1934ع/1353هه

 سوني جتوئي ڳوٺ ۾ وڏي عرصي تائين ديني تعليم ۽ تدريس کي جاري رکندڙ ۽ ”خلافت تحريڪ“ ۾ حصو وٺندر مولانا غلام عمر جتوئي نوي سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.

1 جنوري 1934ع

ڀڳوان ٽلواڻي، ٻوٻي تعلقي سنجهوري ۾ ڄائو، پوءِ لڏي وڃي ڀارت ۾ ويٺو، اتي کيس ليکڪ، شاعر ۽ اداڪار هئڻ جهڙيون حالتون نصيب ٿيون.

2 جنوري 1934ع

لاڙڪاڻي واسي ۽ مشهور هندو اڳواڻ ديوان لعلچند نولراءِ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ ويرومل بيگراج، ڪشچند واڌو مل ۽ چندرسين جيٺلي اهم رول ادا ڪيو، ڪانفرنس ۾ سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري تحريڪ ۽ خيال جي مخالفت ڪئي وئي.

8 جنوري 1934ع

خانبهادر محمد ايوب کهڙي پنجابي دانسورن ۽ سياستدانن ڏي خط لکي صلاح ورتي ته سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي بعد سنڌ سرڪاري ملازمن جي ڪيڊر ۾ ۽ اعليٰ تعليم ۾ پنجاب سان الحاق ڪري، فيروز خان نون ۽ سر فضل حسين ته کهڙي صاحب جي صلاح تي سندس پٺڀرائي ڪئي، ليڪن علامه اقبال ۽ علامه يوسف عليءَ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو، سنڌ کي تعليم جي حوالي سان بمبئي سان الحاق ڪرڻ گهرجي ۽ ملازمتي ڪيڊر واري ڳالهه جو خيال به لاهڻ گهرجي.

15 جنوري 1934ع

بهرو ڇاٻريا، ڳوٺ ڪوٽ شير محمد خان بلي، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو، هي صاحب اڳتي هلي ”بيوطن“ جي تخلص سان شاعر مشهور ٿيو، جڏهن ورهاڱو ٿيو ته لڏي وڃي راڻيپور ۾ ويٺو.

17 جنوري 1934ع

نئو مسلم مائي زبيده جو الوحيد جي شماري ۾ پريس بيان جاري ٿيو، جنهن ۾ هن پنهنجي وڪيلن ۽ خير خواهن جا ٿورا مڃيا.

20 جنوري 1934ع

”محفل مشاعره“ طرفان ڪراچيءَ ۾ ”زمانو سڄو بي وفا ٿي ويو“ جي طرح مصرع تي مشاعرو ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو.

20 جنوري 1934ع

”بزم ادب“ ڪراچيءَ طرفان ڪراچيءَ ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي

”زمانو سڄو بي وفا ٿي ويو“

 هن مشاعري لاءِ مختلف شهرن مان شاعرن پنهنجو ڪلام موڪليو، جن ۾ لاڙڪاڻي واسي شاعر پڻ هئا

2 فيبروري 1934ع

سيد ميران محمد شاهه ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي سربراهه جي حيثيت سان ”ڊو ڪاميٽي“ اڳيان هڪ ميمورنڊم پيش ڪيو.

3 فيبروري 1934ع

مولوي نور محمد نظاڻي جي ايڊيٽريءَ ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ هفتيوار رسالو ”طيرا ابابيل“ بند ٿي ويو.

6 فيبروري 1934ع

”بزم ادب“ ڪراچيءَ طرفان ڪراچيءَ ۾ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي

”دامن صبر تار تار نه ڪر“

هن مشاعري لاءِ مختلف شهرن مان شاعرن پنهنجو ڪلام موڪليو، جن ۾ لاڙڪاڻي واسي شاعر پڻ هئا.

21 فيبروري 1934ع

سکر مان ساڌو رام ڪالاڻي هفتيوار ”سنڌ واسي“ اخبار جاري ڪئي، جيڪا اتان جي ”اپرسنڌ پريس“ مان ڇپبي هئي.

2 مارچ 1934ع

حاجي محمود ”خادم“ جي ڪوششن سان قائم ٿيل ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ طرفان خالق ڏني هال ۾ مشاعرو ٿيو، جنهن جي صدارت علامه آءِ آءِ قاضي ڪئي، مشاعري جو عنوان هو ”بهار“.

هن مشاعري ۾ ڪيترن لاڙڪاڻي واسي شاعرن قلمي طور تي حصو ورتو.

6 مارچ 1934ع

”ڊو ڪاميٽي“ پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ سفارش ڪئي وئي ته هندستان ۾ نون سڌارن رائج ڪرڻ کان هڪ سال اڳ ئي سنڌ کي جدا ڪري گورنر جي هٿ هيٺ جدا صوبو بنايو وڃي.

13 مارچ 1934ع

سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن طرفان اپيل ۽ دعوت نامو شايع ٿيو ته اپريل ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ زميندار ۽ جاگيردار ڪانفرنس ڪئي ويندي، جنهن ۾ سکر بئراج کلڻ کان پوءِ جاگيردارن، زميندارن جي وڌيل مئسلن تي ويچاريو ويندو، هن اپيل تي سنڌ جي جن مکيه جاگيردارن ۽ زميندارن دستخط ڪيا انهن مان لاڙڪاڻي ضلعي سان واسطو رکندڙن جا نالا هن ريت آهن. سترامداس تولاڻي، سردار احمد خان ڀٽو ۽ راءِ صاحب گوڪلداس.

14 مارچ 1934ع

سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ دسٽرڪٽ لوڪلبورد جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڪس آفيسو ميمبرن کان سواءِ عبدالحق ڀتي، پير بخش کهاوڙ، نبي بخس ڀتي، امام بخش ماهوٽي، فقير محمد انڙ، عبالهادي ٻگهئي، سيٺ آئلداس آسوديمل، ڀوڄراج، قادر بخش تنئي، فريد الدين جتوئي، گوڪلداس، الهداد تنئي، حاجي امير علي لاهوري ۽ پرڀداس تولاڻيءَ شرڪت ڪئي.

هن اجلاس ۾ ڪيترا فيصلا ڪيا ويا، جن مان اهم هي آهن، بمبئي گورنر جي اچڻ کان اڳ لاڙڪاڻي کان قمبر ۽ ڊرگهه واري رستي جي مرمت، آنند شيوامنڊلي کي گرانٽ ڏيڻ، 137 شاگردياڻين کي اسڪالرشپ ڏيڻ، ڏوڪريءَ ۾ تعلقي لوڪلبورڊ آفيس جي عمارت ٺهرائڻ ۾ 1500 روپين جي مالي مدد ڪرڻ، سيٺ کيئلداس کي شهدادڪوٽ کان قبي سعيد خان تائين روڊ تعمير ڪرڻ جو ٺيڪو ڏيڻ، ڊسٽرڪٽ بورڊ جي سالياني بجيٽ براءِ سال 35-1934ع جي منظوري ڏيڻ، بهار ۽ اوڙيسا ۾ زلزلي جي متاثرين جي مالي مدد ڪرڻ وغيره.

15 مارچ 1934ع

ڪراچي ايئروڪلب جو ميمبر ايس ايف گولوالا پهريون ماڻهو هو جنهن هندستان جو پهريون هوائي چڪر ڏنو، هن ڪراچي، بمبئي، احمد نگر، سچيندر اباد، بئنگلور، مدراس، ڪلڪتي، الله آباد، ڪانپور، آگري، دهلي، جوڌپور ۽ حيدرآباد جو هوائي سفر 48 فلائينگ اوورس ۾ پورو ڪيو.

19 مارچ 1934ع

بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ غلام حسين هدايت الله ۽ خانبهادر کهڙي سنڌ جي مفادن جي ترجماني ڪئي، محمد ايوب کهري حڪومت تي زور ڀريو ته اها سنڌ ۾ زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن جي قانوني چاره جوئي سان مدد ڪري.

31 مارچ 1934ع

لاڙڪاڻي واسي لالچند نولراءِ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس، ٿي جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري ڳالهه جي مخالفت ڪئي وئي، ٻئي ڏينهن تي راءِ بهادر هيرانند کيمسنگ ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خود سائمن ڪميشن جي بامبي پراونشل ڪاميٽيءَ سر شاهنواز ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ سنڌ جي جدائي واري ڳالهه کي رد ڪيو آهي، ان کان سوا3 ٻيا ڪيترا ڪارڻ آهن، جن ڪري اسان مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ کي بمبئي کان الڳ نه ڪيو وڃي.

10 اپريل 1934ع

مولوي خير محمد نظاماڻي جي ايڊيٽري هيٺ نڪرندر هفتيوار ”بيداري“ ڪراچي جي پرچي ۾ لواري جي حج جي موضوع تي ايڊيٽوريل شايع ٿيو، هن ايڊيٽوريل اڳتي هلي ايڊيٽر کي ڪورٽ جا دروازا ڏيکاريا.

16 اپريل 1934ع

انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ لاڙڪاڻي واسي لالچند نولراءِ حڪومت جي ڪانگريس پارٽيءَ بابت حڪمت عمليءَ تي ويچار ونڊيندي سرڪار کان معلوم ڪرڻ گهريو، جڏهن مهاتما گانڌيءَ وقتي طور تي انفرادي ستياگره کي روڪيو آهي ته پوءِ سرڪار ڪانگريس پارٽيءَ بابت ڪهڙو قدم کڻڻ چاهي ٿي ۽ اهو قدم ڇو کڻڻ چاهيندي.

21 اپريل 1934ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ طرفان ڊي جي سنڌ ڪاليج جي هال ۾ ميرب ايوب خان بارائٽ لا جي صدارت ۾ مشاعرو ٿيو، هن مشاعري لاءِ ”مردانگي“ جو موضوع رکيو ويو هو، مشاعري ۾ ڪيترن هندو خواهه مسلمان ساعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو.

21 اپريل 1934ع

”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي حيدرآباد جي ڊاڪ بنگلي ۾ ٿي، جنهن ۾ ڪراچيءَ ۾ سڏايل ”سنڌ هندو ڪانفرنس“ ۾ مسلمانن تي ڪيل حملن جي جوابي ڪاروائي ڪئي وئي.

26 اپريل 1934ع

سکر ۾ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ جي حوالي سان ”ٽين سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي، هن ڪانفرنس جا تفصيل جي ايم سيد جي ڪتاب ”سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي“ ۾ موجود آهن، هن ڪانفرنس جو مقصد اهو هو ته تحريڪ جي حق ۾ عام راءِ هموار ڪيو وڃي.

30 اپريل 1934ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي، جي سهاري هيٺ ثياسافيڪل هال ۾ قربانيءَ جي عنوان تي مشاعرو منعقد ٿيو، هن مشاعري جي صدارت ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪئي.

30 اپريل 1934ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ طرفان علامه آءِ آءِ قاضي جي صدارت هيڍ خالق ڏني هال ۾ ”قرباني“ جي موضوع تي مشاعرو ٿيو.

30 اپريل 1934ع

لاڙڪاڻي واسي حاجي محمود ”خادم“ ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيل ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ طرفان ”قرباني“ جي عنوان تي مشاعرو ٿيو، ٿياسافيڪل هال ۾ سڏايل هن مشاعري جي صدارت ڊاڪٽر دائودپوٽي ڪئي، جڏهن ڪن لاڙڪاڻي واسي شاعرن ان ۾ قلمي طور تي حصو ورتو.

1 مئي 1934ع

سکر مان ڪشنچند واسديو هفتيوار ”سناتن ڌرم“ اخبار ڪڍي، هيءَ اخبار بنيادي طور سناتن ڌرم جي پرچار جو ڪم ڪندي هي، پر ان کان سواءِ ڪانگريس جي آرگن طور به ڪم ڪيائين ۽ ”ستياگره تحريڪ“ دوران نالو ڪمايائين.

25 مئي 1934ع

سرشاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ ضلعي لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر جي ڊپٽي ڪليڪٽرن کان سواءِ ڀوڄراج پرڀداس، آسوديمل، امير علي لاهوري، عبدالخالق ڀٽي، علي گوهر لاهوري، فريد الدين جتوئي، حسن علي اسراڻ، جان محمد چانڊيئي، محمد ايوب کهڙي، نبي بخش ڀٽي، الهداد تنئي، پير بخش کهاوڙ، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهئي، قادر بخش تنئي ۽ گوڪلداس شرڪت ڪئي.

هن اجلاس ۾ مختلف روڊن جي مرمت تي ايندڙ خرچ جي منظوري گذريل سال واري آدٽ رپورٽ جو جائزو وٺڻ، نصيرآباد ۾ ڊسپينسري کولڻ جي منظوري، خيرپور جوسي ۾  ميٽرنٽي هوم کولڻ بابت فيصلا ڪيا ويا، ڪيل فيصلن جو تعداد 61 هو.

4 جون 1934ع

جمعيت العلماءِ سنڌ جي ضلعي شاخ جي سکر ۾  مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڪيترائي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، جن ذريعي فرنگين طرفان سنڌ جي معيشت جي تباهيءَ واري عمل جي مذمت ڪندي عوام کي معيشي بحالي لاءِ پاڻ پتوڙڻ لاءِ چيو ويو، هن گڏجاڻي ۾ فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو ته جيئن اسلام دشمن قوتن جي غلط پروپيگنڊا جو وقتائتو ۽ اثرائتو جواب ڏئي سگهجي.

3 جون 1934ع

سنڌ جي جدائي بابت قائم ڪيل تنظيم ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي، تنظيم جي صدر سر شاهنواز ڀٽي جي غير حاضريءَ ۾ نائب صدر محمد ايوب کهڙي جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ جي ايم سيد جي رهائش گاهه حيدر منزل تي ٿي، ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ سطح جي آزاد ڪانفرنس 28 کان 29 جولاءِ 1934ع تي ڪراچيءَ ۾ سڏائي ويندي.

8 جون 1934ع

روزانه اخبار ”ستاره سنڌ“ جو پير علي محمد شاهه راشديءَ جي ايڊيٽريءَ ۾ سکر مان اجراء ٿيو، لاڙڪاڻي جو سردار نبي بخش ڀٽو اخبار جو مالڪ هو ۽ هن اخبار جي مرڪزي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ کيس وڏي هٿي ڏني، ٻن سالن کان پو3 اخبار هفتيوار ٿي ۽ آخر 1937ع ۾ بند ٿي وئي، اخبار ادب ۽ سياست ۾ چڱو نالو ڪرايو.

10 جون 1934ع

لاڙڪاڻه ڊسٽرڪٽ بورڊ جو صدر جي چونڊ لاءِ اسپيشل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورا 24 ميمبر حاضر هئا، هي اجلاس اختلافن ۽ هنگامي جو نشانو ٿيو، ڇو ته نائب صدر هن اجلاس کي غير آئيني قرار ڏنو، ان وقت نائب صدر علي حسن هڪڙو هو ۽ سندس فيصلي کي محمد ايوب کهڙي چيلينج ڪيو، لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر 15 جون 1934ع تي وڪيلن جي معرفت ٻنهي ڌرين کي ٻڌو ۽ نائب صدر جي رولنگ کي قانوني قرار ڏنو، هن ڪيس ۾ نائب صدر وشنسنگهه وڪيل ڪيو، جنهن کي ضلعي لوڪل بورڊ 600 رپيا في ڏني، ان کان پوءِ محمد ايوب کهڙي پنهنجي وڪيل هر چندراءِ ائنڊ ڪمپني ذريعي لاڙڪاڻي ضلعي لوڪلبورڊ کي نوٽيس ڏياريو ته هو (کهڙو) لوڪل بورڊ جو صدر آهي نه ڪي نبي بخش ڀٽو، جنهن کي ٻئي گڏجاڻيءَ ۾ صدر چونڊيو ويو هو.

12 جون 1934ع

 سرشاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ ”سنڌ پيپلز پارٽي“ ٺاهي وئي، جنهن جا ٻيا عهديدار هن ريت چونڊيا ويا.

نائب صدر: خان بهادر الله بخش سومرو

نائب صدر : ميران محمد شاهه

جنرل سيڪريٽري: حاتم علوي

جوائنٽ سيڪريٽري: جي ايم سيد

12 جون 1934ع

ڪراچيءَ جي جي ايم سيد جي بنگلي ”حيدر منزل“ تي سنڌ جي سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”پيپلز پارٽي“ ٺاهي وئي ۽ ان جا هن ريت عهديدار چونڊيا ويا. سر شاهنواز ڀٽو (ليڊر)، خانبهادر الله بخش سومرو (ڊپٽي ليڊر)، ميران محمد شاهه (ڊپٽي ليڊر)، حاتم علوي (خزانچي ۽ سيڪريٽري) ۽ جي ايم سيد (جوائنٽ سيڪريٽري).

انهيءَ گڏجاڻي ۾ جن ٻين سياستدانن شرڪت ڪئي ۽ پارٽي ٺاهڻ ۾ هٿ ونڊايو اهي هئال مولا بخش سومرو، محمد علي شاهه درٻيلي وارو، محمد علي شاهه مٽيارين وارو، پير بقادار شاهه، خان بهادر محمد پريل، حاجي عبدالرحيم شاهه، خانبهادر غلام النبي شاهه ۽ خانبهادر چاڪر خان ۽ پير بهادر شاهه ۽ شاهنواز شاهه ۽ ايف جي ميرزا.

23 جون 1934ع

ميدم آر ڪي ڪرسٽي (R. K. Christie) ڌيءَ ڪيشو لڇمڻ جي پي ايڇ دي ڪرڻ بابت دي ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ خبر شايعٿي، سنڌ جي هيءَ پهرين ڇوڪري هئي، جنهن پي ايڇ ڊي ڪئي، ڪراچي واسڻ ڊي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهي لاهور جي عورتن واري ڪاليج ۾ ملازمت ڪيائين، پي ايڇ دي ۾ سندس ٿيسز / مقالي جو عنوان هو

Action of bacteria on the corrosion of anetals

کيس لنڊن يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ملي.

9 جولاءِ 1934ع

ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو اسپيشل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 24 ميمبرن شرڪت ڪئي. اهي هئا.  علي حسن هڪڙو، محمد ايوب کهرو، گوڪلداس، آسودو مل، جان محمد چانڊيو، ديوان ڀوڄراج، فريدالدين جتوئي، عبدالهادي ٻگهيو، حسن علي اسراڻ، قادر بخش تنيو، فقير محمد انڙ، آئلداس، الهداد تنيو، پير بخش کهاوڙ، نبي بخش ڀٽو، محمد صديق، عبدالحق ڀٽو، حاجي امير علي، الله بخش جلباڻي، احمد خان ڀٽو، علي گوهر لاهوري ۽ پرڀداس تولاڻي.

هن اجلاس ۾ پير بخش کهاوڙ رٿ پيش ڪئي ۽ عبدالهادي ٻگهئي ان جي تائيد ڪئي ته محمد ايوب کهڙو لوڪل بورڊ جو صدر ٿئي، جڏهن ته پرڀداس رٿ ڏني ۽ علي گوهر لاهوري تائيد ڪئي ته نبي بخش ڀٽو لوڪل بورڊ جو صدر ٿئي، نائب صدر علي حسن هڪڙي ووٽنگ ڪرائي، ٻنهي اميدوارن کي هڪ جيترا ووٽ مليا، پوءِ نائب صدر پنهنجو ووٽ نبي بخش خان ڀٽي کي ڏنو ۽ نتيجي ۾ نبي بخش ڀٽو باقي عرصي لاءِ لوڪل بورڊ جو صدر منتخب ٿيو.

28 جولاءِ 1934ع

ڪراچيءَ جي خالق ڏني هال ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت هيٺ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ ڪيترن مسلمان اڳواڻن شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي مان محمد ايوب کهڙو به هڪ هئو.

سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي تقرير ۾ سنڌ جي هندن کي خاطري ڏني ته سنڌي مسلمان سنڌ کي ان ڪري جدا نه ٿا ڪرائڻ چاهن ته ڪو پاڪستان ٺاهيندا يا بمبئي کان الڳ ٿي پنجاب سان الحاق ڪندا، پر هن تحريڪ جو مقصد سنڌ کي سدا آباد ۽ خوش حال بنائڻو آهي، جنهن ۾ هندن خواهه مسلمانن جو هڪ جيترو فائدو آهي، ڪانفرنس جي ڪاروائي ۽ صدارتي خطبو ”گل حيات“ ۾ محفوظ آهي.

28 جولاءِ 1934ع

 بهاري ڪرمچند سکراڻي نالي اديب شڪارپور ۾ ڄائو، هي صاحب ورهاڱي کان پو3 لڏي وڃي بمبئي ۾ ويٺو.

5 آگسٽ 1934ع

.سنڌ جي نوجوان ڪانگريسن جي ليگ“ نالي ڪانگريس جي ذيلي تنظيم قائم ٿي، جنهن جي پهرين صدر مس نرملا لالواڻي کي مقرر ڪيو ويو، سنڌ سطح جي هن تنظيم جي قيام ۾ لاڙڪاڻي واسين به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو لاڙڪاڻي واسي رام بي موٽواڻي کي هن نئين تنظيم جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ شيوڪ موٽواڻي کي ان جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.

8 آگسٽ 1934ع

نامياري محقق، شاعر، تعليمدان ۽ تعليمي عملدار ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جي ولادت ٿي.

8 آگسٽ 1934ع

الهداد ولد محمد علي ٻوهيو ڳوٺ پيچوها ۾ ڄائو، سندس وفات 1994ع ۾ ٿي، تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ اسڪولن جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي پهتو، هن تحقيق ۽ تنقيد جي دنيا ۾ پاڻ ملهايو، سندس شمار ترقي پسند ليکڪن ۾ ڪيو ويندو هو، سنڌي کان سواءِ انگريزيءَ ۾ به ڪتاب لکيائين.

8 آگسٽ 1934ع

ڊاڪٽر الهداد ولد محمد علي ذات ٻوهيو ڳوٺ گهوگهاري تعلقي قمبر ۾ ڄائو، سندس شمار سنڌ جي ڏاهن، دانشورن ۾ ٿئي ٿو، تعليم کاتي ۾ اعليٰ عهدا ماڻيا اٿس، کيس اهو اعزاز حاصل آهي ته پاڻ لاڙڪاڻي ڊويزن جي اسڪول ڊائريڪٽوريٽ جو باني/پهريون ڊائريڪٽر ٿيو.

9 آگسٽ 1934ع

غلام رسول ولد توڪل علي ميرجت شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، هن صحافت جي دنيا ۾ نالو ڪمايو ۽ سالن جا سال ”عبرت“ اخبار جو نمائندو ٿي رهيو، ان کان سواءِ 1978ع ۾ شهدادڪوٽ ۾ .مومن پرنٽنگ پريس“ قائم ڪيائين. سندس وفات 13 اپريل 1980ع ۾ ٿي

23 آگسٽ 1934ع

نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت ۾ ضلعي لوڪلبورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ علي حسن هڪڙي، عبدالحق ڀٽي، امير علي لاهوري، فريد الدين جتوئي، الهداد خان تنيئي، علي گوهر لاهوري، پرڀداس تولاڻي، پيربخش کهاوڙ، الله بخش جلباڻي، محمد صديق وڳڻ، احمد خان ڀٽي، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهئي، گوڪلداس، حسن علي اسراڻ، قادر بخش تنئي ۽ آسوديمل شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ 52 فيصلا ڪيا ويا، جن مان مکيه هي آهن: لاڙڪاڻي جي مدرسي جي بهتر امتحاني نتيجن تي انتظاميا جي ساراهه، ڪمشنر کي گذارشن ڪرڻ ته گورنر جي آمد کان اڳ روڊن جي مرمت لاءِ مالي امداد ڏني وڃي، لاڙڪاڻه مدرسه عمارت جيان ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي عمارت جو ويمو ڪرائڻ، سپليمينٽري بجيٽ منظور ڪرڻ، محمد ايوب کهڙي طرفان ڏنل نوٽيس تي غور ڪرڻ، سرڪار کان مالي امداد نه ملڻ ڪارڻ تعليم تي ايندرخرچ مان 28840 رپيا گهٽائڻ ۽ مختلف ڪاميٽيون جوڙڻ

17 سيپٽمبر 1934ع

ڳوٺ حاصل تعلقي قمبر ۾ مغرب جي نماز کان پوءِ جلسو ٿيو، جنهن ۾ مولوي محمد ابراهيم بٺوي ۽ مولوي عبدالڪريم بٺوي تقريرون ڪيون ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ سيخ عبدالمجيد سنڌي کي ووٽ ڏيڻ جو تاڪيد ڪيو. ۽  مولوي محمد ابراهيم بٺوي ۽ مولوي عبداڪريم بٺوي خطاب ڪندي هند اسيمبليءَ بمئي ڪائونسل جي اميدوارن سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي قومي خدمتن تي روشني وڌي ۽ انهن جي حمايت ڪرڻ جو ماڻهن کي تاڪيد ڪيو.

20 سيپٽمبر 1934ع

عبدالقيوم هٿان ڪورٽ ۾ نٿورام جي قتل واري واقعي تي ”سنسار سماچار“ جي پرچي ۾ هندو طبقي جي جذبن جي ترجماني ڪئي وئي ۽ مذهبي تنگ دلي کان سواءِ فرقه پرستيءَ کي هوا ڏيڻ جهڙو مواد شايع ٿيو، اخبار لکيو ته ”اسلام هڪ خوني ۽ وحشي مذهب آهي، سڄي سنڌ جا هندو ملي انهيءَ خوني ۽ وحشي مذهب کي ختم ڪري ڇڏيندا“.

22 سيپٽمبر 1934ع

الوحيد جي پرچي ۾ نٿورام جي قتل ۽ ان کان پوءِ جي حالتن جي موضوع تي ايڊيٽوريل شايع ٿيو.

28 سيپٽمبر 1934ع

 عبدالقيوم هٿان ڪورٽ ۾ نٿو رام کي مارڻ واري واقعي تي ”چاند“ اخبار جي شماري م ايڊيٽر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي لکيو ته ”هو عبدالقيوم دوزخي ڪتو، هن نٿورام کي ماري نه رڳو اسلامي تهذيب تان پردو کنيو آهي، پر سمورن شيردل هندن کي ننڊ مان جاڳائي به ڇڏيو آهي ۽ کين انتباهه ڏنو آهي ته اٿو ۽ اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو جو مسلمانن جي دلين منجهان ”يا حسين يا حسين“ ۽ ”المدد المدد“ جون دانهون نڪري وڃن، اسين مسلمانن کان پڇون ٿا ته ڇا سندن مذهب رٻر جو ڦوڪڻو آهي جو نٿو رام جي ڪتاب جي اثر جي ڪري ڦاٽي پوندو.“

آڪٽوبر 1934ع

ڊاڪٽر پرتم داس آهوجا جي ايڊيٽريءَ م ماهوار رسالو ”بيغم“ سکر مان جاري ٿيو، جيڪو 1935ع ۾ بند ٿي ويو، ”گڻيش پرنٽنگ پريس“ سکر مان ڇپجندڙ رسالي جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان جون ٻه هزار ڪاپيون شايع ٿينديون هيون.

آڪٽوبر 1934ع

لنڊن کان ميلبورن تائين آسٽريلين سينٽنري ايئر ريس ٿي، سڄي هندستان مان هڪ ماڻهو حصو ورتو، جيڪو سنڌي هو ۽ هن جو نالو بي ايک ڇنداماڻي هو.

آڪٽوبر 1934ع

بيکچند چيلارام واسواڻي سکر مان ماهوار رسالو ”سئنيما گزيٽ“ جاري ڪيو، جيڪو ”امر پريس“ مان ڇپبو هو، موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان هن رسالي چڱي شهرت ماڻي.

2 آڪٽوبر 1934ع

”پارليامينٽري ڪاميٽي“ سنڌ جي عليحدگي جي سفارش ڪئي.

6 آڪٽوبر 1934ع

لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر پنهنجي مراسلي نمبر 6717 موجب ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي لکيو ته ميلن ۽ ملاکڙن جي موقعن تي جيڪا به چالي ٿئي ٿي ۽ گندگي ٿئي ٿي ان کي روڪڻ لاءِ رولس ٺاهيا وڃن، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پنهنجي ڪيترن اجلاسن ۾ انهيءَ مسئلي تي سوچوي، نيٺ بمبئي لوڪل بورڊ ائڪٽ VI آف 1923 جي سيڪشن 100 هيٺ لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ ڊرافٽ رولس ٺاهيا ۽ انهن تي نظر ثاني ڪرڻ لاءِ محمد ايوب کهڙي، احمد بخش ڀٽي ۽ پرڀداس تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي ويهاري ته جيئن اهي ڊرافٽ رولس منظوري لاءِ سنڌ جي ڪمشنر ڏي موڪلجن، لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ اها ڪاميٽي پنهنجي 21 فيبروري واري اجلاس ۾ ٺاهي.

12 آڪٽوبر 1932ع

”سنڌ هندو“ پنهنجي شماري ۾ عبدالقيوم هٿان نٿو رام جي قتل تي خيالن جو اظهار ڪندي لکيو ته ” عبدالقيوم سيشن ڪورٽ ۾ بيان ڏنو آهي ته هن نٿو رام کي خدا جي حڪم موجب قتل ڪيو آهي، انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته خون جي ڪيس ۾ پنهنجي خدا کي جوابدار بنايو اٿائين، عدالت کي گهربو هو ته اهري نمازي عبدالقيوم جي خدا صاحب کي پڻ، ان سان گڏ ڏوهارين جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ها، جڏهن عبدالقيوم کي عدالت ڏوهي سمجهي خون جي عيوضي ۾ ڦاسيءَ جي سزا ڏني آهي ته اصلي جوابدار خدا جي آخر ڪهڙي سزا ٿي سگهي ٿي؟

19 آڪٽوبر 1934ع

لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ بورڊ جي فيصلي ۽ سهڪار سان باڊهه ۾ انگلش ڪلاسز جو آغاز ڪيو ويو ۽ انهيءَ خرچ پکي لاءِ پهرين سال لاءِ رڪرنگ بجيٽ 203 رپيا ۽ نان رڪرنگ بجيٽ 361 رپيا منظور ڪيا ويا، باڊهه جي حڪيم لالچند اسڪول بورڊ سان اهو وعدو ڪيو ته هو گهاٽي واڌي ۾ خرچ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ٻڌل رهندو.

نومبر 1934ع

سکر مان ڏيارام واڌواڻي جي ايڊيٽري ۾ ماهوار ”گلن جي ٽوڪري“ نالي ٻارن لاءِ رسالو جاري ٿيو.

24 نومبر 1934ع

لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر پنهنجي خط نمبر R-6833-E ذريعي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ کي ٻڌايو ته بمبئي سرڪار جي مرضي آهي ته 6 مئي کان 18 مئي 1935ع تائين بادشاهه سلامت جي سلور جوبلي ملهائي وڃي.

لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ بورڊ پنهنجي اجلاس مورخه 12 جنوري 1935ع جي فيصلي نمبر 11 موجب انهيءَ تقريب لاءِ 500 روپيا منظور ڪيا ۽ صدر نبي بخش خان ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ راءِ بهادر گوڪل داس، ديوان ڀوڄراج، محمد ايوب کهڙي، علي حسن هڪڙي ۽ لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر تي مشتمل هڪ ڪاميٽي پڻ ٺاهي.

25 نومبر 1934ع

الوحيد جي پرچي ۾ مولوي نور محمد نظاماڻي جي وفات تي ايڊيٽوريل شايع ٿيو.

25 نومبر 1934ع

1926ٿ ۾ قائم ڪيل ”ٻالڪن جي ٻاري“ جي اٺين سالگراهه ملهائي وئي، انهيءَ موقعي تي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته سموريءَ سنڌ ۾ ٻاريءَ جو چوڏنهن شاخون سرگرم عمل هيون ۽ 1500 ٻار انهن جا ميمبر هئا، سالگراهه جي پڄاڻيءَ تي چونڊون پڻ ڪرايون ويون ۽ ٻاروتي گدواڻيءَ کي صدر چونڊيو ويو.

26 نومبر 1934ع

ڪراچيءَ ۾ ”ٻالڪن جي ٻاري“ لاءِ پاروتي گدواڻيءَ کي صدر چونڊيو ويو، ٻارن جي هيءَ تنظيم 1926ع ۾ قائم ٿي، 1934ع ۾ ان جون چوڏهن شاخون قائم ٿي چڪيون هيون ۽ ميمبرن جو تعداد 1500 هيو، ”ٻالڪن جي ٻاري“ هر سال ڌام ڌوم سان پنهنجي سالگراهه ملهائيندي هئي.

9 ڊسمبر 1934ع

ڪراچيءَ جي ”عامل يونين ڊراماٽڪ انسٽيٽيوٽ“ طرفان ٿياسافيڪل هال ۾ ڊرامو ۽ ويرائٽي پروگرام جو اهتمام ڪيو ويو، ياد رهي ته هن انسٽيٽيوٽ طرفان 6 سيپٽمبر 1934ع کان موسيقي سيکارڻ جا ڪلاس به شروع ڪيا ويا هئا.

13 ڊسمبر 1934ع

سرڪار پنهنجي لکپڙهه بي آر نمبر 577-ب زريعي نواب غيبي خان چانڊئي تي جاگير محصول (جاگيرسيس) هڪ رپئي مان گهتائي اٺ آنا ڪيو، نواب صاحب جاگير محصول ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي حوالي ڪندو هو.

21 ڊسمبر 1934ع

نبي بخش خان ڀٽي جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو اجلاس ٿيو، هن اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر لاڙڪاڻي کان سواءِ علي حسن هڪڙي، محمد ايوب کهڙي، امير علي لاهوري، احمد خان ڀٽي، گوڪلداس، پرڀداس تولاڻي، علي گوهر لاهوري، آسوديمل، فريد الدين، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهئي، حسن علي اسراڻ، عبدالحق ڀٽي، محمد صديق وڳڻ، ڀوڄراج، پير بخش کهاور، آئلداس، حاجي جان محمد چانڊئي، الهداد ۽ قادر بخش تنئي سرڪت ڪئي. هن ۾ 52 رسمن تي بحث بعد فيصلا ڪيا ويا.

Good Wishes