر 1932ع تي حيدرآباد ۾ ، ٽين 26 اپريل 1934ع تي سکر ۾ ۽ چوٿين 28 جولاءِ 1934 تي ڪراچيءَ ۾ سڏائي وئي . هن ڪانفرنس مان ٻئي نمبر ڪانفرنس جي موقعي تي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس “نالي هڪ جماعت به قائم ڪئي وئي .

هندن جي سياست :

          1884ع ۾ حسن علي آفندي ۽ ڏيارام گدو مل جي وچ ۾ ”سنڌ سڀا“ جي هلندڙ اجلاس ۾ لارڊن رپن کي مانپتر ڏيڻ جي سوال تي اختلاف پئدا ٿيو ۽ حسن علي آفنديءَ وڃي ”مجمع محمدي“ کي مضبوط ڪيو ۽ ائين سنڌ جي سياست ۾ مذهب جي بنياد تي الڳ ڌڙي بندي ٿي ، انهيءَ اختلاف کان پوءِ 1885ع ۾ ”ڪانگريس ڪميٽي“ ٺهي ۽ سنڌ جا هندو ان طرف راغب ٿيا . ”ڪانگريس“ جي قيام کان پوءِ سنڌ جي هندن کي هڪ وڏو پليٽ فارم ملي چڪو هو ، ان ڪري ”سنڌ سڀا“ عملي طور تي ختم ٿيندي وئي ، تان جو اڳتي هلي جڏهن ”مسلم ليگ“ ۽ ”هندو مها سڀا“ جهڙيون پارٽيون ٺهيون ته سنڌ جي هندن پنهنجي وطن جي حالتن کي نظر ۾ رکي ”سنڌ هندو سڀا“ قائم ڪئي . هن جماعت جو ”هندو مها سڀا“ سان ڪو ماءُ ڌيءَ جهڙو رشتو ڪو نه هو ۽ ان جو صدر دفتر ڪراچيءَ ۾ هوندو هو ۽ ان جو شاخون باقي سموري سنڌ ۾  هونديون هيون ، هي جماعت به سنڌ جي ممبئي کان علحدگي تائين سرگرم عمل رهي .

          سنڌ جي ممبئي کان علحدگي ٿيڻ کان اڳ سنڌ ۾ هندن جون مکيه ٽي جماعتون هيون . جيرامداس دولترام ۽ ڊاڪٽر چٿرام ”ڪانگريس“ جي اڳواڻي ڪري رهيا ، جنهن جو مرڪز سنڌ کان ٻاهر هو . ”سنڌ هندو سڀا“ ان وقت ٽيڪمداس واڌو مل جي قيادت ۾ ڪم ڪري رهي هئي . ”سنڌ هندو پنچائت“ کي وري مکي پريتمداس  هلائي رهيو هو . انهن جماعتن کان پوءِ ٻيون جماعتون به ٺاهيون ويون . نومبر 1936ع ۾ سوامي گونندا نند “سنڌ پيپلز ڪانگريس ڪميٽي“ ٺاهي ، ان کان اڳ 1935ع کان هندن جي هڪ ٻي جماعت ”سنڌ نئشنلسٽ پارٽي“ به ڪم ڪري رهي هئي .

          سنڌ جي ممبئي کان علحدگي ٿي ، ۽ هن طرف ننڍي کنڊ جي سياست ۾ انقلابي تبديليون آيون ، خاص ڪري پاڪستان جو تصور هڪ حقيقت جو روپ وٺڻ لڳو  ته سنڌ جي هندن کي نئين تبديلين مطابق پنهنجي مفادن جي بچاءَ لاءِ منظم ٿيڻو پيو ، ائين ”سنڌ منارٽيز ائسوسيئشن “ ۽ ”منارٽيز پروٽيڪشن بورڊ“ قائم ٿيا .

سنڌ جي هندن جي سياسي تاريخ ۾ ”سنڌ “جي ممبئيءَ کان علحدگي واري تحريڪ جي مخالفت کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي . سنڌ جي سياسي تاريخ جو اهو ڏکوئندڙ واقعو آهي جو 1908ع ۾ پهيون هرچند راءِ وشنداس سنڌ کي اڳ ڪرڻ جي ڳالهه چوري ۽ پوءِ اڳتي هلي کيس انهيءَ جي مخالفت ڪرڻي پئي ، نه رڳو ”سنڌ هندو سڀا“ ۽ ”سنڌ هندو پنچائت“ جهڙين پارٽين هن تحريڪ جي مخالفت ڪئي ، پر ان لاءِ اندروني طور تي سنڌ ۾ ”ائينٽي سيپريشن ڪميٽي“ ٺاهي وئي ۽ خارجي طور تي ”آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي“  ۽ ”مها سڀا“ کي به هن مسئلي ۾ ٽنگ اڙائڻ تي مجبور ڪيو ويو . نه رڳو ايترو پر سنڌ جي هندن لنڊن ۾ به ڪن گورن ماڻهن کي سنڌ جي جدائيءَ خلاف مبلغ طور ڪم آڻڻ جي به ڪوشش ڪئي .

سرڪاري سياست :

          ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي عوام ۾ جڏهن سياسي بيداري اچڻ لڳي ته انگريز سرڪار ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو “ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي . هن ڪن موقعن تي لڪي ڇپي سياستدانن ۽ سياسي پارٽين کي پتلي جيان نچايو به ۽ ڪن صورتن ۾ ڏٺو وائٺو مداخلت به ڪئي .

          فرنگي سرڪار پنهنجي مفادن جي بچاءَ ۾ نظرين جي ڦهلاءَ لاءِ ڪيتريون ئي جماعتون ٺهرايون . 1857ع جي واقعي کان پوءِ جتي ڪانگريس پارٽي ٺهي ،اتي نج سرڪاري جماعت ”برٽش امپائر ليگ“ به قائم ٿي . هن پارٽيءَ جي شاخ 1906ع ۾  سنڌ ۾ به کولي وئي . جنهن جي پليٽ فارم تان سنڌ جي سرڪار پرست مسلمانن  ، هندن ، پارسين ۽ عيسائين انگريز سامراج  جي خدمت ڪئي . 1919ع ۾ جڏهن ”خلافت تحريڪ“ باهه بڻجي فرنگي سرڪار کي وڪوڙي وئي ته سرڪار جي ڪوشش سان هتي ”امن سڀا“ ، ”سوراج سڀا“ ، ”دي نيشنل سروس ليگ“ ۽ ”اينٽي نان ڪو آپريشن سوسائٽي“ نالي جماعتون ٺهيون . جن عوام جي مفادن جي خلاف وقت جي سرڪار جو ساٿ ڏنو . وقت جا سرڪاري ڪامورا انهن پارٽين جي گڏجاڻين جي صدارت ڪندا هئا ، ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق ٺهراءَ بحال ڪرائيندا هئا . اهو سلسلو سنڌ جي ممبئيءَ کان علحدگيءَ تائين هيو .

          جڏهن سنڌ جدا ٿي ته هتان جي سياست جو آغاز ئي غلط نموني سان ٿيو ۽ وقت جي سرڪار سياسي اصولن کي ٽوڙي پنهنجي مرضيءَ مطابق وزارتون ٺاهيون ۽ چونڊون ڪرايون ، ننڍي کنڊ ۾ سنڌ ئي هڪ واحد خطو هو ، جنهن ۾ اڪثريتي پارٽيءَ کي نظرا نداز ڪندي وقت جي گورنر ٽن ميمبرن واري جماعت کي سنڌ جي وزارت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي ، ان کان سواءِ پوري ننڍي کنڊ ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي ئي ڊس مس ڪيو ويو هو . ائين ابتدا کان وٺي انتها تائين سرڪار پنهنجي سامراجي سڀاءُ جي ساک ڀريندي سنڌ جي سياست کي آلوده ڪندي رهي .

مارڪسوادي سياست :

        پهرين مهاڀاري لڙائي پوري دنيا سان گڏ سنڌ ۽ هند تي به دور رس اثر ڇڏيا ، برطانيه سرڪار هن جنگ ۾ شريڪ ٿي ، نه رڳو سنڌ ۽ هند جي ڪيترن نوجوانن کي جنگ جي منهن ۾ ڌوڪيو پر ننڍي کنڊ جي ڪچي مال ۽ کاڌ خوراڪ جي وسيلن کي به پنهنجي جنگي ضرورت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو . ان ڪري شين ۾ اڻاٺ ۽ قيمتن ۾ واڌارو اچي ويو . بدقسمتيءَ سان 1918ع ۽ 1919ع ۾ وري سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڏڪر ۽ وبا گڏجي حملو ڪيو ، جن هڪ ڪروڙ ويهه لک انسانن کي موت جي منهن ۾ ڏئي ڇڏيو .

          جنگ کان پوءِ سامراجي سرڪار هندوستاني صنعت ڏانهن توجه ڏنو ، جنهن ڪري هتان جي سماج ۾ ڪارخانيدارن ، سرمائيدارن ۽ مزدورن جا طبقا پيدا ٿيڻ لڳا . روزگار جي تلاش ۾ ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ٿي وئي ۽ پورهيت طبقو هڪ قوت بڻجڻ لڳو .

          اڄ جيان انهيءَ زماني ۾  به برطانيه ۽ روس جا لاڳاپا چانڊين مگسين جهڙا هئا . ان ڪري فرنگي سرڪار خلاف جنگ وڙهندڙ عوام ، فطري طور تي روس جي تبديليءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ ائين سنڌ ۾ مارڪسوادي نظرين پکڙجڻ جون حالتون پيدا ٿيون .

          1922ع تائين مارڪسوادي فڪر ۽ نظريو عروج تائين پهچي چڪا هئا . تنهن سال ممبئيءَ مان ”دي سوشلسٽ“ نالي هفتيوار اخبار جاري ٿي . جيئن ته ان زماني ۾ سنڌ به ممبئيءَ جو حصو هئي ، ان ڪري اها اخبار سنڌ تائين به پهچڻ لڳي ، نيٺ اڳتي هلي ڊسمبر 1925ع ۾ گڏيل هندوستان ۾ پهرين ”ڪميونسٽ پارٽي“ قائم ٿي .

          سنڌ ۾ هي فڪر 1926ع تائين ڪتابي صورت وٺي چڪو هو تنهن سال ڄيٺمل پرسرام”ساميه واد“ نالي هڪ ڪتاب لکيو ۽ ان کان هڪ  سال  پوءِ وشنو شرما ”بي انصافي ڪيئن دورڪجي؟“نالي

هڪ ڪتاب لکيو . انهن ٻنهي ڪتابن ۾ سوشلزم تي تفصيلي روشني وڌي وئي هئي .

          سنڌ جي مارڪسوادي فڪر کي فروغ ملڻ کان پوءِ سڀ کان پهريون 1930ع ۾ ”هاري ڪميٽي“ ٺهي . 1934ع ۾ جڏهن پاٽنا ۾ ”ڪانگريس سوشلسٽ پارٽي“ ٺهي ته ان جي شاخ هتي به قائم ٿي،  ان کان پوءِسنڌ۾”سنڌپروگريسوپارٽي“،”سنڌ ليبر پارٽي“ ، ”فرينڊس آف سويت يونين“ ، ”سنڌ بلوچستان ميونسٽ پارٽي“ ۽ ”دي سوشلست پارٽي“ قائم ٿيون .

مذهبي سياست : 

          مطالعي هيٺ آيل دؤر ۾ سنڌ جي سياست ۾ مذهبي جذبي ۽ جنون رکندڙ ماڻهن کي وڏو هٿ پئي رهيو آهي ، ليڪن تاريخي حقيقتن ۽ نتيجن سندن ڪڏهن به پٺڀرائپ ، تائيد يا تصديق نه ڪئي آهي . انگريزي راڄ جي ابتدا ٿي ته حالتن جو ويهي مقابلو ڪرڻ بدران وطن جا وڻ ڇڏڻ وارا به عالم هئا . انهن ئي ڪيترو وقت پنهنجي پوئلڳن ۽ باقي عوام کي انگريزي زبان کان پري رکيو جنهن جي نتيجي ۾  سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جا ٻه طبقا ٿي ويا . هڪڙن کي نوڪريون مليون ۽ ٻيا ملازمتن جو تصور به ڪري نٿي سگهيا .  هڪڙن کي دولت به جهڪي سلام ٿي ڪيو ۽ ٻين باقي پاڻ جهڙن انسانن اڳيان لوڙڻ باوجود پيٽ جي دوزخ جي باهه وسائي نٿي سگهي .

          ”سنڌ سڀا“ مان جڏهن حسن علي آفندي رُسي ٻاهر نڪتو ته مولوي الله بخش ”اٻوجهو“ ئي سنڌ ساٿي ثابت ٿيو ۽ ائين هڪ مذهبي ماڻهوءَ جي ڪوشش سان ” مجمع محمدي“  قائم ٿي . ”ريشمي رومال تحريڪ“ هلي ته ان کي به مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سنڌ جي ٻين عالم ڪلهو ڏنو . ان کان پوءِ ”خلافت تحريڪ“ هلي ته هتان جي عالمن ”عدم تعاون“ ، ”ترڪ موالات“ ۽ ”هجرت تحريڪ“ جو بنياد رکي انگريز سامراج کي نڪ ۾ دم ڏئي ڇڏيو . سنڌ جا عالم ، سنڌي عوام ۾ مذهبي جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻ ۾ته ڪامياب ٿي ويا ، پر ان کي ڪا نئين راهه ڏئي نه سگهيا . هيءَ حقيقت آهي ته جڏهن مذهب عوام جي ذهنن ۽ خيالن تي پٿر جي ليڪ بڻجي چڪو هو ان وقت ”خلافت تحريڪ“ جو خاتمو ته ٿيو ، پر الله آباد واري اجلاس ۾ ”مسلم ليگ“ کي ”پاڪستان“ جي تصور پيش ڪرڻ ۾ آساني ٿي ، جنهن کي عوام خوشيءَ سان قبول ڪري ورتو . نه ته هي جماعت ڪيتري عرصي کان وٺي ”هندو مسلم اتحاد“ لاءِ ڪم ڪندي ٿي رهي . ان ڪري ائين چوڻ ۾ ڪو به واڌار ڪونهي ته عالن زمين تيار ڪئي پر ٻج مسلم ليگ ڇٽيو .

          ”خلافت تحريڪ“ جي زماني ۾ انگريزن جي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو “ جي حڪمت عملي سنڌ جي عالمن کي اهڙي دڳ تي اچي بيهاريو جو هو نانگ بدران نوڙي ڪٽڻ ۾ مشغول ٿي ويا . سندن ڪيترو وقت هڪ ٻئي تي فتوائون صادر ڪرڻ ۾ صرف ٿي ويون . ”خلافت “ جو خاتمو ٿيو ته ڪن عالمن ”جمعيت علماء“ جو جهنڊو بلند ڪيو ، ائين سنڌ جي علحدگيءَ تائين اسان جا عالم سياست جو ميدان ڇڏي رڳو مذهب تائين محدود ٿي ويا . ليڪن سکر جي ”مسجد منزل گاهه جي تحريڪ“ اک ڇنڀ ۾ کين آڻي ”مسلم ليگ“ جي صفن ۾ بيهاريو . جيتوڻيڪ ”مسلم ليگ“ کين اسيمبلين جي ايوانن ۾ ته نه آندو پر پوءِ به هو مبلغ بڻجي ”مسلم ليگ“ جي مستقبل جو اهو منظر چٽيندا رهيا جنهن جو ذڪر ته ڇا پر عڪس به ان جماعت جي ڪنهن قرار داد ۾ ملي نه ٿي سگهيو .

هڪ جهلڪ :      

          1843ع کان وٺي 1947ع واري دؤر جي سياسي تاريخ کي ڏسجي ٿو ته سياستدانن جي حيثيت سان سنڌ واسي ”خارجي ميدان“ ۾ ته ڪامياب رهيا پر ”داخلي ميدان“ ۾ بنهه ناڪام نظر اچن ٿا . يعنيٰ هنن ننڍي کنڊ جي سطح تي عظيم ڪارناما سرانجام ڏنا ، پر پنهنجي ڌرتيءَ تي ڏيئو ٻاري نه سگهيا ! منهنجي خيال ۾ انهيءَ جو وڏي کان وڏو سبب سندن ”حد کان وڌيڪ ذهانت “ ئي هو . جيئن ته انگريزي راڄ دوران سنڌ کان ٻاهر، باقي ننڍي کنڊ ۾ قيادت ۽ صلاحيت جو فقدان هو ، ان ڪري سنڌ جي سپوتن کي اتي پنهنجي جوهرن ڏيکارڻ جو ڀرپور موقعو مليو ، ۽انهن ننڍي کنڊ جي سطح تي قائم ڪيل سياسي پارٽين جي قيادت ڪئي. مثال طور خواجن جي روحاني رهبر آغاخان مسلم ليگ ٺاهڻ  ۽ ٺهرائڻ  ۾  اهم  پارٽ ادا ڪيو ، سندس ئي فرقي جي هڪ فرد محمد علي جناح وري انهيءَ ئي مسلم ليگ کي پنهنجي  مقصد حاصل ڪرڻ ۾ قيادت مهيا ڪئي . مسلم ليگ کان سواءِ ساڳيو حشر ڪانگريس ڪميٽيءَ جو هو  .  ديوان گو بند ، ساڌو هيرانند ۽ڪي ٻيا پهريان سنڌي سياستدان هئا ، جن ڪانگريس  جي انهيءَ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ، جنهن ۾  هن پارٽيءَ  جو قيام عمل ۾ آندو ويو .  سنڌي شروع کان وٺي انهيءَ جي ورڪنگ ڪميٽي  جا ميمبر  ٿيندا آيا . تان جو  ڏکئي وقت ۾ ان جا سيڪريٽري به ٿيا. مطلب ته سنڌواسين کي ڪانگريس ۾ غير معمولي عهدا مليا ، ۽ هنن انهن عهدن سان انصاف به ڪيو .

          ساڳي نموني سان جڏهن ”خلافت تحريڪ“ جو آغاز ٿيو ته هن موڙ تي به سنڌواسين جي قيادت ۽ صلاحيت سڄي ننڍي کنڊ کي ڪم آئي .”عدم تعاون“جو ٺهراءُ ڪراچيءَ جي ”خالقڏني هال“ ۾ بحال ٿيو. ”هجرت تحريڪ“ جو آغاز هتان ئي ٿيو ، ۽  زهر جو پيالو به هتان جي ئي رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي کي پيڻو پيو !! ”خلافت تحريڪ“ سان گڏ ”جمعيت العلماءِ“ هڪ منظم تحريڪ بڻجي اڀري ته انهيءَ کي تشڪيل ڏيڻ واري  اجلاس ۾ پير محمد امام ، مولانا اسدا لله شاه ، مولانا تاج محمود امروٽي ۽مولانا محمد صادق کڏي واري شرڪت ڪئي . ان کان پوءِ هن جماعت جي پهرين ورڪنگ ڪميٽي ٺهي ته ان ۾ سنڌ سان مولوي پير تراب علي ، مولوي عبدالله  ۽ مولوي محمد صادق کڏي واري کي به کنيو ويو.

          ساڳي نموني سان 1915ع ۾ جڏهن مائي ائني بيسنت ”هوم رول ليگ “ ۽ سندس جائنشين آرنڊول 1935ع ۾ ”انڊين نئشنل ليگ“ ٺاهي تنهن کي سڏي سڏ ڏيندڙ سنڌي ئي هئا، جن سنڌ جي ڌرتيءَ تي انهن جماعتن جون شاخون ائين کوليون ، جيئن ڪنهن هاريءَ ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ڇڏيو هجي ، ”خاڪسار تحريڪ“ کي خير خوبي سان سنڌ ۾ مقبول بنائڻ وارا به سنڌي ئي هئا ، جن مان اڄ به اڃا ڪيترا جيئرا آهن .

          اهو ته هو سنڌواسين جي سياسي بصيرت ، لياقت ۽ صلاحت جو خارجي رخ ، جڏهن اسان داخلي ميدان طرف منهن ڪريون ٿا ته  بنهه ائين جيئن مور پنهنجي قبيح پيرن کي ڏسي روئي پوندو آهي ، اهڙي حالت هڪ محب وطن تاريخدان سان به ٿئي ٿي . سنڌ جي داخلي سياست ڏي ڏسڻ کان پوءِ ائين ٿو لڳي ڄڻ هڪ اونداهي رات آهي جنهن ۾ تارن جي ٽمڪڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي .

          جيئن آءٌ اڳ ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته اسان جي بزرگن جو داخلي ميدان ۾ پٺتي پوڻ جو وڏو ڪارڻ سندن ”حد کان وڌيڪ ذهانت“ ئي هئي ، انهيءَ ذهانت سبب ڪنهن به دؤر ۾ ڪنهن به پارٽيءَ ۾  متحد ٿي نه سگهيا ، بنهه ائين جيئن ٻه شينهن هڪ ٻيلي ۾ رهي نه ٿا سگهن . انهيءَ جو نتيجو هي نڪتو ته سنڌ جي داخلي سياست هميشه اختلافن جو شڪار رهي . عهدن نه ملڻ تي پارٽيون ائين ۽ ايترو ته جلد بدلايون ويون جيئن امير ماڻهو به ايترو تڪڙو ڪپڙا نه بدلائي ! معمولي اختلافن تي لکن جون وزارتون رڳو هڪ هڪ روپئي جي ڪتر واري رٿ تي  ڪيرايون ويون ، پوءِ ٿيو ڇا ؟ جيئن ڪانءَ کي لڙُ مان مزو ايندو آهي ، تيئن هتي وري ٻاهرين پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن جي ٻيگهي مچي وئي ، تان جو سنڌي سياستدانن مٿان اهو وقت به اچي بيٺو جو کين پاڻ سنڀالڻ جي به مهلت نه ملي سگهي ، پوءِ هو نه رڳو پاڻ طوفان ۾ لڙهي ويا پر تاريخ کي به ٻوڙيون ويا .

 

 

ذڪر هيٺ آيل ڪن پارٽين جو تعارف :                 

1. اپر سنڌ زميندار ائسوسيئشن :

        هي جماعت سنڌ جي مٿئين طبقي جي ڏڦيڙ جو نتيجو هئي ، جماعت جي قيادت لاڙڪاڻي جي زميندارن جي هٿ هيٺ هئي . هن جماعت جا خاص مقصد هئا ، پنهنجي تر جي مٿئين طبقي جي مفادن جي حفاظت ڪرڻ ۽ ”لوئر سنڌ زميندار ائسوسيئشن“ جي مخالفت ڪرڻ .

2. امن سڀا :

          1919ع ۾ ”خلافت تحريڪ“ جي ابتدا فرنگي سرڪار خلاف رڻ ٻاري ڏنو ، انهيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ وقت جي سرڪار پنهنجي لٺ ۽ چٺ جي زور تي ”امن سڀائون“ قائم ڪرايون انهيءَ سڀائن کي سنڌ جي وڏيرن ، پيرن ۽ آفيسرن گڏجي ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي . هي جماعتون سنڌ جي ڳچ شهرن ۾ بڻايون ويون .

3. انڊين نيشنل ليگ :

          هي جماعت اصل ۾ تنهن زماني جي مشهور ٿياسافسٽ ڊاڪٽر آرنڊول 8 فيبروري 1935ع  تي مدراس ۾ قائم ڪئي هئي . ليگ جا خاص مقصد هي هئا ته برطانيه جي نظر داريءَ هيٺ سوراج حاصل ڪيو وڃي ۽ هندوستان لاءِ اهڙي قسم جو آئين حاصل ڪيو وڃي .

سنڌ ۾ وري 24 مارچ 1935ع انهيءَ جي شاخ قائم  ڪئي وئي ، ڪراچيءَ کي ان  جو مرڪز بڻايو ويو . ليگ جي پهرين وقتي ڪاميٽي هنن سياستدانن تي مشتمل هئي :

صدر              :         درگداس . بي . آڏواڻي

نائب صدر        :         ڪيولرام ڏيا رام ، جي .ايم . سيد

سيڪريٽري       :         جي . ٽي . ٿڌاڻي ، ريجهو مل آڏواڻي

خزانچي          :         ڀاڳچند چتر سنگهه

ورڪنگ ڪميٽي:         جمشيد ميهتا ، ڊاڪٽر پوپٽ لال

4. اينٽي سيپريشن ڪميٽي :

هيءَ ڪميٽي سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ نه ڪرڻ لاءِ 1932ع ۾ ٺاهي وئي ،  ڪميٽي جي سرگرم ڪارڪنن مان ديوان بهادر مرلي ڌر ، مسٽر لالچند نولراءِ  ۽ پروفيسر ڇٻلاڻيءَ جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن . سنڌ ۾ ڪميٽي جا مکيه ٻه دفتر هوندا هئا : هڪڙو ڪراچيءَ ۽ ٻيو حيدرآباد . هن ڪميٽي لنڊن ۾ پنهنجا انگريز مبلغ به مقرر ڪيا هئا .

5. اينٽي نان ڪو آپريشن سوسائٽي :

هي سوسائٽي اپريل 1921ع ۾ حيدرآباد ميونسيپالٽيءَ جي سابق پريزيڊنٽ ٺاڪرداس کيمچند جي ڪوششن سان قائم ٿي . سوسائٽيءَ جو مکيه مقصد بنهه ”امن سڀا“ جهڙو هو  ، هن سوسائٽيءَ جا پهريان عهديدار هئا :

صدر              :         ديوان ليلارام سنگ وطڻ مل

سيڪريٽري       :         ٺاڪر داس کيمچند

ڪاروباري ڪميٽي :      ديوان هشمت راءِ (چيئرمين) ، مرزا قليچ بيگ ، محمد احسان ، مکي هرڪشنداس ، لوڪو مل گوبند بخش ، ڄيٺسنگ نارائڻ سنگ ، گوپال داس، علي اڪبر بار ايٽ لا۽ مسٽر غني بار ايٽ لا .

 

 

6. برٽش امپائر ليگ :

هي جماعت فرنگي سرڪار جي خيرخواهن جي هڪ آڳاٽي جماعت هئي ، جنهن جي سنڌ ۾ شاخ 5 مارچ  1906ع تي قائم ڪئي وئي هئي . سنڌ جو ڪمشنر هن جماعت جو صدر هوندو هو  ۽ سنڌ جي هندن ، مسلمانن ، پارسين، ۽ ڪرستانن جا اهي ماڻهو جيڪي سرڪار پرستيءَ ۾ مشهور هوندا هئا اهي هن جماعت جا ميمبر ٿيندا هئا . 1906ع ۾ هن جماعت جا جملي 85 ميمبر هئا . غير سرڪاري ماڻهن مان پروفيسر شهاڻي ، ٽيڪچند اوڌو داس ، غلام علي چاڳلا ، نادر شاهه ڊنشا ۽ يوسف علي علي ڀائي هن جماعت جا سرگرم ڪارڪن ٿي رهيا .

7. خاڪسار تحريڪ :  

سنڌ ۾ هن تحريڪ کي مانوس ڪرائڻ وارو هو حيدرآباد جو وڪيل نصير محمد . ان کان پوءِ ڊاڪٽر قاضي محمد اڪبر هن تحريڪ کي مقبول بڻايو . پير الاهي بخش جي ڪوششن سان هن جماعت جون لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ شاخون قائم ٿيون ، ڪراچيءَ ۾ وري قاضي عبدالرسول وڪيل ۽ سيد حضرت شاهه ان کي اتي مقبول بڻايو .

8 .دي منارٽيز پروٽيڪشن بورڊ :  

هندوستان جي ورهاڱي جڏهن حقيقت جو روپ ڌاريو ته سنڌ جي غيرمسلم عوام ، نئين حالتن مطابق منظم ٿين جي ڪوشش ڪئي ۽ هي بورڊ تشڪيل ڏنائون . هن بورڊ جو صدر دفتر ڪراچيءَ ۾ هو پر ان کي صرف سنڌ تائين محدود نه رکيو ويو هو . بورڊ جي آئين ۾ڄاڻايو ويو هو ته اڳتي هلي ورهاڱي کان پوءِ هن بورڊ جي هيڊ آفيس پاڪستان ۽ ٻي آفيس ڀارت جي گاديءَ وارن هنڌن تي قائم ڪئي ويندي .

 

9. دي نئشنل سروس ليگ :

 هي ليگ خلافت ۽ ڪانگريس جي گڏيل نافرمانيءَ واري تحريڪ کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ 1921ع ۾ ٺاهي وئي . ٺاڪرداس کيمچند هن جماعت جو روح روان هو .

10. ستياگره سڀا :

”رولٽ ائڪٽ“ لاڳو ٿيڻ کان پوءِ عوام سان جي آزار ٿيڻ لڳا ، انهن کي اڳيان رکي سنڌ جي سياستدانن اپريل 1919ع ۾ هيءَ سڀا قائم ڪئي . جماعت جو صدر دفتر ڪراچيءَ ۾ هوندو هو .

11. سنڌ آزاد پارٽي :

10سيپٽيمبر1935ع تي ڪراچيءَ ۾ ”خلافت ڪميٽي“، ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ ۽ ”هاري پارٽي“ جي گڏيل اجلاس ۾ هيءَ جماعت قائم ڪئي ، جنهن جو پهريون عارضي صدر شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي بڻايو ويو  ۽ پير الاهي بخش ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ، رئيس علي محمد مري ۽ رئيس علي محمد کيڙي تي مشتمل هڪ ورڪنگ ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي . هن پارٽي سنڌ جي پهرين چونڊن ۾ ٽي سيٽون حاصل ڪيون ، پارٽي اڳتي هلي مسلم ليگ ۾ ضم ٿي وئي .

 12. سنڌ آزاد ڪانفرنس :

          هي پارٽي 15 نومبر 1932ع تي حيدرآباد ۾ سڏايل ”ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس “ جي موقعي تي بڻائي وئي . هن پارٽيءَ جو مقصد هو ته جدائيءَ واري مطالبي کي مقبول بڻايو وڃي . پارٽيءَ جو پهريون صدر سر شاهنواز خان ڀٽو ، نائب صدر خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ سيڪريٽيري ميران محمد شاهه بڻيو .

13. سنڌ اسيمبلي ڪوئيليشن پارٽي :

          سنڌ ليجليسٽيو اسيمبليءَ جي قائم ٿيڻ سان جيڪي پارٽيون چونڊجي آيون ، انهن مان هڪڙيون نج سنڌ جي ماحول ۽ تقاضائن مطابق بڻيون هيون ۽ ٻيون اهي جماعتون هيون جن جا مرڪز سنڌ کان ٻاهر هئا ، ان ڪري سنڌ اسيمبلي متضاد مفادن جي بچائڻ جو اڏو بڻجي وئي . انهيءَ رسا ڪشيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته چونڊجي آيل مختلف پارٽيون ڪن مشترڪ مفادن ۽ اصولن تي متحد ٿين، هيءَ جماعت انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ قائم ٿي .

14. سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽي :

          جڏهن پاڪستان جو قيام هڪ حقيقت جو روپ وٺڻ تي هو ته سنڌ جي ڪميونسٽ اڳواڻن هندوستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ڇڏي ، جولاءِ 1948ع ۾ ”سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽي“  ٺاهي ، ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي هن جماعت جو پهريون سيڪريٽري ٿي رهيو . ساڳئي دؤر ۾ محمد يوسف ۽ مبارڪ ساگر جي ڪوشش سان سنڌ ۾ ”دي سوشلسٽ پارٽي“ قائم ٿي .

15. سنڌ پروگريسو پارٽي :

          هي پارٽي 1935ع ۾ درگداس بي ، آڏواڻيءَ قائم ڪئي. پارٽيءَ جو بنياد غيرفرقيوارانه حڪمت عمليءَ تي رکيو ويو ۽ انهيءَ جي آئين مطابق سنڌ جو ڪو به ماڻهو جو ترقي پسند خيالن جو هجي ذات ، ڏات ، رنگ ، نسل ۽ دين ڌرم جي فرق کان سواءِ هن پارٽيءَ جو ميمبر ٿي سگهي ٿو . پارٽيءَ کي مقبوليت بدران شروع کان وٺي مخالفت جو وڏو بار کڻڻو پيو .

 

16. سنڌ پوليٽيڪل ڪلب : 

سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ ڪرڻ تائين اسان جا اڳواڻ ۽ عالم وقت جي حالتن ۾ رنگ نسل ، دين ڌرم ، ۽ ذات پات جو رنگ چاڙهي چڪا هئا ، انهيءَ ڪري اها وقت جي تقاضا هئي ته اختلافن کي ڪنهن حد تائين گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي . ”سنڌ پوليٽيڪل ڪلب “ انهيءَ پس منظر ۾ ، مئي 1936ع ۾ قائم ٿي . هن ڪلب جا ميمبر مختلف سياسي پارٽين جا ميمبر هوندا هئا ، ڪجهه وقت اڳتي هلي ڪانگريس هن ڪلب مان نڪري وئي. ڪلب جي پهرين ميمبرن مان درگداس بي آڏواڻي ، سر غلام حسين هدايت الله ، جي. ايم . سيد ، محمد هاشم گذدر ، ڊاڪٽر پوپٽ لال ، سڌوا ، خانچند گوپال داس ، ڊاڪٽر پرمانند آهوجا ،حاتم علوي ، هردالال ، يوسف هارون ۽ ٿڌائيءَ جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن .

17. سنڌ پيپلز پارٽي :

          هي پارٽي 1933ع ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت ۾ ٺهي . پارٽيءَ جو پهريون صدر حاتم علوي هو ، ان جي مکيه ميمبرن ۾ جي .ايم .سيد ، سيد غلام نبي شاهه ، محمد علي شاهه ، حاجي مولابخش ، خانبهادر الله بخش ، نبي بخش ڀٽو ، ۽ ميران محمد شاهه اچي وڃن ٿا .

18. سنڌ پيپلز ڪانگريس ڪميٽي :

          هن پارٽيءَ جو باني ڪراچيءَ جو مشهور ڪانگريسي اڳواڻ سوامي گوندانند هو . هن صاحب جو جڏهن ڪانگريس سان اختلاف ٿي پيو ته نومبر 1936ع ۾ هي جماعت ٺاهيائين .

 

 

19. سنڌ زميندارز ائسوسيئشن :

          هي جماعت اپريل 1921ع ۾ سڏايل سنڌ جي زميندارن جي هڪ ڪانفرنس جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ بڻائي وئي . ائسوسيئشن جو پهريون صدر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ٿيو .

20. سنڌ زميندارز ائسوسيئشن ، پٿورو :

          هي سنڌ جي قديم جماعتن مان هڪ هئي ، جيڪا سرهندي پيرن جي ڪوششن سان قائم ٿي . جماعت سياسي نقطه نگاهه کان مرحوم رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي اثر هيٺ هوندي هئي .

21. سنڌ ساگر پارٽي :

          جلاوطنيءَ جي خاتمي کان پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي ،سنڌ ۾ آيو ته هن 1939ع ۾ ”جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي “ ٺاهي . هيءَ پارٽي هندوستان کي مذهب جي بنياد تي ورهائڻ بدران لساني بنيادن تي تقسيم ڪرڻ جي حق ۾ هئي .

22. سنڌ سڀا :

          هيءَ سنڌ جي پهرين سياسي ۽ سماجي جماعت هئي ، جيڪا غيرفرقيوارانه بنيادن تي 1882ع ۾ قائم ٿي . جماعت جو پهريون صدر سيٺ آتما رام ڀوڄواڻي ٿيو . ديوان ڏيا رام ڄيٺمل ۽ ديوان ڏيارام گدو مل هن جماعت جا روح روان هئا .

          هن جماعت جي قيام واري سال ئي لارڊ رپن ڏيهي ماڻهن کي مڪاني خودمختياريون وڌائي ڏيڻ جو خيال ڪيو ۽ ميونسپل توڙي لوڪل بورڊن جي چونڊن جو سرشتو عمل ۾ آڻڻ جو بل تيار ڪرايو . ”سنڌ سڀا“ هندوستان جي انهيءَ آئين ۽ عمل ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو ۽ پوءِ پاڻ کي ايترو ته منظم ڪيو جو سنڌ ۾ ميونسپالٽين جون چونڊون ٿيون ته انهن ۾ اڪثريت هن پارٽيءَ کي ئي نصيب ٿي .

          1884ع  ۾ لارڊ رپن کي مانپتر ڏيڻ واري سوال تي حسن علي آفندي جو ان وقت جماعت جو نائب صدر هو ، استعيفا ڏيئي هليو ويو ، ۽ پوءِ آهستي آهستي هي پارٽي اختلافن جو شڪار ٿي وئي .

23. سنڌ سوراج سوسائٽي :  

          هيءَ سوسائٽي جون 1921ع ۾ قائم ڪئي وئي ته جيئن هڪ طرف ڏڦيڙي سياست کي ٿڌو ڪري سگهجي، ۽ ٻئي طرف وقت جي سرڪار جي ڪڌن ڪرتوتن جا وکا پڌرا ڪري عوام کي باخبر ڪجي . سوسائٽيءَ جو صدر دفتر حيدرآباد ۾ هوندو هو . ان جا پهريان عهديدار هن ريت هئا :

          صدر              :         رئيس غلام محمد ڀرڳڙي .

          نائب صدر        :         گوپال داس جهمٽ مل .  

          سيڪريٽري       :             سنتداس منگهارام،ڇٽو مل ٿڌاڻي .

ڪاروباري ڪميٽي :      کيمچند امرت راءِ ، ڄيٺمل پرسرام ، پهلاج راءِ ، گنگا رام ، ڪرمچند گرمکداس ، هيرانند سنتوڪ رام ، جمشيد مهتا ۽ ڊاڪٽر بولچند .

 

24. سنڌ سوشلسٽ پارٽي :

          هي پارٽي 1936ع ۾ نارائڻ داس آنند جي . بيچر جي قيادت ۾ ٺهي . هن جماعت سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊن ۾ ڪانگريس سان الحاق ڪيو .

25. سنڌ ليبر پارٽي :

          هي پارٽي جون 1936ع ۾ ڪراچي ۾ قائم ٿي . ڊاڪٽر تارا چند هن جماعت جو پهريون صدر ۽ اي . ايم . خان ۽ عبدالرحمان انهيءَ جا پهريان سيڪريٽري ٿيا . هي جماعت ان ڪري قائم ڪئي وئي ته جيئن سنڌ جي جاگيردارانه نظام جو خاتمو آندو وڃي ، ۽ بئراج زمينون آسان قسطن تي هارين کي ڏياريون وڃن .

. سنڌ ليگ آف پروگريس :  

          هي جماعت آڪٽوبر 1922ع  ۾ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪئي وئي ، انهيءَ جو پهريون صدر هرچند راءِ وشنداس ۽ پهرين ڪاروباري ڪميٽي سي . ايف . ڊي . ابريو ، جي . برچ ، ڏيپچند چانڊومل ، ولي محمد حسن علي ، اي . ايڇ . ماما ، جمشيد ميهتا ، مير ايوب خان ، شقرتن ميهتا ، اي . ايل . پرائس ۽ روپچند ٻيلارام تي مشتمل هئي . جماعت جو پهريون سيڪريٽري سرمانٽميگو ويب هو .

ملڪي سطح تي هيءَ جماعت انهن جماعتن مان هڪ هئي ، جن غير فرقيوارانه پاليسي اختيار ڪئي . جماعت جي واڳ جيتوڻيڪ انتها پسندن جي هٿ ۾ نه هئي پر ان هوندي به ان جا ميمبر وڏي اثر رسوخ وارا هوندا هئا ، جن سنڌ جي مسئلن کي گهٽين ۽ رستن تي حل ڪرائڻ بدران ايوانن ۾ اسيمبلين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي .

27. سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي :

جڏهن ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي “ ۾ هڪ اڌ ڊپٽي ليڊر جي چونڊ تي اختلاف ٿي پيا ته سر غلام حسين هدايت الله ۽ محمد ايوب کهڙي اها پارٽي ڇڏي ، وڃي هڪ رات ۾ ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ ٺاهي . هن پارٽي سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين چونڊن ۾ صرف ٽي سيٽون کنيون ، پر پوءِ به وقت جي گورنر اڪثريت حاصل ڪندڙ پارٽين کي نظر انداز ڪندي هن پارٽي کي وزارت ٺاهڻ جي آڇ ڏني ! هي پارٽي 21 مارچ 1938ع  تائين اقتدار ۾ رهي ، پارٽي 31 آڪٽوبر 1936ع تي ٺاهي وئي هئي .

28. سنڌ مسلم ليگ :

چيو ويندو آهي ته رئيس غلام محمد ڀرڳڙي 1917ع ۾ سنڌ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ کولي هئي ، ليڪن حقيقت ۾ ايئن ڪو نه آهي ، اصل ڳالهه هن ريت آهي ته  ”سنڌ محمدن ائسوسيئشن“ جا ان وقت سرڪار جي تاتيل ۽ پاليل جماعت بڻجي چڪي هئي ، انهيءَ کان ڪيترائي آزادي پسند ۽ قومپرست اڳواڻ بيزار ٿي چڪا هئا . انهن گهٽن مان جند ڇڏائڻ لاءِ ”سنڌ مسلم ليگ“ ٺاهي وئي ، جنهن جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته هن جماعت جو آل انڊيا مسلم ليگ سان ڪو به واسطو ڪو نه هو ، ۽ اها پنهنجي جاءِ تي هڪ خودمختيار سياسي جماعت هئي ، اهوئي سبب آهي جو 1917ع ۾ جڏهن مانٽيگو ۽ لارڊ چيلمسفورڊ هندوستان ۾ آئيني سڌارن آڻڻ لاءِ هندوستان جي دؤري تي آيا ته  ”سنڌ مسلم ليگ“ الڳ ۽ خودمختيار حيثيت ۾ انهن اڳيان پنهنجو ميمورنڊم پيش ڪيو .

”سنڌ مسلم ليگ“ جو پهريون صدر يوسف علي علي ڀائي هو  ۽ غلام علي چاڳلا ۽ حاجي عبدالله هارون ان جا سيڪريٽري هئا . اپريل 1920ع هن جماعت جي واڳ ”سنڌ محمدن ائسوسيئشن“ جي حريفن بدران مذهبي نوعيت جي ماڻهن جي هٿ ۾ اچي وئي . اپريل 1920ع ۾ سڏايل سکر جي گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت به ”سنڌ مسلم ليگ“ جا ڪرتا ڌرتا ”آل انڊيا مسلم ليگ“ کي وقت جي سرڪار جي ٺاهيل جماعت تصور ڪندا هئا . انهيءَ زماني ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ، جان محمد جوڻيجو ، شيخ عبدالمجيد سنڌي ، مولوي تاج محمد ، ڊاڪٽر نور محمد ، محمد خان، ڊاڪٽر حاجي ۽ سيٺ امين الدين ساڳئيءَ طرح شروع جيان ليگ جا قائد رهيا .

1925ع ۾ ”سنڌ مسلم ليگ“ کي نئين سر منظم ڪيو ويو . ان وقت سيٺ حاجي عبدالله هارون کي صدر ، سيد محمد ڪامل شاهه کي نائب صدر ، ڊاڪٽر شيخ نور محمد کي سيڪريٽري ، ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ کي خزانچي مقرر ڪيو ويو . 1934ع ۾ وري هن جماعت جي قيادت ۽ تنظيم ۾ تبديلي آڻي حاتم عليءَ جي صدارت ۾ ان ڪري نئين سر منظم ڪيو .

سنڌ ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جو ته پهرين چونڊن وقت به ڪو عملي وجود ڪو نه هو . حقيقت ۾ سنڌ ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ آڪٽوبر 1938ع ۾ سڏايل ”پهرين سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس“ کان پوءِ ئي سنڌ ۾ پير پاتو . انهيءَ کان ستت پوءِ” مسجد منزل گاهه“ واري سياسي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ، جنهن هن جماعت کي هڪ ئي ڌڪ ۾ انهيءَ تحريڪ ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو  ڇو ته رياضت مذهبي اڳواڻن ڪئي ۽ قيادت آل انڊيا مسلم ليگ کي ملي وئي .

29. سنڌ منارٽيز ائسوسيئشن :

غير مسلم سنڌ واسين جي هي جماعت 1946ع ۾ قائم ٿي . انهيءَ جو پهريون صدر ديوان ٽيڪمداس ۽ پهريان نائب صدر هيرالال شرما ۽ راءِ صاحب گوڪلداس هئا . هي جماعت قيام پاڪستان کي آهن م رکي بڻائي وئي هئي ته جيئن نئين تبديليءَ مطابق ٿورائيءَ وارن سنڌ واسين جي مفادن جو بچاءُ ڪري سگهجي .

 

30. سنڌ نئشنلسٽ پارٽي :

هي پارٽي 1935ع ۾ حيدرآباد ۾ ٺاهي وئي هئي ، پارٽي ٺاهڻ جو مقصد هي هو ته ممبئيءَ کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جڏهن صوبائي حيثيت وٺي ته پوءِ ٿورائي وارن طبقن جي مفادن جو بچاءَ ڪيو وڃي . هن پارٽيءَ جو دڳ ئي الڳ هو . پارٽيءَ وارا ”سنڌ هندو سڀا“ کي ڪٽر جماعت تسليم ڪندا هئا ، ۽ پنڊت مالويه جي ”نئشنلسٽ پارٽي“ سان به پلاند ملائڻ لاءِ تيار نه هئا . هي جماعت سنڌ جي روشن خيال غير مسلم رهواسين جي پيداوار هئي ، وشنداس ڏيا رام ، مهراج هوندراج ، ليلارام حڪومت راءِ ، ڀائي لڌارام ۽ ڊاڪٽر وليرام هن جماعت جا خاص اڳواڻ هئا .

31. سنڌ هندو زميندار سڀا :

هي سڀا 30 اپريل 1927ع تي قائم ڪئي وئي ، جماعت جو پهريون صدر پرنسپال شهاڻي ۽ پهريون سيڪريٽري منوهر داس ڪوڙومل هو . ان کان سواءِ هن جماعت جي پهرين”ڪاروباري ڪميٽي“ هيٺين ماڻهن تي مشتمل هئي :

ڪراچي : سيٺ سوڀراج چيتو مل ، راءِ بهادر  شيوارام ۽ سيٺ هرچند راءِ وشنداس .

حيدرآباد : مکي ڄيٺانند ، ديوان همت سنگهه ، اڌارام شيوڪرام ۽ اڌن مل مينگهراج .

نوابشاهه : اڌارام چانڊومل ، آسنداس ليلارام .

سکر : مکي موٽڻ داس .

ٿرپارڪر : ٺاڪر ونگهراج ۽ سيٺ پرتاب راءِ .

لاڙڪاڻو : ريجهومل لاهوري ، ڪشنچند واڌو مل ، ۽ سيٺ گوڪل داس نول داس.

هي جماعت سنڌ جي هندو زميندارن جي مفادن جي نگهباني ڪندي هئي .

32. سنڌ هندو سڀا :

”سنڌ سڀا“ جڏهن اختلافن جو شڪار ٿي وئي ۽ سنڌ جي سياست تي مذهبي رنگ چڙهڻ لڳو ته سنڌ جي هندن ”سنڌ هندو سڀا“ ٺاهي . هن سڀا جون سنڌ جي مکيه شهرن ۽ مرڪزن ۾ شاخون هونديون هيون . هي جماعت مطالعي هيٺ آيل دؤر ۾ سنڌ جي هندن جي هڪ فعال سياسي جماعت هئي .

33. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي :

هڪ سال جي محنت ۽ جدوجهد کان پوءِ هي جماعت 30 آڪٽوبر 1936ع تي قائم ڪئي وئي . جيتوڻيڪ پارٽيءَ کي غير فرقيوارانه بنيادن تي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ، پر سنڌ جي هندن ۽ ٻين غير مسلم رهواسين انهيءَ ۾ ڪا به دلچسپي ڪانه ورتي . خود سنڌي مسلمان به قيادت جي مسئلي تي پاڻ ۾ ٺهي نه سگهيا ۽ ائين ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ هن جماعت جي اختلاف واري ڪک مان جنم ورتو . هن پارٽيءَ جو پهريون اڳواڻ سر حاجي عبدالله هارون ، نائب اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽو ۽ ميران محمد شاهه ، سيڪريٽري حاتم علوي ۽ سيد ميهر علي شاهه ٿيا . سنڌ جي پهرين چونڊن ۾ هن پارٽيءَ کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي ليڪن سندس ٻه اڳواڻ سر حاجي عبدالله هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو چونڊون کٽي نه سگهيا . پارٽيءَ کي ٻيو ڌڪ اهو لڳو ته وقت جي گورنر هن پارٽيءَ کي نظر انداز ڪندي ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ کي وزارت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو . هن پارٽيءَ کي جڏهن وزارت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته سندس اسيمبليءَ وارو اڳواڻ ۽ وزير اعليٰ خانبهادر الله بخش سومرو ڪانگريس طرف جهڪي پيو ۽ هي پارٽي اقتدار جي ڪرسيءَ تائين پهچندي پاش پاش ٿي وئي .

34. سوديشي سڀا :

هن سڀا جو قيام 31 آڪٽوبر1919ع تي عمل ۾ آندو ويو . سڀا اصل ۾ ممبئيءَ ۾ قائم ڪيل مسٽر گانڌيءَ جي ”سوديشي سڀا“ جو پڙاڏو هئي . سنڌ سو ديشي سڀا جي مکيه اڳواڻن مان جمشيد ميهتا ، مسڪيوٽا ، سر ڪشنداس للا ، نرسگنهه لال ڌمنمل ، نارائڻ داس آنندجي ، رام داس ۽ حاتم ڪريم جيءَ جا نالا ذڪر لائق آهن . سڀا جو صدر دفتر ڪراچيءَ ۾ هوندو هو . سڀا سنڌ ۾ ”سوديشي تحريڪ“ کي مقبول ۽ مانوس بڻائڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو .

35 . سوراج پارٽي :

ڪانگريسي پارٽيءَ ۾ ڏڦيڙ پوڻ کان پوءِ جڏهن انهيءَ جي انتها پسند ڌڙي ”سوراج پارٽي“ ٺاهي ته انهيءَ جو اثر سنڌ تي به پيو . سنڌ ۾ آر . ڪي سڌوا ۽ شري ڪشنداس للا ، هن پارٽيءَ جا باني اڳواڻ هئا .

36. سول لبرٽيز يونين :

هي يونين سنڌ ڪانگريس ڪميٽيءَ جي ذيلي شاخ هئي ، جيڪا 1936ع ۾ جمشيد ميهتا جي صدارت هيٺ ٺاهي وئي هئي . هن يونين جي مکيه ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جيرام داس دولترام جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن .

 

 

37. سوراج سڀا :

هي جماعت 1921 ۾ شڪارپور ۾ قائم ڪئي وئي . جماعت جي ٺهراءَ ۾ شڪارپور جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٽانٽن جو وڏو هٿ هو ، جماعت جي مکيه ميمبرن مان ميان علي بخش ، ڀڳوانداس ، شيخ تاج محمد ، مولوي رحمت الله  ، پير ضياءِ معصوم شاهه ۽ مرليڌر جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن . جماعت جو مقصد بنهه امن سڀا جهڙو هو .

38. فرينڊ آف سوويت يونين :

هي جماعت مطالعي هيٺ آيل دؤر جي پوئين ڏهاڪي ۾ قائم ٿي . ڪراچي ۽ حيدرآباد انهيءَ جا مکيه مرڪز هوندا هئا . پروفيسر ڪارواڻي هن جماعت جو پهريون سيڪريٽري هو .

39. لوئر سنڌ جاگيردار ائسوسيئشن :

هن جماعت جو مرڪز حيدرآباد هو . هن جماعت 1922ع  ۾ سکر بئراج جي مخالفت ۾ ڀرپور تحريڪ هلائي ، ڇو ته جماعت جي خيال ۾ بئراج جي تعمير مان اپر سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردارن کي اجايو فائدو رسڻو هو . مکي هرڪشنداس ، سيد ڪمال شاهه ، اڌارام ، ۽ شيوڪ رام هن جماعت جا مکيه اڳواڻ هئا .

40. مسلم نئشنيلسٽ پارٽي :

هي پارٽي قيام پاڪستان کان ٿورو اڳ ۽ خانصاحب الله بخش جي شهادت کان ڪجهه وقت پوءِ ٺهي . جماعت کي اتر سنڌ ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ٿي . 1946ع ۾ مسٽر محمد علي مڪراني ان جو سيڪريٽري ٿيو . هي جماعت هندو مسلم اتحاد ۽ آزاديءَ جي حصول ۾ اعتقاد رکندي هئي .

 

41. نئشنل ڪنوينشن ڪلب :

هي ڪلب 1924ع ۾ قائم ڪئي وئي . سندس سرڪده اڳواڻن مان جمشيد ميهتا ۽ ڄيٺمل پرسرام جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا . ڪراچي ۽ حيدرآباد هن ڪلب جا ٻه مکيه مرڪز هئا . هن ڪلب طرفان ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۽ حيدرآباد جي بنڌو آشرم ۾ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون . هن ڪلب عوام  ۾  سنڌ جي جدائيءَ کي مقبول بڻائڻ کان سواءِ پورهيت طبقي کي بيدار ڪرڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو .

42. هاري پارٽي :

هي پارٽي 1930ع ۾ قائم ڪئي وئي . جنهن جو پهريون صدر پرنسپال گوڪلي کي مقرر ڪيو ۽ ڄيٺمل پرسرام ، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي . ايم . سيد  ان جا سيڪريٽري ٿيا . هن پارٽيءَ جي سهاري هيٺ هارين جون ڪانفرنسون ٿيون ، ۽ سنڌ اسيمبلي سندن مسئلن ڏانهن متوجهه ٿي .

43. هوم رول ليگ :

هن جماعت جو اصل ۾ بنياد 1915ع ۾ ٿياسافيءَ جي پرچارڻ مائي ايني بيسنت وڌو ۽ سنڌ ۾ وري سندس پوئلڳن انهيءَ جي شاخ کولي . ڪراچي هن جماعت جو صوبائي مرڪز هو . ان جون شاخون حيدرآباد ، سکر ۽ شڪارپور ۾  به هيون .

44. يونئنسٽ پارٽي :

هي جماعت 1936ع ۾ سيٺ حاجي عبدالله جي ڪوشش ۽ قيادت سان قائم ٿي . پارٽي غير فرقيوارانه بنيادن تي ٺاهي وئي هئي . ۽ سنڌ جي اقتصادي ترقيءَ کي ان جي منصوبي ۾ وڏي جاءِ ڏني وئي هئي .     

      

5.   اسان جي دؤر جون ڪي علمي ۽ ادبي جماعتون

 

سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي واڌاري ۾ علمي ، ادبي ۽ ثقافتي جماعتن اهم رول پئي ادا ڪيو آهي ، اهي جماعتون هم خيال فردن کي گڏيل پليٽ فارم مهيا ڪنديون رهيون آهن ، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي عالمن ، اديبن ، شاعرن ۽ ٻين قلم ڌڻين پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن کي گڏيل قوت جي روپ ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي مفاد خاطر پئي ڪم آندو آهي .

          علمي ، ادبي ۽ ثقافتي جماعتون انگريزن جي دؤر ۾ قائم ٿيڻ شروع ٿيون . ”ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوسائٽي “ سنڌ ۾ قائم ٿيل پهرين ادبي سوسائٽي آهي ، جيڪا 1885ع  جي آگسٽ ڌاران قائم ٿي . پادري بمبرج ان جو پهريون صدر ۽ جيمسٽي آرديشر ان جو پهريون سيڪريٽري ٿيو . سنڌي ٻولي جا ڪيترا ناميارا عالم ، اديب ۽ شاعر هن جماعت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندا هئا . انهن مان ڏيارام گدومل ، ڪوڙيمل چندن مل ۽ هيرانند شوقيرام جا نالا ذڪر ڪرڻ لائق آهن . سوسائٽيءَ جون هر هڪ اربع تي شام جو  ساڍي ڇهين وڳي ڊينسو هال ۾ گڏجاڻيون ٿينديون هيون .

          سنڌ ۾ ادبي سوسائٽين جو قيام آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي جي ٺهڻ يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ مدرسته الاسلام قائم ٿيڻ کان به اڳي ٿيو . هڪ صديءَ جي ان عرصي ۾ سنڌ ۾ هزار کان مٿي علمي ، ادبي ۽ ثقافتي جماعتون قائم ٿيون .    

انهن جماعتن ۽ ادارن جو وچور مون تيار ڪري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ رکيو آهي ته هر هڪ جماعت ، اداري يا تنظيم تي تفصيل سان تحقيقي ڪم ڪري پنهنجي تاريخ جي وڃايل ورقن کي محفوظ ڪري  سگهجي .

1885ع کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ڪيتريون جماعتون جڙيون ۽ ختم ٿي ويون . پر ايڪڙ ٻيڪڙ کان سواءِ ڪن جا نالا به اسان کي ياد نه ٿا اچن . ڪنهن کي پڪ ايندي ته اسان جي دور جي ”سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن “ کان اڳ 1912ع ۾” سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن“ شڪارپور ۾ قائم ٿي هئي ! تاريخ ته هر دؤر ۽ هر موڙ تي پنهنجو سينو کولي بيهندي آهي ، پر ڪي ڪي ماڻهو ڀاڳ ڀريا انهيءَ سيني جي خوشبو ماڻيندا آهن . هن هيٺ آءٌ پنهنجي دؤر جي ڪن چند جماعتن هن دؤر ۾ به سنڌ جي آئيندي جي تاريخ ”ڏات – ڌڻين جي رٿا“ جي آواز سان اسان کي سڏي رهي جو مختصر تعارف پيش ڪريان ٿو . جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان اجتماعي طور تي ٻولي ۽ علم ادب جي ڪيئن ۽ ڪيتري خدمت ڪرڻ جا هيراڪ آهيون .

1. اداره روح ادب (سنڌ) :

          هي ادارو مرحوم مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيو . مرحوم سرشار عقيلي ، اخر هالائي ، عارف الموليٰ ۽ مرحوم محمد خان ”غني“ هن جماعت جا مکيه عهديدار مقرر ڪيا ويا .

          ”اداره روح ادب“ پنهنجي دؤر جي هڪ ادبي تحريڪ جو روپ ورتو ۽ ان جي حلقي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا شاعر ۽ اديب شامل ٿيا . اداري جو صدر دفتر هالا ۾ هو  ۽ ان جون شاخون  سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به  قائم ٿيون . هن اداري سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي اوسر ، تبليع ۽ اشاعت لاءِ قابل تعريف ڪم ڪيو آهي .

 

2. الخالق ادبي ادارو  (هالا) :

          هي ادارو غلام رسول ”غلام“ جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيو ۽ محسن حسن ”ساز“ ، عثمان سنگراسي ، محمد حسين ”آزاد“ ۽ ”انور“ هالائي ان جي قيام  خواهه ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو . هن اداري پنهنجين ادبي سرگرمين کان سواءِ پنهنجي ميمبرن ۾ تعليم جي اهميت ۽ عظمت جي احساس ڏيارڻ جي به ڪوشش ڪئي .

3. انجمن آفتاب ادب (دادو) :

          هيءَ ادبي انجمن دادو جي استاد شاعر حافظ محمد احسن چنه ۽ رئيس ضياءُ الدين ”ضياء“ جي ڪاوشن جو نتيجو هئي . انجمن اڻڳڻين ادبي نشستن ۽ مشاعرن جو اهتمام ڪيو . حافظ ”احسن“ هن انجمن جو روح روان ٿي رهيو .

4. انجمن علم و ادب (هالا) :

هالا جي هيءَ علمي ۽ ادبي جماعت محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪوششن سان قائم ٿي . انور هالائي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان سالن جا سال هن جماعت جي خدمت ڪئي . هن انجمن ڪيترو وقت سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا گهڙا ڀريا .

5. انجمن علم و ادب (ڳوٺ صوفي فقير) :

هيءَ انجمن ”معمور“ يوسفاڻيءَ جي علم دوستيءَ جو نتيجو هئي . انجمن ڪيترو وقت ڳوٺ صوفي فقير جي علمي ۽ ادبي ماحول کي روان دوان رکيو .

6. انجمن فروغ ادب (هالا) :

هيءَ انجمن هالا جي علم دوست ۽ ادب پرور اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن جو نتيجو هئي .  ڊاڪٽر سليمان شيخ ، عبدالقادر ابڙو ، عبدالرحمان قريشي ، يوسف ابڙو ۽ الطاف شيخ هن انجمن جا مکيه ڪارڪن ٿي رهيا آهن . انجمن طرفان ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون . ان کان سواءِ انجمن اشاعتي پروگرام ذريعي ٻوليءَ جي فروغ لاءِ به تعريف جوڳو ڪم ڪيو .

7. بزم ادب (سکر) :

شروعاتي ڏهاڙن ۾ سکر ۾ پرائمري استادن جي تربيت جو ڪاليج هوندو هو . ان کان پوءِ ئي اتر سنڌ ۾ ٻين هنڌن تي اهڙا ڪاليج قائم ٿيا . سکر ڪاليج ۾ استادن ۽ شاگردن جي تعاون سان ”بزم ادب“ نالي جماعت قائم ٿي ، جنهن طرفان ادبي گڏجاڻيون ۽ مشاعرا منعقد ٿيا .

8. بزم ادب ( شهدادڪوٽ) :

هي بزم گل حسن گوپانگ ۽ سندس شاعر ساٿين جي ڪوششن جو نتيجو هئي . بزم طرفان ڪجهه مشاعرا به سڏرايا ويا .

9. بزم ادب (لاڙڪاڻو) :

هي بزم گل حسن گوپانگ ۽ سندس ساٿين جي تعاون سان قائم ٿي . هن بزم ڪيترن ئي پرائمري استادن کي شعر و شاعريءَ ڏانهن راغب ڪيو .

10. بزم ادب (ميرپور ساڪرو) :

هيءَ بزم پيرل پياسي ۽ سندس شاعر ساٿين جي ڪاوشن جو نتيجو هئي . بزم طرفان اڪثر ڪري مقامي نوعيت سان مشاعرا ٿيندا هئا ، جن ۾ تر جي سيکڙاٽ شاعرن کي فني تربيت مهيا ڪري ڏني .

 

 

11. بزم ادب (خيرپور ناٿن شاهه ) :

هي بزم خيرپور ناٿن شاهه جي ادبي شيدائين طرفان قائم ڪئي وئي ، جنهن طرفان مقامي نوعيت جا مشاعرا به منعقد به ٿيا . حڪيم محمد صادق بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم رول ادا ڪيو .

12. بزم اصغر ( ڪراچي) :

هيءَ بزم سنڌ جي نامياري شاعر محمد جمن هالي پنهنجي پُٽ جي نالي پٺيان قائم ڪئي . بزم طرفان ڪيترائي مشاعرا منعقد ڪرايا ويا . جن ۾ ڪراچيءَ کان سواءِ اندرونِ سنڌ جي شاعرن پڻ شرڪت ڪئي .

13. بزم بلبل (ميهڙ) :

هيءَ بزم سنڌ جي نامياري شاعر مرحوم شمس الدين بلبل جي نالي ، سندس ياد ۾ قائم ڪئي وئي ، جنهن جو صدر مرحوم بلبل جو  فرزند رئيس ضياء الدين ”ضياء“ هوندو هو . بزم طرفان ڪيترائي مشاعرا سڏرايا ويا .

14. بزم حڪيم (ڪراچي) :

هيءَ بزم محترم عبدالرحمان ”نسيم“ ۽ سندس ساٿي شاعرن جي تعاون سان قائم ٿي . بزم جو نالو سنڌ جي نامياري شاعر ، اديب ، صحافي ۽ عالم حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي نالي پٺيان رکيو ويو هو . هن بزم طرفان ڪيترائي مشاعرا سڏرايا ويا ۽ ڪراچيءَ جي ماحول کي ادبي رنگ ڏنو ويو .

 

 

 

15. بزم صابر (نوان جتوئي) :

 هيءَ بزم نوان جتوئي جي شاعر جمال الدين ”مومن“ جي ڪوششن سان قائم ٿي . بزم ڪيترائي مقامي نوعيت جا مشاعرا منعقد ڪرايا ۽ ڪيتري عرصي تائين ڳوٺ جي ادبي ماحول کي معطر رکيو .

 

16. بزم طالب (خيرپور ناٿن شاهه) :

هيءَ بزم خيرپور ناٿن شاهه جي اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن سان قائم ٿي . هن بزم طرفان ”درسِ ادب“ نالي هڪ شعبو قائم ڪيو ويو  ، جنهن ذريعي شاعريءَ جو شوق رکندڙ نوجوان طبقي کي سکيا ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو . هن بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ ”افضل“ مصرپوري ، ”آثم“ ناٿن شاهي ، ۽ محسن ڪڪڙائي ، ”وفا“ ناٿن شاهي ، راز ناٿن شاهي ، وغيره اهم ڪردار ادا ڪيو .

17. بزم طالب الموليٰ (سنڌ) :

هيءَ بزم سنڌ جي نامياري شاعر ۽ روحاني اڳواڻ حضرت مخدوم محمد زمان جي سرپرستيءَ ۾ 1954ع ۾ قائم ٿي . بزم پنهنجي دؤر جي هڪ ادبي تحريڪ بڻجي اڀري ، جنهن جون سنڌ جي مکيه ڳوٺن ۽ شهرن ۾ شاخون قائم ٿيون . بزم سنڌ ۾ شاعريءَ جي شمع کي سالن تائين روشن ڪري رکيو ۽ ڪيتريون ئي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون . هن وقت به هيءَ بزم فعال ادبي جماعتن مان هڪ آهي . بزم جون شاخون پنهنجي علمي ، ادبي ۽ ثقافتي خدمت وارين سرگرمين ۾ مصروفِ عمل آهن . هن بزم جي شاخن پنهنجي سرگرمين ۽ خدمتن جو رڪارڊ انسٽيٽيوٽ آف   سنڌ الاجي ۾ محفوظ ڪرايو آهي .

 

18. بزم راشدي (خيرپور ناٿن شاهه ) :

هي بزم حڪيم محمد صادق جي ڪاوشن ۽ سندس ساٿين جي تعاون سان قائم ٿي . بزم خيرپور ناٿن شاهه جي ادبي ماحول ۾ اڃا به وڌيڪ رنگ ڀرڻ جي تعريف جوڳي ڪوشش ڪئي ۽ شاعريءَ جي خدمت ڪئي .

19.  بزم رفيق (هالا) :

هيءَ ادبي جماعت منصور ويراڳيءَ جي ڪوشش سان هالا ۾ قائم ٿي ، جنهن جو سيڪريٽري غلام ابڙو هو . هن جماعت ورهاڱي کان پوءِ واري ٻڏتر واري ادبي ماحول کي گرمائي رکيو .

20. بزم سچل (لاڙڪاڻو) :

شاعر هفت زبان حضرت سچل سرمست جي فڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ ۽ سندس ياد کي تازي رکڻ لاءِ هي بزم لاڙڪاڻي ۾ قائم ٿي . مرحوم عبدالله ’اثر‘ ، ”محسن“ لاڙڪاڻوي ۽ لقمان حڪيم وغيره جهڙن شاعرن بزم جي جوت کي ڪافي عرصي تائين جلائي رکيو ۽ شاعريءَ جي متوالن نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو .

21 . بزم سرشار (ڪراچي) :

مرحوم الله بخش ”سرشار“ عقيلي ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي دوران اتان جي دل تي علمي ۽ ادبي خدمت ڪئي ۽ ڪيترن نوجوانن کي علم ادب جي دنيا سان مانوس ڪرايو . سندس وفات کان پوءِ ڪراچي واسين سندس ياد ۽ علمي خدمتن کي تازي رکڻ لاءِ هي بزم ٺاهي ، جنهن طرفان وقت به وقت مشاعرا ٿيندا رهيا . صوفي دوست محمد ”ساجد“ سرشاري هن بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو .

22 . بزم سروري (ڳوٺ صوفي فقير) :

سروري درٻار جي ادبي تحريڪ جي نتيجي ۾ جيڪي سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ بزمون ۽ انجمنون قائم ٿيون ، هي ”بزم سروري“ به انهن مان هڪ هئي . يوسفاڻي هن بزم جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو .

23 . بزم سروريه (هالا) :

هيءَ بزم پروفيسر محبوب علي چنه جي ڪوشش سان قائم ٿي  . ”محبوب“ سروري جماعت جو پهريون جنرل سيڪريٽري بڻيو . هن بزم ڪيترائي مشاعرا منعقد ڪرايا . ادبي خواهه علمي مباحثه ڪرايا . ان کان سواءِ ڪيترا ڊراما به هن بزم اسٽيج ڪرايا .

24 . بزم خليل ( حيدرآباد ) :

هيءَ بزم مرحوم ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ جي دم سان آباد هئي ۽ 1948ع ڌاري قائم ٿي . هن بزم حيدرآباد جي نون خواه پراڻن شاعرن کي پنهنجي جوت جلائڻ ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو . مرحوم عبدالله ”خواب“ ۽ بلاول پرديسي هن بزم جي سرگرم ڪارڪنن جي حيثيت سان خدمت ڪئي .

25. بزم فردوس  (هالا) :

هيءَ بزم مرحوم طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ هالا ۾ قائم ٿي . هن بزم ڪيتري عرصي تائين هالا جي ادبي ماحول کي  معطر ڪري رکيو .

26. بزم گلستان (هالا) :هيءَ بزم منصور ويراڳيءَ جي ڪاوشن سان قائم ٿي . هن جماعت ڪيتري وقت تائين نئين نسل کي ادبي تربيت مهيا ڪئي ۽ نوجوانن ۾ علم دوستيءَ جو جذبو جاڳايو .  

27 . بزم لطيف (ڳيريلو) :

سنڌ جي سدا حيات شاعر لاکيڻي لطيف جي نالي تي هيءَ بزم ”ناطق“ ڳيريلائيءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ قائم ڪئي . هن بزم ڪجهه عرصي تائين تر جي ماحول ۾ ادبي رنگ پيدا ڪيو ۽ مقامي نوعيت جا مشاعرا منعقد ڪرايا .

28 . بزم مخلص (ڪنڌ ڪوٽ) :

هيءَ بزم ڪنڌ ڪوٽ جي شاعرن ۽ اديبن قائم ڪئي . بزم جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته اها سنڌ جي ظرافت جي بادشاهه نامياري شاعر محمد هاشم ”مخلص“ جي نالي سان منسوب هئي . هن بزم ڳچ عرصي تائين سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي .

29 . بزم مولائي شيدائي (محمد پور اوڍو) :

اتر سنڌ جي بي لوث ۽ مگر نامياري اسڪالر مرحوم مولائي شيدائيءَ جي ياد کي تازي رکڻ لاءِ هيءَ بزم محمد پور اوڍي ۾ قائم ڪئي وئي آهي . بزم طرفان وقت به وقت مشاعرا منعقد ٿيندا رهيا .

30 . بزم ناز (خيرپور ميرس) :

خيرپور ميرس جي نالي وٺڻ سان مرحوم ڊاڪٽر عطامحمد ”حامي“ جو تصور خودبخود اکين اڳيان تري اچي ٿو . مرحوم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سيکڙاٽ شاعرن جي فن کي جلا بخشي ۽ کين ناميارن شاعرن جي صف ۾ آڻي بيهاريو . مرحوم جيتوڻيڪ پاڻ پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل انجمن هو ، پر پوءِ هن پنهنجي ساٿين جي تعاون سان خيرپور ۾ ”بزم ناز“ به قائم ڪئي . خادم رفيقي انهيءَ ڏس ۾ سندس ڀروسي جهڙو ساٿي بڻيو رهيو . هن بزم طرفان ڪيترن ئي مشاعرن جو انعقاد ٿيو .

31. پاڪستان رائيٽرس گلڊ (سنڌ شاخ) :

هيءَ گلڊ 1959ع ۾ قائم ٿي . جنهن جو قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ سنڌي اديبن ۽ شاعرن به سرگرميءَ سان حصو ورتو . اهڙن ڏات – ڌڻين مان شيخ اياز ، مرحوم گرامي ، رشيد ڀٽي ، محمد ابراهيم جويي ، علي محمد شيخ ۽ نياز همايونيءَ جا نالا ذڪر لائق آهن . هن گلڊ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل معياري ادب جي همٿ افزائي ڪئي ۽ سرڪار کان مستحق اديبن کي وظيفي وٺي ڏيڻ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون .

32 . جميعت الشعراءِ (سنڌ) :

هي شاعرن جي جماعت ورهاڱي کان اڳ جي ادبي جماعتن مان هڪ آهي . جنهن جو 1946ع ۾ باقائدي پايو وڌو ويو . هن جماعت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ادبي ڪانفرنسن جو انعقاد ڪرائي علم ادب ۽ عروضي شاعريءَ کي عام ڪيو .

33 . راءِ چند اڪيڊمي (حيدرآباد) :

اڪيڊمي ٿر جي نامياري استاد ، اديب ، ۽ ليکڪ سرڳواسي رائچند جي ياد کي تازي رکڻ ۽ سندن خدمتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قائم ٿي. اڪيڊميءَ جي قيام ۾ سرڳواسي رائچند جي فرزند نفيس احمد شيخ جو وڏو عمل دخل آهي .

34. سچل سرڪل (حيدرآباد ) :

 سنڌ جي نامياري سرمست شاعر حضرت سچل سرمست جي فڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ هيءَ سرڪل معتقدن طرفان حيدرآباد  ۾ جوڙي وئي . سردار بهادر شيخ محمد بخش صدر ، آغا غلام نبي ، آغا عبدالنبي ، شيخ عبدالعزيز قنڌاري سيڪريٽري ۽ مولانا گرامي ان جو پروپيگنڊا سيڪريٽري مقرر ٿيا .

هن سرڪل هفتيوار گڏجاڻين جو اهتمام ڪيو . گڏجاڻين ۾ سچل سائين ۽ سندس فڪر تي بحث ڪيو ويندو هو.

35 . سنڌ رائيٽرس گلڊ (حيدرآباد) :

هي گلڊ بزرگ شاعر نياز همايونيءَ جي ڪاوشن سان حيدرآباد ۾ قائم ٿي . گلڊ کي رجسٽر به ڪرايو ويو .

36 . سنڌ سڀيتا سنگت (ڪراچي) :

هيءَ ادبي جماعت ”هلالِ پاڪستان“ جي اڳوڻي ايڊيٽر سراج الحق جي ڪوششن سان قائم ٿي . سنگت طرفان سنڌ سينٽر ۾  ادبي گڏجاڻيون  ٿينديون  هيون   جن  ۾   قمر شهباز ،    انور پيرزادو ، 

 در محمد پٺاڻ ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر شرڪت ڪندا هئا .

37. سنڌ سگهڙ سنگت (لاڙڪاڻو) :

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي سرپرستيءَ ۾ 1975ع ۾ قائم ٿي . جنهن جو ن شاخون سنڌ جي مختلف ضلعن جهڙوڪ : شڪارپور ، دادو ، سکر ، خيرپور ۽ بدين به قائم ٿيون .

سگهڙ سنگت سنڌ جي سگهڙن کي پهريون دفعو منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهي مختلف هندن تي هفتيوار خواهه ماهوار گڏجاڻيون ڪرڻ لڳا . هن جماعت سگهڙن جي فن ۽ فڪر کي محفوظ ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ ڪوشش به ڪئي آهي . سنگت شڪارپوري اديبن جي تعاون سان سنڌ سگهڙ ڪانفرنس به سڏائي .

38 . سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن (سنڌ) :

سنڌ جي هن سماجي ، علمي ۽ ثقافتي جماعت جنهن نموني سان وطن واسين جي خدمت جي فضا قائم ڪئي سا ڪنهن کان به ڳجهي ڪانهي ، ليڪن ستت ئي جماعت کي نظر لڳي وئي۽ سرڪاري عذاب ۽ عتاب سهڻو پيس . هن جماعت وڏي پئماني تي لاکيڻي لطيف ۽ سچل سرمست تي سيمينار سڏرايا ۽ سنڌ جي ناميارن شخصيتن جا ڏينهن ملهايا . جماعت سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي اشاعت ، اوسر ۽ تبليغ لاءِ تعريف جوڳي نموني ۾ پاڻ پتوڙيو . ليڪن پاڪستان ۽ سنڌ سرڪار طرفان پنهنجي ملازمن کي هن سماجي جماعت کان پري رکڻ واري عمل هن جماعت جي ڪارڪردگيءَ کي بري طرح متاثر ڪري رکيو آهي . 39 . سنڌ ڪلچرل اينڊ ايجوڪيشن ويلفيئر سوسائٽي (ڪراچي) :

هيءَ سوسائٽي ڪاڪا صديق ۽ سندس ساٿين جي تعاون سان قائم ٿي ، جنهن طرفان ڪجهه عرصي تائين ڪراچيءَ جي علمي ، ادبي ۽ ثقافتي ماحول ۾ گرم جوشيءَ جي فضا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي . سوسائٽي ليڪچر به منعقد ڪرايا ۽ ٻه ٽي ادبي نوعيت جا جلسا به سڏرايا .

40 . سنڌي ادبي محفل (باڊهه) :

هيءَ ادبي محفل غلام رسول ”راز“ ۽ گل حسن ”بيڪس“ جي ڪوشش سان قائم ٿي . هن محفل باڊهه جي شاعراڻي ماحول کي ڪنهن عرصي تائين قائم ۽ دائم رکيو .

41. سنڌي ادبي سنگت (سنڌ) :

هيءَ سنگت ورهاڱي کان اڳ جي ترقي پسند ادب واري تحريڪ جي نشاني آهي . سنگت سڀ کان پهريون 1927ع ۾ سوڀي گيانچنداڻي ، ڪيرت ٻاٻاڻي ، گوبند مالهي ، ۽ ٻين سندن ساٿين جي ڪوششن سان قائم ٿي . ليڪن ستت ئي پوءِ غير مسلم اديبن جي لاڏاڻي سبب ان جي ڪارڪردگي متاثر ٿي . 1956ع ۾ وري انهيءَ کي نئين سر منظم ڪيو ويو .

”سنڌي ادبي سنگت“ هڪ مؤثر تحريڪ ۽  تنظيم جو نالو آهي،  جنهن جو ن شاخون سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن تائين ڦهليل آهن ، هن سنگت سنڌيءَ کي آئين ۾ سرڪاري زبان طور تسليم ڪرائڻ واري تحريڪ ۾ بي مثال ڪارناما سرانجام ڏنا . سنگت جي شاخن جون هفتيوار گڏجاڻيون سنڌ ۾ علمي ، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي قائم ۽ دائم رکنديون اچن ٿيون . سنگت نئين نسل لاءِ هڪ تربيت گاه جي حيثيت رکي ٿي .

42 . سنڌي ادبي سوسائٽي (سکر) :

هيءَ سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر جي سنڌي شعبي جي استادن ۽ شاگردن جي ڪوشش سان قائم ٿي . سوسائٽي شيخ راز ، ڊاڪٽر شريف ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جي ڪوششن سان ڪيترن شاگردن لاءِ ادبي ماحول پيدا ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اديب پيدا ٿيا . هن سوسائٽي هڪ اڌ ادبي ڪانفرنس به سڏائي .

43. سنڌي ادبي سوسائٽي  (شڪارپور ) :

هيءَ ادبي سوسائٽي شڪارپوري اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن سان قائم ٿي . صوفي جهامنداس ۽ مرحوم حبيب الله ڀٽي هن سوسائٽيءَ جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو . سوسائٽي ڪيترن ئي ادبي نشستن جو اهتمام ڪيو  ۽ نون اديبن ۽  شاعرن کي ادبي ماحول پيدا ڪر ڏنو .

44 . سنڌي ادبي سوسائٽي (ڪراچي ) :

هيءَ سوسائٽي سنڌ جي نامور محقق ۽ عالم ڊاڪٽر

داؤد پوٽي جي ذاتي شوق سان 1949ع ۾ قائم ٿي . هن سوسائٽيءَ جو مکيه مقصد قديم ۽ عظيم ادب جي اشاعت هو . ڊاڪٽر مرحوم جي وفات کان پوءِ سيد ميران محمد شاهه هن سوسائٽيءَ جو چيئرمين ۽ ڊاڪٽر غلام حسين جعفري ان جو سيڪريٽري مقرر ٿيو . هن سوسائٽيءَ سنڌيءَ ۾ مکيه نادر ۽ اهم ڪتاب  شايع ڪرايا . 1965ع ۾ هن ئي سوسائٽيءَ طرفان ”اديون“ رسالي جو اجراءُ ٿيو .

45 . سنڌي سڌار سوسائٽي (ڪڪڙ) :

سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي واڌاري لاءِ هي جماعت احمد خان ”آصف“ ۽ سندس علمي و ادبي دوستن جي ساٿ سان ڪڪڙ ۾ قائم ٿي . سوسائٽي طرفان ڪيتريون ئي ادبي گڏجاڻيو سڏرايون ويون .

46. سنڌي رائيٽرس گلڊ (ڪراچي ) :

ڪراچيءَ جي اديبن علي نواز وفائيءَ جي تحرڪ سان ”سنڌي رائيٽرس گلڊ“ قائم ڪئي . جنهن جي قيام ۾ تاج بلوچ ۽ يوسف شاهين اهم حصو ورتو . ان کان ڪجهه عرصو پوءِ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي صدارت ۾ ساڳئي ئي نالي سان ادبي جماعت جڙي . جنهن ۾ بدر الدين اڄڻ ، مظهر الدين سومري ۽ منير چانڊئي وغيره به ڊاڪٽر پٺاڻ جو ساٿ ڏنو . هن گلڊ ڪراچيءَ جي گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ ليڪچر ۽ ورڪشاپ منعقد ڪرايا ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ پهريون دفعو سگهڙ ڪانفرنس به ڪراچيءَ ۾ سڏرائي .

ستت ئي پوءِ محترم نياز همايونيءَ حيدرآباد ۾ ”سنڌ رائيٽرس گلڊ“ قائم ڪئي . ۽ اخبارن ۾ اشتهار ڏئي ۽ خطن وسيلي ”سنڌي رائيٽرس گلڊ“ جي وجود تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو . بزرگ اديب جي خواهش جو احترام ڪندي ڊاڪٽر پٺاڻ ”سنڌي رائيٽرس گلڊ“ کي ختم ڪري ڇڏيو .

 

47. سنڌي سرڪل (سکر) :

سنڌي سرڪل 1952ع ۾ شيخ مبارڪ اياز جي صدارت ۾ قائم ڪئي وئي . سرڪل جي سرگرم ڪارڪنن مان شيخ راز ۽ آفاق صديقي وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن. هن سرڪل جي سهاري مرحوم شيخ راز جي جاءِ تي سنڌي خواه اڙدوءَ ۾ ادبي نشتون ٿيڻ لڳيون . سرڪل طرفان هڪ ادبي ڪانفرنس به ٿي ، جنهن ۾ڪراچيءَ ، حيدرآباد ، اندرنِ سنڌ ۽ لاهور ۽ ملتان کان ڪيترن اديبن شرڪت ڪئي . بعد ۾ سرڪل ساليانه مشاعرا به ڪرايا.

48. سنڌي ليکڪن جي يادگار ڪاميٽي (شڪارپور) :

هيءَ ادبي جماعت شڪارپوري اديبن ۽ شاعرن جهڙوڪ ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ ، خليل مورياڻي ، غلام رسول ميمڻ ، نقش ناياب منگي ، پروفيسر غلام حسين ڀٽي ‏، نعمت الله ڀٽي ، انور هڪڙي ، بدرالدين اڄڻ ۽ گر ڏني مل ”گرل“ ۽ ٻين دوستن جي ڪوششن سان قائم ٿي. هن ڪاميٽي  شامون ملهايون ۽ ”سنڌ سگهڙ سنگت“ جي تعاون سان شڪارپور ۾ ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ منعقد ڪرائي وئي .

49. سنياسي ادبي سنگت (هالا) :

هيءَ سنگت منصور ويراڳيءَ جي ڪوششن سان قائم ٿي  ۽ عبدالقادر ”منور“ ، علي محمد ”ناز“ ، ۽ عبدالله ”بيوس“ هن جماعت جي ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو . هن سنگت نه رڳو ٻوليءَ ۽ ادب جي اوسر ۽ تبليغ جو ڪم ڪيو ليڪن اشاعت جي سلسلي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو .

 

 

50.شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي (ڪراچي):

هيءَ سوسائٽي سنڌ جي وڏ گهراڻي جي هڪ ڌن – ڌڻي سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي ڪوششن جو نتيجو آهي . هن سوسائٽيءَ پاران ڪڏهن ڪڏهن وڏي پئماني تي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿيا . هن سوسائٽيءَ پاران 1981ع ۾ هڪ شاندار ساهتيه ڪانفرنس ٿي ، جنهن ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ، دولت ميهتاڻي ۽ محمد ابراهيم جوئي وغيره سندس سهڪار ڪيو . 1982ع جي آغاز ۾ وري هن سوسائٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ ئي ”عورت ڪانفرنس“ ٿي ، جيڪا پڻ ڪامياب وئي . مارچ 1987ع ۾ هن سوسائٽيءَ پاران هڪ وڌيڪ ڪانفرنس ٿي.

51 . شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي (ڪراچي ) :

هيءَ اڪيڊمي سنڌ جي نامياري بي لوث تحريڪ آزاديءَ جي  اڳواڻ  مرحوم  شيخ عبدالمجيد  سنڌيءَ جي  حياتيءَ  ۾  ڊاڪٽر

 در محمد پٺاڻ جي صدارت ۾ قائم ٿي . هن اڪيڊميءَ جو روح روان خان محمد پنهور ئي رهيو آهي . هن اڪيڊميءَ سنڌ جي مشهور شخصيت جي ڪارنامن کي تازي رکڻ لاءِ ڪيترائي سيمينار منعقد ڪرايا آهن ۽ ان کان سواءِ اشاعتي ڪم به ڪيا آهن .

52. لطيف ادبي ائسوسيئشن (ڪراچي ) :

هي جماعت عبدالڪريم سعدي ، ڪاڪا صديق ، آزاد جتوئي  ۽ سندس دوستن جي لطيف دوستيءَ جو نتيجو هئي . ائسوسيئشن ڪراچيءَ ۾ ڪجهه جلسا به منعقد ڪرايا .

 

 

53. لطيف اڪيڊمي (سکر) :

هيءَ اڪيڊمي مرحوم عبدالرزاق ”راز“ ۽ سندس ساٿين جي ڪوششن سان قائم ٿي . هن اڪيڊميءَ سکر ۽ شڪارپور جي اديبن ۽ شاعرن کي ادبي ماحول مهيا ڪري ڏنو .

54 . مجلس احباب (نوان جتوئي ) :

هيءَ ادبي جماعت نوان جتوئيءَ جي ناميارن شاعرن جي ڪوشش سان قائم ٿي . مجلس مقامي نوعيت جا مشاعرا منعقد ڪرايا . محترم  نجيف جتوئي هن مجلس جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اهم حصو ورتو .

55 . محفل احسن ادب (دادو) :

هيءَ محفل دادوءَ جي علم دوست اديبن ۽ شاعرن جي ڪوشش سان قائم ٿي . محترم ”محسن“ ڪڪڙائي ڪيترو وقت محفل جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو . هن محفل ڪيترو عرصو دادو جي ادبي ماحول کي معطر ڪري رکيو  ۽ نون شاعرن کي پنهنجي ڏات جي جوت جلائڻ جو موقعو ڏنو .

 

  .6سکر بيراج جا سنڌ جي عام جيوت تي اثر   

 

سياڻن سچ چيو آهي ته تهذيبون پاڻيءَ جي ڀر ۾ جنم وٺنديون آهن. انسان جڏهن ۽ جتي به جهوپڙا اڏيا ،تڏهن کان ئي سندس تهذيب جو آغاز ٿيو. اها چوڻي بنهه سنڌ تي به ٺهڪي اچي ٿي. اسان جا ڪيترائي تاريخي دؤر ۽ تاريخي واقعا سنڌو نديءَ سان لاڳاپيل آهن.اسان جا انيڪ شهر، گادي جا شهر ۽ تجارت جا مرڪز هن ڪنڌيءَ تي آباد ٿيا. پوءِ به هي مئي متو مهراڻ اسان جي مقدر جو ستارو آهي ۽ جيوت جو سهارو آهي. جيئن نيل نديءَ کان سواءِ مصر جو ملڪ ڪا معنيٰ نه ٿو رکي، تئين سنڌو نديءَ کان سواءِ سنڌ جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي.

جديد آبپاشيءَ جي نظام ،خاص ڪري سکر بئراج جي تعمير کان اڳ سنڌ جي زراعت ۽ معشيت سنڌو نديءَ جي رحم ڪرم تي ٻڌل هئي، جيڪا پنهنجي مرضيءَ جي مطابق، ڪنهن جهل پل کان سواءِ 500ميلن جو وهڪرو وهائيندي ۽ ڦرائيندي رهندي هئي. پر سکر بئراج جي تعمير نه رڳو هن دهشت ڀرئي درياهه کي انساني قبضي ۾ آڻي ڇڏيو، پر دنيا جي عظيم ترين آبپاشيءَ نظام کي به جنم ڏنو. سکر بئراج جي تعير سنڌ جي زرعي ترقيءَ ۾، جو انقلاب آندو آهي. انهيءَ جو مثال ئي نه ٿو ملي. هن بئراج کان اڳ سنڌ ۾ خريف جو فصل ته پوکي سگهبو هو، پر ربيع جوفصل گهڻي ڀاڱي بوسي ٿيندو هو. سکر بئراج جي تعمير ڄڻ ته ربيع جي فصل کي بوسي ٿيڻ کان بچائي ڇڏيو.

بئراج ۽ ان جي ستن ڪينالن جي تڪميل کان پوءِ ڪيتري زمين آباديءَ لائق ٿي، ڪيتري زمين آبادي هيٺ آئي ۽ ڪيتري زرعي ترقي ٿي؟ آئون هتي انهن سوالن جا جوب ڏيڻ بدران سنڌ جي عام جيوت تي پيل سکر بئراج جي ڪن اثرن جي نشاندهي ڪرڻ چاهيان ٿو.

سياسي اثر : جيئن سنڌو جڏهن موج ۽ مستيءَ ۾ ايندو آهي ۽ ان جون ڪنڌيون ۽ ڪنارا ته ڇا وستيون ۽ واهڻ به سندس اثر کان بچي نه سگهندا آهن. تيئن ۽ بلڪل تهڙي ئي نموني هن اسان جي سياست کي متاثر ڪيو آهي. بئراج جي تعمير کان اڳ ۽ ان کان پوءِ اڄوڪي دؤر تائين انهن سياسي اثرن جي ڀلي ڀت نشاندهي ڪرائي سگهجي ٿي.

انگريزن جي راڄ دوران سنڌ ۾ جيڪي به سياسي جماعتون قائم ٿيون، انهن مان ”سنڌ زميندار ائنڊ جاگيردار ايسوسيئشن“ هڪ فعال جماعت طور سنڌ جي امير طبقي جي ڪافي وقت تائين خدمت ڪئي. پر جڏهن سکر بئراج جي تعمير حقيقت جو روپ وٺڻ لڳي، تڏهن اها منظم ۽ متحد جماعت ”اپر سنڌ زميندار ائسوسيئشن“ ۽ ”لوئر سنڌ جاگيردار ائينڊ زميندار ائسوسيئشن“ جي نالن ۾ ، ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. زميندارن جون اهي ٻئي جماعتون بئراج جي تعمير جي آغاز تائين هڪ ٻئي جي حريف طور ڪم ڪيو.

”اپر سنڌ زميندار ائسوسيئشن“ جي انهيءَ عرصي دوران، اها ڪوشش  رهي ته بئراج جي تعمير بنا دير ٿيڻ گهرجي، ۽ لوئر سنڌ وارا وڏيرا وري ان ڪوشش ۾ هوندا هئا ته بئراج جي تعيمر نه ٿيڻ گهرجي. ڇو ته اپر سنڌ وارا ماڻهو کين ئي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي اقتصادي طور وڌيڪ آسودا ٿي ويندا.

زميندارن جي انهيءَ اختلافن تنهن وقت جي سياسي حالتن ۾ فرنگي سرڪار کي وڏي کان وڏي سياسي اخلاقي امداد پهچائي. جو جڏهن ”خلافت ڪاميٽي“ ۽ ”ڪانگريس ڪاميٽي“ ”عدم تعاون“ جي تحريڪ هلائي ته اپر سنڌ ۽ لوئر سنڌ جي زميندارن سرڪار کي راضي ڪرڻ لاءِ ”امن سڀائن“ قائم ڪرڻ جي چٽا ڀيٽي شروع ڪري ڏني. ليڪن جيئن چيو ويندو آهي ته : ”اُڻي اها جا ڪورئي جا من ۾“ سو سندن وفادارين جتائڻ يا ڏيکارڻ جو حڪومت تي ته اثر ڪونه پيو، ويتر متاثر اهي پاڻ  ٿيا. ٿيو ايئن جو پاڻ انهيءَ عوام اڳيان ڏٺا ٿي پيا، جيڪي انگريزن کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ عمل جي ميدان ۾ اچي چڪا هئا.

اهو فطري عمل آهي ته ٻن ڌرين جي اختلاف سبب وچان  ٽين پارٽي وجود ۾ ايندي آهي. سو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ به ايئن ٿيو. آڪٽوبر0 192ع ۾ سنڌ ۾ ”سنڌ ليگ آف پروگريس“ نالي هڪ جماعت وجود ۾ آئي. جنهن سنڌ جي ترقيءَ جي نالي ۾ سکر بئراج جي تعمير جي حمايت ڪئي ۽ انهيءَ کي حقيقت جو روپ وٺرائڻ لاءِ عملي قدم کنيا. بئراج جي تعمير جي مسئلي نه رڳو هڪ جماعت کي ٻن ڌڙن ۾ تقسيم ڪيو ۽ هڪ نئين جماعت کي جنم ڏنو، پر سنڌ جي ممبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ کي به متاثر ڪيو. هن تحريڪ کان باخبر ماڻهن کي خبر آهي ته سنڌ جي ڪن هندن سنڌ جي ممبئي کان علحدگي  واري تحريڪ جي مخالفت مذهبي ۽ سياسي بنيادن کان وڌيڪ اقتصادي سببن ڪري ڪئي هئي. ڪي هندو جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مضبوط زميندار بڻجي چڪا هئا، تن کي اهو احساس ٿي چڪو هو ته سکر بئراج جي تعمير کان پوءِ سنڌ ۾ زرعي انقلاب ايندو ۽ زمين جي زرخيزي جڏهن سنڌ جي مسلمانن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ڇڏيندي ته سنڌ جا مسلمان پنهنجي مرضيءَ مطابق سنڌ اسيمبليءَ کي پنهنجي مفادن خاطر استعمال ڪندا، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو هندن کي زرعي آباديءَ لائق زمينون نه ملي سگهنديون، پر کين اهو به خطرو آهي ته اڳ ۾ قبضي هيٺ آندل زمينون به سندن هٿن مان نڪري وينديون. انهيءَ احساس کان مجبور ٿي ڪن هندن سنڌ جي ممبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ جي مخالفت ڪئي. ليڪن تاريخ ڪنهن جي احساسن ۽ خدشن ڏسڻ کان سواءِ پنهنجو فيصلو صادر ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ الڳ ٿي وئي.

سکر بئراج جي وجود هاري ۽ زميندار جي حيثيت ۽ لاڳاپن کي به متاثر ڪيو. اهي حالتون وري سنڌ جي سياست تي به اثر انداز ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾، بئراج جي تڪميل کان پورا ٻه سال اڳ ”هاري پارٽي“ قائم ٿي.ان کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون جڙيون تن پنهنجي پنهنجي منشور ۾ زراعت، زميندار، زمين ۽ هاري جي حقن جهڙن مسئلن کي جوڳي جاءِ ڏني. اهي پارٽيون جڏهن اسيمبلي جي ايوان تائين پهتيون ، ته ات به سکر بئراج سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح سياست خواهه حڪومت تي اثر انداز ٿيندو رهيو.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سنڌ جي علحدگي کان پوءِ سنڌي مسلمانن جو مٿئيون طبقو ڪنهن حد تائين پنهنجو سياسي تسلط قائم ڪري چڪو هو. ليڪن گڏيل هندوستان ۾ پوءِ به هندن کي پنهنجي هم مذهب اڳواڻن جو ن همدرديون حاصل هيون. ان ڪري مسلمان زميندارن، زر، زور ۽ زمين متعلق پنهنجي مرضي مطابق فيصلي ڪرڻ جي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي قيام جي تحريڪ کي زور وٺرايو. کين يقين هو ته پاڪستان ٺهن کان پوءِ هو بنهه آزاديءَ سان پنهنجي معيشيت جا ملڪ پاڻ ٿي سگهندا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سکر بئراج ڪنهن حد تائين پاڪستان جي تحريڪ تي به اثر انداز ٿيو.

 

مذهبي اثر:  

خلافت تحريڪ جي آغاز سان گڏ مذهب ۽ سياست جو هڪ ٻئي سان ميلاپ ٿيو. ان کان پوءِ ئي مذهبي واقعا سياسي روپ وٺڻ لڳا ۽ سياست وري مذهب جي سهاري سان اڳتي وڍڻ لڳي. بئراج ۽ ان جي ڪئنالن جي تعمير سنڌ ۾ مذهبي جوش پروان چاڙهيو ۽ اهو مذهبي جوش اڳتي هلي سياست لاءِ ڪم آيو.

واهن جي کوٽائي دوران روهڙي، سکر ۽ ڳڙهي ياسين تعلقن جي هڪ هڪ مسجد کوٽائي جي ضد ۾ ٿي آئي. اپر سنڌ جي مسلمانن مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ انهن مسجدن کي بچائڻ لاءِ ”تحريڪ حفاظت مساجد“ جو آغاز ڪيو هو. هن تحريڪ کي پوءِ سڄي سنڌ جي مسلمانن هٿي ڏني. تحريڪ ايترو ته زور ورتو جو وقت جي گورنر کي وضاحتي پريس نوٽ جاري ڪرڻا پيا، ليڪن سنڌ جي مسلمانن سرڪاري وضاحتن کي بي وزن قرار ڏئي، پنهنجي تحريڪ کي جاري رکيو. سنڌ جي مختلف هنڌن تي گڏجاڻيون ڪيون ويون ۽ اخبارن خواهه رسالن جا خاص نمبر ڪڍيا ويا. جن ۾ نه رڳو مسجدن کي بچائڻ جا جتن ڪيا ويا، بلڪ وقت جي گوري حڪومت تي به ڇوهه ڇنڊيا ويا. آخر ڪار مسلمانن کي هن تحريڪ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي ۽ سنڌ جي عوام اهو ثابت ڪيو ته ننڍي کنڊ ۾ هو ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ مذهبي جائين ۽ عبادتگاهن جي چڱي ريت حفاظت ڪري سگهن ٿا.

مسجدن بچائڻ جو هي واقعو نج مذهبي نوعيت جو هو، پر اهو اڳتي هلي مثال بڻيو ۽ سياست لاءِ ڪم آيو. هن ئي مثال کي اڳيان رکي سنڌ ۾ مسلم ليگ 1929ع ۾ سکر جي مسجد منزل گاهه جي مسئلي کي هٿ ۾ کنيو هو. شهيد الله بخش سومري جي وزارت ڊاهڻ ۾ ڪامياب وئي هئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته بئراج جي تعمير ۽ واهن جي کوٽائي سنڌي مسلمانن ۾  مسجدن بچائڻ جي مسئلي تي نئون جوش ڏنو ۽ اهو مثال اڳتي هلي سياست ۾ تبديل ٿي ويو.

سماجي اثر:

سکر بئراج جي تعمير سنڌ جي عوام جي زندگيءَ جي سمورن پهلوئن تي اثر انداز ٿي آهي، بئراج جي تعمير ۽ واهن جي کوٽائيءَ کان اڳ سنڌو ندي ڪنهن جهل پل کان سواءِ شهرن جا شهر ۽ آبادين جون آبديون تباهه ڪري ڇڏيندي هئي. نه رڳو ايترو پر ٻوڏ کان پوءِ جڏهن پاڻي لهڻ لڳندو هو تڏهن مليريا، ڪالرا ۽ ٻيون وچڙندڙ بيماريون ڦهلجڻ لڳنديون هيون. گذريل زماني ۾ اڄڪلهه جهڙي طبي سهولتن نه هجڻ ڪري انهن آفتن جي لپيٽ ۾ آيل ماڻهن جي حالت رحم جوڳي هوندي هئي.

مئڪڊونلڊ 1875ع ۾ انهيءَ جو نقشو جنهن طرح چٽيو آهي، ان مان ان زماني جي حالتن جو اندازو چڱيءَ طرح لڳائي سگهجي ٿو. سندس چوڻ مطابق :”جڏهن درياهه سڪي ويندو آهي ۽ سيلاب هٽندو اهي، تڏهن هڪ عجيب قياس جوڳي حالت پيدا ٿي پوندي آهي. گهر گهر جا ماڻهو بي چاڪ ۽ بيمار، گهٽين ۾، ڳوٺن ۾، ۽ شهرن ۾ تپن ۽ بيمارين جا ماريل انسان، منهن پيلا، چپ سڪل،  ۽ اڇا اڇا، جسم ڏٻرا ۽ ڏڪندڙ- مطلب ته ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته مڙدا ريڙهيون پائن. سال به سال اها حالت ٿيندي آهي ۽ ڀريا ٻه مهينا سڄو ملڪ انهيءَ نحوست ۽ آفت ۾ گهريل هوندو آهي.“

اها هئي بئراج جي تعمير ۽ واهن جي کوٽائي کان اڳ جي حالت. ليڪن ان کان پوءِ سنڌوءَ جي مستي ۾ وڏي ڪمي واقع ٿي آهي. انهيءَ جي ستن ڪئنالن ذريعي لڳ ڀڳ 45763 ڪيوسڪ يا 457630گيلن پاڻي في سيڪنڊ جي رفتار سان ورهائجي وڃي ٿو. جنهن ڪري گذريل زماني جيان شديد قسمن جي ٻوڏن اچڻ جا انديشا گهٽجي ويا آهن. نتيجو هيءُ نڪتو آهي ته بئراج جي تعمير کان پوءِ سنڌو درياهه نه ته وڏي پئماني تي انساني آبادي ٻوڙي آهي ۽ نه وري هي ملڪ ڪنهن وبا جو شڪار بڻيو آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سکر بئراج جي تعمير اسان جي تهذيب، تمدن ۽ معاشري کي ڪنهن حد تائين استحڪام ڏنو آهي.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته منهنجي   ڀيٽ ۾ هڪ معاشيات جو ماهر انگ اکر پيش ڪري بئراج جي تعمير کان پوءِ واري اقتصادي ۽ معاشي خوشحاليءَ جي تصوير سهڻي نموني چٽي سگهي ٿو. ان ڪري آئون هتي الڳ زاويو ۽ الڳ ذريعو ڪم آڻيان ٿو. منهنجو ذريعو آهي لوڪ ادب. اهو ادب جيڪو عوام جو هوندو آهي، ۽ عوام لاءِ هوندو آهي، جنهن جي مطالعي ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته عوام جي نظر ۾ سکربئراج سندس جيوت تي ڪهڙا ڪهڙ اثر ڇڏيا آهن.

سکر بئراج جي تعمير سنڌي ٻولي ۽ ادب کي به ماثر ڪيو آهي. اسان جي ڪيترن اديبن ۽ شاعرن انهيءَ واقعي ۽ ان جي اثرن تي تفصيل سان لکيو آهي، سندن تخليقون تصوير جو اهو رخ پيش ڪن ٿيون، جيڪو حقيقت تي ٻڌل آهي.هنن بئراج جي جن اثرن کي جيئن ڏٺو، ۽ محسوس ڪيو آهي، تيئن ئي ان کي چئي ڏنو آهي. هنن جتي بئراج جي تعمير جي تعريف ڪئي آهي ۽ عام زندگيءَ تي پيل ان جي اثرن جي نشاندهي ڪئي آهي، اتي انهيءَ جي آندل خراب تبديلين تي تنقيد به ڪئي آهي.

شاعر خانو پهنور سکر بئراج جي تعمير جي تعريف ڪندي ملڪي حالت تي روشني هينئن ٿو وجهي:

اڀرو سڀرو آسودو، اڄ ڍائو  منجهه ڍون،

جن کي جتي جڙي هئي ڪا نه ڪا، سي ڀڻا منجهه بوٽن،

جن کي منگهو، مني ملي  ڪانه ڪا، سي گهوڙن  تي گهمن،

جن کي ڪپڙو مليو ڪو نه ڪو، سي پٽ ٿا پهرن،

جن ڏيو ڏٺو ڪين ڪو، اتي بجليون ٿيون ڀڙڪن،

مثال

جن کي تري نه ملي تيل جي، سي مرڪيو مشڪ مکين،

جيڪي پنيو پئي پُرندا هئا، سي پنهنجي پچائين،

جن کي رٻ ملي هئي روڀن سان، سي خشڪا ٿا کائين،

جن کي رکي رسي هئي ڪانه ڪا، سي پلاءُ تي پرچن،

جن کي تنگي هئي طباخ جي، سي ڍاڪن مرن ڍون،

جن پئي ٿڏا جهليا ٿوم لاءِ، اتي ڪڪڙ پيا ڪسن،

جن کي ٻٽڪو ڪونه ٻيڙي ملي، اتي سيل سگريٽ سڙن،

جن کي ڪوڙو ڇلو ڪو نه مليو، اهي سڀئي منجهه سونن،

جن ڏندڻ ڏٺو ڪو نه ڪو، کنيون سوپاريون سڀن،

جن کي ٽپ نه ٽاري ملي،  ان تي آ ڇانو ڇٽن،

جن عمر نه عيش اکين ڏٺو،  وٽ ريهه به رڪا ٽن،

فونا هارمونا، هئا موسٽ  ، سائيڪلن،

سکر بئراج آئي سڀ سکيا ٿيا، ڪريو ٽنڊ ٽلن،

ماڻهن جا مون حال ٻڌا،  ته اهڙا حال هئن،

پاڻيءَ آئي ”پنهور“ چئي، ٿي بهاري برن،

عالم آ سودو  ٿيو، ڪئي موج ماڻهن،

رب جڏهن آ راضي ٿيو،  تڏهن مليو مسڪينن،

پوءِ اهڙي طاقت ٻي ناهي ڪن، ٿا ساراهيون سبحان کي.

 

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سکر بئراج جي تعمير ماڻهن جو مقدر بدلائي ڇڏيو. ليڪن اهي ڀاڳ ڀريا انسان ٿورا هئا، ڇو ته پهرين ڏهن سالن ۾ نيون زمينون ”هارپ گرانٽ“ مطابق هارين کي ملي سگهيون، ليڪن بعد ۾ اهي دروازا غريب هارين لاءِ بند ٿي ويا. ۽ پوءِ “ڀريا مٽ پيا ڀرجن“ جي مصداق زميندارن کي ئي ڏيڻ ۾ آئي.

جڏهن دولت هڪ هنڌ گڏجڻ لڳندي آهي، ۽ ان جو وهڪرو بند ٿي ويندو آهي، تڏهن اُها ڪيترين ئي براين کي جنم ڏيندي آهي. بنهه ائين جيئن رت وهڻ ڇڏي بيهي رهندو آهي ته ڦٽن کي جنم ڏيندو آهي، سو جڏهن بئراج خوشحالي آندي ته ڪيترا ماڻهو انهيءَ جو ڍؤ جهلي نه سگهيا، جنهن ڪري ڪيترين گندين رسمن جنم ورتو. جيئن جيئن بئراج جو پاڻي واٽرن ۽ واهن ذريعي ڏورانهن هنڌن تي پهچندو ويو، تيئن تيئن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ مزاج ۾ ڦيرو ايندو ويو. ماڻهن جي ٻولي به بدلجندي ويئي. ووڻن ۽ ڦٽين جي ڪمائي ڀاءُ کي ڀاءُ جو دشمن بنائي ڇڏيو. عزيز مائٽ هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا. عام جهيڙن جهڳڙن ۽ زمينداري ظلمن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو...... .

مڙسن ڏاڙهيون مڇون ڪوڙائي ڇڏيون. ٻيڙي ۽ چرس جي عادت عام ٿيڻ لڳي. وڏيرا ۽ زميندار پنهنجي ڪمائي عيش ۾ وڃائي مقروض ٿيڻ لڳا.

 

پوءِ پانڌي آريسر جهڙي شاعر کي چوڻو پيو ته :

وهيا واٽر ناليون ناليون،

ماڻهن مٽايون چاليون چاليون،

ڪن ڳجهيون ٿا ڳالهيون ڳالهيون،

وسري ويون سس ساليون ساليون،

کيسا خالي وچ بازار..........

ماڻهو مٽيا ۽ مٽي ٻولي ٻولي،

ٺلهي ياراڻي لوڀ لولي لولي،

ريت رسم تن رولي رولي،

چڻنگ ٻري منجهه چولي چولي،

ڇني سڀ ٿيا ڌارون ڌار.....

ظلم زمينداري زوران زور،

ابتي اٽل سان توران تور،

چورت چغلي چوران چور،

سر تي پاڻي ٻوڙان ٻوڙ،

ڪرٽ ڪهاڙا هٿ ڪمدار.....

 

هاري جو ته اڳ ئي حال ڪونه هو  پر زميندار پنهنجو پاڻ کي حال مان بي حال ڪيو. باقي جا ڪمي رهيل هئي، اها شاعر حاجي روشن علي شاهه ڪي چوڻ مطابق هينئن پوري ٿي:

ڍلون سڀ ڊگهيون  ٿيون، آهي تاءُ تکو تپيدارن ،

آيا آفيسر ملڪ ۾، ڪاهه، ٻڌي ڪامورن،

انجنيئر، ايسٽيا، ٻيا چيف ٿا چون،

ڪينال ڪتاب هٿن ۾، ڏاڍي آڪڙ آبدارن،

سروير بندن تي سدائين، رشوت تي رڙهن،

داروغا درن تي، وهريا سي وتن،

مقدمن بيلدارن جو، آهي شور مٿي شاخن.........

 

اهي هئا ڪي عوامي شاعر جن پنهنجي ڍنگ ۽ رنگ سان بئراج جي اثرن جي نشاندهي ڪئي. اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪيل هن مختصر خاڪي مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سکر بئراج جي تعمير ۽ ان جي واهن جي کوٽائي عام جيوت جي مڙني پهلوئن تي اثر ڇڏيا آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ پڪا ۽ پختا ٿي ويندا.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

  .7سنڌ ۾ عيسائيت جي تبليغ ۽ سنڌي علم ادب

 

         جيئن اڄ جي ڪيترن انسانن جا چپ سنڌ واسين جي لياقتن ۽ صلاحيتن  ڳائڻ يا ٻڌائڻ کان خاموش نه آهن، تيئن وري تاريخ جا ورق سندن ماضيءَ تان پردي هٽائڻ کان چپ آهن (1) . انهيءَ ڪري ڪنهن به موضوع تي قلم کڻڻ آسمان مان تارا لاهي اچڻ جي برابر ٿئي ٿو . سنڌ ۾ عيسائيت جو آغاز ڪڏهن ٿيو ؟ ۽ انهيءَ مذهب اسان جي علم ادب کي ڪيترو متاثر ڪيو ؟ اهو موضوع ته پنهنجي مٿي نهايت دلچسپ آهي، ليڪن تاريخ جي ٽٽل تار مان ڪنهن چٽي خاڪي جو يڪتارو ٺهي نه ٿو سگهي ، جنهن کي هٿ ۾ کڻي ماضيءَ جو ڪو سندر گيت ڇيڙجي .

          جيتري قدر مغربي قومن جو لاڳاپو آهي، انهن لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سڪندر اعظم اهو پهريون ڏورانهين ملڪ جو ماڻهو هو، جنهن عيسوي سن کان سوا 300 ورهيه کن اڳ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ يوناني گورنرن جي حڪومت هيٺ رهي ڪري سڌو سنئون مغرب جي اثر هيٺ آئي. سڪندر اعظم لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو لسٻيلي جي رستي کان واپس ويو هو ۽ هن جي بحري فوج ڪراچيءَ جي لڳ ڀڳ ڪجهه وقت لاءِ ترسي هئي (2). ڪيترن مؤرخن جو چوڻ آهي ته سڪندر اعظم جي فوج جو اڳواڻ نيرڪس (Nearchus)  پندرهن ڏينهن منوڙي جي ويجهو ترسيو هو ، ۽  8 – آڪٽوبر 356 ق - م  اتان روانو ٿي ويو هو. (3) .

انهيءَ تاريخي واقعي کان وٺي ويندي عيسوي سن 68 ع تائين تاريخ جا ورق بلڪل خاموش آهن، ۽ پوءِ انهن ئي ورقن ۾ اوچتو ئي اوچتو سينٽ ٿامس (St. Thomas) جو نالو اڀري اچي ٿو . اهو عيسائي پهريون حواري هو، جنهنجي تبليغ تي تڪس شلا(4) . (Taxila) جي راجا گونڊيفيرس (Gondephares) عيسائي مذهب اختيار ڪيو  (5). جيئن ته انهيءَ زماني ۾ تڪس شلا به سنڌ سان مليل هئي ، ان ڪري هن واقعي کي به سنڌ جو واقعو قرار ڏئي سگهجي ٿو .

تاريخ جي ٽٽل تار هتي به هڪ آواز ڇيڙي وري خاموش ٿي وڃي ٿي ، تان جو وري اسان کي ماضي قريب جي دؤر ۾ محمد بن قاسم جي فتح(712ع ) وقت ، سنڌ ۾ ڪليسائن جي هئڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا . هن دؤر جون ڪليسائون ايتريون ته ڪمزور هيون ، جو سنڌ جي معاشري تي ڪو مستقل اثر وجهي نه سگهيون (6). انهيءَ کان پوءِ سلطان محمود غزنويءَ جي دؤر ۾ فردوسيءَ جي هڪڙي شعر سنڌ ۾ هن مذهب وارن جو اهڃاڻ ملي ٿو (7) . اهو شعر هي آهي :

”چون در ملڪ سلطان ، ڪه چَرِ خش ستودِ ،

                                         بسي  هست      ترسا   و    گبر     و        يهود “.

          تاريخ جي ورقن جا اُهي ٽانڊاڻا 1555ع جي سنه کي پهچندي پاڻ روشنيءَ جا مينار بڻجي وڃن ٿا ، جن جي سهائيءَ ۾ اسان کي ٻاهران ايندڙن جو چهرو صاف صاف نظر اچي ٿو . انهيءَ سال بکر ۽ ٺٽي جي ترخان حڪمرانن جي وچ ۾ اچي تخت تان جهيڙو لڳو  ” وڙهن سان لتاڙجن ٻوڙا“ واري ڪار ٿئي ها  ته به سنڌ واسين جو ڀلو ٿئي ها، پر هتي ته ڳالهه ئي ٻي ٿئي پئي .ٻه ٻليون جو حويلي تي اچي وڙهيون ، سو امين بنايائون ڀولڙيءَ کي !، ڀولڙو انصاف ڪندي نه رڳو حلوو کائي ويو ، پر پوءِ ٻلين کي به تارا ڏيکارڻ لڳو !، ٿيو ايئن جو ٺٽي جي حاڪم عيسي ترخان پنهنجي مدد جي لاءِ پور چگيزين کي پڪاريو . هو آيا ضرور پر ، مدد رهي پنهنجي ماڳ ، ان جي برعڪس اڻ ميئي مال ملڪيت کان سواءِ اٺن هزارن پر امن سنڌ واسين جي رت سان پنهنجي تاريخ لکي ويا (8)، ۽ انهيءَ خون چڪان باب سان گڏ سنڌ ۾ عيسائين جي آمد جو نئون سلسلو جاري ٿيو . انهيءَ کان پوءِ ڪن اسان جي سامونڊي علائقي تي قبضو ڪري سامونڊي ڌاڙيلن جو روپ ورتو (9) ، ته ڪن اسان جي واپار ۽ تجارت تي اکيون وڌيون (10). ڪي سياح بڻجي آيا (11)‎‎‎‎ ته ڪي سفير بڻجي پنهنجا سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لڳا (12) . ليڪن اسان انهن سمورن صاحب لوڪن کي نظر انداز ڪندي رڳو انهن عيسائين کي کڻئون ٿا ، جيڪي هتي پنهنجي مذهب جي پرچار لاءِ آيا .

          ٺٽي جي تباهيءَ ۽ برباديءَ کان پوءِ پورچگيز نه رڳو سنڌ جي ايراني نار۽ گجرات سان ٿيندڙ  واپار ۽ واپاري رستن تي قابض ٿي ويا، بلڪ اهي مذهبي مبلغ به بڻجي هن خطي ۾ عيسائيت جو پرچار ڪرڻ لڳا . انهيءَ کان پوءِ بصري کان ڊسليڊس ڪارملائٽس (Discelced Carmelites) (13) ۽ گوا کان آگستنين (Augustinian) (14) جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو (15) .

ڊسليڊس ڪار ملائٽس  يعني  پيرن اگهاڙن مبلغن (Discelced Carmelites )جي ڌڙي مان فادر ليو ڊو ويڪس (Ludovicus Franciscus a Matre Die)۽ برادر ريڊم پٽس (Redemptus) سنڌ ۾ آيا (16) . ڪارملائٽس بابت ٻي معلومات منوڪي (Munucci) ڏني آهي (17)، جنهن بکر ۽ لاهري بندر ۾ سندن موجودگيءَ جي تصديق ڪئي آهي. هن جيتوڻيڪ لاهري بندر واري پيرين اگهاڙي فادر جو نالو نه ٻڌايو آهي ، پر بکر واري پيرين اگهاڙي پادري (Carmelite monk) جو نالو ضرور ٻڌايو آهي . اهو آهي فري پيڊرو ڊي  سنٽا ٽيرزا (Frey Pedro de Santa Terza) (18) . انهيءَ کان پوءِ اسان کي 1672 تائين چئن پادرين جا نالا ملن ٿا ، جن ٺٽي ۾ وفات ڪئي . اهي آهن : فادر لوئي فرانسس (Father Louis Francis) جنهن آڪٽوبر 1622ع ۾ وفات ڪئي . جيڪو اصل ۾ اسپيني باشندو هو . ٻيو فادر پئٽرڪ آف سينٽ لو ئي (Fr. Patrick of St. Louis) جيڪو فرينچ هو ، ۽ آگسٽ 1643ع ۾ وفات ڪيائين.  فادر مچل آف سينٽ سائمن (Fr. Michael of St. Somon) جيڪو پورچوگيزي هو ، ۽ جولائي 1657ع ۾ وفات ڪيائين ۽ فادر پيٽر(Fr. Peter) جنهن 1682ع ۾ وفات ڪئي (19) . انهيءَ کن پوءِ الينگزيڊر هيملٽن (Alexander Hamilton) به 1699ع ۾  ٺٽي ۾ سندن هڪ چرچ جو ذڪر ڪيو آهي (20) .

1623ع ۾ ڊائيگو ڊي سانٽ آنا (Diogo de Sant Anna) پنهنجي مڙهي (Monastery) قائم ڪري سينٽ آگسٽن جي جي پئلڳن جي سلسلي کي سنڌ م پهچايو(21) . هن سلسلي (Augustinian Friars) وري لاهري بندر کي پنهنجي مذهب جي تبليغ جو مرڪز بڻايو (22) . هنن لاهري بندر ۾ هڪڙي ديول به تعمير ڪرائي، جنهن جي ديوارن تي تثليث جون تصويرون چٽيل هيون (23). وقت جي مغل حڪمران شاهجهان جي ڏمر ۽ ڪاوڙ سندن تبليغي ڪم کي متاثر ڪيو ۽ انهيءَ ڏمر هيٺ سندن لاهري بندر واريون مذهبي جايون ڊاهيون ويون، ۽ سندن هڪ ماڻهو انٽو نيو ڊي ڪرائيٽيو (Antonio de critoe) کي جيل اماڻيو ويو. ليڪن سباسشن مانريڪو (Sebastion Manrique) انهن جاين کي وري 1641ع ۾ ٻيهر تعمير ڪرايو (24) .

جيئن ته سنڌ ۾ عيسائيت کي مانوس ڪرائڻ ۾ پورچگيزي سڀ کان اڳرا هئا، ان ڪري انهن جا هندوستان مان جڏهن پير ٿڙڻ لڳا ته اهو اثر سندن تبليغي ڪم تي به پيو . سندن جاءِ والاريندڙ انگريزن ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي عيسائي بنائڻ کان وڌيڪ سندن استحصال ڪرڻ تي توجهه ڏنو . انهيءَ ڪري سندن ارادا مذهب کان وڌيڪ سياسي رنگ ۾ رتل هئا . اهڙين حالتن ڪري انهيءَ دور ۾  سنڌسندن تبليغ بدران جاسوسيءَ جو نشانو بڻجڻ لڳي . انهيءَ کان سواءِ هن ڳالهه کي به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي ته  پورچيگيزي اثر هيٺ سنڌ ۾ تبليع ڪندڙ عيسائي سرڪاري سرپرستيءَ کان محروم هئا ، ليڪن انگريزن هڪ منظم نموني سان ڪن اصولن مطابق پنهنجي مذهب جي مبلغن جي حفاظت ۽ سرپرستي ڪئي. جيئن ته انهيءَ زماني ۾ سنڌ هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ هو ،ان ڪري انگريزي عيسائين هتي بي سهاري تبليغ ڪرڻ بدران پنهنجي سرڪار جي حفاظت هيٺ هندوستان جي حدن اندر ڪم ڪرڻ شروع ڪيو . ان ڪري سنڌ جو خطو ڪجهه وقت لاءِ عيسائين جي پرچار کان پري رهيو . ليڪن عيسائيت جي اها دوري 1843ع ۾ سياست ۽ مذهب جو روپ وٺي سنڌ تي حاوي ٿي وئي . جنهن نه رڳو هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ کي غلام بنائي ڇڏيو پر ان جي تهذيب ۽ تمدن جي توازن کي به هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو . سنڌ جي سماج جو ڪو به پهلو نه رهيو، جنهن ۾ ، ڪاپا پلٽ جهڙي حالت نه ٿي هجي.

يورپي ماڻهو ۽ عيسائي مبلغ جيڪي گهڻو وقت اڳ رت جيان اسان جي سماج جي جسم ۾ داخل ٿي چڪا هئا (25)، تن کي 1843ع جي تبديلي سنڌ جي سماج جو تنها وارث بنائي ڇڏيو . جيئن ته هن موقعي تي عيسائيت جي سڪي جا هڪ ئي وقت تي ٻئي پاسا ڏيکاري نه ٿا سگهجن، ان ڪري اسان ٻين ڳالهين کي نظر انداز ڪري پاڻ کي رڳو مذهب جي ميدان تائين محدود رکون ٿا .

سنڌ تي قبضي ٿيڻ کان پوءِ عيسائي، فوجن لاءِ گرجا جا پادري بڻجي هتي آيا. انهن ۾ اڪثريت ڪئٿوليڪ پادرين جي هئي . پوءِ انهن مان ڪن کي ڪارملائٽس (Carmelites) بنايو ويو، جن پهريون حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ کي پنهنجو مرڪز بنائي عيسائيت جي تبليغ ڪئي . اهي سرڪاري پادري 1852ع تائين سرگرمِ عمل رهيا، جن کان پوءِ سندن جاءِ اچي جيسئٽس (Jesuits) والاري (26) . رومن ڪئٿوليڪ عيسائين جي هن پراڻي فرقي ۾ ڪيترا جرمن به هئا ته ڪيترا آمريڪي به ۽ اسپينش به .

1935ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻه فوجي پادري، ڪوٽڙي ۽ سکر ۾ ٻه ريلوي پادري ۽ ڪياماڙيءَ ۾ هڪڙو پادري هوندو هو. ان وقت تائين سنڌ جون سموريون عيسائي جماعتون ۽ تنظيمون ممبئي جي عيسائي آفيس (Archdiocese) جي ماتحت ڪم ڪنديون هيون، جڏهن سنڌ جي ممبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ حقيقت جو روپ وٺڻ تي هئي ، ته سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائي عيسائيت جي تبليغ جو الڳ مرڪز (Ecclesiastical Unit) بنايو ويو . انهيءَ سلسلي ۾ 22 جون 1935ع تي پوپ پال جي حڪم تي ڊچ پادرين (Dutch Franciscans) اچي رومن ڪئٿوليڪ وارن کان چارج ورتي ، ۽ فادر ويلنس وائينيڪ (Fr. Valens Wienk) کي هن نئين يونٽ جو پهريون مذهبي سربراهه مقرر ڪيو ويو (27). 1843ع کان وٺي 1947ع تائين سنڌ ۾ عيسائيت جي پرچار جي ڪهاڻي سرڪاري سرپرستيءَ (28) ۾ مذهبي جنون ۽ جدوجهد جو هڪ طويل داستان آهي . هن دؤر ۾ عيسائيت جي تبليغ لاءِ ڪيتريون ئي مذهبي جماعتون قائم ڪيون ويون (29). سنڌ جي عيسائين پنهنجي تبليغ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. ڪن وڃي اسڪول کولي نئين نسل کي پنهنجي عقيدي جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي (30) ، ته ڪن وڃي فوجي ڇاوڻيون سنڀاليون، ڪن ديوليون ۽ گرجائون کوليون(31) ته ڪن اسپتالون ۽ سماجي خدمتن جا ادارا قائم ڪيا (32). ڪن وڃي جيلن ۾ قيدين تي قرب ڪيا ته ڪن وڃي ريل گاڏين چڙهي عوام کي ”هندو پاڻي “ ۽ ”مسلمان پاڻي “ کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي . مطلب ته هنن زندگيءَ جي هر هڪ شعبي تي حاوي پوڻ جي ڪوشش ڪئي. 1843ع کان وٺي 1947ع تائين ڪراچيءَ، ڪوٽڙي، حيدرآباد ، نوابشاه، ماتلي ، سانگهڙ، ميرپور خاص، شاهه پور،   سامارو، نبي سر روڊ، تارا چند جو ڳوٺ، ڪاڇيلو، ۽ سکر عيسائيت جي تبليع جا مکيه مرڪز رهيا (33) . سنڌ ۾ عيسائي مبلغن کي پنجابي ڀنگين ، ڀيلن ۽ ڪولين ۾ چڱي مقبوليت نصيب ٿي . 1947ع جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ رهندڙ ڪرستانن جي آبادي20 هزار هئي ، جن ۾ گهڻائي انگريزن ، مدراسين، گوانن  ۽ پنجابين جي هئي (34) .

سنڌ ۾ عيسائي تبليغ جي پس منظر کي ذهن ۾ رکي آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي ٻولي علم ادب به ڪيترو نه اثر قبول ڪيو هوندو . اسان جيڪڏهن عيسائي تبليغ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پاڻ ۾ لاڳاپي جوخاڪو چٽينداسين ته اهو اسان اڳيان ٻه روپ وٺي بيهندو . پهرين روپ ۾ اسان جي ٻولي ان کان متاثر ٿيل نظر ايندي ، ۽ ٻئي روپ ۾ خود عيسائي مبلغ ۽ سندن تبليغ اسان جي علم ادب جي اثر هيٺ آيل نظر ايندا.

1885ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ پهرين ميڪس ڊينسو هال لٽرري سوسائٽي (Max Denso Hall Literary Society) قائم ٿئي ٿي ته ان جو پهريون صدر بمبرج (Bam bridge) نالي هڪ پادري ٿئي ٿو (35) ، ۽ ايئن اسان جو سنڌي ادب پادرين جو اثر قبول ڪري ٿو .

سنڌ ۾ عيسائيت جي پرچار صحافت جي دنيا کي بيحد متاثر ڪيو . 1896ع کان شايع ٿيندڙ سندن ”جوت“ اخبار سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي حد کان وڌيڪ متاثر ڪيو . ”گل ڦل“ ۽ ”دلبهار“ جهڙا ڪتاب اڳ ”جوت“ ۾ شايع ٿيل مضمونن ۽ ڪهاڻين تي مشتمل آهن .

سنڌ ۾ عيسائيت جي پرچار سنڌي ٻوليءَ ۾ ”فرقي پرست“ ادب جو به اضافو ڪيو . حقيقت ۾ مطالعي هيٺ آيل دؤر ۾ اسلام ، عيسائيت ۽ هندو ڌرم جي وچ ۾ مذهبي ڇڪتان انگريز راڄ جي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“  واري حڪمت عمليءَ جو نتيجو هئي . ليڪن سنڌ ۾ هن وبا کي پکيڙڻ ۾ عيسائيت جو وڏو عمل دخل رهيو آهي . سنڌ جي مسلمانن تي پهريون مذهبي وار ”قرآن جو بنياد“ نالي هڪ ڪتاب هو، جنهن جي جواب ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ 1911ع  ۾ ” فتح محمدي“ ڪتاب لکيو .

عيسائيت جي تبليغ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي ڪيترائي ليکڪ ۽ اديب ڏنا . انهن ۾ سنڌين مان پرمانند ميوارام (37)، فادر ڪوٽواڻي(38)، ۽ ٽي – کيمچند (39) جا نالا قابل ذڪر آهن . انهن سنڌي عيسائين سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي جا خدمت ڪئي آهي ، انهيءَ کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي . ساڳئي نموني سان هن پرچار اسان کي اي -آر- ڪارسن (A.R. Carson) (40)، پادري شرٽ ، ۽ هسڪل (C.W. Haskell) (41)، جهڙا غير سنڌي ليڪن سنڌي ٻولي جا اديب به ڏنا .

سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي متاثر ڪندڙ عيسائي مبلغن جي ”سنڌي ڪرسچن لٽرري سوسائٽي “ (Sindhi Christian Literary Society) کي به ڪڏهن نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي ! هو بي مهل نه ٿيندو ، جيڪڏهن هن سوسائٽيءَ جو مختصر تعارف پيش ڪيو وڃي . سنڌ ۾ اڳ ئي ”چرچ مشن سوسائٽي“ Mission Society) Church) ۽  ”زنانه مشن سوسائٽي “ (Zanan Mission Society)، پنهنجو تبليغي ڪم ڪنديون هيون. انهن ٻنهي سوسائٽين 1906ع ۾ ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ قائم ڪئي . جنهن جو پهرين ورڪنگ ڪاميٽي ڊبليو-جي-اَبيگئل (W.J. Abigail) ، اَي – ايِ – ريڊمين (A.E. Redman) مس برينٽن ڪيري (Miss Brenton Carey ( ۽ مسٽر تلسيداس منسکاڻي (Tulsidas Manskhani) تي مشتمل هئي (41) .

انهيءَ سوسائٽي 1910ع ۾ پنجاب جي ”رليجس سوسائٽي“  (Religious Society)سان الحاق ڪري، ان جي ذيلي جماعت جي حيثيت سان عيسائيت جي اشاعت جو ڪم جاري ڪيو . 1935ع ۾  هن سوسائٽيءَ کي الڳ ۽ خودمختيار بڻايو ويو . ان کان پوءِ ڪراچي هن سوسائٽيءَ جي مرڪز جي حيثيت رکندي هئي، ۽ ان جو ن شاخون سنڌ جي ٻين هنڌن تي به هيون (42) .

هونئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هن کان اڳ ”چرچ مشنري سوسائٽي“ به ڪجهه ڪتاب شايع ڪرايا، پر هيءَ سوسائٽي محض انهيءَ مقصد خاطر قائم ڪئي وئي هئي. غير عيسائي سنڌي ليکڪن مان مرزا قليچ بيگ هن سوسائٽيءَ سان ڪافي قلمي تعاون ڪيو. هن صاحب 1923ع ۾ انجيل جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو . ۽ ان کان پوءِ وقت به وقت سوسائٽيءَ لاءِ ڪتاب ترجمو ڪندو رهيو . عيسائي سنڌي ليکڪن مان ڀڳتاڻي ۽ چندو راءِ انهيءَ جا ليکڪ ۽ مترجم رهيا. اَي – آر – ڪارسن ۽ هسڪل به هن سوسائٽيءَ لاءِ ڪتاب لکيا . هن سوسائٽيءَ سنڌيءَ ۾ اڻ ڳڻيا ڪتاب شايع ڪرايا، ڪتابن جي اشاعت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1924ع ۾ سوسائٽيءَ سنڌي ۽ گرمکي زبانن ۾ 169 ڪتاب شايع ڪرايا .

ائين نه آهي ته رڳو عيسائيت جي تبليغ ئي اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي متاثر ڪيو آهي، ليڪن حقيقت هيءَ آهي ته خود اسان جي علم ادب به عيسائيت جي تبليغ ۽ انهيءَ جي مبلغن تي اثر انداز ٿيو آهي . اسان مثال طور ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ (Dr. Ernest Trumpp)(43)  ٻيو نالو  ”هڪ رانجهو لکان دي مٽ “ مصداق پيش ڪري سگهون ٿا ، جنهن کي پنهنجي مذهب جي تبليغ کان اڳ به وڌيڪ اسان جي علم ادب ايترو ته متاثر ڪيو جو هن لاکيڻي لطيف جي ڪلام کي 1866ع ۾ پنهنجي محنت ۽ محبت سان سموهي سينگاري شايع ڪرايو .

ڊاڪٽرٽرمپ عيسائيت جي تبليغ ۽ چرچ مشن سوسائٽي (Church Mission Society) جو اهو گل هو . جنهن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي تاريخ واري چمن ۾ نه رڳو هڪ موزون جاءِ ولاري، پر انهيءَ کي پنهنجو هڳاءَ به ڏنو . ڊاڪٽر ٽرمپ رشتي جي هڪ اهڙي ڪڙي بڻيو جنهن سنڌي ۽ جرمنيءَ کي علمي ۽ ادبي نقطئه نگاهه کان هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو . جيتوڻيڪ کانئس اڳ 1842ع ۾ ڪئپٽن ليو پولڊ (Leopold Von Orleige) سنڌيءَ آيو (43) . ليڪن ڊاڪٽر ٽرمپ جي آمد انهيءَ دؤر جي ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ربط پيدا ڪري ڇڏيو . سندس سنڌي ٻولي ۽ علم ادب سان عشق هڪ افساني کي حقيقت بنائي ڇڏيو . هن نه رڳو سنڌي ٻولي ۽ شاهه کان متاثر ٿي کين مغرب ۾ مانوس ڪرايو ، پر هو پنهنجي ملڪ  جرمنيءَ کي به سنڌ واسين سان مانوس ڪرائڻ جو باعث بڻيو . سنڌ واسين ڊاڪٽر ٽرمپ جي سنڌي علم دوستيءَ جو اثر به علم دوستي ۽ ادب پروريءَ جي صورت ۾ ڏنو . ۽ جرمنيءَ جي مکيه ليکڪن توڙي  اديبن جا شاهڪار ۽ شهپارا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيا . 1911ع ۾ مرزا قليچ بيگ جرمنيءَ جي مشهور اديب ڪرسٽاف وان شمٽ (44)، جي هڪ ناول جو ترجمو ”گلن جي ٽوڪري“ جي نالي سان ڪيو.

1923ع ۾ وري ڄيٺمل پرسرام جڳ مشهور عالم ۽ اديب گوئٽي جي  فائوسٽ (Foust) کي سنڌي ناٽڪ جو روپ پهرايو . انهيءَ کان پوءِ 1931ع ۾ احمد غلام علي ڇاڳلا ڊرامو ”خوني“ ترجمو ڪيو جيڪو جرمني جي اديب رچرڊ ووس (Richard Voss) (46) جو لکيل هو . ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ (Sindhi Adabi Board) طرفان ”گِرم جون آکاڻيون“ ڪتاب شايع ٿيو آهي . جيڪو جرمنيءَ جي ٻن ڀائر اديبن جيڪب (Jacob) ۽ وليم (Wiliam) (47) جي محنت جو نتيجو آهي .انهيءَ کان سواءِ سنڌ توڙي هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جا عالم ۽ اديب ، شاعر ۽ محقق جرمنيءَ جي معياري ادب جو اڄ به ترجمو ڪري رهيا آهن . مثال طور 1968ع ۾ ، نامور جرمن شاعر پروفيسر ڊاڪٽر گرڊ ليو پڪي۽ سندس اهليه ميڊم ارمگارڊ ليوپڪي گريف جا چند نظم، سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا، جي مهراڻ، روح رهاڻ ۽ نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيا هئا . ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ڊاڪٽر غلام حيدر ٻُرڙي، جڳ مشهور جرمن مستشرق ڊاڪٽر انيميري شمل جي ڪن تحريرن جا سنڌي ترجما ڪيا آهن . جيئن ته هي موضوع اسان جي بحث کان ٻاهر آهي، ان ڪري ان کي اوس ئي نظر انداز ڪرڻو پوي ٿو. 

آخر ۾ مختصر طور تي ايئن چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ جيئن ڪرستاني مذهب جي تبليغ ٿي آهي، تيئن هتي سنڌي زبان ۾ ڪرستاني ادب جي اوسر به ٿي آهي . عيسائيت جتي اسان جي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر انداز ٿي آهي ، اتي انهيءَ کان پاڻ به متاثر ٿي آهي .

 

 )حوالا ۽ وضاحتون (

(مهراڻ نمبر 1981-4 جي ص 166 سان لاڳاپيل )

(1) سنڌ جي ماضيءَ جي اها مايوس ڪن تصوير ڪيترن ئي سببن جو نتيجو آهي . انهيءَ جو پهريون سبب آهي، ”ڌارين جو راڄ.“ آرين کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ ۾ غير سنڌي قومن جي آمد ۽ ڪن حالتن ۾ ڌارين جي حڪمرانيءَ نه رڳو سنڌ واسين جي رت ۽ ست پئي چوسيو آهي، بلڪ سندن تهذيب  ۽تمدن سان به پئي هٿ چراند ڪئي آهي، ان ڪري تاريخ جي سلسلي جون ڪڙيون ٽٽل نظر اچن ٿيون. ٻيو سبب آهي ”سنڌوءَ جي مستي“ سنڌ جي هن مست درياهه جتي هتان جي بنجر ۽ بٺ زمين کي پئي آباد ڪيو آهي، اتي هتان جي آباد ۽ شاداب وستين کي به پئي برباد ڪيو آهي، ۽ ايئن اسان جا جيئر جاڳندا تهذيبي نشان مٽبا رهيا آهن . پوءِ اهي ڪڏهن درياهه جي ٻوڏ جو نشانو بڻيا، يا سندس رخ مٽائڻ جي سزا ڀوڳيائون . سنڌ جي تاريخ جي سلسلن کي ٽوڙڻ ۾ ”سنڌي صورتخطي“ کي به وڏو عمل دخل رهيو آهي . موجودهه لپيءَ کان اڳ سنڌي ءَ جي لپيءَ ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون آهن، ۽ هر تبديلي ماضيءَ ۽ حال جي وچ ۾ پئي هڪ ديوار اڀي ڪئي آهي .

(2) Maneck – B. Pithawala :An Introduction to Karachi” , The Times Press, Karachi 1950, P. 13.

(3) Dr. Dur Muhammad Pathan:Contribution of Karachi District towards development of Sindhi Literature and Language 1843-1947” thesis for Ph. D 1979, P.21 also see : (a) William Vincent, D. D: The voyage of  Nearchus”, London .

(b) Dr. Majumdar: The classical accounts of India”, Calcutta ,1960, P. 313.

(c) Tarn, W.W: The Greeks in Bactria & India”, Cambridge ,1951.

(4) مرحوم مولائي شيدائي انهيءَ حڪمران کي سيستان جو پارسي راجا ٻڌايو آهي . ”جنت السنڌ“ ، سنڌي ادبي بورڊ ، ڪراچي / حيدرآباد، 1958ع ص 49.

)5) Fr. Valens Wienk : In the land of the Sindhi and Balouchi”, Rotti press Karachi, 1947, P.17.

(6) پادري برڪت الله : ”قرون وسطيٰ ڪي ايشيائي اور هندوستاني ڪليسائين “ ، پنجاب رليجس بڪ سوسائٽي، لاهور، 1962ع ، ص .45 .

(7) رحيمداد خان : ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي/ حيدرآباد ، 1958ع، ص.51 .

(8) جڏهن ٺٽي جي حاڪم مرزا عيسيٰ ترخان، پنهنجي حريف بکر جي حڪمران سلطان محمود بکريءَ سان نه پڄڻ کي خيال ۾ رکي، پورچوگيزن کان مدد پني، جنهن جي موٽ ۾ پيڊرو بريٽو رولن (Pedro Barreto Rolin) 28 جنگي جهاز ڀري اچي ٺٽي ۾ پهتو. انهيءَ وقت مرزا عيسيٰ خان ترخان بکر طرف روانو ٿي چڪو هو  ۽ سندس ٻارهن سالن جو پُٽ ”ميرهان بابا“ سندس غير حاضريءَ ۾ ڪاروبار هلائي رهيو هو. پورچوگيزن کي مٺيان لڳي ته مرزا عيسيٰ خان اسان کي سڏ ڏيڻ کان پوءِ انتظار ڇو نه ڪيو. ان وقت کين اهو به ٻڌڻ ۾ آيوته بکر ۽ ٺٽي جي حڪمرانن جي وچ ۾ سمجهوتو ٿي رهيو آهي . اهڙيءَ حالت ۾ کين اوس ئي ڦر مار ڪرن جو موقعو نه ٿي ملي سگهيو، ان ڪري هو بهانا تلاش ڪرڻ لڳا، تان جو هڪ ڏينهن سنڌي گهوريئڙو سندن فوجي ڪئمپ ۾ وڪري ڪرڻ لاءِ ڪي شيون کڻي ويو . پورچگيزي فوجين نه رڳو ان کان اهي شيون ڦري ورتيون، بلڪ ان کي مار ڏنائون.  ان جو نتيجو هي نڪتو جو پلاند وٺڻ خاطر انهيءَ گهوريئڙي جي مائٽن ۽ دوستن پورچوگيزي فوجين تي حملو ڪيو.  بس، پوءِ ته هنن کي جواز ملي ويو. هنن ٺٽي جهڙي خوبصورت شهر کي باهه ڏني، سنڌو نديءَ تي ٻنهي طرفن ميلن جي ميلن تائين ڦر لٽ ڪئي  ۽ اٺ هزار ماڻهن جو بي گناهه قتل عام ڪيو . هنن کي جا شئي ملي، سا کڻي پنهنجي ٻيڙن ۾ سٿيائون، تان جو ڪا شيءَ جون سرون به کڻي ويا . هي واقعو ايشيا جو وڏي کان وڏو ڌاڙو هو . تفصيل لاءِ ڏسو :

(a) Father Achilles: Christianity in Sind & Balochistan” an article published in the journal of Sindh Historical Society, Karachi, Dec 1938, P.84.

(a) A.B. Adwani: “The early British traders in Sind” an article published in the journal of Sind Historical Society, May 1934, P.38.    

(9) ”گرم پاڻي“ (Hot Water) جي سياسي ۽ اقتصادي اهميت صدين کان وٺي ، تسليم ڪئي وڃي ٿي ، ۽ جنهن قوم انهيءَ تي قبضو ڪيو، اها دنيا تي قابض بڻجي وئي . مسلمانن جڏهن ”گرم پاڻي “ کي پنهنجي تسلط هيٺ آڻڻ جو ڍنگ سکيو ته انهن طارق بن زياد بڻجي اسپين فتح ڪيو، ۽ محمد بن قاسم سنڌ جو مقدر مٽايو. ساڳي طرح وري اسان جو سمنڊ ننڍي کنڊ جي تاريخ تي اثر انداز ٿيو. پورچوگيزن کان وٺي ويندي ڊچن ۽ انگريزن ننڍي کنڊ تي قبضي ڪرڻ جا اهي مسلمانن جا طريقا استعمال ڪيا . سنڌ جو سدا حيات شاعر، تاريخ جو ڄاڻو، حال کي پرکيندڙ ۽ مسقبل کي ڏسندڙ مفڪر شاهه عبداللطيف گرم پاڻيءَ جي انهيءَ اهميت کان چڱيءَ طرح باخبر هو، ان ڪري جڏهن ڌارين انگريزن کي پنهنجي پاڻيءَ جو سردار ٿيندي ڏ‏ٺائين، تڏهن سندسن ڏات تڙپي اٿي ته :

                   معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا؛

                   ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور  چريا ؛

                   جتي ڍينگ ڍريا،  تتي  تاري  تنهنجي .

(10) جيڪي فرنگي واپار ۽ تجارت جي سلسلي ۾ واپاريءَ وغيره جي صورت ۾ سنڌ ۾ آيا، تن جو مختصر وچور هن ريت ٿئي ٿو .

ائنٿوني اسٽارڪي (Anthony Starkey) 1612، والٽر پيٽن(Walter Payton ) 1613، سر رابرٽ شيرلي (Sir Robert Sherly) 1613، فرانسس بب (Francis Bubb) 1613، ماسٽر مچل (Master Michael) 1613،  ٽامسن پاويل (Tamasin Powell) 1613، ليڊي ٽاميسن پاويل (Lady Tamasin Powell) 1613، نڪولس وٿنگٽن (Nicholas Withnigton) 1613، سر ٿامس رو (Sir Thomes Roe) 1615، جان اسپلر (John Spiller) 1630، فريملين (Fremalen) 1638، رچرڊ مولي (Richard Moyle) 1638، ڊينيل ايلڊر (Daniel Elder) 1644، ريولٽ والون (Revelt Walwyn) 1644، هينري گري (Henry Garry) 1646، نڪولس اسڪريونر (Nicholas Scrivener) 1646، گلبرٽ هيريسن (Gilbert Harrisan) 1646، پيٽر ڊي بائي  (Peiter De Bie) 1652، وليم بيل (William Bell) 1658، همڦري فاڪس  (Humphery Fox) 1658، ٿامس ايٽڪنس (Thomas Atkins ) 1658، جان وڊ رنگٽن (John Widdrington) 1658، ويلنٽائن نرس (Valentine Nurse) 1660، جان ڪاڪس (John Cox) 1660، ايلگزينڊر هيملٽن  (Alexander Hamilton) 1699، ايڊورڊ ڪڪ (Edward Cooke)جنهن  1747ع  ۾ سنڌ ۾ وفات ڪئي  ، ناٿن ڪرو  (Nathan Crowe) 1798 ۽ اَرٿر ڪونولي 1830ع .   

(11) مکيه سياحن ۾ نڪولائي منوڪي (Niccolao Manucci)، چارلس ميسن (Charles Masson) 1826 ، ڪئپٽن ليو پولڊ (Capt : Leopold) ۽ هينري واٽر بيليو 1872ع جا نالا ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن .

(12) سياسي مقصدن خاطر يا سفير بڻجي آيلن مان :

          ڪئپٽن ڊيوڊ سيٽن (Capt: David Seton) 1808،  نيڪولس هينڪي سمٿ  (Nicholas Hankey Smith) 1809 ، هينري ايلس  (Henry Ellis) 1809 ،   رابرٽ ٽيلر  (Robert Tayler)     1809 ، هينري پاٽينجر (Henry Pottinger) 1809، ڪئپٽن چارلس ڪرسٽي (Capt: Charles Chiristie) 1809، وليم هال (William Hall) 1809، وليم مئڪس فيلڊ (William Maxfield) 1809، ڪئپٽن سيڊليئر  (Capt: Sadlier) 1820، ڊبليو - سائمن (W. Simon) 1820، ڊاڪٽر هال (Dr. Hall) 1820، ميجر ووڊ هائوس (Major Wood House) 1820، هينري پاٽينجر (Henry Pottinger) 1831، ۽ ڪئپٽن ايسٽوڪ 1839.

(13) Discalced Carmelites عيسائيت جو اهو ڌڙوآهي، جنهن ٻارهن صديءَ ۾ وجود ورتو . برٿولڊ (Birthold) کي انهيءَ جو باني سڏيو وڃي ٿو. هن ٻين ڏهن ماڻهن سان گڏجي،  فلسطين ۾ جبل مارالياس (Mount Cramel) هتي هڪ جماعت ٺاهي . 1210ع ۾ ان جا قاعدا ۽ قانون جوڙيا ويا ۽ ان تيرهين صديءَ ۾ هڪ تحريڪ جو روپ ورتو . ”Discalced Carmelites“ انهن کي چيو ويندو آهي ، جيڪي پيرين اگهاڙا هوندا آهن . تفصيل سان ڏسو:

{Encyclopaedia Britannica Edition 1949, P. 887}

(14) Augustinians   رومن ڪئٿوليڪ جو اهو مذهبي ڌڙو آهي،  سينٽ آگسٽائن (St. Augustine) جي رهڻي مطابق زندگي گذارڻ چاهين ٿا . هن ڌڙي 1250ع ۾ منظم ٽولي جي  صورت  ورتي . ڏسو :

 {Encyclopaedia Britannica Edition 1949, P. 686}

 (15) Fr. Valens Wienk: “ In the land of the Sindhi and Balochi Rotti Press Karachi, P.19 .

(16) فادر (Ludovicus Franciscus a Matre Die) 1613ع ۾ سنڌ ۾ آيو ته جيئن ٺٽي ۾ فادر (-Joannes a Jusu Maria) لاءِ جاءِ ڀاڙي تي وٺي سگهي . سندس وڌيڪ معلومات ملي نه ٿي سگهي . البت ريڊمپٽس (Redemptus) جي مڪمل ملي ٿي . هو صاحب 1598ع ۾ پورچوگال ۾ ڄائو . اڃا ننڍو ئي هو ته هندوستان اچي پورچوگيزن جي فوج ۾ شامل ٿيو . ڪجهه وقت کان پوءِ فوجي نوڪري ڇڏي عيسائين جي تبليغي جماعت ۾ شامل ٿيو . ڪيترو وقت سنڌ ۾ به ڪم ڪيائين . کيس 29، نومبر 1638ع تي تبليغي مهم دوران پنهنجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا . ڏسو :

[Father Achilles: “Christianity in Sindh and Balochistan” an article published in the Journal of Sindh Historical Society Karachi, Dec: 1938, P.38.]

(17) هي صاحب 1639ع ۾ وينس ۾ ڄائو . 1653ع ۾ سير سفر جي شروعات ڪيائين . کيس سمرنا ، ايشيا مائنر ۽ هندوستان ڏسڻ جو موقعو مليو .هندوستان ۾ مغل فوج ۾ به ڀرتي ٿيو .

[William Irvine : “A Pepys of Moghul India”, London, 1907, Vol : I, P . 1]

(18) منوڪيءَ هن مبلغ کي انهيءَ کان اڳ اصفهان ۾ به ڏٺو هو . سندس چوڻ مطابق اهو مبلغ وڏو عالم ۽ فارسي، عربي ۽ هندوستاني ٻولين جو ماهر هو . منوڪيءَ جي جڏهن ساڻس بکر ۾ ملاقات ٿي ، تڏهن منوڪي شهزادي دارا جي فوج ۾ هو  ۽ شهزادو دارا اورنگزيب سان اختلافات رکڻ سبب وڙهندو ۽ لڪندو اچي سنڌ ۾ پهتو . شهزادي دارا جڏهن هن عيسائي فقير جي هاڪ ٻڌي ته ان وٽ لنگهي آيو ، کائنس ايترو ته متاثر ٿيو ، جو کيس چوڻو پيو ته : ”جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو سچ تي ٻڌل مذهب آهي ته اهو ڪئٿوليڪ مذهب ئي آهي . آءٌ ڪيتري وقت کان وٺي انهيءَ مذهب جي ڪيترن ڌڙن سان ملندو رهيو آهيان، ليڪن هر دفعي انهن هن حقيقت جو پئي انڪشاف ڪيوآهي ته معمولي اختلاف کان سواءِ عيسائي هر ڳالهه ۾ متفق آهن، ليڪن اسان جي مذهبن جهڙوڪ : هيبروز، هندو ۽ اسلام جو اهڙو حال نه آهي. انهن مذهبن ۾ مون کي اختلاف نظر آيا آهن، مان مسيح کان دعا ٿو پنان ته مون کي بادشاهي عطاڪري، آءٌ واعدو ٿو ڪريان ته جڏهن آءٌ بادشاهه ٿيندس ته پوءِ آگري شهر ۾ بيبي مريم جي نالي ۾ ديول ٺهرائيندس . ان کان سواءِ مان پادرين کي اجازت ڏيندس ته هو ڀلي ديولون قائم ڪن  ۽ منهنجي شهنشاهيءَ جي حدن ۾ جتي وڻين ، اتي پنهنجي مذهب جي بنا روڪ ٽوڪ تبليغ ڪن . “

ڏسو  حوالو ساڳيو، صفحو 324 ۽  :

 [Achilles: “Christianity in Sindh & Balochistan” J.S.H.S, Dec: 1938, P.90.]

(19) Fr. Valens Wienk: “In the land of the Sindhi & Balochi”. Rotti Press Karachi, 1947, P.19.

(20) J.W. Smyth: “Gazetteer of Province of Sindhi”.B.Vol .1, Karachi, P.111.

(21) Simon de Graca: “Memorial do convento de santo agostinho de goa”. Portuguez, 1907, P 350.

(22) A.B. Advani : “The early Birtish Traders in Sind ”. An article published in the Journal of Sindh Historical Society, Karachi, Vol.1, P. 43

(23) رحيمداد خان مولائي شيدائي : ”تاريخ تمدن سنڌ“ سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد 1959ع  ص 413

(24) سمباسٽن جو انهيءَ سلسلي ۾ بيان آهي ته : سندس (شاهجهان جي سهري آصف خان) دوستيءَ سبب ۽ وسيلي مون اهي ڳالهيون مڃايون ۽ ڪري سگهيس ، جنهن جو تصور به ڪري نه پيو سگهان، سندس دوستيءَ مان فائدو وٺندي ، شهنشاهه کان انهيءَ فرمان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، جنهن جي مطابق مون کي سنڌ ۾ انهن مذهبي جاين ۽ پادرين جي رهڻ وارين جاين جي نئين سر تعمير ڪرائڻ جي اجازت ملي.  اهي جايون ، جن کي خود شنهشاهه ڍهرائڻ جو حڪم ڏنو هو . ڏسو :

[C. Eckford Luard: “Travels of Fray sebastion manrique, Oxford ,1927, Vol II. P. 152].

(25) انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترن ئي يورپين ماڻهن جا نالا پيش ڪري سگهجن ٿا. مثال طور : رابرٽ ڊڪ (Robert Dick)    اڳ ۾ شاهه شجاع جي فوج ۾ ملازم هو، سو پوءِ ميرن جي فوج ۾ داخل ٿيو . اهڙي نموني سان 1843ع واري جنگ ۾ ڪئپٽن جان هاول (Capt. John Howel) ميرن جي طرفان وڙهيو . جڏهن کيس فوجي قيديءَ جي حيثيت سان نيپيئر اڳيان آندو ويو ته هن اقرار ڪيو ته جيتوڻيڪ ميرن جو ملازم هو، پر جنگ دوران ميرن جي خلاف ئي ڪم ڪيائين . هنن نيپئر جي فوج تي رڳو هوائي فائر ڪيا ۽ ڪنهن به گوري سپاهيءَ کي نه ماريائين . اهڙي ماڻهوءَ کي ميرن مياڻيءَ ۽ حيدرآباد ۾ هڪ فوجي جٿي جو اڳواڻ بڻايو هو .تفصيل لاءِ ڏسو :

[Burton: “Scinde of the unhappy valley of the Indus,” London, 1851, Vol I. P.P. 152-153].

(26) رومن ڪئٿولڪ عيسائين جي هڪ پراڻي فرقي کي (Jesuites) چيو ويندو آهي . 

(27) Fr. Valens Wienk : “In the land of the Sindhi & Balochi , Rotti Press Karachi, 1947, P.20.

(28) سنڌ ۾ عيسائي مبلغن کي ڀرپور سرڪاري سرپرستي ملي، وقت جا حڪمران سندن تنظيمن ادارن ۽ گرجائن جو افتتاح ڪندا هئا، کين ٿوري تڪليف وٺڻ تي زمينون ۽ پلاٽ الاٽ ڪندا هئا . سند ن تنظيمن ۽ ادارن جا سرگرم ڪارڪن بڻيا هئا  ۽ ڏکئي وقت ۾ سندن بچاءُ به ڪندا هئا . مثال طور جڏهن سنڌ ۾ ”حر تحريڪ“ زور ورتو ۽ حرن سانگهڙ کي مرڪز بڻائي ، پنهنجي روحاني رهبر جي عقيدت جو اظهار ڪيو ته اتان جي عيسائين کي بچائڻ لاءِ اطلاعن ڏيڻ ۾ وقت جي سرڪار ڪا به گهٽتائي نه ڏيکاري . اقتدار ۽ عيسائيت جو پاڻ ۾ چولي دامن جهڙو لاڳاپو هوندو هيو . عيسائين جا مرڪز فوجي ڇاوڻين يا وڏن سرڪاري ڪامورن جي دفتر جي نزديڪ هوندا هئا  ۽ اهي اڄ ڏينهن تائين انهن جاين تي موجود آهن.

(29) ڪن مذهبي ادارن ، جماعتن ۽ تنظيمن مان هي ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن :

The Pious Association.

Board of Apostleship of prayer.

St. Vincent de  paul’s society.

The lepers’ committee.

Catholic Association of sind.

Daughters of the cross of  liege.

The Franciscan Missionaries of Mary.

Catholic Goan’s Association.

St. Elizabeth’s Association.

Franciscan Missionary of South America.

Franciscan Missionary of Christ king.

The st. Salesius Siwak sabha.

Sodalities of virgin Mary (1868)

The league of Night Adoration (1931)

Karachi Catholic Propaganda Committee (1932)

Students Missionary League.

The Catholic Association.

St. Vincent de paul’s Conference.

Young men’s Christian Association. 

Young Women’s Christian Association. 

St. Josph’s Association.

(30) سنڌ ۾ پهريون انگريزي اسڪول ڪئپٽن پريڊي (Capt: Preedy) 1846ع ۾ قائم ڪيو، جيڪو پوءِ 1853ع ۾ ”چرچ مشن سوسائٽي“ جي حوالي ڪيو ويو . هن اسڪول ۾ بائبل کي لازمي طور پڙهايو ويندو هو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ عيسائين پنهنجي مذهب جي تبليغ لاءِ جيڪي اسڪول کوليا، انهن مان هي ذڪر ڪرڻ جهڙا آهن:

St. Patric School, Karachi.

St. Joseph’s Convent Girls High School, Karachi.

St. Paul’s Urdu School, Karachi. (1936)

Catholic Primary School, Karachi (1923).

Catholic Urdu Primary School,Kiamari (1945).

Philomena’s School, Karachi.

Catholic School, Kotri.

St. Joseph’s School, Hyderabad.

St. Bonaventure Boy’s High School, Hyderabad.

 St. Mary’s Convent Girl’s High School, Hyderabad.

Primary School, Nawabshah.

Punjabi Primary School, Sanghar.

St. Mary’s School, Sukkur.

] وڌيڪ تفصيل لاءِ  -ڏسو ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ:”ادبي اوسر جو تاريخي جائزو“ٽائپ ٿيل 1980ع، ص 81. [

(31) ڪراچي ڊويزن ۾ جيڪي ٿوري وقت اندر ديولون قائم ڪيون ويون ، تن ۾ : ”سينٽ پئٽرڪ چرچ“ (1845) ، ”دي ٽرنٽي چرچ“ (1855)، ”چرچ مشنري سوسائٽي چرچ“ (1856) ، ”سينٽ پائولس چرچ“ (1865)، ”ميٿوڊسٽ اپسڪويل چرچ“ (1875) ۽ ” اسڪاٽش چرچ“ (1888) ذڪر ڪرڻ لائق آهن. باقي ٻين  هندن تي قائم ڪيل مڙهين ، ديولن ۽ گرجائن جو ذڪر مناسب هند تي ڪيو ويندو .

(32) عيسائين جي مذهبي مبلغن جيڪي اسپتالون يا سماجي خدمتن لاءِ تنظيمون قائم ڪيون، تن مان هي مکيه آهن :

St. John Bosco’s Orphanage, Karachi.

St. Teresa’s Nursing Home, Karachi.

 Kunwari Mariam ji Hospital, Nawabshah.

(33) ڪراچيءَ ۾ وري سندن ڪيترا مرڪز هئا ، جهڙوڪ : ڊرگ روڊ، ڪياماڙي، منوڙو ، ڪئٿولڪ ڪالوني، صدر، فريئر هال ايريا، لڳ ڪوس گهر ۽ حاجي ڪئمپ . حيدرآباد سندن آڳاٽو ۽ مکيه مرڪز رهيو ، هن ئي مرڪز  معرفت پرمانند ميوا رام عيسائي ٿيو ۽ اتان ”جوت“ نالي اخبار جاري ڪيائين. اشاعت جي سلسلي ۾ به هتان جي ”سنڌي ڪرسچين لٽرري سوسائٽي“ جي شاخ ڪيترو ڪم ڪيو . هن مرڪز سنڌ ۾ مذهبي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو. الله جي ڪتاب جي شان ۾ گستاخي ڪندي، هتان جي ئي هڪ سنڌي ڪرستان ڪتاب لکيو، جنهن جي جواب ۾ حڪيم مولوي فتح محمد سيوهاڻيءَ ”فتح محمدي“ ڪتاب لکيو . 1946ع ۾ هتي ڪل 151 ڪئٿولڪس هئا، جن ۾ 128 هندوستاني ۽ 11 سنڌي ڪرستان به هئا.

          نواب شاهه کي 1936ع کان وٺي عيسائيت جي تبليغ جو مرڪز بڻايو ويو. هتي سندن هڪ اسڪول، اسپتال، چرچ، پئرش هائوس، ايگريڪلچرل سوسائٽي فار ڪئٿولڪ هاريز ۽ مارواڙي هائوسنگ سوسائٽي هوندو هئي . هتي هنن ڪيترا ڀيل عيسائي بڻايا. سانگهڙ ۾ وري ديهه بکرو ۾ پنهنجي زرعي ڪالوني ٺاهيائون. 1938ع ۾ پير پاڳاري جي مريدن کين ايترو تنگ ڪيو جو هو تبليغي ڪم ڇڏي هليا ويا . اتر سنڌ ۾ سکر سندن مکيه تبليغي مرڪز رهيو . اتي سندس ٻه اسڪول ۽ هڪ سماجي تنظيم هئي . هتي کين پنجابي ڀنگين ۾ مقبوليت حاصل ٿي .

(34) Fr. Valens Wienk : “In the land of the Sindhi and Balochi”. Rotti Press Karachi, 1947, P.8.

 (35) هن جماعت جو پهريون اعزازي سيڪريٽري اين. جي . وي هاءِ اسڪول جو تڏهوڪو هيڊ ماستر جيمسٽجي آرديشر هو . هن ادبي جماعت جون هفتيوار گڏجاڻيون هر هڪ اربعا شام تي ٿينديون هيون . سنڌ جا ڪيترا ئي نامور اديب جهڙوڪ : ڏيارام گدو مل ، ڪوڙو مل چندن مل، هيرانند شوقيرام  وغيره هن ئي جماعت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا . تفصيل لاءِ ڏسو :

]ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ ، پي .ايڇ. ڊيءَ لاءِ لکيل مقالو، 1989، ص 445.[

(36) سنڌ جي عيسائين جيڪي غير سنڌي اخبارون يا رسالا جاري ڪيا، اهي هي هئا : (a) ”The Rotti“ نالي ڪوڪانين لاءِ ماهوار اخبار ، جيڪا 1932ع ۾ ڪراچيءَ مان جاري ڪئي وئي. هن اخبار جو پهريون ايڊيٽر ونسينٽ لوبو ( Rev. Vincent Lobo) ٿيو. ان کان پوءِ فادر پيريرا(Fr. Perira) ۽ فادر اي. مونز (Fr. A. Moniz) ان جا ايڊيٽر ٿيا.  هيءَ اخبار سنڌ ۽ هند کان سواءِ آفريڪا تائين پڙهي ويندي هئي .

(b) ”St. Anthony in India“ هي انگريزي ماهوار اخبار 1939ع ۾ ڪراچيءَ مان جاري ٿي . ائنٿوني الميڊيا (Rev. Anthony Almeida)  ان جو پهريون ايڊيٽر ٿيو .

(c) ”Standard“ : هي هفتيوار اخبار اڳتي هلي ماهوار ٿي . جنگ جي زماني ۾ ان کي بند ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ ”The Catholic Chronicle“ نالي پندره روزه اخبار جاري ڪئي وئي .

(37) پرمانند ميوارام جا وڏا هندن جي منشياڻي آڪھ مان هئا . سندس جنم 1866ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس ڏاڏو مور جمل پهريون عامل هو جنهن دين اسلام قبول ڪيو . هن جي عمر جڏهن ننڍي هئي ته سندس والد به مسلمان ٿيو ، جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم هو. پرمانند ابتدائي تعليم مسلمان آخوند وٽان ورتي . ان کان پوءِ انگريزي تعليم حيدرآباد، شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن مان ورتائين . کيس 1884ع ۾ ”ماريپور سالٽ ورڪس“ ۾ ملازمت ملي. انهيءَ سلسلي ۾ سکر ۽ ڏيپلي به وڃڻو پيس. ٽن سالن بعد تعليمي ادارن ۾ نوڪري ڪيائين. “ليکراج ۽ کيمچند اسڪول“ حيدرآباد ۽ ”يونين اڪيڊمي“ حيدرآباد ۾ استاد ٿي رهيو. 1891ع ۾ عيسائي ٿيو ۽ سندس نالو ”فيلڪس“ رکيو ويو . مذهب بدلائڻ سبب کيس ”يونين اڪيڊمي“ ڇڏي، ڪجهه وقت لاءِ ”ڊسٽرڪٽ ڪورٽ“ ، حيدرآباد ۽ پوءِ 1894ع کان 1897ع تائين ”سينٽ پيٽرڪ اسڪول“ ڪراچي ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻو پيو .

          هن نه رڳو ”جوت“ اخبار جاري ڪئي، پر ”گل ڦل“ ۽ ”دلبهار“ ڪتاب به مرتب ڪيائين . سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ”سنڌي –انگريزي لغت “، ”انگريزي – سنڌي لغت“ ، ”ڪرست جي پيروي“، ”يوسف مصري“، ”هيري جي منڊي“، ”ڌرم مورتي“، ”آتمڪ امرت“، ”مياڻيءَ جي جنگ بيتن سميت“، ”اپائڻهار جي هستي“، ”هيرو ۽ گلو“، ”لڇڻ وڌيڪ ڪين لڌو“، ”لورڊ جي ناري“، ”سر ڪاپائتي“ ۽ ” سنڌ باد سيلاني“ ڪافي مشهور آهن .

سندس وفات 29-نومبر 1938ع تي ٿي . ] تفصيل لاءِ ڏسو منهنجو زير ترتيب  ڪتاب”ايڊيٽر نامو“[

(38) فادر ڪوٽواڻي جو جنم 16 آڪٽوبر 1944ع تي ڳوٺ عظمت تعلقي سکر ۾ ٿيو . ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ۽ انگريزي تعليم ”نيو ماڊل هاءِ اسڪول“ ڪراچي ۽ ”نؤ ود ياله اسڪول“ حيدرآباد ۾ ورتائين. ارڙهن سالن جو هو ته سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو .انهيءَ موقعي وارين ”اگني سنسڪار“ ۽ ” گنگا اَشنان“ جهڙين مذهبي رسمن کيس هندو ڌرم کان متنفر ڪري ڇڏيو . پرمانند ميوا رام جي اثر هيٺ 1933ع ۾ عيسائي ٿيو . هي پهريون سنڌي ڪئٿولڪ آهي، جيڪو 1944ع ۾ پادريءَ جي منصب تي رسيو .

پاڻ 1938ع ۾ ”جوت“ جو ايڊيٽر ٿيو .]حوالو ساڳيو[

(39) انهن کان سواءِ سنڌ جو هڪ ٻيو سنڌي عيسائي عالم هو (B. Animananda)

(40) ڪارسن 1913ع ۾ آشريٽن ، نيوزلينڊ ۾ ڄائو . هي صاحب 1940ع ۾ سنڌ ۾ آيو . ڪيترو وقت ”چرچ مشنري پريس“ ۽ ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽيءَ “ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو . هن ”خدا جو ڪٽنب“ ۽ ٻيا ڪتاب لکيا . ] تفصيل لاءِ ڏسو ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ : ”پرڏيهي عالمن جا خط“ ، هفتيوار ”آزاد“ ، ڪراچي، م‍ؤرخه 3 ڊسمبر ، ص 2[.

(41) چارلس وليم هسڪل 1905ع ۾ بريڊ فورڊ، انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ تعليم نيوزي لينڊ مان ورتائين. هي صاحب 1930ع ۾ ”چرچ مشنري سوسائٽي“ جي ڪارڪن جي حيثيت سان سنڌ ۾ آيو . 1933ع کان وٺي ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ جو سيڪريٽري ٿيو . ان کان پوءِ ”گرامر اسڪول“ ڪراچيءَ جو پرنسپال ٿيو . 1955ع ۾ نيو زي لينڊ هليو ويو  .

هن ڪرستاني ادب تي ڪيترائي ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا . انهيءَ موضوع تي اصلي ڪتاب به لکيائين . هن صاحب سنڌي انگريزيءَ ۾ هڪ گرامر به مرتب ڪيو . ان کان سواءِ ”سنڌي –انگريزي لغت “ مرتب ڪرڻ ۾ هڪ سنڌي هندو اديب(؟) جي مدد به ڪيائين . ] تفصيل لاءِ ڏسو ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ:”پرڏيهي عالمن جاخط“هفتيوار”آزاد“ڪراچي. مؤرخه 19- نومبر 1979، ص – 4 [    

(41) See: Daily Gazette, Karachi, dt: 7.4.1928, P 9 to 10.

(42) ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ ، پي . ايڇ . ڊي ءَ لاءِ مقالو ، 1979، ص . 516 .

(43) ڊاڪٽر اَرنيسٽ ٽرمپ 3-مارچ 1828ع تي ايلز فيلڊ (Elezfield) جرمنيءَ ۾ ڄائو . سندس والد هڪ غريب هاري هو . هي صاحب 1848ع واري جرمنيءَ جي آزاديءَ جي تحريڪ (Liberal Movement) ۾ شريڪ ٿيو  ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جيل به ڀوڳڻو پيس . جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ برطانيه آيو، جتي کيس ”انڊيا آفيس ”۾ ملازمت ملي وئي ، اتان هيءُ ”چرچ مشن سوسائٽي“ جي سنگ ۾ آيو ۽ آخرڪار پادري بڻجي اچي بمبئي پهتو . هن ڪجهه وقت لاءِ”ٽيومنگن يونيورسٽي ۾ مشرقي زبانن جو ريڊر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو . 1883ع  ڌاري ميونخ (Munich) يونيورسٽي ۾ سامي ٻولين جي تعليم جو پروفيسر ٿيو . سندس وفات 5-اپريل 1885ع تي ٿي .

          ڊاڪٽر ٽرمپ جرمنيءَ کان سواءِ انگريزي، فرانسي، لاطيني، حبشي، سنڌي، عربي، پارسي، پنجابي، پشتو، سنسڪرت ۽ بروهي  ٻولين تي به دسترس رکندو هيو . سندس لکيل ڪتابن ۾ ”ڪامن پرائمر بڪ“ (Common Primer Book)، ”شاهه جو رسالو“، ”سنڌي ريڊنگ بڪ ان دي سنسڪرت اينڊ عربڪ ڪرئڪٽرس (Sindhi Reading Book in the Sansikrat and Arabic Characters.) ، ”گروگرنٿ جو انگريزي ترجمو“ ۽ ”سنڌي گرامر“ ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن. ] تفصيل لاءِ ڏسو : حبيب الله مولابخش ڀٽو : ”سنڌي ساهت ۽ مشهور مشترقين “ ، شڪارپور، 1973ع ، ص 85-78[.

(43) هي صاحب سيپٽمبر 1942ع ۾ سنڌ ۾ آيو. ڪراچيءَ کان حيدرآباد، سيوهڻ ۽ سکر کان ٿيندو، پنجاب ويو . ان جو سفر نامو جرمني زبان ۾ ڇپيو . ان جو انگريزي ترجمو ايوانس لائڊ ڪيو ، جيڪو (Travel in India including Sindh and Punjab) جي نالي سان ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو . ]تفصيل لاءِ ڏسو : ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ” سنڌ – مغربي ليکڪن ۽ سياحن جي نظر ۾ “ ، ٽه ماهي مهراڻ، ڄامشورو3-4/1979، ص 117[ .

(44) ڪرسٽاف وان شمڊ 1768 ع ۾ فرانڪونيا پرڳڻي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو ۽ سنه 1854ع ۾ وفات ڪيائين . هو وڏو پادري هو ۽ ڪجهه وقت سرڪاري اسڪولن جو انسپيڪٽر به ٿي رهيو . هن ٻارن لاءِ گهڻائي ڪتاب لکيا، جن مان ”انجيل جي تاريخ“، ”خدا جي بابت پهرين تعليم“ ۽  ”گلن جي ٽوڪري“ ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن .

(45) يوهان ولف گينگ فان گوئٽي 28 آگسٽ 1749ع تي فرينڪرٽ اون ۾ پيدا ٿيو . ڄمڻ وقت ايترو ته ضعيف هو ، جو سندس مائٽن کي هن ٻار جي بچڻ جي ڪا ئي به اميد ڪا نه هئي، پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته اهو ڪمزور ٻار اڳتي هلي ڪهڙا ڪارناما سر انجام ڏيندو . سندس والد بنيادي طور تي ڪاريگر هو ، جو ترقي ڪري وڃي”امپريل ڪائونسل“ جو ميمبر ٿيو هو . هن جي والده وري وڪيلن جي خاندان مان هئي .

          گوئٽي انهن ٽن عظيم انسانن مان سڀ کان پهريون ڄائو، جن اڳتي هلي جرمنيءَ جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو . باقي ٻن شخصيتن ۾ شيلر، 1759ع ۾ ۽ نيپولين ڏهه سال پوءِ پيدا ٿيو . گوئٽي پنهنجي اکين سان ڪيترائي اهم واقعا ڏٺا . هن انهيءَ ”جرمن پارليامينٽ“ کي ختم ٿيندو ڏٺو، جيڪا قرونِ وسطيٰ کان وٺي هن قوم جو مضبوط ادارو ٿي رهي هئي . کيس آمريڪا جي جنگِ آزادي جي مشاهدي ماڻڻ جو به موقعو مليو . فرانس جو انقلاب، نيپولين جو عروج ۽ زوال ۽ آخر ۾ 1830ع وارو پئرس جو انقلاب به ڏٺائين .

          گوئٽي پنهنجي تعليم ليبزگ ۽ اسٽر بيرگ ۾ ورتي . قانون جي سند وٺڻ کان پوءِ ويزلر جي سپريم ڪورٽ ۾نوڪري ڪيائين . 1776ع ۾ ويمر ويو ، جتي پريوي ڪائونسلر ۽ وزير بڻجي ويو . هو هڪ ئي وقت وزير، مصور، سائنسدان ۽ اديب هو . هن جرمنيءَ جي شاعريءَ کي عوامي رنگ ڏنو، هتان جي ناٽڪي دنيا ۾ نئون روح ڦوڪيو ۽ پنهنجي قلم جي قوت سان پنهنجي علم ادب جي تاريخ کي سينگاريو . سندس لکيل ڪتابن جو تعداد چاليهن جي لڳ ڀڳ آهي ، جن مان ”پوئٽري اينڊ ٽرٿ “ (شاعري) ، ”گوز فان برلي شنگين“ (ڊرامو)، ”ميٽ امار فوسس آف پلانٽس“ (سائنس) ۽ ”فائوسٽ“ ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن . سندس وفات 1833ع  ۾ ٿي . ]تفصيل لاءِ ڏسو : سيد سعيد احمد: ”مشاهيرِ جرمني“ڪراچي، 1970ع ، ص ص 97-105[ .

(46) رچرڊ ووس: هي صاحب نيو گريپ لڳ پرٽز ۾ 1851ع ڄائو. سندس والد ٻهراڙيءَ جو رهاڪو هو . هن 1870ع وري جنگ ۾ شرڪت ڪئي . جينا ۽ روم ۾ پڙهڻ کان پوءِ علم ادب ڏانهن توجه ڏنائين . ڪجهه وقت لاءِ لائبريرين به ٿي رهيو . سندس لکيل ناٽڪن ۾ ”انفيهلبار“ (Unfehlbar) 1874ع ، ”رگولا برينڊ“ (Ragula Brand) 1884ع ، ”اسڪلڊگ“ (Schuldig ! ) 1892ع  ۽ ناولن ۾  ”ولا فالڪونيئري“ (Villa Falconieri)  1896ع ، ”رومسڪز فائيبر“ (Romisches Fiebor) 1902ع ، ”زوي مينسڪين“ (Zwei Menschen) 1911ع ، ”مٽ ونلئب ان هار“ (Mit weinloub in hoar) 1915ع ، ”ڊاءِ سيبنيرين“ (Die sabinerien) 1890ع ، ”سڊليچز بلٽ“ (Sudliches Blut ) 1900ع ۽ سندس شاعريءَ ۾  ”ڊاءِ اسڪريبن گيساميلٽ ون اينم مڊن مئن“ Die Scherben gesammelt Von einem muden mann)) 1847ع  ۽ يادگيرين ۾  ”اس اينم فانٽيسٽيڪن ليبن“ (Aus einem Phantastischen Leben) 1920ع وغيره تفصيل لاءِ ڏسو :

Henry & Mary Garland: “ The Oxford Companion to German literature, Oxford, 1976, P. 906.

(48) جيڪب،  وليم کان وڏو هو. هو 4- جنوري 1755ع تي ڄائو ۽ 78 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين . وليم 1786ع ۾ ڄائو ۽ جيڪب جي وفات کان چار سال اڳ 1786ع ۾ وفات ڪيائين . هو پاڻ جيتوڻيڪ غريب هئا، ليڪن وطن جي حب جي جذبي سان سرشار هئا . انهيءَ جذبي تحت هنن جرمني جي قديم اتهاس، تاريخ، قانون، موسيقي ۽ اڳوڻي ادب ۾ گهري دلچسپي ورتي ، انهن موضوعن تي ڪتاب لکيائون . قومي شاعريءَ ۾ کين اعليٰ مقام حاصل هو . هنن 1816ع کا وٺي 1818ع واري عرصي دوران جرمن قوم جي قديم رزميه شاعري گڏ ڪري شايع ڪرائي . 1812ع ۾ لوڪ ڪهاڻين جو پهريون جلد ” ڪنڊر – انڊهاس مارچن“ نالي سان ڇپرايو . پوءِ 1815ع ۽ 1822ع ۾ انهن ڪهاڻين جا ٻيا جلد به ڪڍيائون . سندس وفات کان پوءِ 1870ع ۾ جيڪب جي وڏي پُٽ هرمئن، سندس اڍائي سو ڪهاڻيون گڏي شايع ڪرايون . انهيءَ جلد مان پنجاهه ڪهاڻيون پوءِ انگريزيءَ ۾ ”Fair Tales Grims“  جي نالي سان شايع ٿيون. گرم خاندان جي هنن فردن جي انهيءَ ڪاوش مان 19 ڪهاڻيون چونڊي ، خانصاب مريد علي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون . اهي ڪهاڻيون پهريون ”گل ڦل“ سنڌي رسالي ۾ شايع ٿيون. جن کي پوءِ ”گرم جون آکاڻيون“ نالي ڪتاب جي صورت ڏني وئي . ]ڏسو : ناشر طرفان به ٻه لفظ ڪتاب”گرم جون آکاڻيون“ سنڌي ادبي بورڊ، ص .5[ .

 

ضميمو نمبر- 1

(1) سنڌ ڪرسچن سوسائٽيءَ طرفان شايع ڪرايل ڪن ڪتابن جو وچور: ”سانجهيءَ جي دعا ۽ لٽانيا ۽ ڪي زبور“ (1916)،  ”انجيل“

(1923)،”متي رسول جي معرف پاڪ انجيل “(1930)،”مسيحي مسافرجو احوال“(1933)،”هڪڙي جاپانيءَ جو قصو“(1934)،”سچو سڄڻ“(1934)، ڪگاوا جا آتمڪ آزمودا“ (1936)، ”دلپسند زندگي“ (1936)، ”معرفت جو راز“ (1939)، ”مسيح جي حقيقت“ (1940)، ”شروعاتي مٺا ميوا “(1943)،”اڳڪٿين جي تڪميل“(1943) ، ”خدا جو خاندان “ (1944) ، جئسنگهه بهادر“(1945)، ”ڪنهن پهڻ کي هٽايو “  (1945)، ”ناتال“  (1946)، ”پرتما جي بادشاهت ۽  ان جا قائدا “ (1946) ”موت کان پوءِڇا ٿيندو؟ “ (1946)، ”هڪڙو عجيب خواب“ (1946)، ”ڪاشيءَ جي ٻن تيرٿ واسين جو قصو “ (1947)، ”دنيا جي اميد“ (1947)، ”افضل راز“ (1947)، ”خدا جي هستي“ (1947)، ”دعائن جو گلدستو “ (1947)، ”هڪڙو عجيب ڪرڪيٽئر“ (1947)، ”جهاد جو سوجهرو“ (1947)، ”هڪڙو عجيب مڪاشفو “ (1947)، ”پتا جو پيار“ (1947)، ”مقدس لوقا جي معرفت پاڪ انجيل“(1947)”رڻ پٽ جي مسافري“ )1947(  ”هدايت نامو“ (1947)، ”پولس هڪڙو غلام“ (سال ؟)، ”پنڊتا راما ٻائيءَ جو قصو“ (1947) ”معصوم شفيع جي سوانح عمري“ (سال ؟)، ”سلطان ۽ سلطانه“ (سال ؟)، ”نئون عهد نامو“ (سال ؟)، ”خدا جو پدرانه سلوڪ“(سال ؟)،”مختصرمقدس بائبل“(سال ؟)، ”صليب جو نشان“ (سال ؟)، ”پولس بهادر“ (سال ؟)، ”عبدالله“ (سال ؟)، ”هڪڙو عجيب پيچرو“ (سال ؟)، ”سوانح عمري“ (سال ؟) .

ضميمو نمبر  - 2

(2) مسيحي ادب جون صنفون

سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ جي ڪتابن تي نظر ڦيرائجي ٿي ته اهي اسان کي مختلف صنفن ۾ ورهايل معلوم ٿين ٿا . سنڌيءَ ۾ مسيحي ادب نثر توڙي نظم تي مشتمل آهي . صنف جي لحاظ کان اهو مضمون، ڊرامي ، افساني ، قصي ۽ شاعريءَ تي مبني آهي . 

جيئن : افساني جا ڪتاب : ”جئسنگهه بهادر“، ”هڪڙو عجيب ڪرڪيٽئر“ وغيره .

ڊرامي جا ڪتاب : ”ناتال“

قصي جا ڪتاب : ”پنڊتا راما ٻائيءَ جو قصو“، ”جاپاني قيديءَ جو قصو“ وغيره .

مضمون جا ڪتاب : ”دلپسند زندگي“، ”سانجهيءَ جي دعا“، ”معرفت جو راز“،  ۽” مسيح جي حقيقت“ وغيره .

شاعريءَ جا ڪتاب: ”معصوم شفيع جي سوانح عمري“ .

 

 

 

 

 

 

 

 

ضميمو نمبر - 3

(3) 1947ع ۾ سنڌ اندر عيسائين جا ادارا ۽ انهن جو تعداد

ادارا                                 تعداد

1. پئرشسز ۽ ريزيڊنس                       13

          2. فريئريز                                    1

          3. ڪنوينٽس                                  9

          4. هاءِ اسڪول                               6

          5. مڊل اسڪول                              2

          6. پرائمري اسڪول                         10

          7. اسپتالون                                   1

          8. ويم گهر                                   2

          9. يتيم خانا                                   3

          10. پريسون                                  1

 

( هي مقالو ٽه ماهي مهراڻ نمبر 1981- 4 ۽ 1981 1-2 ۾ ڇپيو)

 

 

 

 

 

 

 

(14- اپريل، 1980ع بروز سومر سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن ، گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي سهڪار سان آنجهاني ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو ڏينهن ملهايو. نامور پرڏيهي آنجهاني اديب ۽ عالم جي هن ورسي جي صدارت جڳ مشهور سنڌي سپوت جناب جي – الانا ڪئي . سندن فصيح ۽ معلوماتي صدارتي تقرير کان اڳ ترتيبوار منير چانڊئي ، عنايت بلوچ ۽ راقم مقالا پڙهيا .مون ڊاڪٽر ٽرمپ جي اوٽ وٺي ۽ خود ڊاڪٽر ٽرمپ کي خيال ۾ رکندي هڪ اهم موضوع کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي . منهنجي خيال ۾ اهو موضوع بنهه نئون ۽ الڳ آهي، جنهن تي هن کان اڳ سنڌي زبان ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر لکيو ويو آهي .

          مجلسن ۽ مذاڪرن، ورسين ۽ ڪانفرنسن جي ، موقعن تي مقالي نويسن کي پنهنجي محنت کان وڌيڪ حاضرين جي موڊ کي به ذهن ۾ رکڻو پوي ٿو. اسان جي روايتن مطابق جيئن مقالي نويسن کي موقعي کان اڳ مقالي لکڻ لاءِ مناسب وقت يا مهلت نه ڏني ويندي آهي ، تيئن موقعي تي وري کيس تفصيل ۾ وڃڻ جي  به اجازت نه ڏني ويندي آهي . مون انهن مجبورين کي ذهن ۾ رکي پنهنجو  مقالو تيار ڪيو آهي .

          منهنجو مقالو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي . پهرين حصي ۾ سڌو سنئون موضوع کي هٿ ۾ کنيو ويو ( جو هيءَ قسط- 1، طور شايع ٿي رهيو آهي ) ۽ جو ئي رڳو ڊاڪٽر ٽرمپ جي ورسيءَ جي موقعي تي پڙهيو ويو . ٻيو حصو ”حوالن ۽ وضاحتن “ تي ٻڌل آهي . حقيقت ۾ هن ئي حصي جون وضاحتون منهنجي نيت کان سواءِ تاريخ جي ڪن ڍڪيل ورقن تان پردو هٽائن ٿيون . انهيءَ ڪري وضاحتن کي ذهن م رکڻ کان سواءِ هن مقالي مان ڪوبه لاڀ پرائي نه ٿو سگهي . مقالي جو ٽيون حصو ”ضميمن“ تي مشتمل آهي ، ۽ اهي ضميما هن موضوع تي اضافي معلومات ڏين ٿا .

          مقالو جيتوڻيڪ هن موضوع تي حرف آخر جي حيثيت نه ٿو رکي، ان هوندي به هن ڏس ۾ بنيادي معلومات ضرور پهچائي ٿو . موضوع کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هنن پهلوئن تي اڃا وڌيڪ لکي سگهجي ٿو  :

          (1) سنڌ ۾ آيل مسيحي مبلغن جي سوانح، (2) سنڌ ۾ مسيحي مرڪزن جو تفصيلي احوال، (3) سنڌ ۾ مسيحي ادارن جو تفصيلي احوال ، (4) سنڌ ي غير مبلغ عيسائين جو احوال ، (5) سنڌ جي مکيه ديولن جو ذڪر ، (6) مسيحي ادب ۽ تحريڪ جو اسان جي علم ادب تي فڪري اثر ، (7) سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جو مسيحي تبليغ تي فڪري اثر .

          بهرحال چند ڏينهن جي محنت هڪ بنيادي خاڪي جي صورت ۾ پڙهندڙن اڳيان حاضر آهي .- د . م . پ)

 

 

41 ٻه ڀيرا ڏنل آهي .

43 ٻه ڀيرا ڏنل آهي .

 

 

44 ڪونه آهي .

Good Wishes