پريتم قاضي - انٽرويو: ساقي ابڙو
 
سلسلو: فيسبوڪ انٽرويوز

WhatsApp Image 2020 09 25 at 6.25.26 AM(((اسين رتي جا ماڻهو)))
سلسلو: فيسبوڪ انٽرويوز
ڪردار: پريتم قاضي (شاعر ۽ پبلشر)
انٽرويو: ساقي ابڙو (سيڪريٽري: س۔ا۔س رتوديرو)

اااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا
پريتم قاضي رتيديري جي علمي ادبي گهراڻي قاضي خاندان جو چشم و چراغ آهي قاضي عبدالحيّ قائل سرشاري جو پوٽو قاضي خضر حيات جو موڀي پٽ ۽ قاضي مقصود گل جو ڀائٽيو آهي۔ (اسين رتي جا ماڻهو) جي تاريخي سلسلي ”فيسبوڪ انٽرويوز“ ۾ پريتم جو انٽرويو شامل ڪرڻ ان ڪري به ضروري سمجهيو جو هي اسان جي رتيديري شھر جي قاضي خاندان جو نه صرف اهم رڪن ۽ ڀاتي آهي پر سندس زندگي جون گهڻيون ئي گهڙيون رتوديرو جي راهن ۾ رولاڪيون ڪندي گذريون۔ قاضي مقصود گل جي دل سان ياد ڪرڻ ۽ چانھ جي پيالي گڏ پيئڻ جي اسرار تي يا مان قاضي صاحب سان اڪير وچان ادبي قرب ڪچھري ۽ صحافي هجڻ جي ناتي انٽرويوز ڪرڻ لاء جڏهن وٽس ويندو هئس ته پريتم قاضي ۽ مرحوم ڀيڻ نائله گل کي کانئس شاعري جي سکيا وٺندي ڏسندو هيس۔ مقصود سائين مونکي تمام گهڻي عزت ۽ محبت ڏيندو هو مونکي ايندو ڏسندي ئي کين گهر وڃڻ ۽ مون لاء چانھ پاڻي جو بندوبست ڪرڻ جو چوندو هو ۽ پوء هو اخلاقي طور مودبانه انداز ۾ مونکي سلام ڪري وڃي پنهنجي ڪم سان لڳندا هئا، اها ان خاندان جي بهترين تربيت ۽ روايت هئي۔ پريتم قاضي هن وقت سنڌ جو خوبصورت اڀرندڙ ۽ صاحب ڪتاب شاعر آهي۔ سندس شاعري جو انداز ئي الڳ ۽ نرالو آهي هن نوابشاه ۾ مڪمل رهائش اختيار ڪرڻ کان پوء ناليواري شاعر سائين عبدالحڪيم ارشد کان به شاعري جي سکيا ورتي اهو ئي سبب آهي جو اڄ هو نئين ٽھي جو پختو ۽ برجستو شاعر آهي۔ پريتم پختو ۽ برجستو شاعر هجڻ سان گڏ بهترين پبلشر به آهي۔ پنهنجي امڙ امان ”خورشيد خضر“ جي نالي سان هن نوابشاه ۾ ”خورشيد خضر علمي ادبي ۽ اشاعتي ادارو“ قائم ڪيو آهي جيڪو يقينن سندس وڏو ڪارنامو آهي ۽ ان اداري پاران هن مختصر وقت ۾ ڪافي ڪتاب به ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندا آهن جن کي سڄي سنڌ ۾ گهڻي پذيرائي به ملي آهي۔ نوابشاه ۾ هاڻي اسانجي هن خاندان جا ٻه وڏا ادارا ٿي ويا آهن هڪ سندس والد قاضي خضر حيات جي قائم ٿيل ”سڪندر آرٽ گيلري“ ۽ ٻيو پريتم پاران قائم ٿيل ”خورشيد خضر اشاعتي ادارو“۔ پريتم جي اماڻيل هن انٽرويو جي آجيان ڪندي ”فيسبوڪ انٽرويوز“ سلسلي ۾ شامل ڪجي ٿو ان اميد سان ته اوهانکي پسند ايندو ۽ پڙهي پنهنجي راء کان ضرور آگاه ڪندا۔
(سٽون: ساقي ابڙو)
اااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا

1-مختصر تعارف (نالو, ولديت, ذات ۽ ڄم تاريخ)
*حاجي سڪندر آفتاب خضر (المعروف ) پريتم قاضي ولد قاضي خضر حيات انجينيئر, استاد , شاعر , پبلشر

2-جنم ڀومي ۽ موجوده رهائش
*نئون ديري ۾ جنم ٿيو, رهائش نواب شاه, ضلعو شهيد بينظير آباد,

3-تعليم
BE civil ,AMC ,B.Ed

4-پروفيشنل ڊگري ATC & AMC *آرٽ جي حوالي سان ماسٽرز ڪيل آ,

5-مھارت اگر آهي ته
*بابا سائين جي جوڙيل ڪاشيء جي ڪم تي , سڪندر آرٽ گئلري ۾ ڪم سکيو خصوصن خطاطي ۾ مهارت حاصل ڪئي,

6-ڪرت, پيشو يا ذريعه معاش
*سال 1995ع کان ڊرائنگ ٽيچر ڀرتي ٿيس , هاڻي تقريبن 26,27 سال ٿي ويا آھن, رب سهڻي جا شڪرانا آھن,

7-سڃاڻپ جو حوالو
*سال 1988ع کان , شاعري ڪري رهيو آهيان چاچي مقصود گل جي بنيادي استادي ملي, ان کان پوء سائين عبدالحڪيم ارشد جا ڪتاب مرتب ڪيم , سو سڃاڻپ شاعري به آھي ته ھاڻي پبلشر به آھيان,

8-شعبو
*شاعري ۔ ادب

9-وابستگي
*سڪندرآرٽ گئلري , مهراڻ آرٽس اينڊ ويلفيئر سوسائٽي نواب شاه, سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاه , مرڪ پبليڪيشن ۽ خورشيد خضر علمي ادبي ۽ اشاعتي ادارو,

10-ڪيريئر جي شروعات
*1988ع ۾ شاعري ۽ 1995ع ۾ استادي پيشي جي ابتدا,

11-شعبي جي چونڊ جو مقصد
*قسمت , نصيب۔ پاڻ چونڊ نه ڪئي

12-پنهنجي شعبي ۾ ڪيل ڪارگذارين جو مختصر ذڪر جيڪي ڳڻائڻ جهڙيون هجن
*يار ڪار گذاري ڪا خاص ناهي, سال 2005ع ۾ شاعري جو پهريون مجموعو "احساسن جا عڪس" سنڌ ٻوڪ ڪلب طرفان شايع ڪيو, ان کانپوء سال 2009ع ۾, سائين عبدالحڪيم " ارشد" ٻه ڪتاب "آجپي جي گيت جهڙي شاعري" ۽ "ٽٽل عڪس سونهن جا" مرتب ڪيم ! اهي ٻئي ڪتاب سال 2011ع ۽ 2013ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا , سائين عبدالحڪيم "ارشد" جي قربت ,ڄڻ قطري کي قلزم بنائي ڇڏيو, سال 2017 ع ۾ امڙ جيجل جي نان۽ سان ادارو قائم ڪندي سائين ارشد جي ڪتاب " آواز اندر جو" (سنڌي اردو شاعري) پبلش ڪيم ! , هيل تائين ڇهه ڪتاب اداري طرفان پبلش ڪيا اٿم 1- آواز اندر جو شاعر عبدالحڪيم ارشد 2- روح ريجهايو رابيلن شاعر خاطي ڪيريو, 3- ڏيئا ڏات جا (ٽيون ايڊيشن ) شاعر سائين ارشد 4-عشق عجب اسرار شاعر محبوب "مصور" سومرو 5- ڳالهيون من جون , سائين ارشد جي نثر جو ڪتاب 6- جهاڳيو مون جهان آتم ڪٿا بابا سائين قاضي خضر حيات ,

13-تعليم اوهانجي نظر۾
*تعليم جانور کي انسان بنائي ٿي,

14-سياست اوهانجي نظر ۾
*اڄ ڪلهه جي سياست الامان , گزشته وقت جا شھيد ليڊر هجن ها اسان جي ڌرتي ننڌڙڪي نه هجي ها,

15-سماجيات اوهانجي نظر ۾
*سماج جي پاڙن سان اسين سڀ ڳنڍيل آھيون, سماج جون چڱايون ۽ برايون ٻئي اثر ڪن ٿيون,

16-صحافت اوهانجي نظر
*صحافي سماج جو صحيح عڪس پيش ڪرڻ جا زميوار آھن پر ضمير فروش ۽ ويڪائو نه هجن,

17-ادب اوهانجي نظر ۾
*ادب نسلن جي تعمير ڪري ٿو جيڪر مثبت انداز ۾ ادبي حلقا هڪ ٻئي جي تذليل نه ڪن ته نوان نوجوان گهڻو پرائي سگهن ٿا,

18-شاگرد سياست اوهانجي نظر ۾
*اڄڪلهه بي معني آھي,

19-ڪتاب ۽ مطالعو اوهانجي نظر ۾ *پراڻي چوڻي آ "Books.are your Friends" اها چوڻي واقعي سچ ۽ صحيح , جيڪرڪتابن کي

20-ڪھڙي قسم جا ڪتاب پڙهڻ پسند ڪندا آهيو *هر قسم جا شاعري ,ڪهاڻي, ناول , آتم ڪٿائون به پڙھندو آھيان,

21-اڄ جي نوجوان مان ڪيترو مطمعن آهيو *جيڪر سچ پڇو ته اڄ جي نوجوان کي گرو ,استاد ۽ سمجهائڻ وارا اهي ناهن مليا جيڪي اسان کي مليا , (اها منهنجي ذاتي راءآ,) سو مطمئين ناهيان

22-پسنديده شخصيت
*ڏاڏا سائين قاضي عبدالحئي" قائل" سرشاري

23-پسنديده سياستدان
*شھيد ذوالفقارعلي ڀٽو, شھيد بي نظير ڀٽو

24-پسنديده اديب ۽ شاعر
*سائين مقصودگل , سائين عبدالحڪيم" ارشد"

25-رتوديرو شھر جو ماضي, حال ۽ مستقبل اوهانجي نظر ۾ *رتيديري جو ماضي ته شاندار هيو, جاندار هيو, ڏاڏا سائين قاضي عبدالحئي قائل, سائين سيد وريل شاه صاحب , سائين عبدالرزاق سومري, جسٽس سيد ديدار حسين شاه جهڙين شخصيتن رتي جي سينڌ کي سنواريو ,

26-پنهنجي شھر رتوديرو لاء ڇا ٿا چاهيو
*ماضي جيان علم وادب جو گل دستو بڻجي ,

27-اوهانجي نظر ۾ رتوديرو جو وڏي ۾ وڏو مسئلو *علم کان دوري ,

28-رتيديري شھر جي اجتمائي مسئلن جي حل لاء ڪا تجويز
*الله سڻاڻي ڪري

29-جيڪڏهن شھر جا چيئرمين ٿيو ته ڇا ڪندئو *Sorry

30-ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا
*محبت, ايڪو , وفا ,سچائي
ااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا

Good Wishes