Menu

ايڊيٽر نامو

اختر محمد: اختر محمد ولد واحد بخش شيخ 1932 ۾ شڪاپور ۾ ڄائو، تعليم ۽ ترتيب شڪارپور ۾ ئي ورتائين. هي صاحب 1950۾ هفتيوار “خدمت جو ايڊيٽر رهيو.

امداد علي اوڍو: امداد علي ولد غلام رسول خان اوڍو 10، آگسٽ 1947ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. ابتدائي ۽  ثانوي تعليم جنم شهر مان ورتائين. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾داخلا ورتائين، پر سنڌ جي قوميءَ ۽ شاگرد تحريڪ ۾  ڀرپور حصي وٺڻ ڪري کيس 1972ع ۾ پنجن سالن لاءِ يونيورسٽيءَ مان خارج ڪيو ويو. سنڌي ٻولي ۽ بهارين جي نه اچڻ واري تحريڪ دوران کيس حڪومت جي عتاب کان بچڻ لاءِ ڪجهه وقت لاءِ انڊرگرائونڊ ٿي ڪم ڪرڻ پيو. 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ هن تي مڙهيل اسٽيڪيشن آرڊر واپس ورتو. ساڳي ئي سال هن پوليٽڪل سائنس ۾ ايم.اي ڪئي، ۽ هڪ سال پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ دوران اوڍو صاحب “سنڌ نئشنل اسٽوڊنس فيدريشن” جو سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ ٿي رهيو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ساڳي وقت کيس “سنڌ پيپلزهاري ڪميٽي” جو آرگنائيز مقرر ڪيو ويو. 1977ع ۾ عملي طور تي سياسيت کان رٽائر ٿي جيڪب آباد مان هفتيوار “سنڌ سجاڳ” اخبار جاري ڪئي اٿس، صحافت کان علم ادب سان به شوق اٿس. هن وقت “سنڌي اربي سنگت” جيڪب آباد جو سيڪرٽري پڻ آهي.

اقبال ترين: اقبال ترين ولد خان محمد خان ترين 3، جنوري 1949ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. پرائمري تعليم شڪارپور ۾ ئي ورتائين. ان کان پوءِ شڪارپور، ميهڙ، راڌڻ ۽ ڪنڌڪوٽ جي انگريزي اسڪولن ۾ پڙهي 1964ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. انٽرتائين گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه ۾ پڙهيو، جنهن کان پوءِ “سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج” مان 1971 ۾ بي.اي ڪيائين. اقبال ترين 1974ع ۾ “نئشنل ڪاليج آف ٽيڪنالاجي ائنڊ انجنيئرنگ ڪاليج” ڪراچيءَ ۾ اُستاد مقرر ٿيو. 1976ع ۾ “پيراگان ائڊورٽائيزنگ ايجنسي”، 1978ع ۾ “آرگس ائڊورٽائيزنگ ايجنسي”، 1979ع ۾ ايشائٽڪ ائڊور  ٽائيزنگ ايجنسي” ۾  ڪم ڪيائين. هن وقت “اميج ڪميونيڪيشنس ائڊور ٽائيزنگ ايجنسي”، ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. اقبال ترين 1969ع ۾ هفتيوار “جاويد” (حيدرآباد) جي ايڊيٽر ٿيڻ سان صحافت ۾ قدم رکيو. پاڻ 1977ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ “برسات” ڪراچي جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. هي صاحب ٽي. وي ڊرامن جي ناميارن اداڪارن مان هڪ آهي.

انور هالائي: محمد شفيع “انور” ولد احمد خان ابڙو 11، ڊسمبر 1925ع تي هالا ۾ ڄائو. انور هالائي چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ علم ادب جي دنيا ۾ پير پاتو. سندس پهريون نظم 1941ع ۾ رسالي “اديب سنڌ” ۾ شايع ٿيو. هي صاحب 1945 کان “انجمن علم و ادب” جو سيڪريٽري مقرر ٿيو.  1960ع ۾ “انجمن فروغ ادب”جو معاون مقرر ڪيو ويو.  1964ع ۾ سندس ئي ڪوششن سان “الخالق ادبي ادارو” قائم ٿيو. انور هالائي ڪجهه وقت لاءِ “اورينٽل ڪاليج هالا” ۾ اُستاد به ٿي رهيو. انور هالائي 1950ع کان وٺي صحافت جي دنيا ۾ آيو. سندس ئي ڪوششن سان تنهن سال هالا مان ماهنامه “فردوس” رسالو جاري ٿيو. پاڻ هن وقت “سنڌي ادبي بورڊ” طرفان شايع ٿيندڙ ٻارن جي ماهوار رسالي “گل ڦل” جو ايڊيٽر آهي. انور هالائي شاعر، مضمون نگار، ناول نويس، افسانه نگار ۽ ايڊيٽر آهي. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“آواره” (ناول 1953)، “پرچن شال پهنوار” (شاعري 1968).

“اختر هالائي”:  محمد عمر “اختر” هالائي جي ولادت 1917ع ۾ مولانا خليفي حافظ حاجي عبدالرحمان جي گهر ۾ ٿي. سندس والد به عروضي شاعر هو ۽ “متقي” جي تخلص سان ادبي حلقن ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو. “اختر” هالائي پنهنجي شاعرانه حيثيت سان سنڌ جي وڏن غزلگو شاعرن ۾ شمار ڪيو ويندو هو، ليڪن هالن جي ادبي ۽ علمي سرگرمين، خاص طرح “بزم طالب الموليٰ” جي هڪ رڪن جي حيثيت سان علم ادب جي خدمت ڪيائين. پاڻ ڪجهه وقت هفتيوار “ڪوثر” ڪڍندو رهيو.سندس وفات 2، آڪٽوبر، 1959ع تي ٿي.

“اظهر” گيلاني: سيد انورعلي شاهه “اظهر” ولد اصغر علي شاهه 11، آڪٽوبر 1915ع تي ڳوٺ لعلو واري تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. پاڻ نان مئٽرڪ آهي.“اظهر” صاحب ڪيترو وقت مختلف کاتن جهڙوڪ ڪوآپريٽو سائٽي، ايڪسائيز، ريلوي پوليس، هنرماسٽرز وائيس ڪميٽي، نيگ انڊيا رڪارڊس ڪمپني، ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ ملازمت ڪئي.“اظهر” صاحب 1948 کان وٺي علم ادب ۽ صحافت جي پيرپاتو. پاڻ ڪيترين ئي هفتيوار اخبارن جي جهڙوڪ “عالمگير” (لاڙڪاڻو ۽ سکر) “افلاطون”، “سچ” ۽ “طوفان” سکر جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هن وقت گهوٽڪيءَ مان هفتيوار “ذوالفقار” ڪڍي رهيو آهي. پاڻ نثر توڙي نظم ۾ ڏيڍ ڊزن کن ڪتاب لکيا اٿس جن جو وچور هن ريت آهي.“سخن بينظير” (شاعري 1947ڳ)، “شان ترول” (شاعري 1956)، “سريلا سخن” (ڪهاڻيون 1957)، “دفترغم” (شاعري 1964)، “رعد اظهر”(شاعري 1964)، “ڪليات ڪمال” (ترتيب شاعري 1967)، “مهد الست” (شاعري 1968)، “آواز عشق” (شاعري)، “ذڪرو فڪر” (شاعري)، “واردات”، “دل جون ڳالهيون”، “مينابازار ۾” (تنقيد)، “مقصد حسين” (مذهبيات)، “جي پاڪ نه پاپڙي”، “ٻارهن ڏينهن پنجاب ۾” ۽ “ڪورٽ کان جيل تائين”.

1.    سيد غلام مصطفيٰ شاهه راشدي ولد احمد شاهه راشدي

2.     ڄمڻ جو هنڌ =پير جو ڳوٺ ضلع سکر (حال ضلع خيرپورڏ اڳ ،پيرجو ڳوٺ ضلع خيرپور بجاءِ سکر سان هيو) ڄمڻ جي تاريخ 25 ڊسمبر 1936

3 . ديني تعليم پيرجو ڳوٺ ۾ پرائيويٽ ابتدائي پرائمري تعليم سنڌي چئن درجن تائين. واري تڙ اسڪول سکر شهر ۾ پهرين انگريزي (پنجون سنڌيءَ کان) کان 4- درجا انگريزي پيرجو ڳوٺ ۾ _ تنهن کان پوءِ اسڪول جي زندگيءَ کان ڌاري _ زمينداريءَ جي مشغوليت ۽ ذاتي مطالعي جو شوق، ڪتاب گڏ ڪرڻ ۽ پنهنجن ڪتابن لکڻ لاءِ مستند ڪتابن مان اقتباس وٺڻ _ اخبار. بيني، جو زبردست شوق منڍ ۾ ئي هيو _ مان دعويٰ سان چوان ٿو ته. مان ڪن چند ماڻهن مان هڪ آهيان جن، جنهن به اخبار جو ۽ جتي به جهڙي حالت ۾ پنو ڏٺو آهي. انهي ڏٺي محفوظ ڪيو اٿم، ۽ انهي جو ڪيٽلاگ اڄ به مون وٽ آهي. مونکي نهايت فخر ۽ خوشي آهي ته مو ن وٽ پنهنجي ذاتي لائبريري ۾ اٽڪل 2 هزار کن ناياب ۽ سنڌ ڪتاب آهن. جن ۾ ڪوبه ناول، يا افساني،وغيره جو ڪتاب نه لڀندو. ڇاڪاڻ ته مونکي جن علمي شعبن ۾ دلچپسي آهي. اهي آهن، تاريخ. فلسفو، جاگرافي، آثار قديم، مذاهب سائنس، عمرانيات، جديد نظريات عالمي سياست، پاڻ وٽ اهڙن دوستن جو حلقو آهي، جيڪي پڻ ساڳين خيالن جا آهن ۽ انهن سان ڪچهريون روز مره جو حصو آهن. مون وٽ روزنامه جنگ جو فائل، 1957 اپريل کان اڄ تائين مڪمل حالت ۾ آهي، ۽ ڪابه تاريخ کٽل نه آهي، ۽ بهترين نموني ۾ محفوظ آهي، انهي ته اخبار جي محفوظ رکڻ سبب اهو هيو ته ڪابه سنڌي اخبار مسلسل حالت ۾ قائم رهي آهي.نه ته سنڌي مواد کي مان وڌيڪ اهميت ڏيان ها.مان اخبارن ۾ هٿين علمن بابت مختلف مضمون ننڍي هوندي کان لکندو  ويو آهيان. جن جو رڪارڊ شايع ۽ اڻ شايع ٿيل حالت ۾ مونوٽ موجود آهي، ۽ اڄ به زندگيءَ جو نصب العبين، مٿين موضوعن تي، ڪتاب لکڻ ۽ اقتباس گڏ ڪرڻ آهي. صحافت جي دنيا ۾ ته مان پاڻ کي ابتدا ۾ ئي شامل ڪري ڇڏيو هيو _ ۽ عملي شڪل ۾ پهريون ڀيرو _ هفتيوار “پڙاڏو” جي ايڊيٽر جي _ حيثيت ۾ اپريل 1977ع ۾ آيو آهيان.منهنجو لاڙو پ پ پ ڏانهن رهيو آهي، ۽ اخبار به پ پ پ جي آهي.مان پير صاحب پاڳاري جو نهايت ويجهو مائٽ آهيان، منهنجو والد ۽ سندس والد سڳا سوٽ هئا، مان سندس پڦي جو پٽ به آهيان، انهي ته ڄاڻائڻ جو مطلب اهو آهي ته پنهنجا اصول ۽ آزادي ڪنهن ذاتي تعلق کان وڌيڪ عزيز آهن، منهنجي زندگي جو سرمايو آهن، جنهن تي قائم هئي جو پڪو خيال ڪيو اٿم، ٻين لفظن ۾ رجعت پسندي ۽ هٿ ٺوڪيڻين اسلامن خلاف جدوجهد به زندگي جو نصب العين آهي، “پڙاڏو“ خيرپور _ جنهن جو پبلشر _ جناب قادر بخش خان مري آهي، مان ايڊيٽر آهيان، اها اخبار اڄ کان اٽڪل، پنج سال اڳ جاري ٿيل آهي. ۽ هن وقت جاري آهي، اخبار جي آفيس پيرجو ڳوٺ ۾ آهي، مان پريس ڪلب خيرپور جو ميمبر آهيان.

غلام مصطفيٰ راشدي.

”اياز“ قادري: اياز حسين ولد غلام رسول قادري 19، جنوري 1924ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم “شاهه محمد اسڪول” ۽ “مين اسڪول” لاڙڪاڻي ۾ ورتائين. ان کان پوءِ “مدرسه هاءِ اسڪول” لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ڪيائين. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ آيو. جتي بي.اي (آنرز) ايم. اي (فارسي)، ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل.ايل. بي ڪيائين. ڪيترو وقت “سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج” ڪراچي ۾ سنڌي جو ليڪچرار ٿي رهيو، هن وقت ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءِ جو ائسوسيئيٽ پروفيسر آهي. “اياز” صاحب کي علمي ۽ ادبي ذوق ورثي توڙي ماحول مان مليو، جئين سندس وڏا مختلف علمي ۽ادبي جماعتن جا سرگرم ڪارڪن ٿي رهيا، تئين هي صاحب به مختلف ادبي جماعتن سان وابسته رهيو آهي.اهڙين جماعتن ۾ “سنڌ سوسائٽي” ڪراچي، “سنڌي ادبي سنگت”، سنڌي ادبي سوسائٽي” ڪراچي، ۽ “سنڌي ادبي بورڊ” جا نالا قابل ذڪر آهن. “اياز” صاحب 1954ع ڌاري هفته وار “نوجوان”، ۽ “سنڌي مسلم ڪاليج مئگزين” جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هن وقت سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي انگريزيءَ رسالي “سنڌ ڪوارٽرلي” جي ڪم ۾ به هٿ ونڊائي رهيو آهي.“اياز” صاحب کي “شاعري” ورٽي ۾ ملي، ۽ نثري ادب جي ڏات وري ماحول مان مليس، سندس ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“مبلو داد” (ڪهاڻيون)، “الحاج پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه” (سوانح) “گورڪي جي آتم ڪهاڻي” (ترجمو) ۽ “آزاديءَ جا اڳواڻ” (ترجمو ڊاڪٽر نواز علي سان گڏ)

اسد الله ڀٽو: اسدالله ولد محمد بچل خان ڀٽو 3، مئي، 1946 تي سکر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم “گورنمينٽ پرئڪٽسنگ اسڪول”، بئراج ڪالوني، سکر مان ورتائين. ان کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ سکر جي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ٿيو،  جتان 1963ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. کيس اعليٰ تعليم جا موقعا به سکر ۾ ئي ميسر ٿيا. هن صاحب 1967 ۾ سکر جي“اسلاميه ڪاليج” مان بي. اي، ۽ 1969 ۾ “سکر لا ڪاليج” مان وڪالت جون ڊگريون حاصل ڪيون. 1973 ۾ عمرانيات ۾  به ايم. اي به ڪيائين. هن وقت سکر ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي، ۽ ان کان سواءِ تر جي جماعت اسلامي جي سرگرم ڪارڪنن ۾ شمارڪيو وڃي ٿو. مسٽر اسدالله ڀٽو جڏهن بي. اي جي آخري سال ۾ هو ته هفتيوار انگريزي اخبار جاري ڪرڻ جي اجازت گهريائين، جيڪا ننڍي عمر جي سبب ڪري ملي نه سگهيس.انهي کان پوءِ پاڻ سکر جماعت اسلامي جي ماهوار “جهان نو” سان وابسته ٿي ويو. کيس نومبر 1972 کان 1975 تائين ساڳي رسالي جي مئينجنگ ايڊيٽر ٿي رهڻ جو موقعو مليو.مسٽر اسدالله ڪجهه وقت لاءِ “سنڌڙي پبليڪيشنز جي نالي هڪ اشاعتي ادارو به قائم ڪيو، جنهن طرفان ڪي ڪتاب به شايع ٿيا.

اسد بيگ مرزا: اسد بيگ مرزا ولد مرزا قليچ بيگ 18، سيپٽمبر 1913ع تي ٽنڊو ٽوڙهو ۾ ڄائو. اتي ئي سنڌي چار درجا پڙهيائين. 1919ع ۾ حيدرآباد جي “سرڪاري هاءِ اسڪول” ۾ داخل ٿيو، جتان پوءِ “سنڌي مدرسته اسلام” ۾ داخل ٿيو. ليڪن مئٽرڪ وري حيدرآباد جي سرڪاري هاءِ اسڪول مان 1933 ۾ ڪيائين. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ملازمت، ڪيائين ۽ وڌيڪ پڙهندو رهيو. ايم.اي. ايل. ايل. بي تائين پڙهيو شروعات ۾ ڪوآپريٽو کاتي ۾ انسپيڪٽر مقرر ٿيو .چئن سالن کان پوءِ اتي ئي پبلسٽي آفيسر ٿيو. ۽ ان عهدي تي ڇهه سال کن رهيو. ٽي سال ڊسٽرڪٽ ڪوآپريٽو آفيسر ٿي رهيو ۽سال کن اسسٽنٽ رجسٽرار ٿيو. جتان 1970 ۾ رٽائير ڪري هي کاتو ڇڏيائين. انهي کان پوءِ حيدرآباد جي “مسلم ڪاليج” جو تيرهن مهينا کن پرسنپال ٿي رهيو. ڪجهه وقت لاءِ 1973ع ۾ وڪالت به ڪيائين. اسد بيگ کي علمي ۽ ادبي ماحول ورثي ۾ مليو. شاعري جو شوق شاگرديءَ واري زماني کان هيس. 1954ع کان 1957 تائين ملازمت کان ٻاهر رهيو. انهي دوران “رساله قليچ” نالي ماهوار رسالو جاري ڪيائين.سندس ڪتاب جو وچور هيٺ ڏجي ٿو : “ديوان قاسم”(ترتيب)،“عجيب جواهر”(اخلاقيات-1938)، “سنڌي نثر” ۽ “ڪلام قليچ” ترتيب (1941)

بالم بروهي: بالاچ عرف بالم بروهي 12، جون 1947ع ڳوٺ آدم خان پنهور ضلعي جيڪب آباد ۾ڄائو. ڳوٺ جي “پرائمري اسڪول” “مڊل اسڪول” ۽ جيڪب آباد جي “ميونسپل هاءِ اسڪول” مان تعليم وٺي مئٽرڪ ڪيائين.بالم بروهي 1971ع کان وٺي صحافت ڏانهن راغب ٿيو. پاڻ ڪجهه وقت “ايلم” (مستونگ) جو نمائدو ۽ “ستاره بند” جو سب ايڊيٽر ٿي رهيو، هن وقت جيڪب آباد مان “نوجوان” ڪڍي اٿس ۽ پاڻ ان جو ايڊيٽر آهي.

برڪت آزاد: برڪت علي “آزاد” ولد نواب الدين راجپوت 1918 ۾ امرتسر ۾ ڄائو. مئٽرڪ تائين “جيڪب آباد هاءِ اسڪول” ۾ تعليم ورتائين. ان کان پوءِ سنڌي، اردو، پارسي، هندي ۽ گجراتي ٻولين جي ڄاڻ حاصل ڪيائين. “آزاد” صاحب کي سياسي سوچ ۽ فڪر پنهنجي ورثي مان ملي. سندس والد “خلافت تحريڪ” جو سرگرم ڪارڪن هئو. هن صاحب ڏهن سالن جي ڄمار ۾ ڪانگريسي والنٽيئر جي حيثيت سان سياست جي ميدان ۾ قدم رکيو. سول نافرماني واري تحريڪ دوران هي صاحب جيڪب آباد جو پهريون ڊڪٽيٽر مقرر ٿيو، ليڪن سندس مائٽن کيس اهو فرض ادا ڪرڻ نه ڏنو. جنهن ڪري هن کان پوءِ چوئٿرام ڊميلا ۽ پيسومل برجواڻي ڊڪٽيٽر ٿيا. 1931ع ۾ مهاتما گانڌي جي آشرم مان ڇهه مهينا تربيت وٺي اچي“سنڌ ديش شيوا منڊل” لاءِ ڪم ڪيائين. هن کي انهي سلسلي ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي گڊڙو ڳوٺ جي “گانڌي آشرم” جو انچارج بڻايو ويو. “ڪئٽ انڊيا” هلچل هلي ته جيڪب آباد هوائي اڏي جي ڪجهه حصي ۽ ريلوي مال گدام کي باهه ڏني وئي. انهي سلسلي ۾ چئن ايڊيٽرن کي گرفتار ڪيو ويو. اهي هئا برڪت علي آزاد، راڌاڪرشن تولارام لالا، مٿراداس ڪيٽاريا ۽ اسلم اچڪزئي. هن ڪيس دوران کيس اٺ مهينا جيل آيو.  1932 ۾ هي صاحب ضلعي جيڪب آباد جي ڪانگريس ڪميٽي جو صدر ٿيو. انهي عرصي دوران ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيل “صوبائي ڪانگريس ڪميٽيءَ” جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ اجلاس جي فيصلي مطابق ڪراچيءَ ۾ ستياگرهه جو پرچار ڪيائين، جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو.“آزاد” صاحب جيل دوران علام مشرقيءَ جا ڪتاب پڙهيا ۽ انهن کان متاثر ٿيو، جڏهن 1934ع ۾ جيل مان آزاد ٿيو ته “خاڪسار تحريڪ” ۾ شريڪ ٿيو. هن صاحب 1936 ۾ دهلي ۾ ٿيل “آل انڊيا خاڪسار ڪئمپ” ۾  به شرڪت ڪئي. انهي کان پوءِ هي صاحب ڪجهه وقت لاءِ “ڳوٺاڻي جماعت” ۾  به ڪم ڪندو رهيو. پاڪستان جي قيام بعد پان عملي طور سياسي ميدان ڇڏي چڪو آهي. “آزاد” صاحب 1937 ۾ راڌا ڪرشن سان گڏجي هفتيوار “ڪانگريس” اخبار جاري ڪئي. هئي اخبار چند مهينا هلي بند ٿي وئي. انهي کان پوءِ ساڳي هنڌ (جيڪب آباد) تان هفتيوار “سرحد” اخبار جاري ڪيائين. ڪجهه وقت لاءِ “الحنيف” اخبار جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. 1941 ڌاري جيڪب آباد مان صبح سنڌ” هفتيوار اخبار جاري ڪيائين، جنهن رڳو ٻه ٽي پرچا نڪتا. آزاد صاحب ڪجهه وقت لاءِ روزانه“ آزاد” (ڪراچي) جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به ٿي رهيو. قيام پاڪستان کان پوءِ جيڪب آباد مان صبح سنڌ” هفتيوار اخبار جاري ڪيائين. هي اخبار 1960ع تائين نڪرندي رهي 1972 آگسٽ کان سکر مان هفتيوار “سنڌ” جاري ڪيائين، جيڪا ڪجهه وقت لاءِ بند ڪرڻي پيس. سيپٽمبر 1975 کان وري ساڳي اخبار ڪڍي رهيو آهي، ليڪن مالي حالتن جي ٺيڪ نه هئڻ ڪري اها ڪڏهن شايع ٿيندي آهي.برڪت علي “آزاد” صحافت سان گڏ شاعر ۽ اديب به آهي سندس ٻه ڪتاب “نوجوانن ڏانهن” (1941) ۽ “امنگ” (1967) ڇپجي چڪا آهن.

ٻيڙو فقير: ٻيڙو فقير ولد محمد عثمان ڪنڀر 1918ع ۾ هالا ۾ ڄائو. غريب هئڻ سبب ڪا تعليمي ڊگري وٺي نه سگهيو،  ليڪن ڏاتر جا کيس ڏات ڏني هئي انهي جون جهلڪيون سنڌ جي لوڪ ادب جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ محفوظ رهنديون. سندس شمار موجوده دور جي وڙن سگهڙن ۾ ڪري سگجي ٿو.  هي صاحب 1960ع کان حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيو. پنهنجي برادريءَ جي تنظيم“پاڪ ڪنڀار جماعت” جو بنياد رکيائين، ۽ ان جو پهريون صدر به پاڻ ٿيو.هن صاحب حيدرآباد مان هفتيوار “ڪچهڙي” جاري ڪئي. هن اخبار شروع کان وٺي پئي لوڪ ادب جي خدمت ڪئي آهي. سندس لاڏاڻو 2، جنوري 1977ع تي ٿيو.                                                                                                                                                                        

تاج محمد “مشتاق” حڪيم تاج محمد حاجي خميسو افغان ڊسمبر 1899ع ۾ بدين شهر ۾ ڄائو. کيس عربي، فارسي، اردو کانسواءِ انگريزي تي ڪامل دسترس حاصل هئي. ان کان سواءِ طب ۾ به لاجواب ماهر هو. پاڻ ڪهه وقت کان پوءِ شهر راڄو خاناڻيءَ ۾ اچي ويٺو، ۽ اتي “قامي يوناني دواخانو” قائم ڪيائين. طب سان ايترو ته لڳت هيس، جو ڪجهه ڪتاب به لکيائين، جن ۾ “ڪتاب الحميات”، “شرح قانونچ”، ۽ “قرابادين مشتاقي” قابل ذڪر آهين. پاڻ ڪيترو وقت “طبي ڪاليج ٽنڊو محمد خان” جي “طبي بورڊ” جو ميمبر به ٿي رهيو.مولوي تاج محمد، حڪيم، عالم ۽ شاهه هو. شاعريءَ ۾ “مشتاق” تخلص اختيار ڪيائين. راجو خاناڻيءَ مان “پيسام شفا” رسالو به جاري ڪيائين. جيڪو سندس وفات تائين نڪرندو رهيو. سندس وفات 55 ورهين جي ڄمار ۾ 1954ع ۾ ٿي

تاج” صحرائي: تاج محمد ولد نور محمد ميمڻ 14، سيپٽمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. بي.اي. بي. ٽي تائين تعليم حاصل ڪيائين. سندس ئي ڪوشش سان دادو ۾ “طالب الموليٰ هاءِ اسڪول” قائم ٿيو، جنهن جو پاڻ هن وقت هيڊماستر آهي. تاج صحرائي 1948ع کان 1952 تائين صحافت جي دنيا ۾ رهيو. انهيءَ عرصي دوران دادو مان هفتيوار “آواز” اخبار جاري ڪيائين، جنهن وسيلي علم، ادب ۽ صحافت جي خدمت ڪندو رهيو.”تاج“ صحرائي نثر توڙي نظم ۾ پاڻ ملهايو آهي. سندس ڪتابن مان “تصوير درد”، “سرسارنگ” ۽ “قلندر لعل سيوهاڻي” قابل ذڪر آهن

تاج بلوچ: تاج محمد ولد نور احمد خان جتوئي 25، مئي 1940 تي ڳوٺ ڪوٽ سردار محمد مراد خان بلوچ، تعلقو پنوعاقل، ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو. بي.اي تائين تعليم حاصل ڪئي اٿس. هن وقت ڪراچي جي ٽزري آفيس ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي. تاج بلوچ پنهنجي علمي ۽ ادبي زندگيءَ جو آغاز ڪراچيءَ جي جهونن شاعرن جي سنگت ۽ سرپرستيءَ ۾ ڪيو، ۽ ترقي ڪري اچي هن وقت ترقي پسند جي صف ۾ شامل ٿيو آهي. پاڻ “سنڌي ادبي سنگت” جو سرگرم ڪارڪن آهي. تاج بلوچ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سب ايڊيٽر ٿي رهيو آهي، ۽ ان کان سواءِ ماهوار “سوجهرو” ڪراچي ۽ هفتيوار “برسات” جو ڪيترو وقت ايڊيٽر به ٿي رهيو آهي.تاج بلوچ ادبي دنيا ۾ شاعر ، ڪهاڻيڪار، ۽ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو ٿو وڃي. هن جا ٻه ڪتاب “درد جو صحرا” (شاعري-1962) ۽ “ٽين دنيا جا مسئلا” شايع ٿي چڪا آهن.ابتدائي علم ۽ قرآن مجيد ڳوٺ ملان مڪتب ۾ پرهائين ٽِ درجا انگريزي ۽ پنوعاقل جي لوڪلبورڊ اسڪول ۾ پڙهيو 1957ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1959 انٽر آرٽس پاس ڪيائين.

تهذيب الاسلام: سيد تهذيب الاسلام رضوي 10، نومبر 1946ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. “ميونسپل هاءِ اسڪول” ۽ “حميد به هاءِ اسڪول” جيڪب آباد مان ثانوي تعليم ورتائين. ان کان پوءِ ايم.اي ۽ ايل. ايل. بي ڪيائين.سيد تهذيب الاسلام 1957ع کان وٺي سنڌي صحافت ڏانهن راغب ٿيو. انهيءَ سال هن صاحب ٻارن لاءِ ماهوار “تهذيب” رسالو ڪڍيو. ان کان پوءِ 1970ع ۾ روزانه “سارنگ” جيڪب آباد جو سب ايڊيٽر ٿيو. 1974ع ۾ هن صاحب “نوائي سنڌ” هفتيوار ڪڍي، ۽ هن وقت تائين پاڻ انهيءَ جو مئنيجگ ايڊيٽر آهي.

ٽڪلو بي. اي : قلب علي ولد امام ڏنو خواجه 23، نومبر 1926ع تي تلهار ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتائين. مئٽرڪ تائين ٽنڊي باگي جي “مير غلام محمد هاءِ اسڪول” ۾ پڙهيو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين.قلب علي ڪجهه وقت “گورنمينٽ ٽرانسپورٽ سروس”۾ ملازمت ڪئي، هن وقت واپار ڪري ٿو.قلب علي کي شعرو شاعري جو شغف اسڪولي زماني کان هيو، هن وقت “خواجا قلب” جي تخلص سان شاعري ڪري ٿو. کيس طنزيه شاعريءَ ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. هن ڪيترو وقت “ٽڪلو بي. اي” جي فرضي نالي سان شاعري ڪئي، جا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي.هن صاحب هندن جي لڏپلاڻ بعد سنڌي رسالن جي کوٽ کي محسوس ڪندي ورهاڱي کان ڪجهه وقت پوءِ عنايت الله عباسيءَ سان گڏجي حيدرآباد مان سنڌي ماهوار “فنڪار“ رسالو جاري ڪيو.

پٿر سنڌي: محمد قاسم عرف پٿر سنڌي ولد عبدالرحيم ميمڻ جنوري 1940ع ۾ ڳوٺ ڪاٺوڙا، تعلقي ٽنڊو محمد خان ۾ ڄائو. اڄ ڪلهه ميرپور  بٺورو ۾ رهي ٿو. بي- اي تائين تعليم حاصل ڪيل اٿس ۽ سياسي فڪر جي لحاظ کان رسول بخش پليجي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو اٿس. پٿر سنڌي 1973 ۾ “تحريڪ” رسالي جو ايڊيٽر ٿيو. سندس ترتيب ڏنل ڪتابن مان “ساڻيهه” (سنڙي) ۽ “ادب ڪي نام” (لاڙو) ذڪر ڪرڻ لائق آهن.

پير الاهي بخش: پير الاهي بخش ولد پير نواز علي شاهه 1897ع ڌاري پيرجو ڳوٺ، ضلعي دادو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڀانن جي پرائمري اسڪول مان ورتائين. پوءِ “خيرپور ميرس هاءِ اسڪول” ۾ انگريزي تعليم وٺي، 1919ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين ان کان پوءِ اعليٰ تعليم اڌوري ڇڏي آيو. جڏهن “خلافت تحريڪ” جهڪي ٿي ته 1929ع ۾ علي ڳڙهه مان ايم.اي.، ايل.ايل. بي ڪري آيو. فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ اچي وڪالت ڪيائين ۽ سياست ۾ بهرو ورتائين. شاهه صاحب پهريون دفعو 1937ع ۾ “اتحاد پارٽي” جي آڌار تي “سنڌ اسيمبلي” جو ايوان ۽ وزارت جو قلمدان ماڻيو، ۽ پوءِ اڪثر ڪري “مسلم ليگ” جي خدمت ڪيائين، جنهن جي ضلعي ۾ به کيس وزارتون مليون. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ، 1948ع ۾شاهه صاحب مرڪزي سرڪار طرفان سنڌ جو وڏو وزير ٿيو، ۽ انهي جي معاوضي ۾  هن ڪراچي کي مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1949ع ۾ کيس ميمبري کان ڊسڪواليفاءِ ٿيڻ سبب ساڳي ڪرسي ڇڏڻي پئي.

پير علي محمد شاهه: پير علي محمد شاهه ولد پير محمد حامد شاهه راشدي 5، آگسٽ 1905ع تي ڄائو. سنڌي، عربي ۽ فارسي ۽ انگريزي جي محض ابتدائي تعليم ورتائين، جنهن کان پوءِ محنت ۽ مطالعي سان انهن ٻولين کانسواءِ اڙدو ۾ مهارت حاصل ڪيائين.شاهه صاحب 1926ع ۾ “سنڌي محمد ائسوسيئشن” ۾ داخل ٿيڻ سان سياست جي ميدان ۾ آيو، ۽ اڳتي هلي پنهنجي دور جي ناميارين تحريڪن ۾ حصو ورتائين. ڪجهه وقت کان پوءِ “انجمن سادات راشديه” قائم ڪيائين. 1933ع کان 1936ع تائين“ضلعي لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي”جوميمبر ٿيو. 1934ع ۾ جڏهن “پيپلس پارٽي” ۽ 1936ع ۾ “اتحاد پارٽي” ٺاهيون ويون، ته هن انهن ۾ باني ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪيو. انهيءَ کان پوءِ “مسلم ليگ” جي پليٽ فارم تان پنهنجا سياسي جوهر ڏيکاريائين پاڻ ڪيترو وقت “سنڌ اسيمبلي” ۽ “سنڌ سرڪار وزارت” جو ميمبر به ٿي رهيو. 1955ع ۾ سندس ئي ڪوششن سان سنڌ کي “ون يونٽ” جو ٺهراءُ مڃڻو پيو. انهيءَ ئي خدمت جي معاوضي طور کيس 1956ع ۾ پاڪستان جي مرڪزي حڪومت ۾ وزير جي حيثيت سان کنيو ويو. 1957ع کان 1963ع تائين مختلف ملڪن ۾ پاڪستان سرڪار جو سفير ٿي رهيو. “پيپلز پارٽي” جي حڪومت دوران ڪيترو وقت پاڪستان سرڪار جو نشرو اشاعت جي معاملن ۾ صلاحڪار به ٿي رهيو. پير علي محمد شاهه 1924ع ۾ “سنڌ نيوز” اخبار جو نامه نگار ٿي، صحافي زندگيءَ ۾ پير پاتو. 1926ع ۾ “الحزب” (شڪارپور) مان ايدٽ ڪيائين. 1928ع ۾ لاڙڪاڻي مان “الراشد” اخبار جاري ڪيائين. انهي کان اڳ 1925ع کان 1928ع تائين “الامين” (سکر) جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. 1929ع ۾ “سنڌ زميندار” (سکر) جو ايڊيٽر ٿيو. 1934ع ۾ سکر مان “ستاره سنڌ” اخبار جاري ڪيائين، هئي اخبار 1937ع تائين نڪرندي رهي. 1936ع ۾“صبح سنڌ” جاري ڪيائين، ان کان پوءِ 1940ع کان انگريزي ۾“مسلم وائيس” نالي هفتيوار اخبار، پهرين سکر مان پوءِ ڪراچيءَ مان، ڪڍڻ شروع ڪيائين. هيءَ اخبار 1946ع تائين هلي. 1945ع ۾ پس پردهه “قرباني” (ڪراچي) جو ايڊيٽر به.ئي رهيو. هن ئي اخبار ۾ سندس ڪتاب “فرياد سنڌ” اول مضمونن جي صورت ۾ هن ئي اخبار ۾ شايع ٿيو. هيءَ اخبار 1947ع ۾ کهڙي صاحب جي وزارت دوران بند ٿي. 1948ع کان 1949ع تائين “سنڌ آبرزور” جو ايڊيٽر ٿي رهيو. 1952ع ۾ هفتيوار “اسٽيٽسمين” ڪڍڻ شروع ڪيائين. راشدي صاحب ڪجهه وقت لاءِ پاڪستان نيوز پيپرس ائسوسيئشن جو پريزيڊنٽ به ٿي رهيو آهي.علي محمد شاهه راشدي صاحب کي سنڌي ٻوليءَ جي عمدن اديبن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.پاڻ 1940ع کان 1958ع تائين “سنڌي ادبي بورڊ” جو ميمبر به رهي چڪو آهي. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.  ”فرياد سنڌ“ (سياست)، “اُهي ڏينهن اُهي شينهن” (يادگيريون)، “جاگيرداريءَ جو خاتمو” (سياست)، سنڌ جي نئين وزارت (روينيو ۽ صحت کاتن جي ڪار گذاري) “روينيو کاتي متعلق پبلڪ ۽ عملدارن کي چتاءُ” (انتظامي چتاءُ نامو)، “ٻوڏن جا امدادي مسئلا”، “سنڌ، سندس مقصد، متا ۽ اصول” (شخصيات)، ۽ ورزنامه “جنگ” (اردو) ۽ “عبرت” (سنڌي) ۾ ڪيترائي فيچر.

پير مظهرالدين: پير مظهرالدين ولد پير حاجي هدايت الله شاهه راشدي جي ولادت درگاهه ٺلهه لڳ اسٽيشن باقراڻي روڊ ۾ ٿي. پنهنجي والد جي خدمت ۾ رهي علم حاصل ڪيائين. پير مظهرالدين شاهه انگريزي ۽ يوناني طب جو ماهر هو. سندس در تي هميشه مريضن جا ميڙ لڳا پيا هوندا هئا. پير صاحب کي پيريءَ مريديءَ، حڪمت ۽ طب کان سواءِ علم ادب سان به شغف هوندو هو. سنڌي ۽ فارسي ۾ ڪيترائي ڪلام چيائين. هن صاحب ٺلهه شريف ۾ هڪ ليٽر ڇاپخان و به قائم ڪيو هو، جنهن مان “هدايت الاخوان” نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيائين، جيڪو هڪ سال هلي بند ٿي ويو. پاڻ ڪيترائي سنڌي، فارسي ۽ عربي ۾ ڪتاب لکيائين. جيڪي اڪثر ڪري طبي ۽ مذهبي نوعيت جا آهن.سندس تصنيفات جو وچور هن ريت ٿئي ٿو: “تڪويز العمامته علي ان القانسوه لايکره فيها الاقتداء والا مامته”، “الفوائد الجمته في احڪام العمامته،” “القواعه المهمته للفواء الجمته”، “تحريرات مباحثه قراءت قرآن جهر درجماعت”، تحصيل الاصحته عن السقامته بماجاء في الفصد والحجامته”، افعام الا فعم تبائيد ابراء المتهم”، تحقيق الخبرفي صلاه الجنازه علي القبر”، “هجربات مظهريته يوناني”، “رساله درفن ڪيما” ۽“سنڌي ڪافين جو ڪتاب“. پير صاحب ٻائيتاليهه سالن جي ڄمار ۾ اربعه ڏينهن 22 ربيع الثاني 1318هه تي وفات ڪئي.

پير حسام الدين شاهه: پير سيد حسام الدين شاهه ولد سيد محمد حامد شاهه راشدي، 20، سيپٽمبر، 1911ع تي نصرت اسٽيشن جي ڀر ۾ راشدي پيرن جي ڳوٺ ۾ ڄائو. سنڌ جي هن محقق ۽ مورخ ابتدائي تعليم مولوي محمد سومار ڊکڻ کان ورتي، ان کان پوءِ مولوي محمد الياس پنهور ۽ مولوي سيد علي شاهه لڪياري کان درس وتائين. انهن جملي استادن وٽ چار درجا سنڌي ۽ سڪندر نامه تائين فارسي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انگريزي خانگي تعليم نصرت ريلوي اسٽيشن جي ريلوي ماسٽر کان ورتائين. پير حسام الدين شاهه راشدي ايران، پاڪستان ۽ ڀارت جو هڪ ڄاتل سڃاتل ۽ مڃيل محقق آهي. پاڻ ڪيترن ئي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن جو ميمبر وائيس چئيرمين ٿي ڪم ڪيائين، ۽ سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جو قدر ڪندي ايران ۽ پاڪستان جي اڳوڻين حڪومتن کيس ڪيترائي تمخا ڏنا. شاهه صاحب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سفر به ڪيو. سنڌي صحافت جي تاريخ ۾  شاهه صاحب جي خدمتن کي هميشه جوڳي جاءِ ڏني ويندي، شاهه صاحب 1926ع ۾ “جاڳڻ” جي نامه نگار جي حيثيت سان صحافت جي دنيا ۾ قديم رکيو. ان کان پوءِ 1929ع ۾ “المنار” جو ايڊيٽر ٿي رهيو. 1930ع کان 1934ع تائين “سنڌ زميندار” جو ايڊيٽر ٿي رهيو ان کان پوءِ 1934ع کان وٺي 1937ع تائين “ستاره سنڌ” جو ايڊيٽر ٿي رهيو. شاهه صاحب ڪيترين ئي اخبارن ۾ پيش پردي به ڪم ڪيو، جن ۾ “الوحيد” ۽ “قرباني” جا نالا قابل ذڪر آهن، ان کان سواءِ 1957ع ۾“مهراڻ” رسالي جا هڪ سال ايڊيٽر به ٿي رهيا. شاهه صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا، ترجمون ڪيا ۽ ترتيب ڏنا، انهن جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو.

اسلامي ڪتب خانه (تاريخ 1939)، ”مهراڻ جون موجون” (متفرقه- 1956)، “چنيسر نامه” (ايڊٽ ڪيل تاريخ- 1956)، “مقالات الشعراء” (ايڊٽ ڪيل شاعري-1957)، “تذڪره تڪلمه مقالات الشعراء” (ايڊٽ ڪيل شاعري-1958)، “تذڪره امير خاني” (تاريخ-1961)، “مثنويات وقصائد قانع” (مقدمو-1961)، “تاريخ مظهر شاهجهاني“ (ايڊٽ ڪيل تاريخ-1962)، “هشت بهشت” (مقدمو شاعري-1963)، “منشور الوحيت و دستور الحڪمت” (ايڊٽ ڪيل تاريخ-1964)، “مڪلي نامه” (ايڊٽ ڪيل(1964)، “سماجي اڀياس” (1967)، “حديقته الاولياء” (ايڊٽ ڪيل تاري- 1967)، “تذڪره روضته السلاطين” “جواهر العجائب” (ايڊٽ ڪيل تاريخ -1968)، ” “ميرزا غازي بيگ ترخان اور اسکي بزم ارب” (علم ادب-1970)، “تحفه الڪرم”(ايڊٽ ڪٽيل تاريخ- 1971)، “سنڌي زبان جي بنيادي لغت” (ايڊٽ ڪيل لسانيات-1973)، “سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت” (ايڊٽ ڪيل لسانيات-1973)، “سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي لغت” (ايڊٽ ڪيل-1973)، “سنڌي ادب” (تاريخ)، “شعر وادي ڪشمير” ( تنقيد)، “انارڪلي” (ڪهاڻي)، “ماڪ پنا رابيل” (ترتيب متفرق)، “هوڏو ٿي هو ڏينهن” (يادگيريون)، ۽ “ڳالهيون ڳوٺ ورن جون” (1981) سندس وفات 1، اپريل 1982ع تي ٿي

جمع خان غريب: سندس ولادت 15، جنوري 1885ع تي ڳوٺ مريد خان لاکير تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ ٿي. تعليم وٺڻ کان پوءِ استاد ٿيو. پاڻ 1940ع ۾ پينشن ورتائين. ”غريب“ سنڌ جي مشهور شاعرن مان ٿي گذريو آهي. مرحوم “بلبل” جي شخصيت صحبت ۽ علمي ادب ڏانهن راغب ڪيو “گل نو بهار” سندس ڪلام جو معياري انتخاب آهي، جو ڪيترو وقت درسي ڪتاب طور هاءِ اسڪولن ۾ پڙهايو ويو. سندس ٻيو ڪتاب آهي “رسومات تباهي” جو 1948 ۾ شايع ٿيو. پاڻ ڪيترو وقت “اديب سنڌ” جو ايڊيٽر، “مسلمان” جو ميرمعاون ۽ رسالي“طالب الموليٰ” سيتا روڊ جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس وفات 7، آگسٽ 1953ع تي ٿي.

حافظ خيرمحمد اوحدي: حافظ خيرمحمد ولد محمد ابراهيم انصاري 29، مارچ 1911ع تي شڪارپور ۾ ڄائو،  ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائين. ان کان پوءِ مختلف مدرسن جا در کڙڪايائين، ليڪن فارغ التحصيل ٿي نه سگهيو. حافظ خير محمد “اوحدي” 1932ع ۾ سنڌي صحافت جي دنيا ۾ آيو. پهريائين هفتيوار “الحنيف” ايڊيٽ ڪيائين. کيس يارهن اخبارن ۾ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. انهن اخبارن ۾ “اصلاح” (ڪراچي)، “قرباني” (ڪراچي)، “ڪارون” (حيدرآباد)، جهڙين روزانه اخبارن ۽ “نعره تڪبير”، “انقلاب”، “اطلاع”، “ايڪتا”، “سنڌ زميندار”، ۽ “مسلم ليگ” هفتيوار اخبارن جا نالا قابل ذڪر آهن. حافظ خيرمحمد “اوحدي” سنڌي ۽ فارسي، ۾ شاعري به ڪندو آهي.وفات 28 جنوري 1982ع

حاجي محمود هالائي: حاجي محمود ولد حاجي محمد اسحاق ميمڻ 8، مارچ 1908ع تي هالا نوان، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتائين. عربي۽ فارسي خانگي مدرسن ۾ پڙهيو،  پنهنجي مطالعي ۽ ذاتي شوق سان ڪي قدر هندي ۽ انگريزيءَ جي ڄاڻ به حاصل ڪئي اٿس. سنڌ جي هن بزرگ صحافي 1927ع ۾ هفتيوار “الحنيف” (شڪارپور) ۾ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ صحافي جي ميدان ۾ قدم رکيو. ڇهه مهينا کن  هن اخبار سان وابسته رهيو،  ان کان پوءِ جيڪب آباد مان “سنڌ گزيٽ” نالي هفتيوار اخبار ڪڍيائين جنهن جو پاڻ ايڊيٽر ٿيو. هي اخبار به ڇهه مهينا هلي بند ٿي وئي 1928ع جي آغاز ۾ هالائي صاحب “الوحيد” (ڪراچي) ۾ ست مهينا کن ڪمينٽري تي ڪم ڪيو. ان کان پوءِ ساڳي ئي سال ميرپورخاص مان ماهوار “غالب” رسالو ڪڍيائين هي رسالو ٽي سال کن هليو. 1928ع ۾ اٺ مهينا کن گڏو گڏ “مسلمان” (ميرپورخاص) جو انچارج به ٿي رهيو. 1930ع ۾ جڏهن مهاتما گانڌي لوڻ جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ تحريڪن جو آغاز ٿيو ته هي صاحب صحافت ڇڏي سياست جي ميدان ۾ ٽپي پيو، ۽ وقت جي تريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتائين.1931ع ۾ کيس عمرڪوٽ ۾ بغاوتي تقرير ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٻارنهن مهينا ٽيپ ڏني وئي، پر جڏهن گانڌي، ارون شاهه ٿيو ته کيس به آزاد ڪيو ويو. 1932ع واري “سول نافرمانيءَ واري تحريڪ” دوران کيس ٽي مهينا جيل ۾ بند رکيو ويو. 1932ع جي آگسٽ مهيني ۾ “آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي” جي “وار ڪائونسل” هن کي سترهون نمبر ڊڪٽيٽر مقرر ڪيو. ان ڪري هن سامراجي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن ته کيس ٻه سال ٽيپ ڏني وئي جنهن مان مارچ 1934ع ۾آزاد ٿيو. ڪانگريس پارٽيءَ کان سواءِ هن صاحب “خاڪسار تحريڪ” ۽ “مسلم ليگ” ۾  به  ڪم ڪيو، ۽ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. 1935ع کان وري هن صحافت جو ميدان آباد ڪيو، تنهن سال هالا مان هفتيوار “همدرد” جاري ڪئي، جيڪا 1942ع مان وري اچي ميرپورخاص مان ڪڍڻ لڳو. هي اخبار لڳاتار نڪرندي رهي ٿي، ۽ پاڻ ان جو ايڊيٽر آهي.

حڪيم محمد يعقوب: حڪيم حافظ محمد يعقوب ولد حڪيم محمد قاسم قادري سمون 1899ع ۾ ڪڇ ۾ ڄائو. پنهنجي والد وٽان قرآن شريف جو حفظ ڪيائون ۽ قرآت به سکيائين. باقي سنڌي فائينل تائين “سنڌ مدرسته اسلام” ۾ پڙهيو. انهيءَ معمولي تعليم باوجود به اردو، گجراتي ۽ انگريزي ٻوليون ڳالهائي، لکي ۽ پڙهي سگهندو هو. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم “مدرسته دارالرستار” پير جهنڊو مان ورتائين. محمد يعقوب حڪمت پنهنجي ڀاءُ علي محمد قادريءَ وٽان سکيو، ان کان پوءِ “طبي ڪاليج ڪراچي” مان حڪمت جو امتحان به پاس ڪيائين. حڪيم صاحب 1934ع ۾ ڪراچيءَ مان هفتيوار “سفر سنڌ” اخبار جاري ڪئي، ان کان پوءِ 1960ع ۾ ساڳي هنڌ تان ماهوار طبي رسالو “پيغام زندگي” به ڪڍيائين. پاڻ سٺو مضمون نگار هو. سندس مضمون وقت جي مشهور اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا هئا. علم ادب سان موروثي شغف هين. 1955ع ۾ کين “بزم نظامي” جي وائيس پريزيڊنٽ ٿيڻ جو به موقعو مليو. 1954ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سڏايل ادبي ڪانفرنس ۾ ڀرپور حصو ورتائين. سندس وفات 15، جولاءِ 1972ع تي ٿي

حڪيم رحمت الله: حڪيم رحمت الله ولد حڪيم عبدالعزيز آخوند 19، جنوري 1951ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم دادو مان ورتائين. “سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ايم. اي. جي ڊگري، ۽ “جي. يو. ايم. ايس. اعظم طبيه ڪاليج”، لاهور مان فاضل طب وجراح جي سند حاصل ڪيل اٿس. حڪيم رحمت الله هفتيوار “آواز سنڌ” (دادو) جي ايڊيٽر ٿيڻ سان صحافت ۾ قدم رکيو. هن اخبار ۾  بلڪل معمولي وقت ڪم ڪيائين، ان کان پوءِ سندس والد جي نگرانيءَ ۾  جڏهن فيبروري 1972ع ۾ ماهوار “روشن طب” (دادو) رسالو جاري ٿيو ته هي صاحب ان جو ايڊيٽر ٿيو.ماهوار “روشن طب” هڪ طبي ۽ ادبي رسالو هو، جيڪو هڪ ئي وقت سنڌي ۽ اردو زبانن ۾ شايع ٿيندو هو.هن وقت حڪيم صاحب پنهنجي حڪمت کان سواءِ ڪجهه اخبارن جي نمائندگي به ڪري رهيو آهي.

حسين بخش ٽالپر: حڪيم حسين بخش “حبدار” 31، آڪٽوبر 1942ع تي ڳوٺ مهر علي خان ٽالپر اڳڙا، تعلقي گمبٽ ۾ ڄائو. اڳڙا، گمبٽ ۽ طبيه ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهيو. سنڌيءَ ۾ اديب فاضل، انگريزيءَ ۾ مئٽرڪ ۽ اردو ۾ فائينل پاس ڪرڻ کان سواءِ ڊي. يو. ايم. ايس به ڪيو اٿس.حسين بخش ٽالپر صاحب ڪيترو وقت طبيه ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار به ٿي رهيو. 1960ع کان وٺي صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو اٿس. سنڌ جي مشهور اخبارن جو اسٽاف رپوٽر، نيوز ايڊيٽر ۽ نمائدو ٿي رهيو آهي. ان کان سواءِ هفتيوار “شمشير سنڌ” (سکر)، هفتيوار “هلال پاڪستان” (حيدرآباد)، هفتيوار “نجات” (گمبٽ) ۽ هفتيوار “آزادي” گمبٽ جو ايڊيٽر به ٿي رهيو، هن وقت مئي 1973ع کان وٺي “مظلوم” (گمبٽ) جو ايڊيٽر آهي.حسين بخش صاحب نه رڳو صحافي ۽ ايڊيٽر آهي، بلڪ علم ادب سان انسيت ۽ پورهيتن جو پيار به سندس شخصيت جو لازمي جزا آهن. “حبدار” جي تخلص سان شاعرن ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن وقت “مديران جرائو سنڌ” جو پريس سيڪريٽري، “پريس ڪلب”  “گمبٽ جو پريس سيڪريٽري ۽ انجمن آبادگار” تعلقي گمبٽ جو سيڪريٽري جنرل آهي. ان سان گڏ اسٽيٽ لائيف ۾ سيلزآفيسر طور ڪم به ڪري رهيو آهي.

حميد سنڌي: عبدالمحيد ولد محمد اسماعيل ميمڻ 12، آڪٽوبر 1939ع تي نوشهرو فيروز ۾ ڄائو.  جئين ته سندس والد سرڪاري ملازمت ۾ هو، ان ڪري کيس پنهنجي تعليم سنڌ جي مختلف ادارن مان وٺڻي پئي. بي. اي. (آنرز)، ايم. اي جون ڊگريون ورتل اٿس.حميد سنڌي پنهنجي ملازمت جو آغاز “ڪراچيءَ مرچنٽ بينڪ” ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ سان ڪيو.  ڪجهه وقت حيدرآباد جي “ڪامرس بينڪ” ۾ به ملازمت ڪيائين. پاڻ ڪيترو وقت “سنڌ يونيورسٽي” ۾ امتحانن جي شعبي جو ائڊشينل ڪنٽرولر ٿي رهيو.  1976ع ۾ کيس“ڊائريڪٽر آف ڪاليج ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن مقرر ڪيو ويو. ليڪن 1977ع ۾ وري کيس “سنڌ يونيورسٽي” موٽڻو پيو، جتي “سنڌ الاجي” جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. اڄ ڪلهه “پبلڪ اسڪول” لطيف آباد جو پرسنپال آهي. حميد سنڌي 1960ع ۾ حيدرآباد مان ماهوار “روح رهاڻ” رسالو جاري ڪيو، جيڪو لڳاتار 1969ع کان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪندو رهيو.سندس لکيل ڪتابن مان “سيمي” (ڪهاڻيون-1958) ۽ “اداس واديون” (ڪهاڻيون 1965) ذڪر ڪرڻ لائق آهن.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سنه 1300 ۾ سيوهڻ جي هڪ علمي خاندان ۾  پيدا ٿيو. سندس والد غلام محي الدين هڪ عالم، فاضل ۽ ناميارو طبيب هو. پاڻ سيوهڻ جي مولوي محمد عمر چنه، شاه پنجي جي مولانا عطا الله، بوبڪ جي مولانا عبدالرئوف بختيارپوريءَ ۽ سيتا جي مولانا محمد صديق کان علم جي تحصيل ڪيائين.فارغ التحصيل ٿيڻ بعد پنهنجي ڳوٺ ۾ “طب” جو اباڻي ڌنڌو اختيار ڪيائين، ان کان پوءِ نوشهرو فيروز جي مدرسيءَ جو استاد مقرر ٿيو.1906ع ۾ “سنڌ مدرسته الاسلام” ڪراچي ۾ پارسيءَ ۽ عربيءِ، جو استاد ٿيو. ستت ئي پوءِ ڪراچيءَ ۾ جڏهن پبلگ پئي ته پاڻ سيوهڻ موٽي آيو. 1908ع ڌاري پنهنجي ڀاءُ عبدالقيوم سان گڏ طبابت جو ڌنڌو شروع ڪيائين. 1910ع ۾ ڪراچي اچي پنهنجي “طب” جي ڌنڌي سان لڳو، ۽ وفات تائين اتي ئي رهيو. سندس وفات 1942ع ۾ ٿي.حڪيم صاحب زبردست عالم ۽ شاعر هئڻ سان گڏ هڪ اعليٰ صحافي ۽ سياستدان هو. پاڻ ڪيترو وقت “ڪانگريس”، “خلافت” ۽ “جمعت العماءَ” جهڙين پارٽين سان وابسته رهيو. حڪيم صاحب شروعات ۾ “الجامع” رسالو ۽ پوءِ “اصلاح” هفتيوار اخبار جاري ڪيا. کيس شعرو شاعريءَ جو شوق ٻالپڻي کان وٺي هوندو هو. شاعريءَ ۾ پهريائين “صغير” ۽ پوءِ “حڪيم” جو تخلص اختيار ڪيائين.حڪيم صاحب جي تصانيف جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.

(1)             ڪمال ۽ زوال” (ترجمو)، (2) حيات النبي”، (3) داستان قوم “عرف حليمان”، (4) “فتح محمدي”، (5) “خدا هڪڙو آهي” (6) “قرآن پاڪ جي تعليم” (7) “تنوير الآسمان”، (8) “اخلاق محمدي” (9)“احوال لعل شهباز” (10) “ميرن جا حاجي” (11) “ابو الفضل ۽ فيضي”، (12)“ آفتاب ادب” (13) “بهار اخلاق” (14) “دل ۾ گهاءُ ڪندڙ مناجات”، (15) اسلام ۽ ديني درسي ڪتاب.

خير محمد طيباڻي: خير محمد ولد ممتاز علي طيباڻي 1920ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. فائينل تائين تعليم حاصل ڪئي اٿس. هي صاحب 1956ع ۾ هفتيوار “جذبات” جو ايڊيٽر ٿيو. هن وقت پنهنجو ڌنڌو ڪندو آهي.

ڊاڪٽر دائود پوٽه: عمر ولد محمد دائود پوٽو 1، جون 1897 تي ٽلٽيءَ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ۽ انگريزي جا چار درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهيو. ان کان پوءِ “لاڙڪاڻي مدرسه”، “نوشهروفيروزمدرسه” ۽ “سنڌ مدرسته الااسلام“ ۾ پڙهيو. 1917ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين.هن صاحب 1923ع ۾ ايم.اي ڪئي، ۽ ان کان هڪ سال پوءِ ڊاڪٽري ڪرڻ لاءِ ولايت ويو.  واپسيءَ تي 1927ع ۾ “سنڌ مدرسته السلام” جو پرنسپال مقرر ٿيو. ٽن سالن کان پوءِ بمبئي جي “اسماعيل يوسف ڪاليج” انڌيريءَ ۾ عربي جو پروفيسر مقرر ٿيو. 1939ع ۾ کيس سنڌ جو ڊائريڪٽر آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن مقرر ڪيو ويو. 1950ع کان 1956ع تائين “اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن” جو ميمبر ٿيو. سندس وفات 22، نومبر 1958ع تي ٿي. ڊاڪٽر صاحب سنڌيءَ کان سواءِ انگريزي، عربي، فارسي، فرينچ، جرمن، اسپينش ۽ ليٽن ٻولين جو ماهر هو. “سنڌي ادبي بورڊ” جي بانيت مان هڪ پاڻ به هو. پاڻ 1957ع ۾ انهي بورڊ طرفان نڪرندڙ رسالي “مهراڻ” جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جو قدر ڪندي کيس “شمس العلماءُ” جو لقب ڏنو ويو. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو: “طبيات سعدي” (انگريزي ترجمو-1923) ، “مرشد المبتري” (عربي-سنڌي-31-1929)، “سرها گل” (شاعري ترتيب-1932)، “روائج بوستان” (انتخاب ۽ ترجمو انگريزي-1934)، “سياست نامو نظام الملڪ طويسي” (1934(، “نغمات حافظ” (انگريزي ترجمو-1934)، عيار دانش ابوالفضل” (1934)، “انتخاب نشر ۽ نظم” (پارس-1936)، “مجموعته النشرو نظم” (عربي-1936)، “بيان العارفين” (سنڌي-1936)، “منهاج العاشقين” (سنڌي-1937)، “عربي شاعرن جو فارسي شاعري تي اثر” (انگريزي-1937)، “عام تعليم جي جاچ پڙتال” (انگريزي-1937)، “قطعات ابن يمين” (انگريزي-1938)، “سفرنامه ناصر خسرو” (پارٽي-1938)، “تاريخ معصومي” (ترتيب-1938)، “حافظ ۽ عارف جو انتخاب” (انگريزي-1938)، “چچنامو” (ترتيب-1939)، “ابيات سنڌي” (سنڌي-1939)، “حصرت الصفهاڻي” (انگريزي-1939)، “سنڌي نثر ۽ نظم جو انتخاب” (1940)، “سنڌي نظم” (1944)، سنڌي چونڊ نشر ۽ نظم” (1948)، “مراب القراعت العربيه” (عربي-1950)، “آغا فارسي” (1951)، “درس عربيه” (1953)، “ڪلام گروهڙي” (1957)، ۽ “منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي” (1959)  ڊاڪٽر صاحب جا ڪجهه ڪتاب اڃا ڇپيا به نه آهن. انهن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“شاهه جو رسالو”، “ينابيع الحيات الابديه” “ڪتاب النجات”، “مقدمه ابن فدون”، “عربي ادب ۽ تمدن اسپين ۾”، “مين عيسيٰ جو ڪلام”، “مرشد المبتدي“. مرحوم ڊاڪٽر صاحب جا مقالا ۽ مضمون هن وقت ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

دوست علي: دوست علي ولد نور محمد جيسر 15، آگسٽ 1956ع ۾ ڳوٺ لليا، تعلقي موري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتائين، ۽ مئٽرڪ “ڊي.سي. هاءِ اسڪول” مورو مان پاس ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ لڏي اچي دادو ۾ آباد ٿيو. هن صاحب هتان جي “گورنمينٽ ڪاليج” مان بي.اي. ڪئي ان بعد اقتصاديات ۾ ا يم.اي. جي ڊگري باقي گهر ويٺي پڙهي حاصل ڪيائين.دوست علي جيسر کي صحافت سان لگن پنهنجي ورثي مان ملي، سندس والد به ڪيترو وقت “هلال پاڪستان” (ڪراچي) جو نمائدو آهي، ۽ 1974 کان وٺي 1977 تائين هفتيوار ،محافظ سنڌ” (دادو) جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي.

دوست علي ڀٽي: دوست علي ڀٽي محمد عثمان ڀٽي 16، فيبروري 1948 ع تي ٽنڊو الهيار ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڪنڊي وسيءَ جي پرائمري اسڪول مان ورتي. ان کان پوءِ “ميونسپل هاءِ اسڪول” ٽنڊو الهيار مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. اعليٰ تعليم“ايس. ايم ڪاليج” ٽنڊو الهيار ۽ “شاهه لطيف ڪاليج” ميرپورخاص مان ورتائين. بي.اي تائين تعليم حاصل ڪئي اٿس.دوست علي ڀٽي 1964 کان وٺي صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو. ڪجهه وقت لاءِ روزانه “مهراڻ” جو نمائندو ٿي رهيو ان کان پوءِ “عبرت” جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر ٿيو. هن صاحب ملازمت حاصل ڪرڻ کان اڳ ميرپورخاص مان هفتيوار “پيغام سنڌ” اخبار جاري ڪئي. جنهن ڪجهه وقت تائين سنڌي جي صحافت جي خدمت ڪئي. ان کان سواءِ هن ٽنڊي الهيار ۾ “اداره انصاف ادب” جي نالي سان ادارو قائم ڪيو، جنهن طرفان “ٽيڏي دنيا” ۽ “گهر ڦر” ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيا.

رشيد ڀٽي: ڀٽي: عبدالرشيد ولد حافظ عبدالمجيد ڀٽي 6، جولاءِ 1933 تي سکر ۾ ڄائو، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. بي- اي، ايل، ايل، بي ڪرڻ کان پوءِ هن وقت سکر ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي. رشيد ڀٽي 1950 ع کان وٺي سنڌي علم ادب ۽ قومي تحريڪن جي دنيا ۾ حصو ورتو. پاڻ “سنڌي ادبي سنگت” جو سرگرم ڪارڪن آهي. هي صاحب شاعر سان گڏ افسانه نگار، مضمون نگار، ۽ ناولنويس به پڻ آهي. پاڻ ڪيترو وقت صحافت سان به وابسته رهيو. رشيد ڀٽي “الوحيد” (ڪراچي) ۽ “نئين سنڌ” ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ کانپوءِ “هلال پاڪستان” سکر جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. هن ڪيترو وقت “هلال پاڪستان” (ڪراچي) ۽ “برسات” (ڪراچي) ۾ مستقل ڪالم به لکيو. رشيد ڀٽي جي لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو. “گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ” (ڪهاڻيون 1963)، “ دنيا جا عظيم افسانه” (ترجمو 1966)، “آڏو يال ۾ ڍار” (شاعري 1966) “عاشق زهر پياڪ” (ناٽڪ 1968)، “پاپ ۽ پيڙا” (ناول) “سياري جي رات” (ڪهاڻي)، “باغي” (ترجمو ناول)، “چتر ليکا” (ناول) “رياست ۽ آزادي” (ترجمو سياست).

رسول بخش پليجو: رسول بخش ولد علي محمد پليجو 20، جنوري 1930 تي جنگ شاهي ۾ ڄائو، “سنڌ مدرسته الاسلام” مان مئٽرڪ ڪيائين، ۽ ڪراچي ۾ ئي وڪالت جي ڊگري وٺڻ تائين پڙهيو.رسول بخش سنڌ جي ناميارن سياستدانن مان هڪ آهي، هن صاحب پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز “مسلم ليگ” جي پليٽ فارم کان ڪيو. ڪجهه وقت “نيشنل عوامي پارٽي” ۾ به رهيو، پر هاڻي پاڻ “عوامي تحريڪ” جو باني ۽ اڳواڻ آهي. هي صاحب سياستدان کان سواءِ مشهور وڪيل، بهترين نقاد ۽ ڪهاڻيڪار به آهي. هن صاحب پنهنجي سياسي فڪر کي مقبول بنائڻ لاءِ “تحريڪ” رسالو ڪڍيو، جنهن سالن جا سال سنڌي عوام جي سياسي خدمت ڪئي. سندس لکيل ڪتابن مان “انڌا اونڌا ويڄ” (تنقيد-1961، “مائوزي تنگ” (شخصيات-1972)، “هوچي منهنجي آتم ڪهاڻي” (شخصيات-1972)، “جيڪي بنگال سان ٿيو” (سياست-1973)، “صبح ٿيندو” (سياسيات-1974)، “انقلابي قومي جدو جهد ۾ ادب ۽ فن جي اهميت” (ترجمو-1974)،

رسول بخش: رسول بخش ولد واحد بخش خان شيخ 1، جنوري 1925ع تي جيڪب آباد شهر ۾ ڄائو. تعليم “ميونسپل هاءِ اسڪول” جيڪب آباد مان ورتائين.رسول بخش شيخ صاحب 1948ع ۾ “الوحيد” جي نمائندي جي حيثيت ۾ صحافت سان وابستگي اختيار ڪئي. ڪجهه وقت لاءِ “خادم وطن” جو نمائدو به ٿي رهيو. هن صاحب 1950ع ۾ هفتيوار “صداقت” (جيڪب آباد) جاري ڪئي، جا اڄ ڏينهن تائين نڪرندي رهي ٿي. شيخ صاحب “صداقت” جي ايڊيٽر کان سواءِ “مهراڻ” (حيدرآباد)  جو جيڪب آباد ضلعي لاءِ نمائدو، ۽ “صوبائي پريس جي صلاحڪار ڪميٽي” جو ميمبر پڻ آهي.

رئيس ضياء الدين: رئيس ضياء الدين “ضيا” ولد شمس الدين “بلبل” 15 ڊسمبرع تي ميهڙ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين ۽ مئٽرڪ “گورنمينٽ هاءِ اسڪول” لاڙڪاڻي مان ڪيائين. 1938ع ۾ علي ڳڙهه مان ايم. اي. ايل.ايل. بي ڪيائين.رئيس ضياء الدين 1943 ۾ “سنڌ مسلم لا ڪاليج” ڪراچي ۾ منطق ۽ سنڌي ادب جو اُستاد مقرر ٿيو. ليڪن ٿوري وقت کان پوءِ اها نوڪري ڇڏي ڏنائين، 1953ع دادو ۾ اچي “پبلڪ پراسيڪيوٽر” ٿيو. رئيس ضياءالدين کي علم دوستي ۽ ادب پيروي ورثي ۾ ملي هئي. سندس والد وقت جو ناميارو شاعر، اديب ۽ صحافي ٿي گذريو هو. هن صاحب به ارڙهن سالن جي ڄمار کان شاعري جو  آغاز ڪيو، ۽ اڳتي هلي شاعريءَ جي ميدان ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيائين. سندس “ميهڙ” تي هڪ ڪتاب به لکيل آهن. هي صاحب ڪيترو وقت “اديبه سنڌ” رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو.سندس وفات 1966ع ۾ ٿي.

سراج الحق: سراج الحق ولد محمد يقوب ميمڻ 24، آڪٽوبر، 1933 تي ٽنڊو ڄام، تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي “پرائمري اسڪول” مان ورتائين، انهي کان پوءِ 1950 ۾ “نورمحمد هاءِ اسڪول” حيدرآباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ مئٽرڪ، 1955ع ۾ “سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان سيڪنڊ ڪلاس ۾ بي.اي (آنرس)، ۽ 1957 ۾ “ڪراچي يونيورسٽيءَ” مان سڪينڊ ڪلاس ۾ معاشيات ۾ ايم.اي، ۽ 1964 ۾ ،سنڌ يونيورسٽي” مان سيڪنڊ ڪلاس ۾ ايل.ايل.بي ڪيائين. سراج صاحب سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ کان سواءِ فارسي، فرينچ ۽ جرمن ٻوليون به ڄاڻيندو آهي. سراج الحق ڪجهه وقت پاڪستان سرڪار جي انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر ٿي رهيو. ليڪن“ يحييٰ شاهي” جي زماني ۾ کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. انهي کان پوءِ هي صاحب آگسٽ 1972 کان وٺي “هلال پاڪستان” (ڪراچي) جو پهريون ايڊيٽر مقرر ٿيو، پر وري جڏهن “جنرل ضياء” ملڪ جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ورتيون ته کيس نومبر 1977 ۾ انهيءَ ايڊيٽري تان لاٿو ويو، هن وقت ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي.مسٽر سراج 1950 کان علم ادب جي دنيا ۾ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو: “ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ (ترجمو-ناول-1953)، “سنڌي جي اقتصادي تاريخ” (ترجمو، 1958)، “چونڊ آمريڪي افسانا” (ترجمو-1958)، “اي درد هلي آءُ” (ڪهاڻيون-1962)، “سنڌي ٻولي لسانيات-1964)، “علم معاشيات” (1964) ۽ “پڙاڏو سوئي سڏ” (ناول-1970)

سردار محمد قريشي: سردار محمد ولد تاج محمد قريشي 12، اپريل 1944ع تي ڳوٺ ٽنڊو غلام علي ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ڳوٺ مان ئي ورتائين. 1958ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ نواب شاهه جي سرڪاري ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان 1962ع ۾ انٽرپاس ڪيائين، بي.اي. جي ڊگري 1970ع ۾ ايڪسٽرنل ڪئنڊيٽ جي حيثيت سان ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ورتائين. سردار علي قريشي 1958ع ۾ صحافت جي دنيا ۾ “عبرت” جي خاطر “انجمن صحافيانه ٽنڊو غلام علي” جو سرگرم رڪن به ٿي رهيو. 1963ع ۾ حيدرآباد اچي لاڙڪاڻي نواسي ماستر غلام دستگير جي تعاون سان “ماسٽر نيوز سروس” ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. 1969 ڌاري ڪراچيءَ آيو ۽ “سنڌ نيوز سروس” ادارو ٺاهي صحافت جي دنيا سان لاڳاپيو رهيو. ڊسمبر 1972 ۾ کيس “هلال پاڪستان” (ڪراچي) ۾ سب ايڊيٽر جي جاءِ ملي. اتي ئي هي صاحب 1974 کان شفٽ انچارج ۽ سينئر سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. 30، سيپٽمبر 1980 کان وٺي ساڳئي اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيو.

سردار علي شاهه:سيد سردار علي شاهه ولد جعفر شاهه بخاري 1 جنوري 1928ع تي ڳوٺ ٻيرڙي، تعلقي گهوٽڪي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. پنجين درجي انگريزي تائين ميرپور ماٿيلي ۾ پڙهيو، ان کانپوءِ هڪ سال نوشهروفيروز جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو، ۽ ميٽرڪ وري 14946ع ۾ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نواب شاهه مان ڪيائين. ميٽرڪ ڪرڻ بعد شاهه صاحب ملازمت ڪئي. ۽ انهي دوران بي اي ڪيائين.شاهه صاحب نه صرف صحافي هو، ليڪن شاعر ۽ اديب پڻ هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ذاڪر هو. هن صاحب فلسفه  اسلام 1953  نالي هڪ ڪتاب ترجمو به ڪيو هو. سندس وفات 18 مئي 1981 تي ٿي.

“سليم”هالائي: قاضي عبدالحي ولد حاجي سليم الدين ابڙو 12، نومبر 1918ع تي هالا نوان ۾ ڄائو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ پوسٽل ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت ڪيائين. اتي جڏهن ڪلارڪيءَ مان ترقي ڪري وڃي انسپيڪٽر ٿيو ته پوءِ استعيفا ڏئي سنڌ سرڪار جي “اطلاع کاتي” ۾ نوڪري ڪيائين. 1962ع کان 1968ع تائين “سروري اسلاميه ڪاليج” جو پرنسپال به ٿي رهيو. ليڪن وري اچي “اطلاع کاتي” ۾ ملازمت ڪئي، ۽ ترقي ڪري وڃي ڊائريڪٽر ٿيو. ”سليم“ هالائي سنڌي علم ادب، شعر ۽ صحافت جو ميدان به وسايو. هفتيوار “اطلاعات سنڌ”، ۽ ماهوار “ڳوٺ سڌار” جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“تذڪره شعراءِ هالا” (1944)، “تاريخ اسلام”،“گل بانو” (ٻاراڻو ادب) “شڪوه سنڌ” (شاعري)، “شهناز”(ناول)،“بهارلطيف”(1949)،“رباعيات طالب” (ترتيب شاعري 1949)، “ڪيميا جو نسخو” (مذهبيات 1951)، “شاه جو چونڊ ڪلام” (1969) ۽ “رسول پاڪ”

سومار علي سومرو: سومار علي ولد حاجي محمد پريل سومرو 23، آڪٽوبر 1923ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم خليفي غلام حيدر ڊکڻ جي ملان مدرسي شيدڪي کوهي شڪارپور ۾ ورتائين. جتان 1932ع ۾ چوٿون درجو پاس ڪري انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو.1932ع ۾ شڪارپور ۾ “نيو ايرا اسڪول” قائم ٿيو، جيڪو روهڙيءَ واري مسٽر مينگهراج کوليو هو. هن انهيءَ اسڪول ۾ داخلا ورتي. 1937ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول” شڪارپور ۾ داخل ٿيو جتان 1939ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ ڪراچيءَ جي “ڊي.جي سنڌ ڪاليج” ۾ داخل ٿيو. 1941ع ۾ انٽر جو امتحان ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي مسلمانن اميدوارن ۾ پهريون نمبر آيو، جنهن ڪري هڪ طرف يونيورسٽي ۽ ٻئي طرف ڪاليج مان اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ سنڌ سرڪار به کيس وظيفو ڏيڻ شروع ڪيو. هڪ سال کان پوءِ بيمار ٿيڻ سبب موٽي اچي شڪارپور جي “سي ائنڊ ايس ڪاليج” ۾ داخلا ورتائين، جتان 1943 ۾  بي.اي. (آنرس) پاس ڪيائين. سومار علي هالن ۾ قائم ٿيل نئين هاءِ اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيو. ٻن سالن کان پوءِ ڪراچي جي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو. اتي ئي “هاير روينيو امتحان” پاس ڪري مختارڪار جو اميدوار ٿيو. ليڪن ڪن اڻٽر مجبورين سبب هي کاتو ڇڏڻو پيس. سومار علي صاحب 1958ع ۾ صحافت جي دنيا ۾داخل  ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ “سنڌ نيوز” (ڪراچي) ۽ “مهراڻ” (حيدرآباد) ۾ ڪم ڪيائين، ان کان پوءِ “هلال پاڪستان” (حيدرآباد) جو انچارج ايڊيٽر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران سنڌي ادبي بورڊ ۾ به ڪم ڪندو رهيو. ان کان پوءِ “نواءِ سنڌ” (حيدرآباد) ۾  ڇهه سال نيوز ايڊيٽر ٿي رهيو. بعد ٽي سال کن “نواءِ انقلاب” (سکر) جو نيوز ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين ان کان پوءِ پنج سال کن “خادم وطن” (حيدرآباد) ۾ ڪم ڪيائين. هاڻي 1978 کان وٺي روزانه “مهراڻ” (حيدرآباد) ۾ نيوز ايڊيٽر آهي. سومار علي صاحب صحافت کان سواءِ علم ادب جي به جوڳي خدمت ڪئي آهي، روزگار سانگي نصابي گائيڊون ۽ سونهان به لکيا اٿس. سندس ترجمو ڪيل هي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن:“جادو ۽ سائنس”، “اقتصادي ترقي جا رستا”، “عظيم سائنسدان”، “نالي ماتر آزادي”، “شاه ولي الله جو فلسفو” سندس ترجمو ٿيل ڪجهه ڪتاب اڃا مسوري جي حالت ۾ “سنڌي ادبي بورڊ” ۾ رکيا آهن. اڄ ڪلهه “سنڌي انگريزي لغت ڪري رهيو آهي.

سيد جمال الدين:سيد جمال الدين حسن زين العابدين بخاريءَ 1900ع ۾ احمد آباد ۾ ڄائو. 1919ع ۾ گريجوئشن ڪيائين.“خلافت تحريڪ” ۾ حصي وٺڻ خاطر تعليم ڇڏي سنڌ ۾ آيو، ۽ خدابخش قاضي، پيرالاهي بخش ۽ شيخ عبدالسلام سان گڏ جي ڪم ڪيائين. 1923ع ۾ “الوحيد” ۾ ڪم ڪرڻ سان سندس صحافتي زندگيءَ جو آغاز ٿيو. مختلف وقتن تي مختلف اخبارون ڪڍندو رهيو، جن ۾“چنگاري” (هفتيوار سنڌي ڪراچي)، “صداقت” (هفتيوار سنڌي ڪراچي) ۽ “آزادي” (اردو روزانه، ڪراچي 1927) قابل ذڪر آهن.لاڙڪاڻي اچڻ کانسواءِ “نيوايريا” (هفتيوار انگريزي) ۽ “انصاف” (هفتيوار سنڌي) جاري ڪيائين.

سيد وڏل شاهه ڊاڪٽر: سيد وڏل شاه ولد سيد ڏتل شاهه بخاري 7، جنوري 1939ع تي ڳوٺ امين لاکو، تعلقي هالا ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان وٺي، هالا هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتان 1956ع ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ مئٽرڪ ڪيائين. ان کان پوءِ 1961 بي. ايس. سي (آنرز) فرسٽ ڪلاس فرسٽ، ۽ 1973ع ۾ ايم. ايس. سي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ ڪيائون.سيد وڏل شاهه انهيءَ کان پوءِ پهريون “سروري اسلاميه ڪاليج هالا”، ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيا. 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کيس اعليٰ تعليم وٺڻ لاءِ لنڊن موڪليو، جتان 1967ع ۾ آرگينڪ ڪيمسٽريءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري آيا. سنڌ جي هن نوجوان سائنسدان جي محنت ۽ محبت کي ڌيان ۾ رکي سنڌ يونيورسٽيءَ سندس لياقتن ۽ صلاحيتن جو ڀرپور فائدو ورتو، ۽ کيس تعليم تدرس کان سواءِ ٻئي فرائض به سونپيا 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ پاران جيان وڃي ڪيميڪل انجنيئرنگ ۾ کوجنا ڪري آيو. 1975ع ۾ ناروي جي حڪومت کيس سائنس تحقيق لاءِ فيلوشپ ڏني، پاڻ اهو تحقيق ڪم پورو ڪري واپس ورڻ تي هئا جو ڊسمبر 1975ع ۾ سندن لاڏاڻو ٿيو. ڊاڪٽر صاحب سيپٽمبر 1972ع کان وٺي وفات تائين ماهوار “سائنس جا ايڊيٽر رهيا. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هن هيٺ ڏجي ٿو:“علم ڪيميا” پاليٽيڪنڪ ادران لاءِ (ترجمو 7 ايڊٽ 1971)، “ابتدائي سائنس” (ترجمو ۽ نظرياتي 1971)، “ڪيميا” (ترجمو ۽ نظر ثاني”، “پرائمري ٽيچرس لاءِ جنرل سائنس” (ترجمو)، “علم ڪيميا جي لغت” (اڻ ڇپيل)، ۽ “خلائي سفر” (اڻ ڇپيل)

تفصيلي معلومات لاءِ ڏسو:

“الف” ممتاز بخاري: “مرحوم ڊاڪٽر سيد وڏل شاهه بخاري”، (مقالو)، ماهوار “نئين زندگي” ، ڪراچي، سيپٽمبر 1976، صر15

“ب” ڊاڪٽر غلام علي الانا: “سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري”، “انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي”، ڄام شورو، 1974، صر98

سيد غلام رسول شاهه:  سيد غلام رسول شاهه ولد حاجي امير علي شاهه 1، جنوري 1934ع تي ڳوٺ حاجي پير شاهه تعلقي ساماري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين، ان کان پوءِ ميرپورخاص جي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. انٽر تائين باقي تعليم گهر ويٺي حاصل ڪيائين.سيد غلام رسول شاهه 1950ع ۾ صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو. هي صاحب ابتدا ۾ روزانه “الوحيد” (ڪراچي)، روزانه “نئين سنڌ” (ڪراچي) ۽ روزانه “ڪاروان” (حيدرآباد) نمائندو ٿي رهيو. ان کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ هفتيوار “غازي” (ميرپورخاص) ۽ “رهنما” (اردو-حيدرآباد) جو ايڊيٽر به ٿيو. 1953ع ۾ ميرپورخاص مان هفتيوار “سرتاج” اخبار جاري ڪيائين. 1954ع ۾ ون يونٽ خلاف لکڻ تي حيدرآباد سينٽرل جيل به ڀوڳيائين. هيءَ اخبار 1963ع ۾ ايوب شاهيءَ جو عتاب سهندي بند ٿي وئي، ليڪن انهيءَ جو ٻيهر اجراع 1970ع کان ٿيو آهي. اخبار هڪ ئي وقت سنڌي ۽ اردو ۾ شايع ٿيندي آهي. شاهه صاحب ڪيتري وقت کان “انجمن مديران” سان به وابسته رهيو آهي. 1954ع ۾ حيدرآباد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري ۽ ون يونٽ واري زماني ۾ مغربي پاڪستان جو جوائنٽ ڪنوينر ٿي رهيو. هن وقت “انجمن صحافيان ٿرپارڪر“ جو صدر آهي.

شيخ عبدالعزيز: شيخ عبدالعزيز ولد شيخ احمد جي ولادت 1886ع ۾ ٿي. سندس وڏا عامل هندو هئا. هن جو والد ديوان سورج مل مسلمان ٿيو ته ان کان پوءِ پاڻ 1892ع ۾ اسلام قبول ڪيائين. هندن جي مخالفت سبب قنڌار هليو ويو، ان ڪري“قنڌاري” به سڏيو ويندو آهي. ٻاويهن سالن جي ڄمار ۾ سنڌ موٽي آيو. سنڌ مدرسي مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1916 ع ۾  بي.اي جي ڊگري ورتائين. ان کان پوءِ تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو، جتان 1925ع ۾ استعيفا ڏئي، ايڪسائيز کاتي ۾ ملازم ٿيو. 1950ع ۾ اتان رٽائر ڪيائين.پاڻ علمي ۽ ادبي ميدان ۾ به پاڻ پوکيائين “جمعيت الثواءِ” “بزم طالب اعوليٰ”، ۽ “سچل سرڪل” جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. ڪجهه وقت لاءِ “الوحيد” جو ايڊيٽر ٿي رهيو. ٿوري وقت لاءِ هفتيوار “پاسبان” به هلايائين.سندس لاڏاڻو 26، سيپٽمبر، 1959ع ۾ تي ٿيو.

شمس الدين ”بلبل“: شمس الدين “بلبل” 1857ع ۾ ميهڙ، ضلعي دادو ۾ ڄائو. سنڌي ۽ فارسي تعليم وٺڻ کان پوءِ ڪجهه وقت انجنيري کاتي ۾ داروغو ٿيو. انهيءَ کان پوءِ 1889ع ڌاري ڪراچيءَ وڃي “معاون” اخبار جو ايڊيٽر ٿيو.بلبل نه فقط قابل قدر شاعر هو، پر هڪ ٻي نظر ۾ نثرنويس ۽ ڪامياب صحافي به هو. سنڌي مسلم سياست ۾ به ڀرپور حصو ورتائين. سندس وفات 1919ع ۾ ٿي.

شيخ عبدالمجيد سنڌي: عبدالمجيد سنڌي ولد ديوان ليلارام جي ولادت 7 جولاءِ 1889ع تي ٺٽي ۾ ٿي. سندس ڄٺئي جو نالو ڄيٺانند هو. 1908ع ۾ اسلام قبول ڪيائين پاڻ رڳو مئٽرڪ تائين پڙهي سگهيو. سندس وفات 24 مئي 1978ع تي ٿي.سياسي ۽ صحافتي زندگيءَ جو آغاز رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان ڪيائين. ريشمي رومال جي تحريڪ کان وٺي ايوب شاهيءَ جي آمرانه دور تائين هند ۽ سنڌ جي سياست ۾ عظيم ڪارناما سرانجام ڏيندو رهيو. اباڻي دين ۽ هن دنيا تان هٿ کڻي قوم جي خدمت ڪيائين. پاڻ ننڍي کنڊ جي عظيم سياستدانن مان هڪ هو. شيخ صاحب کي قدرت قلم جي طاقت به عطا ڪئي هئي. “حضرت عمر بن عبدالعزيز”، “فتح اسپين”، “ڪراچي سنڌ کي ملڻ گهرجي”، “المرتضيٰ”، “تاريخي جواهر”، “حضرت علي ۽ عمر” ۽ “سياست جي الف_ بي” جهڙا ڪتاب سندس قلمي ڪاوش جو نتيجو آهن. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي سنڌي صحافت ۾ به اهوئي مقام حاصل هو، جيڪو  کيس ننڍي کنڊ جي سياست ۾ هو. پاڻ شروع ۾ 1914ع کان “الامين” اخبار جو ايڊيٽر ٿيو، ۽ ان  کانسواءِ پاڻ سالن جا سال سنڌ جي تاريخ ساز اخبار “الوحيد” جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. “الوحيد آزاد نمبر” سندس محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو آهي.

شفيع محمد آخوند: آخوند شفيع محمد ولد حاجي محمد موسيٰ 31، جنوري 1918ع تي دادو ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم دادو مان ورتائين. بي.اي جي ڊگري بمبئي يونيورسٽي، ۽ وڪالت جي سَنَد علي ڳڙهه مان حاصل ڪيائين. شفيع محمد آخوند دادو جي برک وڪيلن، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن ۾ وڏو مقام رکي ٿو. سندس ئي ڪوششن سان دادو ۾ “پهرين آل سنڌ ادبي ڪانفرنس” ڪوٺائي وئي. ان کان سواءِ پاڻ هرماهه مشاعرن جون ورسيون به ملهائڻ ۾ مدد ڪندو هو. دادو جي “طالب الموليٰ هاءِ اسڪول” قائم ڪرائڻ ۾ به سندس هٿ هئو. شفيع محمد آخوند سنڌ کي ون يونٽ جي ڳٽ پوڻ کان اڳ دادو مان.سنڌ سينٽينل“Sindh Sentinel”اخبار جاري ڪئي، جيڪا هڪ سال بند ٿي وئي. ان کان پوءِ هن صاحب مرحوم ضياءَ الدين “بلبل” سان گڏجي 1966ع ۾ هفتيوار “تنظيم عوام” اخبار جاري ڪئي. هي اخبار “ضلعي مسلم ليگ” جو آرگن هئي جيڪا پوءِ جلد بند ٿي وئي.

شمشير الحيدري:  شمشير علي ولد رسول بخش خواجه 15 سيپٽمبر 1932ع تي ڳوٺ ڪڍڻ، تعلقي بدين ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ۽ مڊل تعليم بدين ۾ ئي ورتائين، ان کان پوءِ پنجين کان ستين درجي انگريزيءَ تائين سنڌ مدرسي ۾ پڙهيو. هن صاحب 1959ع ۾ “سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي.اي (آنرس)، ۽ 1964ع ۾ سنڌي ۾ ايم.اي ڪئي.شمشير الحيدري کي علم دوستي ۽ ادب پروري ورثي توڙي ماحول مان ملي. تعليم حاصل ڪرڻ دوران کيس هاءِ اسڪول تائين ڊرامن ۾ پارٽ ادا ڪرڻ جوموقعو مليو. سندس مامو ڊاڪٽر نذير حسين پنهنجي وقت جو سياسي ڪارڪن، صحافي ۽ اديب ٿي گذريو آهي. هن سندس اثر به قبول ڪيو. 1942ع کان لکڻ شروع ڪيو اٿس. سندس پهرين آکاڻي “رٺل گڏي” الوحيد اخبار ۾ شايع ٿي هئي. شمشير الحيدري هڪ ملنگ فطرت، آزاد خيال ترقي پسند اديب آهي. سندس زندگي تي ڪڏهن به جمود طاري نه ٿيو آهي. وقت جي نامور شاعر ۽ اديب روزگار جي سلسلي ۾ ڪيتريون ئي لاهيون چاڙهيون ڏٺيون آهن. هن ملازمت جي ابتدائي ٽيليفون آپريٽر سان ڪئي. ڪجهه وقت هوا ماپ کاتي ۾ آبزرور به ٿيو، ان کان سواءِ ڪجهه ڏينهن داروغو به بڻيو. هن کي انجنيئري کاتي ۾ سب ڊويزنل ڪلرڪ جي ٽيبل تي به ڪم ڪرڻو پيو، ۽ تعلقي بدين جي “ڪو آپريٽو زمينداري بئنڪ” جي مئنيجري به ڪيائين. سنڌي ٻولي علم ادب جي تاريخ ۾ شمشير الحيدريءَ جي خدمتن کي ڪڏهن، به فراموش نه ڪيو ويندو. هي صاحب ڪيترين ئي علمي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن سان  وابسته پئي رهيو آهي.اهڙين تنظيمن ۾ “سنڌي ڊراماٽڪ سوسائٽي”، حيدرآباد، “پاڪستان رائٽرس گلڊ”، “انجمن مديران جرائد” ۽ “سنڌي ادبي سنگت” جا نالا قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ هن صاحب “مزدور تحريڪ”، “ائنٽي ون يونٽ تحريڪ” ۽ سنڌي زبان تحريڪ” ۾ حصو ورتو آهي. شمشير الحيدري 1954ع ۾ “هلال پاڪستان”، حيدرآباد اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر ٿيڻ سان صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو. 1955ع ۾ “سنڌي ادبي بورڊ” ۾ سنڌي جو پروف ريڊر ٿيو. ساڳي ئي سال کان کيس ٽه ماهي “مهراڻ” جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، جتي 1966ع تائين ڪم ڪيائين. انهيءَ عرصي دوران 1964ع کان وٺِ “سنڌي ادبي بورڊ” جي پبليڪيشن اسٽاف جو ميمبر به بڻيو. 1966ع کان وٺي ماهوار “نئين زندگي” جو ايڊيٽر ٿيو، جتي آڪٽوبر 1966ع تائين ڪم ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ هڪ خودمختيار اداري ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ٿيو، پر جڏهن جنرل ضياءَ الحق ملڪ جو واڳون پنهنجي هٿن ۾ کنيون ته هي صاحب ٻين جيان نوڪري مان خارج ڪيو ويو. شمشير الحيدري جيڪي ڪتاب لکياءِ ترتيب ڏنا آهن، جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“انسان ڪامل” (شخصيات 1953)، “ڪاروان ڪربلا” (تاريخ 1954)، “لاٽ” (شاعري 1954)، “پورس جا هاٿي” (ڪهاڻيون 1958)، “تنهنجو ڳالهيون سڄڻ” (ترتيب 1961)، “تاريخ سنڌ_ ڪلهوڙا دور” (ترجمو _1963)،آمريڪا جو سياسي سرشتو” (سياست ترجمو _ 1964)، “سوکڙي” (ترتيب 1964)، “بهترين سنڌي ادب” (افسانن جي ترتيب 1969)، “سانگهڙ” ۽ ٽي. وي ڊراما ۽ فيچر فيمزه.

شمس الدين شاهه: سيد شمس الدين شاهه ولد سيد قلندر بخش ڊسمبر 1919ع ۾ هنگوار ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم مڪاني طرح ورتائين. 1937ع ۾ مئٽرڪ،“تلڪ هاءِ اسڪول سکر” مان پاس ڪيائين.1941ع ۾ بي. اي ۽ 1943ع ۾ “خاڪسار تحريڪ”۾ شامل ٿيڻ سان سياست ۾ قدم رکيو، ۽ مختلف تحريڪن ۾ حصو وٺي جيلن جون تڪليفون سهي عوام جي خدمت ڪيائين. پاڻ ڪيترو وقت “هاري پارٽي”، “عوامي پارٽي”، “آزاد پاڪستان پارٽي” ۽ “نئشنل عوامي پارٽي” ۾  ڪم ڪيائين. ڪيترو وقت “ضلعي لوڪل بورڊ سکر” جو وائس پريزيڊنٽ ٿي رهيو، ۽ “سکر بار ائسوسئيشن” ۾ به کيس چئيرمين ٿيڻ جو موقعو مليو. شمس الدين شاهه صاحب سياسي ميدان کان سواءِ صحافت جي دنيا ۾ به پنهنجو لياقتون ۽ صلاحيتون ڏيکاريون. هن صاحب ون يونٽ کان اڳ سکر مان هفتيوار “روشني” اخبار جاري ڪئي، جيڪا “سنڌ هاري تحريڪ” جي آرگن طور استعمال ڪئي ويندي هئي.

شعبان “بخت”: الله بخش عرف محمد شعبان ولد رسول بخش حجم، 1 جنوري 1932ع تي ڪشمور ۾ ڄائو. انٽر آرٽس تائين تعليم ورتي اٿس، پيٽ جي پورت ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي پئي مختلف ڌنڌا ڌاڙي ڪيا اٿس، جن ۾ ڪتب فروشي ۽ پريس جي مئنيجري ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن. محمد شعبان 1952ع ۾  هفتيوار “ڪوئثر” (نيو هالا) جي سب ايڊيٽر ٿيڻ سان صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو. هي صاحب 1953ع کان وٺي 1956ع تائين ماهوار “فردوس” (هالا) جو سب ايڊيٽر ٿي رهيو، تنهن کان پوءِ هڪ سال لاءِ ساڳي رسالي جو مئنيجر به ٿيو. 1958ع ۾ “ڳوٺ سڌار” ماهوار رسالي ۾ ترجمان ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. 1960ع کان وٺي هڪ سال لاءِ ساڳي رسالي جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. 1966ع کان وٺي 1967ع تائين روزانه “هلال پاڪستان” (سکر) جو سب ايڊيٽر ٿيو. 1975ع کان وٺي ماهوار “نئين زندگي” (ڪراچي) جو جوائنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪري رهيو آهي، پاڻ هن ماهوار جو ڪجهه وقت لاءِ عارضي ايڊيٽر به ٿي رهيو. محمد شعبان عروضي شاعر پڻ آهي، سندس شمار جماعت اسلامي گروي جي اديبن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ “بخت” جي تخلص سان شاعري ڪندو آهي. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:  “ور وطن جائي” (ناولٽ)، “اکڙيون، اوجاڳيون” (ناولٽ) ۽ سندس شاعريءَ جا اڻ ڇپيا مجموعا.

شهاب الدين چشتي: شهاب الدين چشتي 1918ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. فائينل تائين تعليم حاصل ڪئي اٿس. شهاب الدين صاحب مختلف پريسن ۽ اخبارن جهڙوڪ سوراج پريس، ڪوهه نور پريس، پاڪستان پريس، نواءِ انقلاب ۽ الوحيد ۾ مختلف حيثيتن سان ملازمت ڪئي آهي. هي صاحب 1950ع ۾ صحافت جي دنيا ۾ آيو، ۽ اٺن سالن کانپوءِ هفتيوار “شهباز” (شڪارپور) جو ايڊيٽر مقرر ٿيو.

شيخ عبدالرحيم: شيخ عبدالرحيم ولد محمد حسين 14 جنوري 1924ع تي ٺٽي ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڊينگاڻ جي “پرائمري اسڪول” مان ورتائين، ان کان پوءِ “سنڌ  مدرسته الاسلام” ۾ داخل ٿيو، جتان 1943ع  ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. تنهن کان پوءِ 1947ع ۾ “ڊي. جي.سنڌ ڪاليج”، ڪراچي مان بي. ايس. سي 1955ع ۾ “سنڌ مسلم ڪاليج”، ڪراچيءَ مان بي.اي (آنرس)، ۽ 1956ع ۾ ،ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ” مان انٽرنيشنل رليشنس ۾ ايم.اي ڪيائين.  شيخ عبدالرحيم 1945ع ۾ “الوحيد” (ڪراچي) ۾ ترجمان جي حيثيت سان صحافت ۾ قدم رکيو. هڪ سال کان پوءِ کيس اتي سب ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. 1946ع ۾ ڇهه مهينا کن “قرباني” (ڪراچي( ۾ ترجمان ٿيو. 1948ع ۾ “الوحيد” ۽ پوءِ “سنڌ” اخبارن جو سب ايڊيٽر ٿيو. 1949ع ۾ مختلف اخبارن جهڙوڪ “الوحيد”، “سنڌ آبزرور” ۽ “نوائي سنڌ” ۽ “مهراڻ” ۾ ڪم ڪيائين. 1955ع ۾ “الوحيد” جو ايڊيٽر ٿيو، ۽ سندس ئي دور ۾ سنڌ جي هئي مشهور اخبار 1956ع ۾ بند ٿي، انهي کان پوءِ هي صاحب “ريڊيو پاڪستان ۾اسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو. 1959ع ۾ ڪجهه وقت اي. پي. پي ۾ حيدرآباد جو ريجنل مئنيجر ٿيو. تنهن کان پوءِ وري وڃي ريڊيو پاڪستان ۾ ملازمت ڪيائين، تان جو 1973ع ۾ وڃي “بزنس رڪارڊر” (ڪراچي)، جو رپورٽر ٿيو. 6 اپريل 1979ع کان وٺي سيپٽمبر 1980ع تائين روزانه “هلال پاڪستان” (ڪراچي) جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس وفات 14 اپريل 1981ع تي ٿي.

شيخ “اياز”: مبارڪ شيخ “اياز” ولد غلام حسين 23 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. مئٽرڪ تائين تعليم شڪارپور مان ورتائين. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بي جي ڊگري وٺي 1950ع کان وڪالت ڪرڻ لڳو. ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به ٿي رهيو آهي. شيخ اياز هن دور جو مڃيل وڏو شاعر آهي. نثر توڙي نظم کي کيس منفرد ۽ اعليٰ مقام حاصل آهي. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ 1947ع ۾ ماهوار “اڳتي قدم”، شڪارپور جو ايڊيٽر ٿي رهيو. ان کان سواءِ “روشني” (هفتيوار) سکر جو ايڊيٽر به ٿي رهيو آهي. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو. “سفيد وحشي” (ڪهاڻيون 1946)، “سنڌي ڪهاڻيون” (1954)، “پنهل کان پوءِ” (ڪهاڻيون 1954)، “ڀوءنر ڀري آڪاس” (شاعري 1962)، “ڪلهي پاتم ڪينرو” (شاعري 1963)، “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” (خط 1963)، “شاهه جي رسالي جو اردو ترجمو” (1963)، “بقول اياز” (1965)، “بوُءِ گل نالهئه دل” (اردو شاعري 1966)، “جل جل مشعل جل جل” (شاعري 1967)، “هي گيت اڃايل مورن جا” (شاعري 1968)، “رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي” (شاعري 1968)، “ڪي جو ٻيجل ٻوليو” (شاعري 1970)، “ڪپر ٿو ڪن ڪري” (شاعري 1972)، “وڄون وسڻ آئيون” (شاعري 1973)، “ڪف گلفروش” (شاعري) ۽ “عطائي آيو”.

شيخ عبدالعزيز: شيخ جان محمد نالي هڪ نو مسلم جو پوٽو، ۽ شيخ محمد سليمان “الحق” اخبار جي بانئي جو فرزند هو.شيخ عبدالعزيز “خلافت تحريڪ” جو سرگرم ڪارڪن، ۽ فرنگي راج جو ڪٽر دشمن هو. قدرت کيس تقرير جو فن به عطا ڪيو هو. هي صاحب ڪجهه وقت “الحق” اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيو، سندس وفات فيبروري 1945ع ۾ ٿي.

شيخ بابو محمد سليمان : شيخ بابو محمد سليمان جي والد شيخ جان محمد اسلام قبول ڪيو، ان ڪري شيخ سڏجڻ لڳا. هن جو جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو. شيخ بابو محمد سليمان ابتدا ۾ فارسي ۽ عربي تعليم حاصل ڪري مشين هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان چار درجا پاس ڪيائين.شيخ صاحب ستت ئي پوءِ پوسٽ کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جنهن سانگي کيس پرديس ڏسڻو پيو. جڏهن مسقط ۾ پوسٽ ماستر هو ته اتان نوڪري ڇڏي ايران هليو ويو، جتي کيس فارسي ۽ انگريزي جو مترجم مقرر ڪيو ويو. شيخ صاحب کي ايران ۾ به قرار حاصل نه ٿيو. تنهنڪري وطن واپس اچي ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو، جنهن کان پوءِ کيس ترقي ڏئي هيڊ ڪلارڪ ڪري ڪوئٽا موڪليو ويو. ڪوئيٽا ۾ ٿوري وقت کان پوءِ هن نوڪري ڇڏي ڏني ۽ پريس ڪڍيائين. تنهن کان پوءِ سکر لڏي آيو. سندس لاڏاڻو 8 جون 1908 ع ۾ ٿيو.شيخ صاحب پنهنجي سکر واري حياتي سنڌواسين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ استعمال ڪئي. هن اتي “ڊسٽرڪٽ بورڊنگ هائوس”، “مدرسته الاسلام” ۽ “انجمن اسلام” ٺاهڻ ۽ قائم ڪرائڻ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ڪوئيٽا وارن ڏينهن ۾ اتان “بلوچستان گزيٽ” نالي اخبار جاري ڪيائين. هن صاحب 1900 ع ۾ سردار محمد يعقوب جي صلاح تي سکر مان سنڌي انگريزي “الحق” اخبار جاري ڪئي. سنڌي حصي جي ايڊيٽري پاڻ ڪندو هو، ۽ انگريزي حصو علي محمد بار ايٽ لا هلائيندو هو. انهيءَ اخبار سالن جا سال سنڌ واسي مسلمانن جي هن جي حفاظت ڪئي ، ۽ منهنجي بيداري آندي.

طارق اشرف : سيد اشرف علي شاهه “طارق اشرف” ولد سيد لطيف علي شاهه 5، جولاءِ 1940ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.تعليم و تربيت اتائين ئي ورتائين. 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.طارق اشرف سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ٽن روپن سان ڄاتو سڃاتو ويندو. پهريون اديب جي حيثيت سان، ٻيو صحافتي جي حيثيت سان، ۽ ٽيون پبلشر جي حيثيت سان. سندس ادبي زندگيءَ جو آغاز 1959ع ۾ ٿيو، جڏهن “عبرت” (حيدرآباد) جي ماهانه ايڊيشن ۾ سندس پهرين ڪهاڻي “دري” شايع ٿي. ساڳي ئي سال مشهور ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل سان گڏجي “اداره ادب نو” نالي هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيائين، جنهن طرفان چوڏهن کن معياري ڪتاب شايع ٿيا. طارق اشرف 1960ع کان مسلسل لکڻ شروع ڪيو آهي، ۽ سندس ڪهاڻيون سنڌ توڙي هند جي مشهورن رسالن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن . هي صاحب ڪهاڻيڪار کان سواءِ مضمون نگار ۽ نقاد به آهي. طارق اشرف سياسي شعور ۽ قلم جي ڏات جي ڀيٽا ڏيندي “عوامي دور” جي آخري ڏهاڙن ۾ جيل ياترا به ڪري چڪو آهي.هن جنوي 1966ع کان وٺي ماهوار “سهڻي” (حيدرآباد) رسالو جاري ڪيو، جنهن کي پنهنجي دور ۾ وڏي مقبوليت شهرت ملي، طارق اشرف هن رسالي ذريعي سنڌي ادب کي ڪيترائي اديب ۽ شاعر ڏنا، ۽ ٻن مشهور ڪهاڻيڪارن (امرجليل ۽ نسيم کرل) جا خاص نمبر ڪڍيا. ان کان سواءِ رسالي جو خاص نمبر 1974 به سنڌي ڪهاڻي جي اوسر ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هي رسالو ٻين سندس ڪتابن رسالن سان پاڪستان جي مرڪزي سرڪار “پاڪستان دشمن ادب” جي الزام هيٺ  بند ڪري ڇڏيو. بعد ۾ خود طارق اشرف کي جيل ڀوڳڻو پيو، هن وقت طارق اشرف ڪتابي سلسلا ڪڍي رهيو  آهي. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو. شاهه صاحب، 1951ع ۾ “مسلم ليگ” کان دلشڪستو ٿي،“متحده محاذ” ۾ شامل ٿيو، ۽ 1953ع ۾ انهيءَ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي “سنڌ اسيمبلي”  جو ميمبور ٿيو. پاڻ ڪجھه وقت نيشنل عوامي پارٽي جو ميمبر به ٿي رهيو. 1958ع ۾ جڏهن پاڪستان کي مارشل لا جو ٻل ٿيڻو پيو ته شاهه صاحب جو رنگ بدلائيندڙ سياسي ڪردار متاٽر ٿيو. شاهه صاحب سياست کان سواءِ سنڌي صحافت جي به خدمت ڪئي. هن صاحب “علم” اخبار جاري ڪئي ۽ سندس ئي تعاون سان هفتيوار “جهاد” اخبار جو اجراع ٿيو.

مولوي الله بخش “اٻوجھو” ؛ مولوي الله بخش اٻوجھو 1831 ع ۾ ڄائو. هن صاحب عربي ۽ فارسي کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ به مهارت حاصل ڪئي. مولوي صاحب جنوري 1855ع کان وٺي 1874 تائين فوجي ملازمت ڪئي. ان کان پوءِ  “اين جي وي هاءِ اسڪول” ڪراچي ۾ پرشن ٽيچر مقرر ٿيو. انهي دوران انگريزي آفيسن کي مشرقي ٻولين جي تعليم به ڏيندو رهيو.هن صاحب سنڌ جي سر سيد، حسن علي آفندي سان گڏ 1884ع ۾ “مجمع محمدي” قائم ڪئي. جنهن جماعت نه صرف “سنڌ مدرسته الاسلام” جھڙو تاريخي تعليمي ادارو قائم ڪيو. بلڪه اڳتي هلي “سنڌ محمدن ائسوسيئشن” جي روپ ۾ سنڌ جي بمبئي کان علحدگي تائين سنڌ جي سياسي خدمت به ڪئي. “اٻوجھو” صاحب انهي جماعت جو پهريون سيڪريٽري ٿيو.“مجمع محمدي” قائم ڪرائڻ کانپوءِ هن چار سال موڪل ورتي ۽ “سنڌ مدرسه بورڊ” ۽ ان طرفان 1885ع م جاري ڪيل “مدرسه معاون” هفيوار جو ايڊيٽر ٿيو. 19887 ۾ ماستريءَ تان استعيفيٰ ڏئي حسن علي آفندي جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. 1889ع ۾ کيس سنڌ مدرسه اسلام ۾ پرشن ٽيچر مقرر ڪيو ويو، جتي 1901ع تائين ڪم ڪندو رهيو. سندس وفات سيپٽمبر 1901ع ۾ ٿي. مسدس اٻوجهو هن ئي سنڌ جي عظيم سپوت جي محنت ۽ ترجمو جو نتيجو آهي.

عابد لغاري: عبدالجبار “عابد لغاري” ولد نواب محب علي خان 11، مئي 1944ع تي تاج پور ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ورتائين، ان کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ “منصوره، هالا هاءِ اسڪول” ۾ داخل ٿيو، جتان 1961ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هي صاحب انٽرسائنس تائين “گورنمينٽ ڪاليج” حيدرآباد ۾ پڙهيو ليڪن بي. اي. (1967) ۽ ايم. اي (1971) ايڪسٽرنل ڪئنڊيڊيٽ جي حيثيت ۾ ڪيائين. عابد لغاري 1963ع کان 1965ع تائين “جامعه عربيه ڪاليج”، حيدرآباد ۾ لائبرري انچارج ٿي رهيو. انهي کان پوءِ 1966ع ۾ حيدرآباد مان “رهبر ڊائجسٽ” ماهوار “نئين زندگي”، جو ايڊيٽر آهي.عابد لغاري هن وقت تائين “شيشي جي ديوار” (1975- ڪهاڻيون) ۽ “ننگي لاش جو سفر” (ناول 1977) نالي ٻه ڪتاب لکيا آهن.

عبدالمجيد “عابد” : قاضي عبدالمجيد ولد عبدالقيوم عباسي،  2، مارچ 1915ع تي سيوهڻ ۾ ڄائو. قاضي “عابد” سنڌ جي اهڙي علمي، ادبي خاندان مان آهي، جنهن ڪيترائي حڪيم، مستند عالم، فقيه، حافظ قرآن ۽ قضا ۽ شفا جا صاحب پيدا ڪيا آهن.قاضي صاحب پرائمري تعليم حيدرآباد جي ڪچي ۾ واقع پرائمري اسڪول (هاڻي مرحوم علي بخش اسڪول) مان ورتي. ان کان پوءِ “سنڌ مدرسته اسلام” (ڪراچي)، “نوا ودياله هاءِ اسڪول” حيدرآباد ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ثانوي تعليم ورتي، ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ مان 1932ع ۾مئٽرڪ ڪئي. اعليٰ تعليم “ڏيارام گدومل نيشنل ڪاليج” ڪراچي مان ورتي جتان 1963ع ۾ بي. اي ڪيائين. قاضي صاحب ڪجهه وقت “سنڌ مدرسته السلام” ۾ استاد ٿي رهيو. 1939ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ حيدرآباد جو چيف آفيسر ۽ 1948ع ۾ “حيدرآبا ميونسپل” جو چيف آفيسر ٿيو. 1951ع کان خانگي ڪاروبار ڪيائين. قاضي صاحب کي طالب العلميءَ جي زماني کان ئي صحافت سان لگن هئي، 1963ع کان روزانه “الاسلام” ڪراچي جو سب ايڊيٽر ٿيو.بعد ۾ حيدرآباد مان سال 53-1952ع ۾ محمد صديق نروي جي ادارت ۾ “عازي” نالي روزنامو جاري ٿيو ته قاضي صاحب ان ۾ به ڪم ڪيو. جڏهن 14 آگسٽ 1958ع ۾ ڏيپلائي کان “عبرت” ڪڍيائون ته ان ۾ به ڪم ڪيائين هن وقت پاڻ انهيءَ اخبار جو چيف ايڊيٽر آهي.“سفر يورپ جي ڊائري” (19) سندس ڇپيل واحد ڪتاب آهي، پاڻ مارشلا لا حڪومت ۾ مرڪزي وزير پڻ ٿي رهيو آهي.

عبدالمجيد درشاڻي: عبدالمجيد درشاڻي1880ع ۾ ڄائو، مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڊي. جي. ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان 1900ع ۾  بي. اي ڪيائين. ان کان پوءِ ايم. اي ڪري روينيو ڊپارٽمينٽ ملازم ٿيو. ٻن سالن کان پوءِ جوناڳڙهه جي محبت مدرسي جو پرنسپال بڻيو. 1903ع ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول ۽ 1905ع ۾ حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ ملازمت ڪيائين. هڪ سال کان پوءِ کيس ڊي. جي. ڪاليج” پرشن جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو، جتان سال گذرڻ بعد بيمارڻ رهڻ ڪري استعيفا ڏنائين. درشاڻي 19140ع ۾ “الحق” جو ايڊيٽر ٿيو، جتي 1912ع تائين ڪم ڪيائين. ساڳي عرصي دوران هو خيرپور اسٽنٽ جي وزير جو پرائيوٽ سيڪريٽري به ٿي رهيو. 1912ع ۾ کيس ٽريزري آفيسر مقرر ڪيو ويو. 1915ع ۾ خيرپور ۾ ئي سرڪاري هاءِ اسڪول جو پرنسپال ٿيو. حاجي ۽ سعدي جا انگريزي ۾ ترجمو ٻه ڪتاب به 1901ع ڌاري شايع ڪرايا هئا.

عبدالقادر جوڻيجو: عبدالقادر جوڻيجو ولد مريد حسن جوڻيجو 1، نومبر 1945ع تي ڳوٺ جنهاڻ، تعلقي مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو.  پرائمري تعليم ڳوٺ ۽ مٺيءَ جي پرائمري اسڪولن مان ورتائين. ثانوي تعليم سنڌ جي مختلف هاءِ اسڪولن، جهڙوڪ _“گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهداد پور”، “گورنمينٽ هاءِ اسڪول سڪرنڊ”، “گورنمينٽ هاءِ اسڪول نواب شاهه”، “گورنمينٽ هاءِ اسڪول ديهه نمبر 170”، “گورنمينٽ هاءِ اسڪول سانگهڙ”، ۽ “گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو”، مان ورتائين. هن صاحب 1961ع ۾ مئٽرڪ، 1965ع ۾ ايس. وي، 1968ع ۾ بي. اي، 1969ع ۾ بي. ايڊ، ۽ 1977ع ۾ ايم. اي (سوشالاجي) جا امتحان پاس ڪيا. هن وقت سوشالاجيءَ ۾ ڊاڪٽري ڪرڻ جي تياري ۾ آهي. عبدالقادر صاحب مختلف وقتن تي مختلف ملازمتون ڪيون آهن. 1962ع کان 1971ع تائين پرائمري ماستر ٿي رهيو، 1971ع کان 1976ع تائين “سيڪنڊري ٽيچر” ۽ 1976 کان 1978ع تائين سنڌ الاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيس ٿي رهيو. هن وقت سنڌ الاجيءَ ۾ نشرو اشاعت جو ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي.عبدالقادر 1964ع کان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪندو پيو اچي. انهيءَ سال سندس ٽيهارو کن ڪهاڻيون “روح رهاڻ” (حيدرآباد) ۾ شايع ٿيون.“واٽون ذاتيون ۽ رول” جي نالي سان سندس افسانن جو مجموعو شايع ٿي چڪو آهي. هي صاحب سنڌيونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ طرفان شايع ٿيندڙ سالياني مخزن “پرک” جو 1977 واري پرچي جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هن وقت 1977 کان سنڌالاجي طرفان جاري ٿيندڙ ڇهه ماهي “سنڌي ادب” رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر آهي.

عبدالخالق آزاد : عبدالخالق ولد حاجي پنهل وڌيو 1921ع ڌاري ڳوٺ ٺارو پراڻو لڳ ميروخان، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ميروخان مان ورتائين،سندس والد خلافت هو، ۽ “هجرت تحريڪ” ۾حصو وٺي چڱو هو، تنهن پنهنجي پٽ کي انگريزي تعليم وٺڻ نه ڏني ۽ ان ڪري هن کي ڪراچيءَ جي مدرسه“مظهرالعلوم”مان تعليم وٺڻي پئي. هن ئي زماني ۾ سندس وقت جي قوم پرست اڳواڻن سان ڏيٺ ٿي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سندس گهڻو خيال رکندوهو، ۽ ان کي کيس پنهنجي اخبار “اصلاح” ۾ مضمونن لکڻ جي تربيت ۽ ترتيب ڏني. سنڌي باغي ۽ انقلابي رهبر مولانا عبدالله سنڌي سان به اتي ئي کيس ملڻ جو موقعو مليو. سندس ئي اثر هيٺ ديوبند جي مدرسي ۾ پڙهڻ ويو. 1939ع ۾ جڏهن ٻي مهاڀاري لڙائي لڳي ته هن صاحب وزيرآباد ۾ “مجلس احرار” جي پليٽ فارم تان تقرير ڪئي، ۽ فوجي پرستيءَ خلاف تقرير ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڏيڍ سال سخت قيد جي سزا ورتائين. عبدالخالق کي جيل واري زماني ۾به ڪيترن قوم پرست سياسي اڳواڻن، ۽ سماجوادي رهبرن سان ملڻ جو موقعو مليو. 1941ع ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڳوٺ وليد، لڳ لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ مرحوم علي محمد عباسي سان گڏجي “هاري ڪميٽي” لاءِ ڪم ڪيائين. اتان مرحوم عباسي جي سرپرستي ۾ “نقاش” اخبار نڪرندي هئي، جنهن ۾ هن ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. ان کان پوءِ 1942 روس تي جرمني جي پيش نظر ڪامريڊ ڊاڪٽر ڀوڄراج سکر مان “قومي جنگ” اخبار جاري ڪئي. هن اخبار ۾ به عبدالخالق “آزاد” ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. عبدالخالق “آزاد” 1944ع ۾ احمد آباد وڃي“نيوي” ۾ ڀرتي ٿيو. جتان پنجن سالن کان پوءِ ڌار ٿي وري اچي “هاري ڪميٽي” ۾ ڪم ڪرڻ لڳو.هن صاحب 1953ع ۾ نواب شاهه مان هفتيوار “آزاد سنڌ” اخبار جاري ڪئي. هڪ سال کان پوءِ جڏهن 1954ع ۾ “ڪميونسٽ پارٽي” تي بندش پئي ته کيس روپوش ٿيڻو پيو. ليڪن نون مهينن کان پوءِ گرفتار ٿي پيو. 1955ع ۾ هن ٻيهر “آزاد سنڌ” جي ڊڪليئريشن وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. ليڪن اهو ڊڪليئريشن کي “آواز سنڌ” جي نالي سان مليو، ۽ ائين ٻيهر اخبار جاري ڪيائين هتي اخبار اڳتي هلي سڪندر مرزا جي مارشلا لا جو نشانو بڻي. ان کان پوءِ هن صاحب 1961ع ۾ سرڳواسي ڊاڪٽر ڪندن مل مالڪ وسدا ليبارٽري، حيدرآباد جي سرپرستيءَ ۾ “سنڌ جي پڪار” نالي اخبار جاري ڪئي، جيڪا پوءِ ٿوري عرصي کان بعد سرڪاري چتائن ملڻ تي بند ڪئي وئي.  

عبدالڪريم گدائي:عبدالڪريم “گدائي” ولد بجار خان لاشاري 1، جنوري 1901ع تي ڳوٺ ڪريم آباد، تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. پرائمري تي ٺل جي “پرائمري اسڪول” مان وٺڻ کان  پوءِ پنجن درجي انگريزي تائين اتي ويو. اسڪول جيڪب آباد ۾ پڙهيو. 1918ع ۾ سکر جي “ميونسپل  هاءِ اسڪول” ۾ مئٽرڪ پاس ڪري “شڪارپور پوسٽ آفيس” ۾ ڪلارڪ ٿيو. 1919ع ۾ “خلافت تحريڪ” جي ابتدائي ته سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين. 1927ع ۾ “لائيڊ بئراج سکر ۾ سب ڊويزنل ڪلارڪ ٿي داخل ٿيو، ۽ سال 1932ع تائين اتي نوڪري ڪيائين. ان کان پوءِ وري تحريڪ آزادي ۾ عملي طور تي حصو ورتائين “گدائي” مرحوم 1952ع ۾ اچي جيڪب آباد ۾ رهيو ۽ 1957ع تائين “صبح سنڌ”، “فرنٽيئر گزيٽ”، “انقلاب” ۽ امروز” جو مختلف وقتن تي ايڊيٽر  ٿيو.1957ع ۾ صحافت ڇڏي وڃي عريضي نويس ٿيو.“گدائي” مرحوم تحريڪ آزادي جو سپاهي غريبن جو شاعر هو.پاڻ نشر توڙي نظم ۾ ٽي ڪتاب لکيائين، جيڪي آهن: “ساڻيهه جا سور” “خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين” ۽ “پکڙا ۽ پنهوڙا”.سندس وفات 30، جنوري 1968ع تي ٿي.

عبدالله عباسي: عبدالله محمد قاسم عباسي جي ولادت 21، جولاءِ 1903 تي ڳوٺ محبت ديرو جتوئي، ضلع نواب شاهه ۾ ٿي. پاڻ 1922ع تي ڪراچيءَ آيو، ۽ اتي رهڻ لڳو. هن صاحب 38 سال تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪئي ۽ مختلف ضلعت ۾ ڊيپوٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي رهيو، جتان 1958ع ۾ رٽائر ڪيائين.عبدالله عباسي صاحب علم ادب، صحافت ۽ علمي ميدان ۾ چڱيون ڪوششون ڪيون آهن.  هن 1925 ۾ “گلشن” ماهوار رسالو جاري ڪيو ۽ ان کانسواءِ سنڌ آبزور جو 1930 کان 1932 تائين اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ “سنڌ شيوڪ” روزانه سنڌي اخبار جو ساڳي عرصي دوارن سب ايڊيٽر ٿي رهيو کيس سنڌ سرڪار ڪيترن ئي ڪميٽين تي ميمبر ڪري کنيو. جن مان “مسلم اسڪولن جي ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽي” ۽ “قبائلي ماڻهن لاءِ تعلي ترقي ڏيڻ واري ڪميٽي” جا نالا قابل ذڪر آهن.هن صاحب “ماڊرن اڪيڊمي” (1930)، هوپ فل انگليش اسڪول” (1932)، ۽ “شائننگ اسٽار اسڪول” (1960) جهڙا تعليمي ادارا به پڻ قام ڪيا. پاڻ هڪ بهترين مضمون نگار آهي ۽ ڪيترائي ننڍا ننڍا ڪتاب لکيا اٿس، جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

(1)              اخوت محمد صحراث عليه وسلم، (2) “قائد اعظم محمد علي جناح”، (3)“رئيس الاحرار مولانا محمد علي”، (4)“حڪيم الامت علامه اقبال” (5)“شمس العلماء علامه دائود پوٽه”، (6)“تاريخ الاسلام” (7) “حالات ضلع ٺٽه”(8)“ حالات صوبه سنڌ”(9)“ تاريخ صوبه سنڌ” (10)“حالات پاڪستان”(11)“سنڌي حرف ونحو”(12) اردو استاد”(13)“سر آغا خان” ۽ (14)“محمد ايوب کهڙو”

علي بخش “رضا”: علي بخش ولد محمد يوسف احمد زئي 1910ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ جي معمولي تعليم ورتائين. 1923ع کان وٺي پريس لائين ۾ ڪم ڪيائين علي بخش احمد زئي “خاڪسار” تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. پاڪستان  کان اڳ انهيءَ تحريڪ جي ٻن اخبارن “آفتاب” ۽ “باب اسلام” جو ايڊيٽر به ٿي رهيو.علي بخش شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به هو. شاعري ۾ سندس تخلص “رضا” هو. “انجام الفت” نالي ڪهاڻين جو مجموعو سندس ئي لکيل آهي. 29 اپريل 1974ع تي وفات ڪيائين.

عبدالفتاح عبد:عبدالفتاح ولد مولانا محمد عاقل سومرو 27 اپريل 1907 تي ڳوٺ  پنو عاقل، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، عربي ۽ فارسي ۾ ابتائي تعليم  پنهنجي والد کان ورتائين. ان کانپوءِ “لاڙڪاڻي مدرسه” مان پاس ڪيائين. “عبد” هڪ ڪهنه مشق ۽ باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. شاعريءَ جي ڏات کيس ورثي ۾ ملي. سندس والد به شاعر هو ۽ سندس تخلص “عاقل” هو.“عبد” مرحوم 1932ع کان صحافي جي ميدان ۾ پير ڌرتو تنهن سال ڌاري ڪجهه وقت “سنڌ زميندار”، سکر جو سب ايڊيٽر ٿيو. پاڻ ڪيترو وقت “اديب سنڌ” لاڙڪاڻي ۾ هفتيوار “پاڪستان لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس وفات 22، اپريل 1973ع تي ٿي

عبدالفتاح ميمڻ: عبدالفتاح ميمڻ ولد حاجي ولي محمد 20 آڪٽوبر 1920ع تي ڄائو. 1941ع ۾ بي .اي ۽ 1943ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين. اڄ ڪلهه ڪراچي ۾ وڪالت ڪري رهيا آهن.جناب عبدالفتاح ميمڻ سنڌ جي ناميارين سياسي ۽ سماجي شخصيت مان هڪ آهن. پاڻ جيڪي تعليمي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون اٿن، انهن کي به ڪڏهن نظر انداز ڪري نه ٿو سگهجي. ميمڻ صاحب پنهنجي سياسي زندگي جو آغاز “مسلم ليگ” جي ميمبر جي حيثيت سان ڪيو. پاڻ 1950ع کان وٺي 1958 تائين “سنڌ پراونشل مسلم ليگ” جو سيڪريٽري جنرل ٿي رهيو. 1953 کان 1955 تائين “سنڌ اسيمبلي” جي ميمبر جي حيثيت ۾ سنڌ جي سياسي خدمت ڪيائين. ان کان سواءِ 1952 کان 1953 تائين “آل پاڪستان مسلم ليگ ايگزيڪيوٽيو ڪميٽي” جو ميمبر به ٿي رهيو. سندس لياقت ۽ صلاحيتن کي آڏو رکندي کيس 1955ع ۾ پاڪستان طرفان پنهنجي ترجمان لاءِ “يونائيٽڊ نيشن جنرل اسيمبلي” ۾ نمائندو ڪري موڪيلو. ان کان سواءِ ڪيترو عرصو “سعوديه عربيه” ۽ “سوماليه” ۾ پاڪستان جا سفير به ٿي رهيا آهن. ميمڻ صاحب جي ڪوششن سان 1954ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ “لاڙڪاڻي ڪو آپريٽو ڪاليج ايڊيوڪشن سوسائٽي” قائم ٿي. جنهن طرفان “لاڙڪاڻي ڪاليج آف ڪامرس ائنڊ اڪانامڪس” قائم ٿيو. پاڻ 1960 کان 1963 تائين انهيءَ جا اعزازي پرنسپال رهيا. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر واري زماني ۾ کين سنڌ يونيورسٽي جي سينيٽ جي ميمبر ٿيڻ جو موقعو به مليو. جن وقت “ريڊ ڪراس” ۽ “روٽري ڪلب” جا سرگرم ڪارڪن آهن.جناب عبدالفتاح صاحب ڪن مکيه ڪانفرنس ۾ تحقيق مقالا به پڙهيا آهن، ۽ ڪتاب به لکيا آهن، جن مان “آئل ائنڊ فيٿ” (1967) ۽ “انوينشنس ٽو نيو سوسائٽي” (1967) ذڪر ڪرڻ لائق آهن.

عبدالرحمان:عبدالرحمان ولد حاجي صادق جويو 1 آڪٽوبر، 1921 ع تي راڄو ديرو، تعلقي دادو ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي “پرائمري اسڪول” مان ورتائين. معمولي تعليم حاصل ڪئي اٿس، ليڪن زماني جي اُستاد کيس گهڻو ڪجهه ئي ڏنو آهي. عبدالرحمان جويو صاحب 1955ع ۾ دادو مان هفتيوار “اعلان حق” اخبار جاري ڪئي، جنهن جو پهريون ايڊيٽر حافظ محمد “احسن” بڻيو، ان کان پوءِ هي پاڻ اخبار جي ايڊيٽري سنڀالي. “اعلان حق” مسلم ليگ جماعت جي آرگن طور ڪم ڪندي هئي، ۽ جڏهن جماعت طرفان ان جي مالي مدد بند ٿي، ته اخبار ڇهن مهينن هلڻ کان پوءِ بند ٿي وئي.ان کان پوءِ هن “جمهوريت” هفتيوار اخبار جاري ڪئي، جيڪا به ڪجهه وقت کان پوءِ بند ٿي وئي. عبدالرحمان جويو هن وقت دادو ۾ عريضي_ نويسي ڪندو آهي.

عبدالسعيد:عبدالسعيد ولد حافظ مولوي عبدالحميد ڀٽي، آگسٽ 1952ع ۾ سکر ۾ ڄائو. سکر جي مختلف ادارن جهڙوڪ “پرائمري اسڪول”، “سينٽ سيئورس اسڪول”، “گورنمينٽ هاءِ اسڪول” ۽ “ڊگري ڪاليج” ۾ پڙهي گريجوئشن ڪيائين.عبدالسعيد ڀٽي 1974ع ۾ “هلال پاڪستان” (ڪراچي) جو نمائدو ٿيو. مئي 1975 ع ۾ جڏهن سندس والد وفات ڪئي، ته هي صاحب “المنار” (سکر) جو ايڊيٽر ٿيو، ۽ اڄ ڏينهن انهيءَ حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.

عبدالحليم “جوش”: شيخ عبدالحليم “جوش” ولد عبدالله “عبد” 1 مارچ 1932ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سنڌي تعليم، “اسلاميه اسڪول نوآباد”، ڪراچي ۾ حاصل ڪيائين. تنهن کان پوءِ “هاءِ اسڪول ميرپورخاص” ۾ داخل ٿيو، ۽ سنه 1948ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ “سنڌ مسلم ڪاليج”، ڪراچي ۾ داخلا ورتائين ۽ 1953ع ۾ بي.ا ي جي ڊگري حاصل ڪيائين. “جوش” صاحب ٿوري وقت لاءِ ماستريءَ ڪئي، ان کان پوءِ “انفرميشن ڊپارٽمينٽ” ۾ آيو، هن وقت انهيءَ کاتي ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز آهي. عبدالحليم “جوش” صاحب کي سنڌي صحافت جي  تاريخ لکندي، ڪڏهن به نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. سندس ئي ڪوششن سان 1948ع ۽ پوءِ 1950ع ۾ لعلم محمد “لعل” ڪراچي مان “آفتاب” رسالو جاري ڪيو، جنهن ۾ هن صاحب معاون ايڊيٽر جو ڪم ڪيو. ان کان پوءِ 1950ع ڌاري محمد عمر ڄاموٽ مرحوم “ناخدا” رسالو ڪڍيو. هن رسالي جي اجراع ۽ اشاعت ۾ به “جوش” صاحب جو وڏو هٿ هو.“جوش” صاحب مئي . 1976ع کان انفرميشن ڊپارٽمينٽ طرفان ماهوار “پيغام” جاري ڪرايو ۽ نومبر 1976ع تائين هن رسالي جا ايڊيٽر ئي رهيا.

عبدالقادر جوڻيجو: عبدالقادر ولد مردي حسن جوڻيجو 1 نومبر 1945ع تي ڳوٺ جنهاڻ، تعلقي مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ ۽ مٺيءَ جي پرائمري اسڪولن مان ورتائين. ثانوي تعليم سنڌ جي مختلف هاءِ اسڪولن، جهڙوڪ_“گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهداد پور”، “گورنمينٽ هاءِ اسڪول سڪرنڊ”، “گورنمينٽ هاءِ اسڪول نواب شاهه”، “گورنمينٽ هاءِ اسڪول ديهه نمبر 170”، “گورنمينٽ هاءِ اسڪول سانگهڙ” ۽ “گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو” مان ورتائين. هن صاحب 1961ع ۾ مئٽرڪ، 1965ع ۾ ايس. وي، 1968ع ۾ بي.اي ، 1969ع ۾ بي. ايڊ، ۽ 1977ع ۾ ايم. اي (سوشالاجي) جا امتحان پاس ڪيا. هن وقت سوشالاجيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ جي تياري ۾ آهي. عبدالقادر صاحب مختلف وقتن تي مختلف ملازمتون ڪيون آهن. 1962ع کان 1971ع تائين پرائمري ماستر ٿي رهيو، 1971ع کان 1976ع تائين “سيڪنڊري ٽيچر” ۽ 1976 کان 1978ع تائين سنڌالاجيءَ ۾ پبليڪيشن آفيسر ٿي رهيو. هن وقت سنڌالاجيءَ ۾ نشرو اشاعت جو ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي. عبدالقادر 1964ع کان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪندو پيو اچي. انهيءَ سال سندس ٽيهارو کن ڪهاڻيون. “روح رهاڻ” (حيدرآباد) ۾ شايع ٿيون.“واٽون راتيون ۽ رول” جي نالي سان سندس افسانن جو مجموعو شايع ٿي چڪو آهي.هي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ طرفان شايع ٿيندڙ سالياني مخزن “پرک” جو 1977 واري پرچي جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هن وقت 1977 کان سنڌالاجي طرفان جاري ٿيندڙ ڇهه ماهي “سنڌ ادب” رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر آهي.

عبدالڪريم “سعدي”: عبدالڪريم “سعدي” ولد محمد پريل 8، جولاءِ 1924ع تي ٽنڊي الهيار ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ئي ورتائين، ان کان پوءِ 1932ع ۾ “ڪاڇارو شريف اسڪول” مان فائينل پاس ڪيائين. بعد ۾ “مظهرالعلوم مدرسته”، ڪراچي ۾ عربي ۽ فارسي پڙهڻ ويٺو، ۽ 1943ع ۾ دستاربندي ڪيائين. سعدي صاحب هن ئي عرصي دوران “سنڌ مدرسته الاسلام” مان انگريزيءَ تعليم ورتي، ۽ آخر ۾ “پنجاب يونيورسٽيءَ” مان 1942ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. سعدي صاحب 1945ع ۾ هفتيوار “مسلما ن”( حيدرآباد) ۾ ڪم ڪرڻ سان صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو. انهيءَ کان پوءِ 9 مهينا کن “پيغام صلح” (ڳڙهي ياسين) جو ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. تنهن کان پوءِ ذري گهٽ سال روزانه“قرباني” (ڪرڪاڇي) ۾ اسٽنٽ ايڊيٽر، ۽ 1946ع کان روزانه“هلال پاڪستان” (حيدرآباد) ۾ اسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو. پاڻ 1950ع تائين اتي ڪم ڪيائين، جنهن کان پوءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ ملازمت ڪيائين. 1952ع ۾ پنهنجي سئوٽ محمد عمر سان گڏجي ٽنڊوالهيار مان روزانه “تاج پاڪستان” اخبار جاري ڪيائين، جيڪا پنج مهينا کن هلي. 1953ع ۾ ساڳي ئي هنڌ تان حاجي محمد صادق ميمڻ سان گڏجي هفتيوار “الهلال” اخبار ڪڍيائين،  جيڪا 1968 تائين هلي. انهيءَ کان پوءِ سعدي صاحب مڊل ايسٽ هليو ويو، جتان 1972ع ۾ موٽي اچي “هلال پاڪستان” (ڪراچي) ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. عبدالڪريم صاحب جهوني صحافي ۽ عالم هئڻ سان گڏ اديب ۽ شاعر به آهي. شاعريءَ ۾ “سعدي” تخلص استعمال ڪندو آهي. پاڻ ڪيئي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا اٿس،  جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“مرزا غلام احمد قادياني”، “بوستاني جو منظوم اردو ترجمو” “عبدالرحيم گروهڙي” ۽ “مسيحت” (ترجمو)، سعدي صاحب مختلف وقتن تي مختلف اخبارن ۾ مستقل ڪالم به پئي لکيا آهن، جئين: “مسلمان” اخبار ۾ ڪالم، “وتايو فقير”،“پيغام صلح” اخبار ۾ ڪالم،“چرچن جي چٽڻي”، “هلال پاڪستان” (حيدرآباد) ۾ ڪالم، “تفريحات “هلال پاڪستان” (ڪراچي) ۾ ڪالم، “جهاتيون”.     

عبدالفتاح ابڙو: عبدالفتاح خير محمد ابڙو 1، جولاءِ 1940ع تي نواب شاهه ۾ ڄائو. “پرائمري اسڪول” نواب شاهه، “ڊي. سي. هاءِ اسڪول” نواب شاهه، “گورنمينٽ ڪاليج” نواب شاهه ۽ ”سچل سرمست ڪاليج، حيدرآباد ۾ تعليم وٺي پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس.عبدالفتاح صاحب 1960ع کان وٺي صحافت جي دنيا ۾ آيو. ڪيترو وقت “مهراڻ” (حيدرآباد)، “هالا پاڪستان” (حيدرآباد)، “انجام” (ڪراچي)، ۽ ”مشرق“ (ڪراچي) جو ضلعي نواب شاهه لاءِ نمائندو ٿي رهيو. ان کانسواءِ هفتيوار “جهاد” (نواب شاهه” جو به ٽي سال سب ايڊيٽر ٿيو. هن صاحب 1971ع ۾ نواب شاهه مان هفتيوار “پرڀات” جاري ڪئي جنهنجو پاڻ ئي ايڊيٽر آهي.

عثمان علي انصاري: عثمان علي ولد هدايت علي انصاري 2، آڪٽوبر 1901ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم شڪارپور ۽ ميهڙ (ضلعو دادو) جي پرائمري اسڪولن مان ورتائين. انگريزي تعليم جي ابتدا خيرپور ميرس ۾ ڪيائين، ليڪن 1918ع ۾ مئٽرڪ وري پنهنجي شهر مان ڪيائين، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پهريون جهوناڳڙهه ۽ پوءِ علي ڳڙهه ويو، جتان 1921ع ۾ انٽرپاس ڪيائين. ان کانپوءِ پهريون “ڊي. جي.ڪاليج، ڪراچي ۽ آخر ۾“برودا ڪاليج” ۾داخل ٿيو ۽ 1923ع ۾ بي.اي. ڪيائين. ساڳي سال انگلينڊ ويو، جتان 1925 ۾ ايم. اي. جي ڊگري ۽ صحافت جو ڊپلوما وٺي آيو.

(01)                     عثمان علي انصاري 1925ع ۾ ميرپورخاص جي مدرسي جو هيڊماستر ٿيو. مختلف اسڪولن ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ، 1940ع ۾ کيس ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو، جتي 1947ع تائين رهيو، ان کان پوءِ چار سال “ايس.ٽي. ڪاليج”، ڪراچي جو پرنسپال، ۽ 1950 کان 1957 تائين “ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن، سنڌ ٿي رهيو.

(2)              عثمان علي انصاري 1940 ۾ سنڌي ادبي مرڪزي صلاحڪار بورڊ جو پهريون سيڪريٽري مقرر ٿيو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ جڏهن انهي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ڪئي وئي، ته هي صاحب انهي جو ميمبر ۽ ڪجهه وقت لاءِ اعزازي سيڪريٽري به ٿي رهيو.

(3)              عثمان علي انصاري نه رڳو سنڌ جي اعليٰ تعليم آفيسرن ۽ ادبي بورڊ جي سيڪرٽرين مان هڪ هو، بلڪ پاڻ صحافي، ۽ اديب به هو. 1925ع ۾ ولايت کان موٽڻ بعد کيس ڪجهه وقت لاءِ“باهبي ڪرانيڪل” اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ان کان پوءِ 1946ع کان 1947ع تائين ٻه ماهي “مهراڻ” جي ايڊيٽوريل بورڊ جو چئيرمين ٿي رهيو.

(4)              سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

(5)              “درس عمل” (اخلاقيات-1936)، “گمراهه دوست” (ترجمو ٿيل ناول-1939)، “ادبي انتخاب”(مضمون ڪهاڻيون-1944) “رسالو سچل سرمست”(ترتيب-1958)، “جرم وفا” (ترجمو ٿيل ناٽڪ)، “پنج ڪهاڻيون” (ڪهاڻيون) ۽ “سنڌي نشر”

(6)              سندس وفات 2، سيپٽمبر 1962 تي ٿي

عمرالدين“بيدار”:  عمرالدين ولد محمد آچر سهتو 1، اپريل 1929ع تي ڳوٺ دليپوٽه، تعلقي نوشهرو فيروز ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين ان کان پوءِ چوٿين درجي انگريزي تائين “ڪوڙومل چندمل اڪيڊمي” ڀريا ۾  پڙهيو. مئٽرڪ 1925ع ۾ “ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول” نواب شاهه مان ڪيائين. هن صاحب مئٽرڪ کان پوءِ ايڪسٽرنل اسٽوڊنٽ جي حيثيت ۾ انٽر پاس ڪئي، ۽ بعد ۾ “سچل سرمست ڪاليج” نواب شاهه، ۽ “مسلم ڪاليج” حيدرآباد ۾ داخلا ورتي، جتان 1969ع ۾  بي.اي. ڪئي.عمرالدين بيدار جي زندگي انهيءَ واچوڙي مثال پئي رهي آهي، جنهن کي ڪنهن به هڪ هنڌ تي ٽڪاءُ نصيب نه ٿيندو آهي. هن صاحب ڪجهه وقت لاءِ اُستاد ٿي ڪيترن ئي اسڪولن جهڙوڪ “مسلم مڊل اسڪول نواب شاهه”، اي. پي. ڪلاس عمربودلو”، اي. پي. ڪلاس شاهه آباد”، “اي. پي. ڪلاس سونهري”، “هاءَ اسڪول کپرو”، “مڊل اسڪول کڏڙو” ۽ “مڊل اسڪول ٽالپرن جو ڳوٺ”، ۾ تعليم ۽ تدريس جو ڪم ڪيو ۽ ڪجهه وقت لاءِ دوڪان ۽ بڪ اسٽال به ڪڍيائين.علم دوستي ۽ ادب پروري هن صاحب کي ورثي ۽ ماحول ۾  مليون. سندس والد هنبوڇيءَ جو ڳائيندڙ فقير هو. موريل شاهه جي ميلن ۽ ڀڳتين جهڙوڪ پورڻ سنگهه، چندر ۽ گلاب سنگهه جي ڀڳتين هن ۾ به روح ڦوڪيو. اهوئي سبب آهي جو اڄ عمرالدين جي نالي سان گڏ “بيدار” جو تخلص به لڳل نظر اچي ٿو. عمرالدين“بيدار” ۽ صحافت جو پاڻ ۾ پالڻي جو ساٿ آهي. هن صاحب شاگرديءَ جي زماني 1952 ۾ “چڻنگ” نالي هڪ ويڪلي جاري ڪئي. جيڪا پهريون هٿ سان لکي دوستن ۾ ورهائيندو هو ۽ پوءِ وقت جي هيڊماستر حاجي خواجه صاحب کيس سائيڪلو-اسٽائيل ڪرائڻ جي سهولت ڏني. انهي ڪوشش اڳتي هلي “رهنما” ۽ پوءِ “ادا” ماهوار جي صورت ورتي.“بيدار” صاحب مختلف حيثيتن ۾ مختلف ا خبارن ۾ جهڙوڪ هفتيوار “دعوت” (سکر)، “هلال پاڪستان” (حيدرآباد) “نواءِ سنڌ” (حيدرآباد) “مهراڻ” (حيدرآباد)، ۾ ڪم ڪيو آهي. ان کان پوءِ مختلف رسالن ۽ اخبارن جو ايڊيٽر به ٿي رهيو آهي. چئن ماهوار “بادل” (باني ايڊيٽر)، “الوحيد” (حيدرآباد)، “سنڌو” (باني ايڊيٽر) ۽ “نجم سحر” (باني ايڊيٽر)، ڪجهه وقت “هلال پاڪستان” ڪراچي ۾ چيف رپوٽر به ٿي رهيو. ڪجهه ڪتاب به لکيا اٿس جن جو وچور هن ريت آهي، “وساريان نه وسرن” (ناول-1962)، “ماحول جي مهرباني” (شاعري-1962) “ماهرو” (ناول-1967)

علي محمد: شيخ علي محمد ولد محمد خان 15، فيبروري 1925ع تي ڳوٺ موري منگر، تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو. ڳوٺ جي “پرائمري اسڪول” ۽ “نور محمد هاءِ اسڪول” مان تعليم ورتائين. هن وقت گريجوئٽ آهي.شيخ علي محمد صاحب سنڌ جي بزرگ ۽ تجربيڪار ايڊيٽرن مان هڪ آهي. هي صاحب 1946ع ۾ “هلال پاڪستان” (حيدرآباد) جو نيوز ايڊيٽر ٿيو. ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين لڳاتار صحافت جي دنيا کي آباد ڪيون ويٺو آهي. صحافت جي تاريخ ۾ سندس خدمتن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو:1953ع کان 1958ع تائين روزانه، “ڪاروان” (حيدرآباد) جو مئنيجنگ ايڊيٽر، 1958ع کان 1969 ۾تائين “عبرت” (حيدرآباد) جو ايڊيٽر، 1969ع کان 1972ع تائين “هلال پاڪستان” (حيدرآباد) جو ايڊيٽر، ۽ 1972ع کان اڄ ڏينهن تائين روزانه “آفتاب” (حيدرآباد) جو ايڊيٽر.

علي نواز وفائي : علي نواز ولد الحاج دين محمد وفائي 24، مئي 1925 تي سکر شهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم سکر ۾ ورتائين، ان کان پوءِ “نوشهرو فيروز مدرسه” ۽ سنڌ مدرسته الاسلام” مان انگريزي جا ٻه درجا پڙهيائين. ان کان پوءِ “انڊڙپور پرائمري اسڪول” مان فائينل پاس ڪيائين.علم دوستي ۽ ادب پروري کي پنهنجي ورثي توڙي ماحول مان ملي آهي. سندس وڏا پنهنجي وقت ۾ مشهور آخوند ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن. سندن والد سنڌ جي صحافت جو امام مڃيو وڃي ٿو. جيڪو نه صرف هڪ صحافي هو. بلڪ شاعر اديب ۽ سياسي رهبر به هو. علي نواز وفائي صاحب به پنهنجي والد جي جلايل جوت کي شمع جي صورت ۾ برقرار لکيون پيو اچي. هي صاحب پنهنجي والد برزگ جي وفات کان پوءِ “توحيد” رسالي جو ايڊيٽر ٿيو.هن وقت ڪراچيءَ مان هفتيوار “آزاد” ڪري رهيو آهي. سندس “آزاد” هفتيوار اخبارن ۾ سرتاج جي حيثيت رکي ٿي. وفائي صاحب ڪجهه ڪتاب به لکيا آهن، جن جو وچور هن هيٺ ڌجي ٿو:“سورهين ڏانهن سنيهو”(سياست)“پلئه پاسوسچ”(مضمون نگار) ۽ “رکئي جورهاڻ”(مضمون نگار-1979)

غلام احمد نظامي : غلام احمد‘نظامي‘ جي ولادت پندرهين جون 1895ع تي ڪراچي شهر ۾ ٿي. پاڻ قرآن شريف معمولي فارسي ۽ ٽي درجا اردو تعليم حاصل ڪري وڃي درزڪي ڪم سان لڳو. 1926ع ۾ جهونا مارڪيٽ ۾“قومي ڪتب خانو” کولي ڪتب فروشيءَ جو ڪم شروع ڪيائين. 1928ع ۾ “دره حيدري” نالو رسالو جاري ڪيائين. 1932ع ۾ “سفيد قبر” وٽ سيڌي جو دڪان کوليائين. 1934ع ۾ نوآباد ۾ اٽي پيهڻ جي مل لڳايائين ۽ ان کانپوءِ “سنڌ اسلاميه هوٽل” سان وابسته ٿي ويو. پنهنجي زندگيءَ جي آخرين ڏهاڙن ۾ “وحدت” نالي هڪ سنڌي هفتيوار اخبار پڻ جاري ڪيائين. سندس وفات ٽيويهن فيبروري 1950ع تي ڪراچي ۾ ٿي. غلام احمد نظامي هئو ته معمولي يا فته ليڪن ٻالپڻي کان وٺي کيس سنڌي ٻولي ۽ علم ادب سان چاهه هو. سندس طبيعت شروع کان وٺي موزون هئي ۽ استاد شاعرن جي ڪلام گڏ ڪرڻ ۽ ياد ڪرڻ جو خفت هوندو هو. انهيءَ ڪري شعرو شاعري جي سنگلام زمين تي قدم رکندي نه لڳ  کيس ڪا تڪليف محسوس نه ٿي ليڪن ٿوري وقت کان پوءِ اعليٰ درجي جو شاعر ٿي پيو.شروعات ۾ “اصغر” تي تخلص اختيار ڪيائين ۽ پوءِ وري “خبطي” تخلص پاڻ لاءِ مناسب ڄاتائين جڏهن خواجه حسن نظامي جو مريد ٿيو ته پوءِ انهيءَ نسبت سان پنهنجو تخلص به ‘نظامي‘ رکيائين. نظامي هڪ فعال اديب هو. پاڻ نه رڳو “دره حيدري” رسالو ۽ “وحدت” اخبار جاري ڪيائين. پر ڪيترو وقت “اديب سنڌ” جو به ايڊيٽر ٿي رهيو. ان کان پوءِ ڪراچي ۾ “بزم ادب” جو بنياد وڌائين، جا سندس وفات بعد “بزم نظامي” سڏجڻ ۾ آڻي. پاڻ “جمعيت الشواءِ سنڌ” جو هڪ پر خلوص ۽ سرگرم ڪارڪن هو. ‘نظامي‘ مرحوم جي تصانيف جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:

(الف) ڇپيل ڪتاب : (1)“اتفاق” (2) مرحوم نامو” (3) “خوردمشق” (4) “خدائي انتقام” (5) “مسدس حالي”     (منظوم سنڌي ترجمو) (6) “گلشن سنڌ” (7) “شريف ماسترياڻي” (8) ڪمال پالشا” (9) “گلزار پنجتن” (10) “مساوات اسلام” (11) “محفل ميلاد” (12) “بياض نظامي” (13) “رياض نظامي” (14) “نيال خطبي عرف قربن جو ڪچڪول” (15) “ترانه پاڪستان”،

(ب) اڻ ڇپيل ڪتاب : (1) “جديد شهراءِ” (2) “خزينئه معلومات” (3) “سچائي جو سڏ” (4) “فسانه عبرت” (5) “مضامين نظامي” (6) “سعرف نظامي” (7) “روح اسلام” (8) “فرقه بندي” (9) تجارت” ۽ (10) “زنده دلي”

غلام محمد لغاري:غلام محمد ولد حاجي محمد خان لغاري 31، جنوري 1917ع تي ڳوٺ غلام علي فقير، تعلقي ڊگريءَ ۾ ڄائو، پنهنجي ڳوٺ جي ملن کان قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي تعليم ورتائين.غلام لغاري، سنڌ جي انهن هڏ ڏوکي سياسي ڪارڪنن مان هڪ آهي، جن سياست جي سنگلاخ زمين کي پنهنجي جذبن، امنگن ۽ قربانين جي پاڻيءَ سان پئي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سياست ۾ اچڻ کان پوءِ هي صاحب هرهڪ اقتدار جي درو ۾ جيل ويو آهي، ۽ سندس جيل ياترا جو مدو لڳ ڀڳ ويهن سالن جو ٿئي ٿو. ڪجهه وقت ملڪ بدر به رهيو.ڪامريڊ لغاري 1952ع کان وٺي صحافت ڏانهن راغب ٿيو. سنڌ ۽ بلوچستان کان مختلف شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، ۽ ڪوئيٽا مان اخبارون ڪڍيائين يا انهن جو ايڊيٽر ٿي رهيو. انهن اخبارن ۾ “سچائي” “بيداري” ۽ “نئين سنڌ” قابل ذڪر آهن. هن وقت پاڻ ميرپورخاص مان هفتيوار “سچائي” ۽ “بيداري” ڪري رهيو آهي. هن صاحب 1974ع ۾ ميرپورخاص مان “سچ” ڊائجسٽ نالي ماهوار رسالوبه ڪڍيو.

غلام عباس قادري: ميان غلام عباس ميان دوست محمد 1904ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ٽي درجا انگريزيءَ جا پاس ڪيائين.هي صاحب ڪيترو وقت لاڙڪاڻي ميونسپالٽي جي سينيٽري ڪميٽيءَ جو چيئرمين ٿي رهيو. ان کان پوءِ ٻارنهن سال ،“لاڙڪاڻه اربن ڪوآپريٽو بئنڪ لميٽيڊ” جي چيئرمين به ڪيائين.هو ڪيترين ئي سياسي، سماجي ۽ مذهبي جماعتن سان وابسته رهيو. انهن جماعتن ۾ “انجمن خداءِ اسلام”، “انجمن حمايت اسلام” ۽ “انجمن غريب ومقام” جا نالا قابل ذڪر آهن.“جوش” جي تخلص سان شاعري ڪندو هو. کيس وقت جي ناميارن شاعرن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. هن صاحب 1922ع ۾ لاڙڪاڻي مان هفتيوار “الحقيقت” جاري ڪئي، ۽ آخري دم تائين ان جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس وفات 26، فيبروري 1962ع تي ٿي.

غلام رسول: غلام رسول ولد حافظ گل محمد جوڻيجو 14، جولاءِ 1949ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. پرائمري تعليم “شيدڪي کُهي پرائمري اسڪول” ۽ ثانوي تعليم “گورنمينٽ هاءِ اسڪول”، شڪارپور مان ورتائين 1971ع ۾ “شاهه لطيف ڪاليج” مان بي. اي. ڪيائين.غلام رسول جوڻيجو صاحب 1968ع ۾ صحافت جي ميدان ۾ قدم رکيو. پاڻ ڪيترو وقت هفتيوار “تنظيم” (شڪارپور) جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هن وقت پاڪستان اليڪٽرڪ پريس، شڪارپور ۾ مئنيجر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.

غلام رباني: غلام رباني ولد عبدالطيف آگرو 5، نومبر 1933ع تي ڳوٺ محمد خان آگري، تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم آسپاس جي ڳوٺاڻن اسڪولن مان ورتائين، ليڪن مئٽرڪ جو امتحان “مدرسه هاءِ اسڪول” نوشهرو فيروز مان پاس ڪيائين. ڪاليجي تعليم حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن مان ورتل اٿس. بي. اي تائين پڙهيل آهي.غلام رباني ڪجهه وقت لاءِ ماهوار “نئين زندگي” (ڪراچي) جوائنٽ ايڊيٽر ٿيو. هن وقت “سنڌ ادبي بورڊ” جو سيڪريٽري آهي. شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ جي زماني ۾ هي صاحب سنڌ يونيورسٽي جو پرو وائس چانسلر به ٿي رهيو. انهيءَ زماني ۾ سنڌالاجي طرفان شايع ٿيندڙ رسالي “سنڌي ادب” جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر هئو. پرو وائيس چانسلريءَ کان اڳ ڪيترو وقت “سنڌي ادبي بورڊ” جي ماهوار ٻاراڻي رسالي “گل ڦل” جو اعزازي ايديٽر ٿي رهيو آهي. سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان “چونڊ امريڪي افسانا” (سراج ميمڻ سان گڏ ترجمون _ 1958)، “آب حيات” (ڪهاڻيون 1960)، “سماجي اڀياس” (نصابي ڪتاب 1964) ۽ “پيار جي پري” (ڪهاڻيون 1973) ذڪر ڪرڻ جي لائق آهن.

غلام حسين منگي: غلام حسين ولد نورمحمد منگي 1، جنوري 1895ع تي ڳوٺ ڪارڙا، تعلقي ميروخان، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. 1901ع ۾ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ لائلپور وڃي زراعت جو ڪورس پڙهي پورو ڪيائين، ان کان پوءِ ٽي سال حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ ماستريءَ جي تربيت وٺي ماهوٽن جي اسڪول ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. غلام حسين منگي 1950ع ۾ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ “انصاف پرنٽنگ پريس” خريد ڪئي. هن ئي پريس مان “انصاف” هفتيوار اخبار نڪرندي هئي. انهيءَ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ ئي “عزيز اخبار پرنٽنگ پريس” کوليائين، جتان “ڍنڍورو” (هفتيوار) اخبار جو اجراع به ڪيائين. هي صاحب پاڻ ان اخبار جو ايڊيٽر ۽ عبدالفتاح ميمڻ ان اخبار جو چيف ايڊيٽر ٿيو. آخر ۾ “آفتاب پرنٽنگ پريس” ڪڍيائين، ۽ اتان هفتيوار “آفتاب” جاري ڪيائين. غلام حسين منگي شعرو شاعريءَ سان به شغف رکندو هو. شاعريءَ ۾ “قربان” مخلص اختيار ڪيل هئس. پاڻ حاجي محمود “خادم” جو دوست ۽ همعصر شاعر ۽ صحافي هئو. سندس وفات 14، جون 1974ع تي ٿي.

غلام حسين“شاد”: غلام حسين ولد الله بخش خواجه 18، فيبروري، 1940ع تي ڳوٺ ڪڍڻ ضلعي بدين ۾ ڄائو. سنڌي فائينل ۽ ٽي درجا انگريزي پڙهيل آهي. هن وقت تلهار ۾ اسٽامپ وينڊر آهي. غلام حسين ، شاد” جي تخلص سان شاعري به ڪندو آهي. هي صاحب 1962ع ۾ رسالي “راحت” جو ايڊيٽر ٿي رهيو.

غلام سرور: غلام سرور “قمر حيدري” ولد مير جيئندي خان جتوئي 20، فيبروري 1934ع تي ڳوٺ محمد خان بلوچ تعلقي گهوٽڪي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن وقت خيرپور ۾ رهي ٿو. “پرائمري اسڪول دڙي”، “مدرسه ملا ڇٽو”، ۽ “ودياله هاءِ اسڪول” گهوٽڪيءَ ۾ پڙهيو. سنڌي ۽ اردو ۾ فائينل پاس ڪئي اٿس، ليڪن مئٽرڪ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. غلام سرور جتوئي 1957ع کان وٺي صحافت جي دنيا سان وابسته آهي. پاڻ ڪيترو وقت “ذوالفقار” گهوٽڪي ۾ سب ايڊيٽر ۽ “پبلڪ پڪار” (ڪنڌڪوٽ) ۾  سب ايڊيٽر ٿي رهيو آهي. هن وقت “خادم وطن” لاءِ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ۽ هفتيوار “جاويد” (خيرپور) جو ايڊيٽر آهي.

غلام تقي: غلام تقي ولد نثار علي جعفري 12، ڊسمبر 1929ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. اتي ئي “پرائمري اسڪول شاهه محمد” ۽ “مدرسه هاءِ اسڪول” ۾ پڙهي مئٽرڪ پاس ڪيائين.غلام تقي صاحب 1950ع کان وٺي سنڌي صحافت ۽ علم ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي. پاڻ  ٽي چار سال کن “نئين سنڌ”، “الوحيد” ۽ “مهراڻ” جي نمائندي هئڻ سان گڏ “ماسٽر نيوز سروس” جو چيف رپورٽر ٿي رهيو. هن صاحب 1951ع ۾ لاڙڪاڻي مان هفتيوار “مرتضيٰ” جاري ڪئي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين نڪرندي رهي ٿي، ۽ پاڻ ان جو ايڊيٽر آهي. ان کانسواءِ هي صاحب 1960ع کان 1965ع تائين غيرملڪي ماڻهن کي سنڌي اردو سيکارڻ جو ٽيوٽر به ٿي رهيو. “انسان ۽ ڪائنات _ قرآن ڪيم جي روشنيءَ ۾” ڪتاب لکيو اٿس، جو اڃا مسودي جي صورت ۾ آهي.

غلام محمد “گرامي” : غلام محمد “گرامي” ولد جاڙو خان بلوچ 30، ڊسمبر 1920ع تي ميهڙ ۾ ڄائو. ڪنهن به تعليمي اداري مان تعليم نه ورتائين. ذاتي مشاهدي، مطالعي ۽ آڌار تي گهڻو ڪجهه پرايائين.گرامي صاحب 1943ع ۾ حيدرآباد جي “جاميعه عربيه” ۾ استاد ٿيو. 1951 کان وٺي 1954 تائين “ٽريننگ ڪاليج فارمين” ۾ فارسيءَ جو استاد ٿيو.گرامي مرحوم 1943ع کان وٺي علمي، ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ آيو. مختلف وقتن جي رساله “آفتاب” (حيدرآباد)، “عرفان لطيف”، (حيدرآباد)، پاسبان (هالا)، “الزمان” (هالا)، ۽ “ترجمان” (ميرپورخاص) جو ايڊيٽر ٿي رهيو. 1955ع ۾ “سنڌي ادبي بورڊ” جي “مهراڻ” رسالي جو مئنيجگ ايڊيٽر ٿيو. 1956ع ۾ “شاعر” (حيدرآباد) جو ايڊيٽر ٿيو. 1958ع کان وفات تائين ٽه ماهي “مهراڻ” جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس وفات 15، سيپٽمبر 1976ع  تي ٿي. گرامي صاحب نامور اديب، ڪنهن مشق صحاف ۽ قابله ايڊيٽر هو. منو ڊزن کن ڪتاب به لکيائين. سندس ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“الله جو وجود” (1953)، “رفيق حيات” (1957)، “ڪلام بلبل” (1969)، “ديوان بلبل” (1969)، “اسان جو پيارو دين”، (1971)“ ادبي اهڃاڻ”، “پاڪ جمهوريت”، “اسلامي تاريخي ڪهاڻيون”، ۽ “دينيات”

غلام حيدر “ڪوٽڙي”: غلام حيدر شاهه “ڪوٽڙي” ولد سيد محمد شاهه نقوي بخاري 1895ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ٺٽي مان ورتائين. فائينل پاس ڪرڻ کان پوءِ 1932ع ۾ اسڪول ماستر ٿي رهيو. ان کان سواءِ ٿورو وقت جيلر به ٿيو، پر پوءِ استعيفا ڏئي ڇڏيائين. سيد غلام حيدر شاهه اهلسنت جي لاءِ دستار بند مولوي هئو، ليڪن پوءِ جعفري اثناعشري جو مبلغ ۽ خدمتگار ٿي رهيو. کين “شيرسنڌ” به سڏيو ويندو هو. پاڻ اعليٰ درجي جو شاعر ۽ مذهبي مناظرن ڪرڻ جو ڪوڏيو هئو.سيد غلام حيدر شاهه مذهب ۽ علم ادب کان سواءِ صحافت جي به جوڳي خدمت ڪئي. هو صاحب “الهدايت”، “الحيدر”، “الاسلام”، “ٺٽه گزيٽ”، ۽ “پنجتني” هفتيوار اخبارن جو ايڊيٽري رهيو. سندس وفات 15، جنوري 1957ع تي ٿي.

غلام مصطفيٰ شاهه: سيد غلام مصطفيٰ ولد احمد شاه راشدي 25، ڊسمبر 1936ع تي پير جو ڳوٺ، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. ديني تعليم ڳوٺ مان ورتائين، ۽ سنڌي جا چار درجا سکر جي واري تڙ واري “پرائمري اسڪول” ۾ پڙهيو. ان کان پوءِ ڇهين درجي انگريزيءَ تائين پير جي ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾  پڙهيو.سيد غلام مصطفيٰ شاهه سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي عاشقن مان هڪ آهي. تاريخ، فلسفي، جاگرافي، مذاهب، سائنس، عمرانيات، عالمي سياست، جديد نظريات ۽ آثار قديم جي موضوعن تي ڪتابن جو چڱو خاصو ذخيرو گڏ ڪيو اٿس. ان کان پوءِ ڪيترن اخبارن جا سيٽ به گڏ ڪيا اٿس. سيد غلام مصطفيٰ شاهه اپريل 1977ع ۾ هفتيوار “پڙاڏو” (پيرجوڳوٺ) جو ايڊيٽر ٿيو، ۽ هن وقت تائين انهيءَ حيثيت سان سنڌي صحافت جي خدمت ڪري رهيو آهي. ان کان سواءِ هن وقت “خيرپور پريس ڪلب” جو هڪ سرگرم ميمبر به آهي.

غلام مصطفيٰ شاهه: سيد غلام مصطفيٰ شاهه ولد حاجي ابراهيم شاهه 1، اپريل 1918ع تي ڳوٺ راهوٽ، تعلقي سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.1937ع ۾ سنڌ مدرسته اسلام مان فرسٽ ڪلاس ۾ مئٽرڪ، 1941ع مسلم يونيورسٽي مان بي. اي، ۽ 1943ع ۾ ساڳي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي. ۽ ايل.ايل. بي ڪيائين. ساڳي سال سنڌ مسلم ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، ۽ جتان ترقي ڪري 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو پهريون دفعو وائس چانسلر مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي، ۽ شڪارپور ڪاليج جو پرنسپال، ۽ لاهور، حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا جو ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن ٿي رهيو. هڪ سال لاءِ “ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ” جو چئيرمين رهي، وري 1972ع ۾ “سنڌ يونيورسٽيءَ” جو وائيس چانسلر ٿي رهيو، ۽ اتان ڊسمبر 1974ع ۾ رٽائر ڪيائين. پاڻ ڪيترو وقت پاڪستان جي اسڪائوٽ جو ڪمشنر به ٿي رهيو. شاهه جا سنڌي ۾ ڊزن کن، ۽ انگريزيءَ ۾ ٽي چار ڪتاب لکيا آهن. پاڻ 1942ع کان وٺي صحافت سان به وابسته رهيو. انهيءَ سال ٻن مهينن لاءِ “ڊان” جو اسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو. 1944ع کان هڪ سال لاءِ سنڌي انگريزي رسالي “مسلم وائس” ڪراچي جي ادارت ڪيائين. هن وقت 1974ع کان ماهوار انگريزي “سنڌ ڪوارٽرلي” ڪڍي رهيو آهي.

غلام مرتضيٰ شاهه: حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاهه سنڌ ۽ هند جي طبي دنيا جي ڄاتل سڃاتل شخصيت ٿي گذريو آهي. پاڻ “جميعت الاطباءَ” ۽ “پاڪستان طبي ڪانفرنس” جو صدر هئو. ٽنڊي محمد خان ۾ “طبيه ڪاليج” برپا ڪيائين ۽ ان وقت ڌاري اتان “طبي مخزن“ به جاري ڪيائين، سندس وفات 27، جنوري 1961ع تي ٿي.

“فيض” بخشاپوري: فيض الله ولد مصري خان ڊومڪيءَ 1922 ۾ بخشاپور، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتائين. ڪجهه وقت پنهنجي سردار ميرتاج محمد خان جي صحبت ۾ رهيو. انهيءَ ئي اثر هيٺ علم ۽ ادب جي دنيا ڏانهن راغب ٿيو. 1954ع ۾ رحيم يار خان مان اردو اديب عالم جو امتحان پاس ڪيائين.“فيض” صاحب ذري گهٽ وقت جي هرڪا سرڪار راضي پئي رهيءَ آهي. اهو ئي سبب آهي جو 1962ع ۾ جنرل ايوب کيس وظيفو ڏنو. “فيض” صاحب 1956ع ۾ جيڪب آباد مان هفتيوار “مساوات” جاري ڪئي، جا اڄ ڏينهن تائين نڪرندي رهي.“فيض” صاحب پنهنجي شاعريءَ جا ٽي مجموعا به تيار ڪري چڪو آهي. اهي آهن، “شعله عشق” (1958)، “خمخانه فيض” (1967)، ۽ “گنجيه فيض”.

فقير محمد رحيم:  فقير محمد رحيم ولد حاجي محمد مهر 1929ع ۾  پنهنجي آباڻي ڳوٺ محمد فقير مهر تعلقي سنجهوري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان ورتائين، ان کان پوءِ سانگهڙ جي“پرائمري اسڪول” مان فائينل، ۽ ميرپورخاص “گورنمينٽ هاءِ اسڪول” مان انگريزيءَ جا چار درجا پاس ڪيائين. فقير محمد رحيم جو ذريعه معاش ٻني ٻارو هوندو آهي، ليڪن صحافت سان به دلچسپي هن صاحب 1950ع ۾ هفتيوار “الفقراءِ” (سانگهڙ) جاري ڪئي، جيڪا هن وقت ٽه روزه اخبار بڻجي چڪي آهي. هي اخبار سندس ئي پريس ۾ ڇپبي رهي. فقير محمد رحيم هن اخبار ذريعي پنهنجي مذهبي، سماجي ۽ سياسي عقيدن جو پرچار ڪندي، لڳ ڀڳ 6 مرتبه جيل به ڪاٽيو. سندس جيل جي مدت چئن سالن جيتري ٿئي ٿي.کيس 13 آگسٽ 1980 تي گوليون هڻي شهيد ڪيو.

فقيرمحمد ميمڻ: فقير محمد ولد مولوي محمد عظيم ميمڻ 1936ع شڪارپور شهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم قاضي محلا جي پرائمري اسڪول مان ورتائين، ان کان پوءِ “نيو ايرا هاءِ اسڪول” (هاڻي قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول) مان مئٽرڪ ڪيائين. فقير محمد ميمڻ 1972ع ۾ صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو. هن وقت پاڻ هفتيوار “جمهوريت” (شڪارپور) جو ايڊيٽر آهي.

قاضي عبدالرحمان: قاضي عبدالرحمان ولد محمد صديق جو جنم 1898ع ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم درٻيلي ۽ نوشهري جي اسڪولن مان ورتائين ان کان پوءِ سنڌ مدرسته الاسلام ۾ داخل ٿيو. جتان 1994ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ 1920ع ۾ جهوناڳڙهه جي“ بهاوالدين ڪاليج” مان بي- اي ڪيائين. قاضي عبدالرحمان بي- اي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي نامياري اخبار “الوحيد” جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. هن عرصي دوران سنڌ جي مختلف سياسي تحريڪن ۽ پارٽين  ۾ ڀرپور حصو ورتائين. سندس لاڙو خاص ڪري ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪ طرف رهيو. قاضي صاحب “الوحيد” “صحافت” ۽ “وطن جي آزادي” خاطر 1921 ع ۾ ٻارنهن مهينا جيل جي سزا به ڪاٽي. 1923 ع ۾ وري اچي “الوحيد” جو ايڊيٽر ٿيو ۽ اتي 1928 تائين ڪم ڪيائين. 1924 ع ۾ ڪراچي مان انگريزي ۾ “مسلم ائڊووڪيٽ” نالي هفتيوار اخبار به ڪڍيائين. 1928ع ۾ “ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ” ڪراچيءَ جو چيف آفيسر ٿيو. جتي 1963 تائين رهيو. 1927 کان 1930 تائين ڪراچي ميونسپالٽي جو ميمبر ۽ ان عرصي دوران انهي جي “ورڪنگ ڪميٽي”، “هيلٿ ڪميٽي” ۽ “اسڪول بورڊ” جو ميمبر به ٿي رهيو. هن صاحب 1940ع ۾ “وار ڪميٽي جي اعزازي سيڪريٽري ٿيڻ کان پوءِ “وار بليٽن” به ڪري ۽ 1945 ع ۾ وري “الوحيد” ۾ به ڪم ڪيائين. 1947 ۾ کيس سنڌ جي اطلاعات کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، جتي 1951 ع تائين رهيو. 1955 ۾ ڪجهه وقت “نئين سنڌ” (ڪراچي) جو مئنيجر به ٿي رهيو. سندس وفات 24، جون 1958 تي ٿي.

قاضي نصير محمد: قاضي نصير محمد صديقي ولد قاضي محمد قاسم 1909ع ۾ دادو ۾ ڄائو. هن ابتدائي فارسي ۽ عربي تعليم سيالن جي ڳوٺ واري مدرسي مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ فائينل به پاس ڪيائين.قاضي نصير محمد ڪيترو وقت دادو جي هفتيوار اخبارن “قلندر” ۽ “جمهوريت” ۾ ڪم ڪيو. پوئين اخبار جو پاڻ انچارج ايڊيٽر ٿي رهيو. 14 آگسٽ 1954ع ۾ “شهباز” نالي پنهنجي اخبار جاري ڪيائين، جنهن جو مرڻ گهڙي تائين ايڊيٽر ٿي رهيو. قاضي صاحب “نواب شاهيءِ” جي زماني ۾ بنيادي جمهوريت جي نظام موجب ميمبر به ٿيو، ۽ ڪجهه وقت وارڊ چئيرمين به ٿي رهيو. سندس وفات 22 نومبر 1972ع تي دادو ۾ ٿي.

قاضي محمد توفيق: قاضي محمد توفيقس ولد قاضي نصير محمد صديقي 12 سيپٽمبر، دادو شهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم اتان جي “پرائمري مين اسڪول” مان ورتائين، ان  کان پوءِ “طالب الموليٰ  هاءِ اسڪول” ۽ “گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول” دادو ۾ پڙهي مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1970ع ۾ جڏهن دادو ۾ “بزم گلشن” قائم ٿي، ته کيس صدر چونڊيو ويو. پنهنجي والد جي حياتيءَ ۾ هفتيوار “شهباز” جو سب ايڊيٽر ٿي ڪم ڪندو هو. 1972ع ۾ انهيءَ جي وفات ٿي ته هي صاحب اخبار جو ايڊيٽر ٿيو.

قاضي عبدالرزاق: قاضي عبدالرزاق 19 سيپٽمبر، 1892ع تي روهڙيء ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم روهڙيء ۾ ورتائين. انگريزي پڙهڻ لاءِ پهريون “خيرپور ميرس جي مدرسي” ۽ پوءِ “سنڌ مدرسته السلام”۾ ويٺو، ليڪن 1910ع ۾ چار درجا انگريزي پڙهي تعليم ڇڏي ڏنائين، ۽ وڃي پير جهنڊي جي مدرسي ۾ انگريزيءَ جو اُستاد ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ “سکر اسڪول بورڊ” طرفان سکر ۾ “هائوس ماسٽر” ٿيو. مولوي صاحب 1919ع ۾ “سنڌ مدرسته السلام” ۾ اُستاد ٿيو. جتي آڪٽوبر 1935ع کان وٺي جولاءِ 1937ع تائين واري عرصي کان  سواءِ 1947ع تائين عربي، جي تعليم ڏيندو رهيو. ان کان پوءِ “اين. جي. وي هاءِ اسڪول”، ڪراچي ۾ ماستر ٿيو، جتي 1957ع تائين ڪم ڪيائين. سندس وفات 18 جون 1961ع تي ٿي. قاضي عبدالرزاق جيڪو وقت سنڌ مدرسته الاسلام کان ٻاهر رهيو، اهو وقت صحافت ۽ ادب جي خدمت ۾ صرف ڪيائين.  هن صاحب 1930ع ۾ ڪراچيءَ مان ماهوار “علمي دنيا” رسالو ڪڍيو، جنهن جو ايڊيٽر پاڻ ٿيو. اهو رسالو جلد بند ٿي ويو، ان کان بعد هن صاحب وري 1933ع ۾ ماهوار “ڪاميابي” رسالو ڪڍيو. ڪجهه وقت لاءِ “الوحيد” ۾ به ڪم ڪيائين، پاڪستان کان پوءِ “نشان راه” رسالي ۾ به ڪم ڪيائين. هن صاحب کي 1940ع ۾ “سينٽرل بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر” جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. 1949ع ۾ وري سرڪار کيس “پرائمري اسڪولن جي درسي ڪتابن جي نظرثاني واري ڪميٽيءَ تي ميمبر ڪري کنيو. 1960ع ۾ “سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ” جو ميمبر به ٿيو. سندس لکيل ۽ ترجمي ڪيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو. “سيرت عائشه رضه” (شخصيات 1929)، “دين ۽ دنيا” (اخلاقيات 1938)، “مسلمان جي موجوده پستيءَ جو واحد علاج”، (اخلاقيات 1942)، (اخلاقيات 1945)، “مقامه اسلام”، (مذهبيات 1946)، “معلم القرآن”، (مذهبيات 1947)، “حقيقت اسلام” (مذهبيات 1947)، “پياري نبي جي حڪمت ڀري تعليم”، (مذهبيات 1951)، “سوره فاتح” (مذهبيات 1954)، “اسلامي تاريخي ڪهاڻيون 2 ڀاڱا” (مذهبيات 1954)، “ديني نصاب” 2 ڀاڱا (مذهبيات 1955)، “نماز”(مذهبيات 1957)، “اسان جو پيارو نبي” (شخصيات 1959)، “هدايت القرآن مجيد”، (مذهبيات 1961)، “ارشاد الاسلام” (مذهبيات)، “غازي انور ڪمال” (شخصيات)، “تاريخ القرآن” (مذهبيات)، محنت جو ڦل (قصو)، “اسلام جي مشهور بزرگ هستين جو احوال” (شخصيات)، “صحت صفائي” (علم صحت)، “سيرت حضرت علي”، (شخصيات)، “سيرت حضرت عثمان” (شخصيات)، “سيرت حضرت عمر” (شخصيات)، “دانائي جا سبق” (اخلاقيات)، “فولادي شهزادو” (ناوليٽ)، “گلزار سنت” (مذهبيات) “موهني” (ناوليٽ)، “آئينه محبت” (ناوليٽ)، “معلم العربيه” (درسي) ۽ “مصبحا الادب” (درسي)

تفصيلي احوال لاءِ ڏسو:

(1)             درمحمد پٺاڻ: “ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو” (پي. ايڇ. ڊي لاءِ مقالو)

(2)             ممتاز بخاري:“سنڌ مدرسته اسلام جو سنڌي علم ادب ۽ سياست ۾ حصو” (مقالو)

(3)             غلام محمد گرامي: “وياسي وينجهار”، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1977

قطب علي شاهه:سيد قطب علي شاهه جيلاني، 22، ڊسمبر 1958ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. ابتدائي “گورنمينٽ پرائمري اسڪول فيملي لائين” ۽ “گورنمينٽ هاءِ اسڪول” ۾  پڙهيو. 1976ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ صحافت ڏانهن راغب ٿيو، ۽ 1976ع کان وٺي “الحبيب” (جيڪب آباد) هفتيوار جو ايڊيٽر آهي.

قمر “شهباز”: قمرالدين “شهباز” ولد محمد مقبول ٻگهيو 13 اپريل 1938ع تي نواب شاهه ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم نواب شاهه ۾ ئي ورتائين. ان کان پوءِ 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ ايم.اي ڪيائين. قمر شهباز 1962 کان وٺي تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪئي ۽ هن وقت گهر ڪارپوريشن ۾ وڏي عهدي تي فائز آهي. قمر “شهباز” سنڌ جي نامور شاعرن، افسانه نگارن ۽ ڊرامه نگارن مان هڪ آهي. هن صاحب 1954ع ۾ نواب شاهه مان رسالو “ادا” ڪڍيو، جيڪو ٻه سال جاري رهيو.

ڪامريڊ لکانو سيال: ڪامريڊ لکانو ولد محمد عثمان سيال جي ولادت حيدرآباد شهر ۾ ٿي. “حسين آباد، گڊو پرائمري اسڪول” ۽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. سنڌي فائينل ۽ انگريزيءَ ڇهه درجا پڙهيل آهي. ڪامريڊ لکانو سيال لڳ ڀڳ ٽيهن سالن کان وٺي سنڌي صحافت جي خدمت ڪري رهيو آهي. هن صاحب 1950ع ۾“هنٽر” اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت سان صحافت جي ميدان ۾ قدم رکيو. اها اخبار جڏهن سرڪار بند ڪئي ته ساڳي ئي سال ٻين دوستن جي مدد سان “ملت” هفتيوار اخبار جاري ڪيائين، ۽ پاڻ ان جوايڊيٽر ٿيو. هيءَ اخبار به ٻن سالن کان پوءِ سرڪار بند ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ هن صاحب 28 سيپٽمبر 1970ع تي حيدرآباد مان هفتيوار “هدايت“ اخبار ڪڍي، ۽ پاڻ اڄ ڏينهن تائين ان جو ايڊيٽر آهي. هن سان گڏ 5 مئي 1975ع تي حيدرآباد مان اردو سنڌي “هلچل” هفتيوار ڪڍيائين، جنهن هي پاڻ ايڊيٽري آهي.  ڪامريڊ لکانو صاحب مختلف وقتن تي مختلف اخبارن جو اسٽاف رپورٽر ۽ چيف رپورٽر به ٿي رهيو آهي. اڄ ڪلهه “نجات” (سکر) جو حيدرآباد ضلعي لاءِ چيف رپورٽر آهي. هن بزرگ صحافي جي ئي ڪوششن سان حيدرآباد مان “تنظيم جمالي” هفتيوار اخبار نڪتي هئي. 1969ع ۾ ڪجهه ڪتابڙا به سکيا هيائين.

ڪريم بخش خالد: ڪريم بخش ولد حاجي محمد عثمان ميمڻ اپريل 1928ع ۾ ڳوٺ ڳڙهي ياسين ۾ ڄائو، پر سرڪاري رڪارڊ موجب سندس ڄمڻ جي تاريخ 15 ڊسمبر 1928 آهي. ڪريم بخش خالد مذهبي عقيدت رکندڙ خاندان جو فرد آهي. سندس پڙاڏو ملا جعفر پنهنجي تر جو بزرگ صفت انسان هو. سندس والد وري حڪمت ۾ مشهور هو. خالد صاحب ابتدائي تعليم جو آغاز، سندس والد جي ڪوششن سان قائم ٿيل “مدرسه مجيديه”، ڳرهي ياسين ۾ ويهڻ سان ڪيو. ان کان پوءِ “گرونانڪ اڪيڊمي” ڳڙهي ياسين ۾ انگريزي پڙهڻ ويٺو. پر مئٽرڪ جو امتحان 1947ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول” شڪارپور مان پاس ڪيائين. انهيءَ مولوي عبدالمجيد وٽان فارسي ۽ حڪمت جي تعليم ورتائين. گڏو گڏ “سنڌي فائينل”،  “انٽرميڊيئٽ ڊرائنگ” جا امتحان به پاس ڪيائين. ان کان پوءِ “سنڌ مسلم ڪاليج” ڪراچي ۾ داخلا ورتائين. انٽر ڪرڻ کان پوءِ وڪالت جي امتحان ۾ ويٺو پر ڪامياب نه ٿيو. 1952ع ۾ ساڳي ڪاليج مان بي.اي ڪيائين. ڪريم بخش خالد 1947ع کان 1949ع تائين “فوڊ ڊپارٽمينٽ” ۾ ڪلارڪ جي حيثيت سان ڪم ڪيو. ليڪن 18، ڊسمبر 1952ع تي انفرميشن آفيسر مقرر ٿيو. ون يونٽ جي قائم ٿيڻ سبب 1956ع ۾ کيس لاهور بدلي ڪيو ويو، جتي انهيءَ تي سال صحافت ۾ ڊپلوما حاصل ڪيائين. 1957ع ۾ کيس ترقي ڏني خيرپور ۾ رکيو ويو. 1959ع ۾ ڪولمبو پلان تحت لنڊن مان سرڪاري ڪمن جي تشهير جو ڪورس ڪرڻ آيو. خالد صاحب هن ملازمت دوران ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا. پر اپريل 1960 ۾ کيس رورٽ ڪري حيدرآباد ۾ انفرميشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. کيس ڊسمبر 1960ع ۾ پروموشن ڏنو ويو، ليڪن نومبر 1961 وري کيس رورٽ ڪيو ويو. پر اپريل 1962 ۾ کيس پروموشن ڏنو ويو. 1972ع ۾ کيس “ديهي ترقياتي کاتي” ۾ پبلسٽي جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. آگسٽ 1973ع کان “انفرميشن ڊپارٽمينٽ” ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي. ڪريم بخش خالد جڏهن ڳڙهي ياسين جي “گرونانڪ اڪيڊمي” ۾ پڙهندو هو ته شعرو شاعريءَ سان شغف ٿيس. “خالد” جي تخلص سان شاعري وڌيڪ مضمون نگار جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ سنڌ جي انهن چند مضمون نگار مان هڪ آهي، جن جا گهڻي کان گهڻا مضمو شايع ٿيندا رهن ٿا. “سنڌ اطلاعات کاتي” طرفان ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ڇپرايا اٿس. ڪڏهن ڪڏهن کيس قلعي نالا به بدلائڻا پيا، جهڙوڪ حاجي بغلول سنڌي، جبرئيل ارضي، سيف عثماني، غزالي فقير، محمود غزالي، محمود غزنوي، طالب الحق، امرڪ پوش ۽ الله يار. هي صاحب ڊسمبر 1976 کان وٺي “سنڌ اطلاعات کاتي” جي ماهوار رسالي “پيغام” جو ايڊيٽر آهي. سندس ليکل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو.  (تصنيف)“شاه عبدالطيف ڀٽائي” (1954)، “سنڌ ۾ تعليم ۽ امداد باهمي” (1954(، “سنڌي صحافت” (1954)، “خوشحالي جو دور” (1954)، “خيرپور جو نئون دور”(1959)، “بنيادي جمهوريتون” (انگريزي 1961)، “سچل سرمست” (انگريزي 1971)، “سنڌ جو سالنامو” (انگريزي 1971)، “عوامي دور” (1972)، “ڳوٺاڻي ترقي” (73-1972)،(ترتيب) “ون يونٽ خلاف جدوجهد” (1954)، “اولهه پاڪستان جو سالنامو” (انگريزي 1956)، “ اولهه پاڪستان جو سالنامو”(1960)، “اولهه پاڪستان جو سالنامو”(1961)، “هاڪي سووينئير” (1961)، “پوئيٽ لاريئيٽ آف سنڌي” (1961)، “گلستان لطيف” (1962) “معرڪ سيپٽمبر” (1965)، “آزادي لاءِ جدو جهد جو تصويري آبهم”، “سچل سرمست” (1970)، “پيغام لطيف” (1970)، “دي پوئٽ آف پيپل” (1972)، “نئون پاڪستان” (1972)، “پيغام” جي ايڊيٽر ٿيڻ کان پوءِ لطيف جي ميلي جي موقعي تي “شاهنامو” يا “پيغام”

لعل محمد “لعل”: لعل محمد “لعل”مئٽرڪ تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. ان کان پوءِ بيراج کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو. نوڪريءَ ۾ رهندي 1948ع ۾ بي. اي ۽ 1952ع ۾ ايل. ايل. بي ڪيائين. ان کان پوءِ اچي “سند مدرسته السلام” ۾ استاد ٿيو. 1955ع ۾ پي. ٽي. پاس ڪيائين. 1958ع ۾ ماستري ڇڏي وڃي شڪارپور ۾ وڪالت شروع ڪيائين. لعل محمد “لعل” شڪارپور ۽ ڪراچي ۾ ادبي محفلن، سرگرمين ۽ جماعتن ۾ ڀرپور حصو ورتو. کيس ناميارن شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن صاحب ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي دوران شيخ عبدالحڪيم “جوش” جي مدد سان “آفتاب” نالي هڪ ادبي رسالو ڪڍيو. جيڪو ٿورو وقت هلڻ کان پوءِ بند ٿي ويو.

مير علي احمد :مير علي احمد ولد مير نبي بخش ٽالپر 31، آگسٽ تي ٽنڊي مير محمود ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ ورتائين، انهي کان پوءِ “گورنمينٽ هاءِ اسڪول” حيدرآباد ۾ انگريزي جا چار درجا پڙهيو. مير علي احمد ٽالپر 1937 ع ۾“ڪانگريس پارٽي” ۾ شامل ٿي پنهنجي سياسي ڪردار جي ابتدا ڪئي. انهي کان پوءِ “خاڪسار تحريڪ” خان عبدالغفار خان جي “پيپلس پارٽي” ميان افتخارالدين جي “آزاد پاڪستان پارٽي”، “مسلم ليگ” ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي “پيپلز پارٽي” ۾ به شامل ٿي ڪم ڪيائين. مير صاحب کي “سنڌ اسيمبلي”، “ مغربي پاڪستان اسيمبلي” ۽ “پاڪستان مرڪزي اسيمبلي” جي ميمبر ٿيڻ جو به موقعو مليو. 1956 کان وٺي 1958 تائين مختلف وزارتن ۾ به وزير رهندو آيو. جڏهن جنرل ضيا “پيپلز پارٽي” کي هٽائي ملڪ جو اقتدار پنهنجي هٿ ۾ رکيو ته هن صاحب فوجي حڪومت جو ساٿ ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس پاڪستان جي بچاء جو وزير بڻايو ويو.

مولانا عبدالڪريم چشتي: سندس ولادت 1898 ع ۾، شڪارپور ۾ ٿي. ديني تعليم حاصل ڪرڻ، ۽ والد جي وفات کان پوءِ طبابت جو دڪان کوليائين. 1917 ع کان عملي طور سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو. تنهن وقت جي سمورين سياسي تحريڪن ۽ پارٽين ۾ ڪم ڪيائين ۽ جيل ڀوڳيائين. علم ادب جي دنيا کي ڪافي عرصي تائين ياد رکندي. پنجاهه ڪتاب لکيائين، جن مان ست فارسيءَ ۾ ۽ باقي سنڌيءَ ۾ آهن. سندس تصنيف جو مور هيٺ ڏجي ٿو: “هدايت محمدي”، “انور محمدي”، “حالات محمدي”، “ڪمالات محمدي”، “احسانات محمدي”، “وصال محمدي”، “حبيب خدا”، “آئينه حق“، “تلوار حق”، آفتاب حق”، “صراط المسقيم”، “برهان رباني”، “محبت حقاني”، “اهلبيت المومنين”، “شهيد ڪربلا”، “قضيه ڪربلا”، “امام اعظم”، “امام شاهي”، “محبوب سبحاني”،“امام رباني”، “سلطان الهند”، “بيان المعراج”، “نورخدا”، “جواهرات”، “تعليم الاسلام”، “مجاهد اسلام”، “اولياءِ اسلام”، “رهبر حج”، “علامات قيامت”، “امير معاويه”، “تقديس الرسول”، “پيغام محبت”، “جواب لاجواب”، “عملن جو انجام”، “مجموعه وظائف”، “ڪتاب انڪاح”، “هدايت المسلمين”، “ميلادنبي”، باطل ثبوت”، “طاهرات”، قرآني دعائون”، پيغمبري دعائون”، “مجربات چشتي”، “پنج سوره مترجم”، “شفاء استقام”، “عبدالڪريم”، “مجزات محمدي”،، (ڪاري ڪتاب) “قرب قيامت”، “معاصله بالم فتڪ”، “القول المقبول”، “القول الا ظهر”، “التلقين و الهرات”، “ڪشف الغطاء”، ۽ “رافع الحجب” مولوي صاحب سياست ۽ علم ادب کان سواءِ دين جي بي حد فرست ڪئي، ۽ ڪيترين ديني جماعتن سان وابسته رهيو. سنڌي صحافت ۾ هن صاحب چڱو پاڻ ملهائيو. آگسٽ 1927ع ۾ جيڪب آباد مان “صداقت” نالي هفتيوار اخبار جاري ڪيائين جا پنهنجي محنت به “الحنيف” جي ايڊيٽر کي ڏئي ڇڏيائين. ان کان پوءِ 1929 ع ۾ شڪارپور مان هفتيوار “پيغام” جاري ڪيائين. جو ڇهن مهينن تائين هليو. ان کان پوءِ مختلف وقت تي “جمهور”، هفتيوار شڪارپور، “الوحيد” روزانه ڪراچي، “آزاد” روزانه ڪراچي، ،قرباني” روزانه ڪراچي، “مجاهد” روزانه ڪراچي، ۽ “پاڪستان” هفتيوار لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. سندس وفات 31، مارچ، 1964 تي ٿي.

مير الله بخش : مير الله بخش خان ولد فضل محمد خان ٽالپر 1899ع ۾ جهول، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو، جتان لڏي اچي ٽنڊي جان محمد ۾ ويٺو. ابتدائي تعليم مڪاني اسڪول ۾ ورتائين. ان کان پوءِ پٿوري، ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسته السلام ۾ انگريزي پڙهيو. 1918ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ “جهونا ڳڙهه ڪاليج” ۽ آخر ۾ “ڊي جي سنڌ ڪاليج” ۾ اعليٰ تعليم وٺڻ لاءِ داخل ٿيو. 1920ع ۾ “خلافت تحريڪ” ۾ حصو ورتائين، ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي “خلافت ڪميٽي” جو سيڪريٽري بڻيو. 1924ع ساڳي ضلعي جي“زميندار ائسوسيئشن” ڪيائين. ان کان پوءِ 1930 ۾ “سنڌي هاري ڪانفرنس”، ۽ 1937ع ۾ “خاڪسار هلچل” ۾ شريڪ ٿيو. سندس لاڏاڻو 22، جولاءِ 1953 تي ٿيو.مير صاحب 1927ع ۾ “الوحيد” ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان صحافت جي دنيا ۾ آيو. هڪ سال کان پوءِ ساڳي اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. 1937 ۾ جڏهن خاڪسار بڻيو ته انهي تحريڪ طرفان “خاڪسار سپاهي” نالي رسالو به ڪڍيائين.

مخدوم محمد صالح ڀٽي: مخدوم محمد صالح ولد مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي 8، مئي 1889 تي هالن پراڻن ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ وٺڻ کان پوءِ سنڌ مدرسته السلام ۾ داخل ٿيو، جتان 1908ع ۾ سنڌي فائينل، ۽ 1909ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين.هي صاحب 1910ع ۾ “سنڌ مدرسته اسلام” ۾ استاد ٿيو. 1920ع ۾ کيس ملان اسڪولن جو ففٿ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل مقرر ڪيو ويو، جتان ترقي ڪري 1922ع ۾ سيڪنڊ اسٽنٽ ٿيو.  1927ع ۾ “حيدرآباد لوڪلبورڊ” کيس سيڪنڊ ايڊيوڪيشنل سپروائيزر مقرر ڪيو، ۽ اتي ٻارهن سال ڪم ڪيائين. 1939ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي ملان اسڪولن جو فرسٽ اسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو.ڪجهه وقت کان پوءِ “ٿرپارڪر لوڪلبورڊ” کيس تعليم جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر مقرر ڪيو. هڪ سال کان پوءِ وري ملان اسڪولن جو ڊپٽي ٿيو 1943ع ۾ “نواب شاھ ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ” جو ائڊمنسٽريٽر ٿيو. جتان 1944ع ۾ رٽائر ڪيائين. سندس وفات 27 ڊسمبر 1953 تي ٿي. مخدوم محمد صالح ڀٽي “سنڌ مدرسته الاسلام” جو ماستريءَ واري زماني ۾ ماهوار “الاسلام” رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو.پاڻ شاعر ۽ اديب به هو. سندس لکيل ۽ ڇپيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“صديق اڪبر”(شخصيات-1923)،“سيده النساءَ”(شخصيات-1929)،“بي بي رابع بصري”(شخصيات-1936) “منهاج المومنين” (اسلاميات-1941)، “اخلاقي جواهر” (اخلاقيات-1951، “منصور حلاج” (شخصيات-1952)، “فاروق اعظم” (شخصيات-1952)، “واندڪائي جو وندر” (ڪهاڻيون-1952)، “فتوحات اسلام” (تاريخ-1953)، “عروس ڪربلا” (ناول-1956)، “سنڌ جي تاريخ ۽ شهريت” (سماجيات-1958)، “سنڌي ويا ڪرڻ” (لسانيات-1958)، “سنڌي گرامر” (لسانيات)، “ڪيڏارو” (لطيفيات)، “نئون سنڌي گرامر” (لسانيات)، “اسان جو پيارو آقا” (شخصيات)، ۽ “سقراط” (شخصيات)

تفصيل لاءِ ڏسو:

مهراڻ جا ماڻڪ، پاڪستان پبليڪيشن،ڪراچي. صر41

(1)              خواجه غلام علي الانا: “سنڌي نشر جي تاريخ” ادبيات، حيدرآباد، 1966، صر170

(2)              غلام محمد گرامي: وياسي وينجهار، سنڌي ادبي بورڊ، 1977، صر20

(3)              ممتاز بخاري: “سنڌ مدرسته السلام جو سنڌي علم ادب ۽ سياست ۾ حصو” (پي.ايڇ.ڊي لاءِ مقالو)

(4)              در محمد پٺاڻ: “ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقي ۾ حصو” (پي.ايڇ.ڊي لاءِ مقالو)

محمد صديق “مسافر”: محمد صديق ولد گلا خان 8، محرم 1236مطابق 1، اپريل 1879ع تي ٽنڊو ڀاڳو، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان ئي 1896ع ۾ ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪيائين.مرحوم “مسافر” 1897ع ۾ پرائمري ماستر ٿيو، ليڪن 1899 ۾ نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي اچي ٽريننگ ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان ٽن سالن جو ڪورس پورو ڪري وري اتي ئي 1902 ۾ “پرئڪٽسنگ اسڪول” جو ماستر مقرر ٿيو.1912ع ۾ ٽرينگ ڪاليج ۾ پرشن ۽ سنڌي جو ٽيچر مقرر ٿيو. 1919 جي قطع تعلقات ۾ جي زماني ۾ کيس ڪاليج جي پرنسپال جي سطحي رپورٽ جو نشانو بڻيو، ۽ سندس اتان به لي ڪئي وئي. ليڪن بدلي ٿيڻ کان اڳ هي استيعفا ڏئي اچي 1920 ۾ ٽنڊي باگو جي نئين انگريزي اسڪول جو پهريون استاد ٿيو. 1927ع ۾ شڪارپور جي “سرڪاري هاءِ اسڪول” ۾ استاد ٿيو، جتان 1928 ۾ بدلي ٿي اچي ٻيهر ٽرينگ ڪاليج ۾ استاد ٿيو، جتان 1930ع ۾ پينشن جي درخواست ڏئي گهر موٽي آيو. مرحوم “مسافر” ڪاليجي زماني کان وٺي علم ادب ۽ صحافت طرف متوجه ٿيو. ٽرينگ ڪاليج جي استاد ۽ نامور شاعر “فاضل” شاهه سندس شاعري ۾ ۽ ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپال سرڳواسي راءِ بهادر تاراچند آڏواڻي، نثرويسيءَ ۾ رهبري ڪيس هن کي زماني ۾ کيس “اخبار تعليم” معرفت صحافت جو به تجربو ٿيو. پوءِ جڏهن پينشن تي ورتائين ته ٽنڊي باگي مان هفتيوار “لاڙ گرنگٽ” اخبار ڪيائين. مرحوم “مسافر” شاعر ۽ نثر نويس هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“ڦولداني” (شاعري-1930)، “سنڌي سونهون”، (ترجمو ٽيون-1933)، “سڄاڻ زالون”، (اخلاقيات-1934)، “مسدس اٻوجهو”،(ترتيب-1934)،“حياتي جي دور جي ڪنجي”،(1934)،“سنڌي سونهون”(درجو ٻيو-1935)، “سوڪس سکيا”،(1935)، “گلشن نيال”،(شاعري-1936)، “تازو گرامر”(1936)، “ديوان فاضل”، (ترتيب-1937)، “سنڌي سونهون”، (درجو پهريون-1937)، “سنڌي سونهون” (درجو چوٿون-1938)، “سنڌي سونهون”، (درجو ڇهون-1938)، “سنڌي سونهون“ (درجو پنجون-1940)، “تازو انگي حساب”، (1940)، “سنڌي تاريخ”، (1941)، “ڪلام موليٰ”،(ترجمو-1942)، “اخلاق محسني”، (اخلاقيات-1943)، “سرشي آبري”،، (لطيف-1948)، “شهري ڪربلا”، (تاريخ-1950)، “رساله در حقيقت دين”، (1951) “منتخب  ديوان خاڪي خراساني”، (ترجمون-1951)، “ديوان سانگي”، (1952)، “منتخب پنديات جوان مردين”، (مذهبيات-1952)، “گلزار نشر و نظم”،(1953)، “ائٽلس جاگرافي تعلقو بدين”،(1953)، “ڪليات عرف منازل مسافر”، (شاعري-1955)، “فاطمه الزهره”، (1960)، “سر آسا”، (لطيفات-1961)، “سرکنڀات”، (لطيفيات-1961)، “جاگرافي تعلقو ٽنڊو باگو” (1962)، “سرڪيڏارو”، (لطيفيات-1963)، “سرليلان چنيسر”، (لطيفيات-1964)، “سرسهڻي”، (لطيفيات-1964)، “سرڪاموڙ” (لطيفيات-1964)، “غلاميءَ ۽ آزادي جا عبرت ناڪ نظارا”، (تاريخ-1967)، “قرب قليچ”، (شخصيات)، “هديسته المسلمين”، (اخلاقيات)، “منتخب المضامين”، (شر)، “سپاهي زاده”، (،منظوم ترجمو)، “سنڌ جي جاگرافي”، “ڏيهي حساب”، “پيپري”، (فائينل جي پيپرن جا جواب)، “جوهراسلام” (مذهبيات)، “جاميٽري”، ۽ “تجارتي حساب”،سندس ڪجهه ڪتاب هن جي لاڏاڻي کان پوءِ شايع ٿيا، سندس وفات 1961ع ۾ ٿي.

محمد عثمان ڏيپلائي: محمد عثمان ولد حبيب الله ڏيپلائي 3، جون 1908ع تي ڏيپلي ۾ ڄائو. سندس والد هڪ ننڍڙو واپاري هو،  ست درجا سنڌي جا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيائين. ٿوري پارسي به پڙهيو. ڄمار جي ورڻ سان گڏ تعليم به وٺندو رهيو، ۽ هن وقت گريجوئيٽ آهي. شروعاتي دور ۾ مختلف تعليم ورتائين، ليڪن سنڌي کان سواءِ گجراتي، هندي، انگريزي، ڪري ۽ پارسي به ڄاڻيندو هو.عملي زندگيءَ جي ابتدا واپاريءَ جي حيثيت سان ڪيائين. ان کان پوءِ پنجن ورهين تائين تر جي وڏيرن وٽ ملازمت ڪيائين. کيس لکڻ پڙهڻ جو شوق شروعات کان وٺي هوندو هو. دهليءَ جي “منادي” اخبار ۾ سندس پهريون خط شايع ٿيو. ان کان پوءِ “عملي دنيا” ۾ افسانو لکيائين. مسٽر خوشيرام جي “ماهوار ناول اخبار” کان متاثر ٿي “فرحت آثار” اخبار ڪڍيائين، جا هٿ سان لکي دوستن کي ٻڌائيندو هو. ميرپورخاص ۾ “اسلاميه دارالاشاعت” قائم ڪيائين. 1941 کان وٺي ماهوار “عبرت” رسالو جاري ڪيائين، جا اڳتي هلي پهريون هفتيوار ۽ پوءِ روزانه اخبار تي 1952ع ۾ “اداره انسانيت” قائم ڪيائين، ۽ انهي جي سرڪاري هيٺ ماهوار “انسان” جاري ڪيائين. 1956 ۾ “لطيف پبليڪيشن” جاري ڪيائين.آزادي وقت حيدرآباد مان “سنڌ نيوز” روزانه اخبار ۽ ماهوار “ساڻيهه” رسالو ڪڍندو هو. ڏيپلائي صاحب “شوق” جي تخلص سان شاعري به ڪندو هو. سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. هن هيٺ سندس ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.“مطلب القرآن”(1932)، “قرآني دعائون”(1936)، “آزادي اميد” (1939)، “سنگدل شهزادي” (ناول 1939)، “بلبل ايران” (ناول 1940). “نازنين سمرنا” (ناول1940)، “نور توحيد” (1940)، “غيرت عرف نورجهان جو پٽ” (ناول1940)، ”سوڊان جي سونهن” (ناول 1942)، “ڪفرناس بجواب ستيارٿ پرڪاش” (1943)، “گمراهه مسافر” (ناول 1943)، “افضل شهيد” (ڪهاڻي 1944)، “شوڪت اسلام” (ناول 1944)، “فتح ايران” (ناول 1944)، “چين جو چنڊ” 0ناول 1944)، “عيد جو چنڊ” (ناول 1944)، “انقلاب سنڌ” (1944)، “ڪستي جو...؟” (ناول 1944)، “هوشربا شهزادي” (ڪهاڻي 1945)،“عروج اسلام”(ناول 1945)“شيرايران” (ناول1946)، “قرآني خزانو”(1946)، “هندستان جي سچي تاريخ” (1946)، “ستيارت پرڪاش ۽ آريه سماج”(1946)، “اوليائن جي مار”(1947)، “غازي اورنگزيب”(1947)، “درگاهه شريف” (1947)، “دستگير جي يارهين”(1947)، “قلندر جو هندورو(1947)، “اورنگزيب جو انصاف”(ناول1947)“مجاهد ڪشمير” (ناول 1948)، “مجاهد مصر”(ناول 1948)، “سيرت محمدي” (1948)، “سيترت الحيدر” (1948)، “سيرت الرسول”(1948)، “سيرت امام حسن عليه” (1948)، “سيرت عثمان”(1948)“اسلام تي مقدمو” (ناٽڪ 1949)، “مينابازار”، (ناول 1949) “روم جي راڻي”، (ناول 1950)، “غازي احمد شاهه ابرالي”،(ناول 1950)، “شاهه جي رسالي جو رهبر” (1950)، “مسلمان بادشاهه” (1950)، “ککر ۾ کڙوڙ”(1951)“ڀلي ولايت” (طنز 1957)، “سلامتي جو رستو”،(1957)، “وطن فروش”، (ڪهاڻي 1957) “چاپاني گڏي”(ناول 1957) “لال جهنڊو” (1957)، “1857جي آزاديءَ جي جنگ” (1958) “انان جي تاريخ” (1961) “حور بغداد” (ناول) “ڪاراڪاز” (ناول) “درد دل” (ڪهاڻي) “ڪنول ڪلي” (ڪهاڻي) “راحت پيري زندگي” (اخلاقيات) “چمڪندڙ زندگي” (اخلاقيات) “قسطنطغيه جي شهزادي” (ناول) “شيواجي شيش محل” (ناول) “ڏاهري رنگ محل” (ناٽڪ) “مرشد جون ٽنگون”(طنز مزاح) “مرشد جو گهوڙو” (طنز) “مصطفيٰ ڪمال” (ناول) سمرقند جو صوف” (ڪهاڻي) “سلطان ٽيپو” (ناول) “فتح اسپين” (ناول) “شاهدي (ناول) “ڪورٽ” (ناٽڪ)، “نجومي” (ناٽڪ)، “رنگا رنگي دنيا” (ڪهاڻي)، “آخري سبق” (اخلاقيات)، “آئينه ايمان” (مذهبيات)، “ايمان جي ڪسوٽي” (مذهبات)، “بهادران اسلام” (تاريخ)، “بهادر مسلمان” (ڪهاڻي)، “جلوه اسلام” (مذهبيات)، “خيبر جو قربانيون” (تاريخ)، “سسي نيزي پاند” (قصو)، شاهه جيلان (شخصيات)، “شهيد ڪربلا” (تاريخ)، “صحيح بخاري شريف” (مذهبيات)، “فقه اسلام” (طنز)، “ووٽن جي پيتي” (طنز)، “ابتو ڦيرو (طنز)، “امڙ” (ترجمو ناول گور ڪئي جو)، “ٽيٽياڻي” (طنز)، “روس جو مسلمان” (ڪهاڻي)، “غازي انور پاشا” (ناول)، “فتح پرموڪ” (ناول)، “ڪراچي جو ڪوس”(ناول)، “ڪوريا جي ڪنوار” (ناول)، “مجاهدان اسلام” “مسلمان عورت”، “نٿ جو جج” (طنز)، “خورشيد” (ناول)، “ڊاڪٽر” (ڪهاڻي)، “سجائي موڙي” (ناٽڪ)، “رڍ بيبي”(طنز)، “ڪنواريون مايون” (ناول)، “کنڊ جون ڳوڻيون” (طنز)، “گڏهه جو پٽ”(طنز)، “مرشد جو ٻڪر”، “مرشد جو ڪهاڙو”، “مرشد جو درگاهه”، “مرشد جي ڏاڙهي”، “مرشد جي ننڊ”، “ميرنڀاڳي دياڻي”(طنز)، “شاهه گمراهه”، “فتوحات اسلام”، “شير شاهه ۽ همايون”، “سومنات جي سنڌڙي(ناول)، “تفسيرالقرآن”، “فقيت اسلام”، “ساهه جي ڏگري” (طنز)، “گورنر جو ٽوپلو”(طنز)، “ڪلهو پاڪ ۽ ڪلمو پليت” (تنقيد)، “مسلمان ٿيڻ لاءِ علم جي ضرورت”، “ارشاد القرآن”، “عرب جي لاڏلي”(ناول)، “نجومي ناٽڪ ۽ سائين جو پٽ”، (ناٽڪ) ۽ ،شيخ المشائخ”،(تنقيد)

محبوب علي چنه: محبوب علي ولد صالح چنه 12، مارچ 1922ع تي سيوهڻ ۾ ڄائو. انگريزي پنجين درجي تائين سيوهڻ ۾ تعليم وٺڻ کان پوءِ حيدرآباد جي سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. 1939ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ “ڊي. جي. نيشنل ڪاليج” حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتان انٽر آرٽس جي امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ غربت سبب به سال اچي بس ڪري ويٺو ليڪن پوءِ ڪراچيءَ جي “ڊي.جي سنڌ ڪاليج” ۾ داخل ٿيو ۽ 1945ع ۾ يونيورسٽيءَ جي “دکشڻا فيلوشپ حاصل ڪيائين. 1947 ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ سڄي بمبئي يونيورسٽي ۾ پهريون نمبر اچڻ ڪري سونو ٻلو کٽيائين. محبوب علي چنه جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيو ۽ 1948 تائين “سنڌ مدرسته الاسلام” ۽ “اين.جي.وي هاءِ اسڪول ۾ استاد ٿي رهيو. انهي عرصي دوران 1944ع ۾ ايس.ٽي.سي ۽ 1948 ۾ بي.ٽي ڪيائين، 1948 ۾ کيس حيدرآباد جي سرڪاري ڪاليج ۾ سنڌي ۽ فارسيءَ جو ليڪچرار مقرر ڪيو ويو، ان کان پوءِ مختلف هندن تي ملازمت ڪندو رهيو. جئين 1951ع ۾ “سروري اسلاميه انٽر ڪاليج” هالا جو پرنسپال، 1953ع ۾ “سنڌ يونيوسٽي” جو ريڊر ۽ سنڌي شعبي جو سربراهه، 1954ع ۾ سروري اسلاميه ڊگري آرٽس ائنڊ ڪامرس ڪاليج” ۾ پروفيسر، 1962ع ۾ ”جامعيه عربيه ڪاليج” حيدرآباد جو پرنسپال، 1963ع ۾ “سچل سرمست ڪاليج” حيدرآباد جو پرنسپال، 1966ع ۾ “گورنمينٽ ڪاليج” لطيف آباد جو پرنسپال، 1969 ۾ “گورنمينٽ ڪاليج” راولپنڊي جو وائيس پرنسپال، ساڳي ئي سال “گورنمينٽ ڪاليج” ميرپورخاص جو پرنسپال، ساڳي سال، “گورنمينٽ ڪاليج” جيڪب آباد جو پرنسپال، 1970 ۾ وري “گورنمينٽ ڪاليج” ميرپورخاص جو پرنسپال، 1971 “گورنمينٽ ڪاليج آف ايڊيوڪيشن”، ڪراچي جو پرنسپال، 1973 سيڪريٽري “نيشنل بڪ فائوڊيشن”، 1976ع ۾ وري کيس پرنسپال مقرر ڪيو ويو ۽ اهو عهدو مرڻ گهڙي تائين ماڻيائين.مرحوم محبوب علي چنه لڳ ڀڳ 1938 کان وٺي علم ادب جي دنيا ۾ قدم رکيو. پاڻ ڪيترن ئي علمي، ادبي ۽ ثقافتي جماعتن جو عهديدار ۽ ميمبر هو. جهڙوڪ: “لطيف ميموريل ڪائونسل”، حيدرآباد (ميمبر)، قلندر شهباز ميموريل ڪميٽي (ميمبر)، “ايڊيوڪيشن سوسائٽي”، هالا (ميمبر)، “طالب الموليٰ هاءِ اسڪول بورڊ”، هالا (ميمبر)، “طبيه ڪاليج حيدرآباد مئنيجگ ڪميٽي” (ميمبر)، “جمعيت الشواءِ” (ميمبر)، “بزم طالب الموليٰ”، هالا (ميمبر)، “انجمن فروغ ادب”، هالا (سرپرست)، “سچل ڪوآپريٽو اڪيڊمي” درازا، (ميمبر)، “بزم شهباز”، سيوهڻ (سرپرست)، “قلندر شهباز اڪيڊمي” (اعزازي سيڪريٽري) ۽ “لعل شهباز قلندر ڪلچرل ائنڊ لٽرري ڪميٽي” (اعزازي سيڪريٽري)، ان کان سواءِ پاڻ مختلف يونيورسٽي جي مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪميٽي جو به ميمبر ٿي رهيو. “پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي” ۽ “سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي” جي ميمبر جي حيثيت سان به ڪم ڪيائين.هي صاحب ڪيترو وقت ماهوار“فردوس” (هالا) جو اعزازي ايڊيٽر ٿي رهيو. سنڌ لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو: “لطيفي نئون” (لطيفيات-1951)، “مسلمانن جي شاديءَ جو قانون” (قانون-1961)، “مخدوم قلندر شهباز” (شخصيات-1962)، “سرمست درازي” (شخصيات-1964)، “ضياء قلندر” (شخصيات-1965)، “ڪليات امن” (شاعري-1966)، “سردار قلندر” (شخصيات-1967)، “اسلامي تاريخ جو مطالعو” (تاريخ-1967)، “هڪ شخصيت ٻه پهلو” (تاريخ-1968)، “ڪليات نورل” (شاعري-1971)، “ڪشڪول طالب الموليٰ” (شاعري-1955)، “تذڪره شيخ عثمان مروندي” “سنڌي ادب جا رجحانات” (تنقيد-1975)

محمد اسحاق ميمڻ: محمد اسحاق ميمڻ ولد محمد اسماعيل ميمڻ 9، آڪٽوبر 1919ع تي شڪارپور ۾  ڄائو. پرائمري تعليم شڪارپور جي “ورنيڪيولر اسڪول نمبر ون” مان ورتائين ان کان پوءِ انگريزي تعليم “هوپفل  هاءِ اسڪول” شڪارپور مان حاصل ڪيائين. محمد اسحاق ميمڻ 1948ع ۾ هفتيوار “ناظم” (شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو) جو پرنٽر، پبلشر ۽ ايڊيٽر ٿيو. 1952ع ۾ جڏهن کهڙي حڪومت “ناظم” تي پابندي وڌي ته هن صاحب هفتيوار “جذبات” اخبار جاري ڪئي. ساڳي ئي سال سنڌ جي تڏهوڪي گورنر شيخ دين محمد “ناظم” اخبار تان پابندي هٽائي ته هن صاحب “جذبات” کان الڳ ٿي وري “ناظم” جو اجراع ڪيو. اڄ ڪلهه اها اخبار روزانه شايع ٿي رهي آهي.ميمڻ صاحب هڪ صحافتي سان گڏ سماجي ڪارڪن به آهي. پاڻ “شڪارپور پريس ڪلب” جي باني صحافين مان هڪ آهي. ان کان سواءِ پاڻ ڪيترو وقت “سچل سرمست نيوز سروس” جو سيڪريٽري ۽ شڪارپور جي “ايڊيٽرس ائسوسيئشن” جو صدر به ٿي رهيو آهي.

محمد ابراهيم جويو: محمد ابراهيم ولد محمد خان 12، آگسٽ 1915ع تي ڳوٺ آباد ۾ ڄائو. ابتدائي چار درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهيائين، ان کان پوءِ لڪيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي ڇهين درجو سنڌيءَ تائين پڙهيو. انگريزي تعليم “اي. وي. اسڪول”، سن ۽ سنڌمدرسته الاسلام مان ورتائين. 1934ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ “ڊي. جي. ڪاليج”، ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان 1938ع ۾ بي. اي. پاس ڪيائين.بي. اي. ڪرڻ کان پوءِ جويو صاحب “سنڌ مدرسته الاسلام” ۾ استاد ٿيو. انهيءَ ملازمت دوران 1940ع ۾ بمبئي مان بي. ٽي. جو امتحان پاس ڪري آيو. ورهاڱي کان ڪجهه وقت اڳ “سنڌ کي بچايو، ننڍي کنڊ کي بچايو” نالي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيائين. وطن دوستي جي انهيءَ جذبي کيس پنهنجي ملازمت تان هٿ ڌورايا.جويو صاحب جنوري 1948ع ۾ “ميونسپل هاءِ اسڪول” ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو. جڏهن سرڪار اهو اسڪول پنهنجي تحويل ۾ ورتو ته هن صاحب کي “ٽرينگ ڪاليج فارمين” حيدرآباد بدلي ڪيو ويو. جتي 1951ع تائين ڪم ڪيائين. مارچ 1954ع ۾ پاڻ “سنڌي ادبي بورڊ” جا سيڪريٽري، فيبروري 1961ع تائين اهو ڪم ڪندا رهيا. فيبروري 1961ع ۾ کين حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪٽريٽ ۾ پبليڪيشن آفيس مقرر ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ 5، نومبر 1962ع تي “اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ” ۾آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ٿيا. 1930 کان آگسٽ 1967ع تائين انهيءَ بورڊ جي حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ريجن جا انچارج ٿي رهيا، ۽ ساڳي وقت “سنڌي ادبي بورڊ” جا اعزازي سيڪريٽري به ٿي رهيا. ان کان پوءِ “گورنمينٽ  هاءِ اسڪول”، جيڪب آباد جا هيڊ ماستر مقرر ٿيا. ان کان پوءِ مارچ 1968ع کان نومبر 1969ع تائين “گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول” ڪوهاٽ جا پرنسپال ٿيا. تنهنجو سيپٽمبر 1970ع تائين حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪٽوريٽ ۾ ڊپارٽمينٽل ايگزمينشن جا رجسٽرار ٿي رهيا.ان کان پوءِ 21، جنوري 1971 تائين خيرپور ڊويزن ۾ اسڪولن جو انسپيڪٽر، ان کان پوءِ ٻن مهينن لاءِ “ايڊيوڪيشن ايڪسٽينشن” جا ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي رهيا. آخر ۾ 21، آگسٽ 1973 تي “سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ” جي آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي جي عهدي تان رٽائير ڪيائون. جويو صاحب سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاءِ وڏيءَ وٿ جي حيثيت رکي ٿو. هن دور جا ڪيترائي نامور اديب ۽ شاعر سندس نظرياتي تربيت جي رنگ ۾ رتل آهن. هن صاحب ڀريا پندرهن سال سنڌي ادبي بورڊ جي خدمت ڪئي، ۽ هن اداري کي سنڌ جو هڪ ادبي ۽ اشاعتي گهوارو بڻائي ڇڏيو. سندس ئي ڪوششن سان انهيءَ اداري طرفان ٻارن لاءِ “گل ڦل” رسالو جاري ٿيو. پاڻ 1955ع کان وٺي 1956ع تائين ٽه ماهي “مهراڻ” جا ايڊيٽر بي ٿي رهيا. سندس ڪوششن سان 1964ع ۾ “سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي” قائم ٿي، جنهن طرفان سنڌي ادب جي تقريب جوڳي خدمت ٿي رهي آهي. جويو صاحب پنهنجي ذات ۾ هڪ تنظيم، ۽ تحريڪ آهي. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس، جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“ايملي عرف تعليم” (تعيلم 1950)، “گل” (ترتيب 1956)، “سنڌي پهريون ڪتاب” (1960)، “آسان سنڌي پهريون ڪتاب” (1961)، “تاريخ پاڪستان” (تاريخ 1962)، “سنڌي چوٿون ڪتاب (1962)، “سنڌي پرائمري” (1962)، “سنڌي ڇهون ڪتاب” (1966)، “سنڌي چوٿون ڪتاب” (1967)، “سنڌي پنجون ڪتاب” (1967)، “سنڌي ڇهون ڪتاب” (1967)، “سنڌي ستون ڪتاب” (1967)، “ٻارن جي تعليم” (تعليم 1972)، “انگي حساب” (1973)، “اچو ته لکون” (تعليم 1973)، “بالغن جي تعيلم لاءِ اُستادن جو رهبر” (1973)، “اچو ته وڌيڪ پڙهون” (تعليم 1973)، “سنڌي زبان جي بنيادي لغت” (ساٿي مرتب، لسانيات- 1973)، “سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت” (ساٿي مرتب، لسانيات-1973)، ،سنڌي زبان جي وڌايل لغت” (سائي مرتب، لسانيات-1973)، “سنڌي ٻيو ڪتاب” (1973)، “سماجي اڀياس” “گليلو”  (ترجمو ناٽڪ-1977)، “فڪر جي آزادي” (ترجمو)، “شاهه سچل ۽ سامي” (تنقيد-1978)

محرم خان شيخ: محرم خان ولد سائين ڏنو شيخ 15، اپريل 1928ع تي ڳوٺ چيچڙو، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ ڄائو ابتدائي تعيلم ملان مڪتب ۾ ورتائين، ان کان پوءِ ڳوٺ جي “پرائمري اسڪول” مان فائينل پاس ڪيائين.محرم خان شيخ 1959ع ۾ هفتيوار “روشني” (سکر) جي ايڊيٽر ٿيڻ سان صحافت ۾ قدم رکيو. هي صاحب انهيءَ کان پوءِ “شمشير سنڌ” (سکر) ۽ “ناظم” (شڪارپور) جو به ايڊيٽر ٿيو. 1962ع کان خيرپور مان هفتيوار “فتح اسلام“ اخبار ڪڍي رهيو آهي، ۽ پاڻ ئي ان جو ايڊيٽر آهي.

محمد يوسف: محمد يوسف ولد محمد اسماعيل جوڻيجو 1، آڪٽوبر 1924ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. پرائمري تعليم شڪارپور جي “قاضي محلا پرائمري اسڪول” مان ورتائين، ان کان پوءِ ڇهه درجا انگريزي پڙهي تعليم ڇڏي ڏنائين. محمد يوسف جوڻيجو 1947ع کان وٺي صحافت جي دنيا ۾ آيو. شروعات ۾ روزانه “سوراج” ۾ ڪمپازيٽر ٿي ڪم ڪيائين. پاڻ ڪيترو وقت “تنظيم”، “سحر” ۽ “سرور” هفتيوار اخبار جون سب ايڊيٽر ٿي رهيو.  1968ع کان وٺي هفتيوار “شهباز” جو ايڊيٽر آهي. ان کان اڳ “جذبات” ۽ “پيغام سنڌ” جي به ايڊيٽري ڪئي اٿس.

محمد هاشم ميمڻ: محمد هاشم ولد حسين ميمڻ17،سيپٽمبر 1924ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم “سنڌ مدرسته السلام” مان ورتائين، جتان 1924ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. انٽر ڪرڻ کان پوءِ 1954ع ۾ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن کان پوءِ 1956ع ۾ بي. اي. ڪيائين. اها اعليٰ تعليم “ايس. ايم ڪاليج” ۽ ايس. ايم. لا ڪاليج” مان ورتائين.محمد هاشم صاحب 1946ع ۾ “الوحيد” (ڪراچي) ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ صحافت جي ابتدا ڪئي، پاڻ لڳ ڀڳ 8 سال هن اخبار ۾ ڪم ڪندا رهيو. ان کان پوءِ 14 سال “مهراڻ” (حيدرآباد) ۽ 2 سال کن “هلال پاڪستان” (ڪراچي)، جڏهن پاڪستان سرڪار پنهنجي قبضي ۾ ورتي ته سراج الحق کان پوءِ 4، نومبر 1977 ع تي هي صاحب انهي اخبار جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ 5، اپريل 1979ع تي اها چارج ڇڏيائين محمد هاشم ناميارو ڪالم نويس به پڻ آهي. هن مختلف اخبارن ۾ مختلف مستقل ڪالم لکيا آهن. جئين “الوحيد” (ڪراچي( ۾ “مرزا” جي فرضي نالي سان “مزاحيات” جي عنوان سان روزانه ڪالم. “مهراڻ” (حيدرآباد)، ۾ “بي ريا” جي نالي سان “پير تي ڏونڪو” جي عنوان سان، “آفتاب” (حيدرآباد) ۾ هڪ سال تائين سچار جي فرضي نالي سان “جي چوان سچ” جي عنوان سان، ۽ “هلال پاڪستان” (ڪراچي) ۾ هفتيوار “پلئه پايو سچ” جي عنوان سان.

محمد عظيم مهر: محمد عظيم ولد قالو خان مهر 16، فيبروري 1920ع تي ڳوٺ ڳڙهي عادو شاهه، تعلقي سکر ۾ ڄائو. 1926ع کان 1930 تائين پنج درجا سنڌي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيائين. ان کان پوءِ پهريان ٽي انگريزي درجا چڪ جي انگريزي اسڪول، ۽ باقي چار درجا “ميونسپل هاءِ اسڪول” سکر ۾ پڙهيو، ۽ 1937ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. کيس عربي تعليم “عربي مدرسه”، لوڙهو، پني عاقل مان ملي. 1941ع ۾ سيڪنڊري ٽيچرس سرٽيفڪيٽ امتحان، پاس ڪيائين. محمد عظيم مهر 1938ع ۾ سکر ضلعي جي اسڪول بورڊ ۾ ڪلارڪ ٿيڻ سان ملازمت جو آغاز ڪيو. ٻن مهينن کان پوءِ جنوري 1939ع ۾ کيس مدئجي انگريزي اسڪول ۾ ماستري ملي وئي. انهيءَ ملازمت دوران کيس “انگريزي اسڪول” چڪ، “انگريزي اسڪول”، رستم، “هاءِ اسڪول” پني عاقل، انگريزي اسڪول، ميان صاحب ۾ پڙهائڻ جو موقعو مليو. جئين ته پاڻ سکر ۽ خيرپور جي جماعت اسلاميءَ جو امير واري عهدي تان مستعفي ٿيڻو پيو. هن صاحب 1952ع کان وٺي “نشان راهه” نالي ماهوار رسالو سکر مان جاري ڪيو، جيڪو 1958ع تائين نڪرندو رهيو.

محمد شريف ڊاڪٽر: ڊاڪٽر محمد شريف حاجي محمد عثمان ميمڻ، 10 آڪٽوبر 1940ع تي نيو سعيد آباد، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. پرائمري تعليم اتيئي حاصل ڪيائين. مئٽرڪ امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول نواب شاهه مان پاس ڪيائين. 1966ع ۾ انسٽيٽوٽ آف ڪيمسٽري، يونيورسٽيءَ آف سنڌ مان ايم. ايس. سي جي ڊگري فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر ممتاز علي، قاضي ۽ ڊاڪٽر وڏل شاهه جي نگرانيءَ هيٺ نامياتي ڪيميا ۾تحقيقاتي ڪم ڪري پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب ايم. ايس. سي ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ليڪچرار ٿيو، ۽ اڄ ڪلهه انهيءَ کاتي ۾ اعليٰ عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.ڊاڪٽر محمد شريف، لڳ ڀڳ ٻن سالن تائين انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي طرفان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي “سائنس” جو ايڊيٽر ٿي رهيو. “نامور مسلمان سائنسدان” (1975).

محمد سليمان: محمد سليمان ولد ميان الهڏنو ميمڻ 25، فيبروري، 1925ع تي دادو ۾ ڄائو. مولوي محمد سليمان کان عربي ۽ فارسي جي تعليم ورتائين. ان کان سواءِ شهر جي “پرائمري اسڪول” مان فائينل پاس ڪيائين. محمد سليمان ميمڻ کي دادو جي ادبي محفلن جو مور، ۽ سماجي ڪارڪنن جو مکي ڄاتو ويندو آهي. 1925ع ۾ جڏهن “انهن آفتاب ادب” دادو طرفان “اسان جي منزل” ماهوار رسالو جاري ٿيو ته محمد سليمان کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هي رسالو بعد ۾ “جامعيه حبيب” طرفان نڪرڻ لڳو، ان وقت به ايڊيٽري جا فرائض محمد سليمان انجام ڏنا. هن  رسالي جا ڪل 15 پرچا نڪتا. آخر ۾ مالي ڪمزوري ۽ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي ساٿ ٽٽي پوڻ سبب رسالو بند ڪيو ويو.محمد اشرف دائود پوٽو 11، سيپٽمبر 1923ع تي ڳوٺ وارث ڏنو نوناري، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. ڳوٺ جي “مسلم اسڪول” ۽ والد جي مدرسي ۾ پڙهيو. سنڌي فائينل کانسواءِ فارسي، عربي ۽ انگريزيءَ جي به تعليم حاصل ڪئي اٿس. محمد اشرف صاحب 1940ع ۾“الوحيد” (ڪراچي)، جو نمائندو ٿيو، ان کان  پوءِ 1947ع کان وٺي “هلال پاڪستان” (حيدرآباد) جي نمائندگي ڪيائين. هن صاحب 11، آڪٽوبر 1951ع کان جيڪب آباد، ۽ 7، جولاءِ 1965 کان شهداد پور مان هفتيوار “مجاهد” جاري ڪئي. اهي ٻئي اخبارون اڄ ڏينهن تائين نڪرنديون رهن ٿيون، ۽ پاڻ انهن جو ايڊيٽر آهي.

محمد اسحاق ميمڻ : محمد اسحاق ولد محمد اسماعيل ميمڻ 1924ع ۾ شڪارپور ڄائو. پرائمري تعليم شڪارپورجي“قاضي محلا پرائمري اسڪول” مان ورتائين. انگريزي پڙهڻ ويٺو، ليڪن مئٽرڪ پاس نه ڪري سگهيو. انهيءَ کان پوءِ وڪيل جو منشي ٿي، پنهنجي روزگار جو مسئلو حل ڪندو رهيو.محمد اسحاق صاحب 1950ع ۾ صحافت جي دنيا ۾ آيو، ۽ انهيءَ سال هفتيوار “ناظم” (شڪارپور) جو ايڊيٽر مقرر ٿيو.

ميمڻ اعجاز علي : ميمڻ اعجاز علي ولد محمد اسحاق ميمڻ 8، مئي 1960ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم شڪارپور جي “قاضي حبيب الله پرائمري اسڪول” مان ورتائين. ان کان پوءَ “حبيب الله سيڪنڊري اسڪول” ۽ “شاهه لطيف هاءِ اسڪول” شڪارپور ۾ پڙهي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. اعليٰ تعليم “ڊگري ڪاليج” سکر مان ورتائين. ميمڻ اعجاز علي مئي 1960 کان وٺي شڪارپور جي روزانه اخبار “ناظم” جي ايڊيٽر آهي.

مولانا سنڌي: مولانا عبدالواحد عبدالوارث انڍڙ عرف مولانا سنڌي 1910ع ڌاري ڳوٺ ڀلي ڏنو، تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ ڄائو. حضرت مولانا حماد الله صاحب جو سالو ٿئي. ابتدائي تعليم پنهنجي گهر ۾ ورتائين، ۽ پوءِ انگريزي پڙهڻ جي شوق ۾  علي ڳڙهه هليو ويو، جتي تعليم به حاصل ڪيائين، ملازمت به ڪيائين ۽ شادي به ڪيائين. 1923ع کان ورهاڱي تائين ڊاڪٽر ذاڪر حسين سابق صدر_ڀارت سان “جامعيه مليه” ۾ ڪم ڪيائين. ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ لڏي آيو ۽ “نئين زندگي” جو ايڊيٽر ٿيو. پاڻ 1948ع کان 1966 تائين هن رسالي جي ادارت ڪندو رهيو. ان کان پوءِ 1975 کان 1978ع تائين وري ڪانٽريڪٽ بيس تي رسالي جو نگران ٿي رهيو. پاڻ ڪجهه ڪتاب به لکيا ۽ ترجمو ڪيا اٿس، جن ۾ هي قابل ذڪر آهي.

رسول  پاک کون  تھے ” “  قرآن پاک  کیا تھے”  “اسلام کیسے  شروع ھوا” “    اسلام کیسے  پھلا” “ اسلام کے شھور سہہ سالار”

(ترجما) “آزادي جا مجاهد”، “نماز”، “روزو”، “حج” ۽ “زڪوات”

“منصور” ويراڳي: عبدالرئوف “منصور” ويراڳي ولد جان محمد “اضعف” ابڙو 8 آڪٽوبر 1930ع تي مانجهند ضلعي دادو ۾ ڄائو. مئٽرڪ ۽ مولوي عربيءَ تائين پڙهيو.کيس سماجي، مذهبي ۽ ادبي سرگمين ۾ حصي وٺڻ جو نهايت شوق آهي. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ ماهنامه “منزل” جو ايڊيٽر ۽ “سروري مئگزين” جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو هو. سندس نثر ۽ نظم ۾ لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“وطن جي راهه ۾” (ناول 1964)، “شام و سحر” (ناول 1965)، “سوري جني سيج” (ناول 1965)، “صداءِ وطن” (شاعري 1967)، “رت جا ڳوڙها” (ناول 1971)، “ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي”، “اندر جا آلاپ”،“هن پار” ۽ “مزدور جو لاش”

محمود يوسفاڻي: محمود ولد حاجي عبدالرحمان يوسفاڻي 29 مارچ 1943ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. پرائمري تعليم “قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول” مان ورتائين، ان کان پوءِ 1959ع ۾ “گورنمينٽ هاءِ اسڪول” حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪيائين. 1963ع ۾ “سچل سرمست ڪاليج” مان بي.اي ڪيائين. محمود يوسفاڻي 1963ع کان وٺي صحافت جي ميدان ۾ آيو. شروع ۾“سنڌ نيوز”(حيدرآباد) ۾ پروف ريڊر ٿيو، ان کان پوءِ “عبرت” ۾ سب ايڊيٽر ۽ “خادم وطن” (حيدرآباد) جو رپورٽر ٿيو. هتي 1965 کان وٺي ڪم ڪيائين. 1966ع ۾ حيدرآباد مان ويڪلي “فن و فنڪار” ڪڍيائين، ان کان پوءِ 1971ع ۾ “هلال پاڪستان” جاري ٿي، ته هي صاحب سب ايڊيٽر جي حيثيت ۾ انهيءَ اخبار ۾ ڪرڻ لڳو آهي، ۽ اڄ انهي اخبار جي سينئر عملي مان هڪ آهي. “هلال پاڪستان” طرفان جڏهن 1975ع ۾ “گلن جهڙا بارڙا” رسالو جاري ٿيو، کيس انهيءَ جو انچارج ۽ ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هي رسالو هڪ سال کن هليو.محمود يوسفاڻي صحافيءَ سان گڏ اديب آهي. سندس لکيل ڪتابن ۾ “بخت جي بازي” (ٻاراڻو ادب 1967) ۽ “درد نه ڄاڻي ڪو” (ناول 1968) قابل ذڪر آهن.

مخدوم محمد رفيق: مخدوم محمد رفيق 12 جولاءِ 1945ع تي ڳوٺ گڏيجي، تعلقي گمبٽ ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. ڳوٺ جي “پرائمري اسڪول”، “هاءِ اسڪول کهڙا”، “گورنمينٽ ڪاليج”سکر، “سنڌ يونيورسٽي” ۽ “ڪراچي يونيورسٽي” مان تعليم حاصل ڪري بي. اي (آنرز)، ايم.اي ۽ صحافت ۾ ڊپلوما جون ڊگريون ورتيون اٿس. مخدوم محمد رفيق 1972ع ۾ هفته روزه “نجات” (سکر) جو ايڊيٽر مقرر ٿيو.

مولانا محمد صادق: مولوي محمد صادق ولد مولوي الهه بخش جي ولادت ڳوٺ خليل کنڀري ۾ ٿي، سندس خاندان حڪمت ۽ مذهبي علم ۾ چڱي شهرت رکندو هو. پرائمري تعليم جي ابتدا 1883ع ۾ چاچڙان شريف جي پرائمري اسڪول مان ڪيائين. حڪمت جو علم کيس ورثي ۾ مليو، ۽ ديني علم سنڌ جي مختلف عالمن کان وٺي دستار بند ڪيائين. مولوي محمد صادق راڻيپوري، مولانا دين محمد وفائي جو همعصر ۽ هم خيال عالم، اديب شاعر، ايڊيٽر ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. 1923ع ۾ جڏهن سنڌ اندر مذهبي مت ڀيد کي هٿي ملي ته هن صاحب انهيءَ کان متاثر ٿي، “آريه سماج” ۽ “قاديانين” خلاف ڪم ڪيو. 1916ع ۾ راڻيپور مان “صحيفه قادري” نالي ماهوار رسالو به جاري ڪيائين، “دعوه الا عتصام بدين  الله الاسلام” ۽ “احسن المنادي في السلام “نمائندي” سندس لکيل ڪتاب آهن. سندس وفات 1952ع ۾ ٿي.

مولانا عزيزالله “ساند: سندس جنم 1896ع ۾ ٿيو. سياسي نقطه نگاهه کان پاڻ “جميعت العلماء السلام” جو مخلص ڪارڪن ۽ ان جي ٿرپارڪر واري شاخ جو ناظم هو. پنهنجي ڳوٺ ولهيٽ، تعلقو سامارو ۾ ديني مدرسو قائم ڪري درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو هو. اتان ئي“قرآني ولهيت” نالي رسالو جاري ڪيائين.سندس وفات 14 جنوري 1967ع تي ٿي.

مولوي عبدالغفار صابري: مولوي عبدالغفار ولد عطا محمد مهيسر، 1930ع ۾ ڳوٺ پير محمد شاهه تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. 1936ع ۾ والد وٽ ديني تعليم وٺڻ لاءِ ويٺو. 1944ع ۾ مولوي فاضل جي پڳ ٻڌائين هڪ سال لاءِ کڏي جي مدرسي ۾ مولوي محمد صادق وٽ پڙهيو. ان کان پوءِ والد جي مدرسي ۾ تعليم و تدريس جو ڪم شروع ڪائين. مولوي عبدالغفار پاڪستان کان اڳ “الوحيد”، “آزاد” “سنسار سماچار” ۽ “اصلاح” “صبح سنڌ” ۽ “مسلم ليگ” اخبارن ۾ لکندو رهيو.  پاڪستان کان پوءِ 1949ع ۾ “شمشير اسلام” اخبار جاري ڪيائين، جيڪا پروڊا جي دور ۾ بند ٿي وئي. جنهن  کان پوءِ “اعلان” اخبار ڪڍيائين جيڪا سرڪار بند ڪئي. 1952ع ۾ فيض محمد ٻرڙو وڪيل ميهڙ جي تعاون سان “فيض” اخبار جاري ڪيائين. جيڪا 1967ع ۾ بند ٿي. 1971ع ۾ “فيض سنڌ” اخبار جاري ڪئي. جيڪا 1973ع ۾ بند ٿي.مولوي صاحب صحافت کان سواءِ مذهبي ادب جو پرچاري پڻ آهي. هن صاحب شروع ۾ “پيغام آزادي” ادارو قائم ڪيو. 1948ع ۾ “ادب اسلامي” ۽ 1961ع ۾ “روح ادب” ادبي سلسلا به “قائم ڪيا.

مولوي نورنگ زادو: مولوي محمد عثمان نورنگزادو “سنڌ مدرسته السلام” ڪراچي جي جي انهن اُستادن مان هڪ هو، جن شروع کان وٺي سنڌ جي هن تاريخي اداري ۾ عظيم خدمتون سرانجام ڏينون. هي صاحب 1885ع کان وٺي 1912ع تائين مدرسي ۾ اُستاد ٿي رهيو. پرنسپال وائيس جي زماني ۾ “مدرسه منٿلي” نالي رسالي جو اجراع ٿيو ته هي صاحب انهيءَ جو ايڊيٽر ٿيو. سندس وفات 1918ع ۾ ٿي. مولوي صاحب پاڻ اديب ۽ شاعر به هو. شاعريءَ ۾ “فقير” تخلص استعمال ڪندو هو، سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.“فتح الغيب”، “اڪسير الاحمر”، “حالات غوث اعظم”، “بينات القرآن”، “خطبات سنڌي” ۽ ”تحفته الاسلام”

محمد هاشم مخلص: پاڻ سنڌ مشهور ۽ معروف شاعر حافظ حامد جو فرزند هو. هي 1860ع مطابق 1278هه ٽکڙ ۾ ڄائو. پنهنجي ڳوٺ ۾ حافظ محمد يوسف سنڌي، پارسي ۽ قرآن شريف جي تعليم وٺڻ شروع ڪيائين، مگر جلدئي پوءِ کيس اها ڇڏڻي پئي ۽ پاڻ وڃي نابين ٻئي کي ڪپڙي جي دڪان جي ڪم ڪار ۾ مدد ڪرڻ لڳو.ننڍ پڻ کان لکڻ پڙهڻ جو شوق هيس. ان وقت جي اخبارن “آفتاب سنڌ” ۽ “خيرخواهه” ۾ مضمون لکندو هو. ٿورو وقت “خيرخواهه” جو ايڊيٽر به ٿيو. 1901ع ۾ “الحق” اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيائين. 1904ع ۾ ٽکڙ جي سيد اسدالله شاهه “تحفه احباب” رسالو ڪڍيو ته هي ان جو ايڊيٽر ٿيو. انهي ايڊيٽريءَ دوران هڪ مضمون لکڻ ڪري کيس قانون جي گرفت کان پڄڻ لاءِ روشن ٿيڻو پيو. “حڪيم ناصر علي” جو فرضي نالو رکي جوڌپور، ناگور ۽ بيڪانير وڃي ٻه سال رهيو. واپسيءَ تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي تعاون سان “جعفر زندگي” رسالو ڪڍيائين. 1913ع ۾ جڏهن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي ڪوششن سان ڪيس مان آزادي مليس ته “الامين” جو ايڊيٽر ٿيو. سخت لکڻين سبب هن کي ايڊيٽري تان هٽايو ويو ۽ پوءِ ان جي جاءِ تي شيخ عبدالمجيد سنڌي ايڊيٽر ٿيو. هن رُسي وڃي پنهنجو “ڪچڪول”رسالو ڪڍيو. جنهن جا صرف چار پرچا نڪتا. 1924ع ۾ ميرپورخاص جي زميندار ائسوئيشن “مسلمان” اخبار جاري ڪئي ته هي ان جو 1931ع تائين ايڊيٽر ٿي رهيو.آخري وقت ۾ هڪ طرف مالي حالت ۽ ٻئي طرف اکين جو نور “خراب ٿي پيس. ٻي فيبروري 1936ع مطابق سورهين شوال 1352هه ۾ ميرپورخاص ۾وفات ڪيائين.

مفتي محمد صاحبداد: مولانا مفتي محمد صاحبداد ولد خميسو خان جي ولادت 1316ع ۾ لوڻي ضلعي سبي ۾ ٿي. سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف ديني ادارن ۾ پڙهيا، ۽ ويهن سالن جي ڄمار علمي سند حاصل ڪيائين.فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ خيرپور ميرس، بلوچستان، سلطان ڪوٽ ۽ پير جي ڳوٺ ۾ ديني تعليم جي درس ۽ تدريس جو ڪم شروع ڪيائون. 1353ع (جولاءِ 14935) ۾ رياست قلات جا قاضي القضات مقرر ٿيا، ليڪن جلد پوءِ اها ملازمت ڇڏي ڏنائون. تدريس سان گڏ تصنيف جو ڪم به هٿ ۾ کنيائون، لڳ ڀڳ ويهارو کن ڪتاب سندن لکيل آهن، جن ۾ “البلاغ المبين”، “الحق الصيح” “سيف الرحمان”، “السيف المسلول”، “اقامته البرهان”، “اخلاق النبي”، “عشرت عامله”، “مدله فتويٰ جواز عروس بلاد”، “سماءِ موتيٰ جو مله بحث”، “وهابي شفاعت جا منڪر آهن”، “گستاخ وهابين جا خواب”، “تست پرڪاش”، “مطالبه حق” ۽ “رساله تعداد ازواج”، قابل ذڪر آهن.مفتي صاحب سلطان  ڪوٽ مان پهريون “الهمايون” ۽ پوءِ “الاسلام” ماهوار رسالا جاري ڪيا “الاسلام” 1935ع کان 1938ع تائين جاري ڪيو.

منشي عبدالشڪور: منشي عبدالشڪور حيدرآباد جو سماجي ڪارڪن، برک وڪيل ۽ صحافي هو. هن قيام پاڪستان جي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڻ ڪيترو وقت حيدرآباد ميونسپالٽي جو ميمبر ۽ بار ائسوسيئشن جو صدر ٿي رهيو. منشي عبدالشڪور 1945ع ۾ حيدرآباد مان روزانه “هلال پاڪستان” اخبار جاري ڪئي، جيڪا لڳ ڀڳ پندره سال “الوحيد” جون سڪون لاهيندي رهي.  منشي عبدالشڪور 17، مارچ 1980ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.

محمد اسماعيل جان روشن: پير محمد اسماعيل جان ولد پير محمد حسين جان سرهندي 1307هه ۾ ٽکڙ ۾ ڄائو. غلام يوسف ۽ “دلگير” ۽ “فدا” وٽان تعليم حاصل ڪيائين. 20 سالن جي ڄمار کان پوءِ ٽکڙ مان لڏي پهريون حيدرآباد پوءِ ٽنڊي محمد خان ۽ آخر ٿر ۾ وڃي ويٺو .پاڻ جڏهن چوڏهن سالن جو هو تڏهن ٽکڙ مان هڪ علمي ۽ ادبي ۽ ديني رسالو “الاصلاح” جاري ڪيائين. پير محمد اسماعيل جان بهترين شاعر ۽ نثر نويس به هو، شاعريءَ ۾ “روشن” تخلص استعمال ڪندو هو. سندس لکيل ڪتابن ۾ “خطبات روشن”، “انشاءِ روش”، “جواهر نفسيه”، “ديوان روشن” ۽ “نسيم جمن” ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن. سندس وفات 1361هه ۾ ٿي سندس لاش کي ٽکڙ ۾ دفنايو ويو.

محمد خان: محمد خان ولد حاجي عزيزالله شيخ 25 مارچ 1931ع تي ڳوٺ ٻٽ سرائي، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي “پرائمري اسڪول” مان ورتائين. اعليٰ تعليم لاڙڪاڻي جي “گورنمينٽ ڊگري ڪاليج” مان حاصل ڪئي اٿس. تاريخ ۾ ايم. اي جي ڊگري ورتل اٿس.محمد خان شيخ 1952ع کان صحافت جي خدمت ڪري رهيو آهي، ۽ اڄ ڏينهن تائين لاڙڪاڻي مان هفتيوار “پاڪستان” ڪڍندو پيو اچي. انهيءَ عرصي دوران ”ضلعي ڪائونسل” جو پنج سال ميمبر، “مسلم اوقاف” جو ٽي سال چئيرمين، ضلعي لاڙڪاڻي جي “ايڊيٽريس ائسوسئيشن” جو صدر، “پريس اونرس” جو صدر رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ لاڙڪاڻي جي “سوشل ويلفئر ڪميٽي” ۾ نائب صدر، ۽ “سنڌ گريجوئيٽس” لاڙڪاڻي برانچ ۾ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر طور به ڪم ڪري رهيو آهي.شيخ صاحب پنهنجي اخبار جي ايڊيٽريءَ کان سواءِ هن وقت “هلال پاڪستان” (ڪراچي) جو ضلعي لاڙڪاڻي لاءِ نمائدو به آهي. انهيءَ کان اڳ اٺ سال کن “عبرت” (حيدرآباد) جو نمائندو به رهي چڪو آهي.

محمد علي “جوهر”: محمد علي “جوهر” ولد غلام رسول لاشاري 1930ع ۾ ڳوٺ بٺي، تعلقي ميروخان، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. عربي، فارسي ۽ معمولي انگريزي پڙهيل آهي. زمينداريءَ سان گڏ ٺيڪيداري به ڪندو آهي. محمد علي “جوهر” “جمعيت الشعراءِ سنڌ” جي سرگرم مکيه ڪارڪنن مان هڪ  آهي، ادبي محفلن مشاعرن ۽ ڪانفرنس سڏائڻ جو ڪوڏيو آهي. پاڻ ناميارن عروضي شاعرن جي صف ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.محمد علي “جوهر” صاحب لاڙڪاڻي مان هفتيوار“پيام نو” ۽ “آواز” اخبارون جاري ڪيون، ۽ انهن جو پاڻ ئي ايڊيٽر ٿيو.

محمد نواز عباسي: محمد نواز ولد محمد پريل عباسي، 1 آگسٽ 1938ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي “نوان تڪ پرائمري اسڪول مان وٺي، اتي جي “گورنمينٽ هاءِ اسڪول” ۾ داخل ٿيو، جتان مئٽرڪ پاس ڪيائين. محمد نواز عباسي فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ زراعت کاتي ڪلارڪ ٿيو، ليڪن اها نوڪري ڇڏي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي پريس هنيائين. هي صاحب انهيءَ ئي پريس مان اپريل 1972ع کان وٺي هفتيوار “منصور” اخبار ڪڍي رهيو آهي.

مولانا دين محمد “وفائي”؛ مولانا صاحب 27 رمضان المبارڪ سن1311هه مطابق 1893ع ۾، پنهنجي اباڻي ڳوٺ کٽي عرف نبي آباد، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ڄائو هو. سندس والد جو نالو خليفو حڪيم گل محمد هو.1912ع ۾ فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي اچي سنڌ مدرسته الااسلام  ۾ استاد ٿيو. 1914ع ۾ ڪراچي ڇڏي پهرين راڻيپور ۽ بعد ۾ تلاهه شريف ڏانهن روانو ٿيو. جتي کيس پير حاجي امام الدين شاهه راشديءَ جي فرزندن کي تعليم ڏيڻ جا فرائض سپرد ڪيا ويا.1920ع کان وٺي وفائي صاحب وري ڪراچي ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي شروعات ۾ “الوحيد” جو نائب ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. ٽي سال پوءِ 1923ع ۾ “توحيد” رسالو جاري ڪيائين. جنهن هندو مسلم مذهبي نفاق زور وٺي ويو ته وفائي صاحب کي سنجوڳ تحريڪ لاءِ ڪم ڪرڻ واسطي 1926ع ۾ ڪراچي ڇڏڻي پئي اتان جو 1934 ۾ هو وري ڪراچي موٽي آيو. وفائي مرحوم زندگي جو باقي عرصو اتي ئي گذاريو. سندس وفات 18 اپريل 1950ع تي ٿي.وفائي صاحب نه رڳو عالم هو پر هڪ اديب به هئو. هو هڪ ئي وقت تي قابل صحافي ۽ بي لوث سياستدان به ٿيڻ هو. مولانا صاحب، صحافت جي ميدان ۾ ، پنهنجي دور ۾ سڀني کان گوءِ کڻي ويو. هن ڏس ۾ لازوال خدمت ڪيائين، ۽ صحافت کي نئين راهه ۽ نئون ڊول ڏنائين، جنهن سنڌي صحافت تي دور رس اثر ڇڏيو پاڻ “صحيفه قادريه”، “الڪاشف” ۽ “توحيد رسالن، ۽ “الوحيد”، “الحزب” ۽ “آزاد“ اخبارن جي ايڊيٽر يا سب ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار کيس 1940ع ۾ “سنڌي ادبي مرڪزي صلاحڪار بورڊ” جو ميمبر، 1942ع ۾ “سنڌي لغت ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ 1949ع ۾ “اسڪول ڪتابن کي نئين سر جوڙڻ واري ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو.وفائي صاحب جي تصانيف جو وچور هيٺ ڏجي ٿو. “تاريخ محمد مصطفيٰ”، “صديق اڪبر” “وفاق اعظم”، سيد عثمان” “حيدرڪرار” “خاتون جنت” “غوث اعظم”، “نومسلم هندو راڻيون” “راحت الروح تزڪره مخدوم نوح هالائي، توحيد اسلام (ترجمو تقويته الاايمان)، “اعتماد صحيح” (مذهب اهل حديث)، “مقصد زندگي” “الختم علي فم الخصم” (رد قادياني)، “لاجواب تحرير” “قرآن صداقت”، “هندو ڌرم ۽ قرباني”، “الهام الباري” (ترجمه تجرير البخاري)، “فتح الغيب” (ترجمو نامڪمل)، “تذڪره مشاهير سنڌ” “اظهار الڪرامته في مسئله الخلافته والاامامته”، “افڪار حسين” ، “لطف الطيف” ۽ “شاه جي رسالي جو مطالعو”.

محمد خان “غني”:  محمد خان “غني” ولد قاضي محمد دائود 3، مارچ 1903ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ٽکڙ مان ورتائين. سنڏي فائينل پاس ڪرڻ بعد، 1916ع ۾ حيدرآباد ۾ ماستر ٿيو، جتي 1923ع تائين نوڪري ڪيائين. 1924ع ۾ تپيداري جو امتحان پاس ڪيائين، ليڪن اها ملازمت بدران صحافت ڏانهن راغب ٿيو.“غني“ صاحب 1924ع کان “مسلمان” اخبار ۾ ڪم جي ابتدا ڪئي، ۽ پنهنجي “مخلص” جي حياتيءَ ۾ ئي 1931ع ۾ انهيءَ جو ايڊيٽر ٿيو. سندس وفات 1، مارچ 1979ع تي ٿي.محمد خان “غني” ڪنهن مشق شاعر ۽ اديب به هو سندس ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“مسلمان”(تنقيد 1943)، “ارمغان حامد” (ترتيب شاعري)، “بادل ۽ بوندون” (شاعري 1960)، “مثنوي فاتح سنڌ” (شاعري)، “مثنوي گلزار غني” (شاعري)، “سواغ حضرت عمر” (سوانح)، “قديم سنڌ” (تاريخ)، “مسدس حالي” (ترجمو شاعري).

محمد ”احسن”:  محمد “احسن” ولد جمع خان پنه 12، اپريل 1900ع تي ڳوٺ ملڪاڻي ضلعي دادو ۾ ڄائو. عربي، فارسيءَ، سان گڏ قرآن شريف به حفظ ڪيائين. 1918ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو قائم ڪري تعليم ڏيڻ لڳو. اهو مدرسو 1951ع تائين قائم رهيو. 1921 کان وٺي علم ادب جي دنيا ۾ آيو. نثر توڙي نظم ۾ پنهنجي قلم جا جوهر ڏيکاريا اٿس. هن وقت دادو مان هفتيوار “آواز سنڌ” اخبار ڪري ٿيو. جيڪي ڪتاب لکيا اٿس. انهن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“احسن الاخلاق” (اخلاقيات-1937)، “توانح حيات مخدوم بلاول” (1955(، “بنات الرسول” (1959)، “سچن تي ستم” (مذهبيات 1960)، “رباعيات احسن” (شاعري 1962)،، “مظاهر مطفوي” (1962)، “گلدسته احسن” (شاعري 1964)،، “خاتون جنت“ (1971)، “اصلاح المسلمين”، “ديوان احسن”، “گلزار نمبر”، “سوانح حضرت جعفر طيار”، “سراپا رسول”، “قصص الانبياء”، “احسن الاشعار”، “افضل الانڪار” ۽ “شاهه جو پيغام” وغيره .

ممتاز علي:ممتاز علي منڱريو 1، جولائي 1949ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. پرائمري ثانوي تعليم شهر جي “شيخ عبدالحڪيم پرائمري اسڪول” ۽ “ميونسپل هاءِ اسڪول” مان ورتائين.هن وقت گريجوئيشن ڪئي اٿس.1954ع کان صحافت ڏانهن راغب ٿيو، “نواءَ سنڌ” جي ايڊيٽر هئڻ کان سواءِ “مغربي پاڪستان” (سکر)، “نواءِ انقلاب” (سکر) “آفتاب” (حيدرآباد) “هلال پاڪستان” (حيدرآباد) پي. پي آءِ. جو رپورٽر به ٿي رهيو. هن وقت “سارنگ” (جيڪب آباد) جو ايڊيٽر آهي.

مقبول ڀٽي:مقبول احمد ولد محمد موسيٰ 5، جنوري 1927ع تي ڄائو.ابتدائي تعليم نصرپور مان، عربي، فارسي ۽ اردو تعليم پنهنجي والد ۽ سيد حافظ محمد حيات شاهه کان ورتائين. انگريزي تعليم حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول مان ورتائين. 1945ع ۾ فائينل 1946ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1951ع ۾ بي. اي (آنرز) پاس ڪيائين. 1961ع ۾ سنڌي ايم.اي ڪيائين، جنهن ۾ “وائيس چانسلر ميڊل” کٽيائين.مقبول ڀٽي ڪجهه وقت مختلف پريسن جو مئنيجر ٿي رهيو. “سنڌي ڪتاب گهر” نالي اشاعتي ادارو به قائم ڪيائين. ڪيترو وقت “سچل سرمست آرٽس ڪاليج” حيدرآباد ۾ اُستاد به ٿي رهيو. ملازمتن جي آخر ۾ “شاهه عبدالطيف ڀٽ ثقافتي مرڪز” جو انچارج به ٿيو. ڪجهه وقت “نيشنل بڪ فائونڊيشن” جو ڊپٽي ڊائريڪٽر به ٿيو. مقبول ڀٽي 1950ع کان وٺي علم ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾ پيرپاتو، علم دوستي کيس ورثي ۾ ملي هئي. سندس والد به شاعر هو، جنهن جو تخلص “راز” هو. مقبول ڀٽي پاڻ کي ادب جي دنيا ۾ هڪ اديب، مصنف، صحافي ۽ شاعر جي حيثيت سان روشناس ڪرايو. شاعري ۾ سندس تخلص “دانش” هو.مقبول ڀٽي ڪيترو وقت “هلال پاڪستان حيدرآباد” “الوحيد” (ڪراچي)، قرباني (ڪراچي)، “ڪاروان” (حيدرآباد)، ۽ “غازي” (حيدرآباد) جهڙين مشهور روزنامه اخبارن ۾ مختلف حيثيتن سان ڪم ڪيو. ٻارن لاءِ ماهنامه “گلستان” ۽ هفته وار “وطن” اخبار ۽ ماهوار “ڪوآپريٽو” جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس وفات 21، فيبروري 1977 تي ٿي.

مولوي نور محمد نظاماڻي: مولوي نور محمد ولد محمد علي ڳوٺ ٽنڊه سومره، تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو. فارغ التحصل ٿيڻ کان پوءِ پرائمري استاد ٿيو.  ليڪن 1906 ۾ اتان استعيفا ڏئي هلندڙ سياسي، سماجي ۽ مذهبي تحريڪن ۾ شريڪ ٿيو. جئين ته پاڻ حڪمت جو ڄاڻو هو ان ڪري سندس ذريعه معاش حڪمت تي رهيو.مرحوم 1924ع ۾ ڌاري ميرپورخاص مان اخبار “نوراسلام” جاري ڪئي، جيڪا اڳتي هلي 1930ع ۾ مالي مشڪلاتن ۽ مقدمن جو ٻل ٿي وئي. ان کان پوءِ 1933ع ۾ حيدرآباد مان “طيرا” ابابيل” جاري ڪيائين، جيڪا به سندس سخت پاليسن سبب حڪومت 1934ع ۾ تي به ڪرڻي پئي، پاڻ لڳ ڀڳ 1924ع کان 1934ع تائين صحافت جي دنيا سان لاڳاپيل رهيو.  مولوي نور محمد طبيب ۽ صحافي هئڻ سان گڏ شاعر به هو. شاعري ۾ “نور”، انور”، “عرشي”، ۽ “ملا” جا تخلص استعمال ڪندو هو. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ “جهاد اڪبر  (مذهبيات 1912)، “سنڌ جي تاريخ” (تاريخ ٻه جلد) ۽ “جواهرات انور” (شاعري 1952) ذڪر ڪرڻ لائق آهن.سندس وفات نومبر، 1934ع ۾ ٿي.آخر ۾ “مرغ فلڪ” جاري ڪائين ۽ مرڻ وقت تائين ان جو ايڊيٽر ٿي رهيو.

ميرزا صادق علي بيگ: ميرزا صادق علي بيگ ولد ميرزا فريدون بيگ 1845ع ۾ سائينداد جي ٽنڊي ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾، آخوند محمد شفيع وٽان ورتائين، ميئٽرڪيوليشن امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيو. پاڻ سنڌ جو پهريون بي.اي مسلمان ٿيو. کيس شروع ۾ ڪاليج ۾ پرشن فيلو مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ شڪارپور جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو. ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ ڊيپو جو ڪيوريٽر ۾ ايڊوڪيشنل ٽرانسليٽر ۽ “سنڌ سڌار” جو ايڊيٽر ٿيو.مرزا صاحب انهي کان پوءِ ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو. ٽيهن ورهين کان پوءَ پينشنر ٿيو ۽ “خانصاحب” جو لقت مليس، سندس وفات 1912 ع ۾ ٿي. سندس سنڌي ڊڪشنري ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب لکيل آهن.

ناصر بروهي: ناصر بروهي آگسٽ 1937ع ۾ ڳوٺ مراد بخش بروهي ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين، ان کان پوءِ 1956ع ۾ ٺٽي جي “گورنمينٽ هاءِ اسڪول” مان مئٽرڪ ۽ 1960ع ۾ “سٽي آرٽس ڪاليج” حيدرآباد مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي کيس صحافت جي دنيا سان دلچسپي هئي ۽ انهيءَ شوق کيس مختلف حيثيتن ۾ “ڪاروان” (حيدرآباد)، “هلال پاڪستان” (حيدرآباد)،“مهراڻ” (ڪراچي) ۽ “نوائي سنڌ” (ڪراچي) اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ ڪراچيءَ جي ريڊيو اسٽيشن تي نيوز ريڊر به ٿي رهيو. 1962ع ۾ وري پي. پي. آءِ جي رپورٽر جي حيثيت سان صحافت جي دنيا ۾ موٽي آيو. پنج سال کن فرانس جي نيوز ايجنسي اي. الف. پي ۾ به ڪم ڪيائين. ان کان پوءِ انگريزي اخبار “ڊان” جواسٽاف رپورٽر ٿيو. ناصر صاحب کان وٺي “هلال پاڪستان” جو ايڊيٽر آهي. بروهي صاحب ٽريڊ يونين سرگرمين ۾ به اڳڀرو رهيو آهي. پاڻ ڪيترو وقت “ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جو” جو سينئر وائس پريزڊنٽ به ٿي رهيو آهي.سير سفر دلچسپي اٿس هن وقت تائين ايران، لبنان، ترڪي ۽ ڪويت جو سير ڪيل اٿس. انگريزي ۾ Studies in Brahni History نالي ڪتاب جو مصنف آهي.

نسيم کرل: نسيم احمد کرل 29، جون 1939ع تي ڳوٺ کرل، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. 1944ع کان وٺي 1948 ع تائين ابتدائي تعليم “پرائمري اسڪول عبدالڪريم کرل” ۾ ورتائين، انهي کان پوءِ 1948ع ۾“گورنمينٽ ناز هاءِ اسڪول”، خيرپور ۾ داخل ٿيو. جتان 1955ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. ان کان پوءِ “سنڌ مسلم ڪاليج”، ڪراچي مان 1959ع ۾ بي.اي، ۽ “خيرپور لا ڪاليج” مان، 1973ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين. نسيم کرل تعليم حاصل ڪرڻ واري عرصي دوران ڪيترين ئي علمي، ادبي ثقافتي جماعتن سان منسلڪ رهيو. 1955ع ۾ “خيرپور اسٽوڊنٽس يونين” جو صدر، “سنڌ مسلم ڪاليج ڪلچرل شو ڪميٽي” جو ميمبر،“سنڌي ادبي سنگت” خيرپور جو سيڪريٽري، “سچل ڪو آپريٽو اڪيڊمي” جو بنيادي ميمبر، “فٽ بال ائسوسيئشن،” خيرپور جو صدر ۽ “خيرپور لائبرري ڪميٽي” جو ميمبر ٿي رهيو.نسيم کرل 1958ع ۾ ڪاليجي زماني دوران “سنڌ مسلم ڪاليج مئگزين” جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ٿي صحافت جو تجربو پرايو.  سيپٽمبر 1967ع کان وٺي آڪٽوبر 1968ع تائين هفتيوار “جاويد” (خيرپور) جو ايڊيٽر ٿي رهيو. نسيم کرل وڏگهراڻو ماڻهو، ۽ پنهنجي دور جو ناميارو ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي. سندس ڪهاڻيون، مضمون، ۽ خاڪا سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا.کيس گولي هڻي شهيد ڪيو ويو، سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:“شبنم شبنم ڪنول ڪنول” (ڪهاڻيون 1966)، “اکڙيون آرسيون”، (ڪهاڻيون 1968)، “کڙندا کٽڻهار”، (ڪهاڻيون 1968)، ۽ ”چوٽيهون در”، (ڪهاڻيون 1973)،

نورالدين سرڪي: نورالدين ولد منشي ڪمال الدين سرڪي 5، مارچ1927 ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي کان وٺي ثانويءَ تائين اتي ئي تعليم ورتائين. 1945 ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ شڪارپور جي ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان 1947ع ۾ انٽر آرٽس ڪرڻ کان پوءِ اچي ڪراچيءَ جي “اين. اي. ڊي. ڪاليج” ۾ پڙهيو. ليڪن شاگرد تحريڪن ۽ “سنڌي ادبي سنگت” ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ ڪري اڳتي پڙهي نه سگهيو. 1953ع ۾ شڪارپور جي ڪاليج مان بي.اي. آنرس ڪيائين. انهي کان پوءِ 1955ع ۾ ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي. ۽ ايل. ايل. بي. ڪيائين هن صاحب ايم. اي ۾ پهريون نمبر کنيو هو. سرڪي صاحب 1954ع ۾ ڪراچيءَ جي “اسلاميه ڪاليج” ۾ سنڌيءَ جو استاد مقرر ٿيو ۽ هن وقت 1967ع کان وٺي وڪالت ڪري رهيو آهي. سندس شمار وقت جي ناميارن وڪيلن ۾ ٿئي ٿو.سرڪي صاحب کي وطن دوستي ۽ سامراج دشمني پنهنجي خاندان ۽ ماحول مان ملي. سندس والد منشي ڪمال الدين جو اڳ ۾ سرڪاري ملازم هو، تنهن “خلافت تحريڪ” ۽ “هجرت تحريڪ” ۾ حصو وٺڻ خاطر فرنگي سرڪار جي ملازمت کي گڏي ڇڏيو. هجرت کان واپس اچڻ کان پوءِ آغا گل حسن خان جو خزانچي ٿي پنهنجو پيٽ گذر ڪيائين. سرڪي صاحب کي سندس والد جي ايتري محيب ته نصيب نه ٿي، ليڪن کيس علمي توڙي سياسي ادب جو ورثو ضرور مليو، ۽ هن انهيءَ مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو. هي صاحب شاگرديءَ واري زماني ۾ “مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن” جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. “اين.اي. ڊي ڪاليج” جي زماني ۾ کيس انهيءَ جماعت جو صوبائي جوائنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن ئي زماني ۾ سندس ڏيٺ ترقي پسند اديبن ۽ هاري مزدور اڳواڻن سان ٿي، ۽ ائين سندس زندگيءَ ۾ ا نقلابي مقرر اچي ويو. پاڻ “سنڌي ادبي سنگت” جي باني ۽ اوائلي ڪارڪنن مان هڪ آهي.    1950ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ مان قادربخش نظاماڻي جي ايڊيٽري هيٺ هفتيوار “صداقت” اخبار نڪتي ته پاڻ ان جو مئنيجگ ايڊيٽر ٿيو. 1951ع ۾ انهيءَ تي اخبار جو ڊڪليئريشن وٺي پاڻ ان ج ايڊيٽر ٿيو، ۽ حيدرآباد مان اخبار جاري ڪيائين.نورالدين سرڪي سنڌي ادبي حلقن ۾ شاعر، مضمون نگار ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن صاحب بنگال جي باغي شاعر قاضي نذرالسلام جو ڪيترو ئي ڪلام منظوم ترجمو ڪيو ۽ ان کان سواءِ پنهنجي شاعري به ڪيائين. مترجم جي حيثيت ۾ سندس هڪ نه وسندڙ ترجمو “نيٺ ڇا ڪجهه” (ٽالسٽاءِ 1958) ذڪر ڪرڻ جي قابل آهي. هن صاحب 1960ع ڌاري موتيرام رامواڻيءَ جي ساٿ سان “سنڌي ڪتاب گهر” نالي اشاعي ادارو به قائم ڪيو جنهن طرفان“غريبن جو ورثو”(ناول)، ۽ “سچل جو ڪلام” (منتخب شاعري) شايع ٿيا.

نظر محمد “بسمل”: نظر محمد “بسمل” ولد دين محمد شيخ 1942ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. فائينل تائين تعليم حاصل ڪئي اٿس.نظر محمد شيخ جو علم ادب ۽ سنڌي شاعريءَ سان به عشق آهي. شاعري ۾ سندس مخلص “بسمل” آهي. هي صاحب 1968ع ۾ هفتيوار “شاهين” (شڪارپور) جو ايڊيٽر ٿيو، اها اخبار ڪجهه وقت کان پوءِ بند ٿي وئي.

نواز علي بلوچ: نواز علي بلوچ جو جنم سورهين آڪٽوبر 1916ع تي ڪوڙي خان چانڊيه جي گهر، ڳوٺ سيد غلام قادر شاه تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٿوري وقت لاءِ ٺيڪيداري ڪيائين. جلد ئي پوءِ وليدن جي ڳوٺ ۾ مرحوم علي محمد عباسي جي ڪمداري ملي ويس. ساڳي وڏيري کي انهيءَ ڳوٺ ۾ ڪلهوڙا پرنٽنگ پريس هوندي هئي، جنهن مان شروع ۾ “العباس” هفتيوار نڪرندي هئي، ۽ اها اخبار جڏهن بند ٿي ته پوءِ “نقاش” هفتيوار اخبار جاري ٿي. نواز علي بلوچ صاحب ڏهه سال کن وليدن ۾ رهيو ۽ انهيءَ پريس ۾ ڪمپازيٽري به ڪيائين. ان کان پوءِ لاڙڪاڻي جي انقلاب پريس ۾ اچي ڪم ڪيائين. بلوچ صاحب اتي به ٽي چار سال کن رهيو ۽ آخر ۾  پنهنجي پريس هنيائين، جيڪا اڄ تائين بلوچ پرنٽنگ پريس جي نالي سان مشهور آهي. بلوچ صاحب 1954ع کان وٺي لاڙڪاڻي مان هفتيوار “بلوچ سند” اخبار جاري ڪئي، جيڪا پورا ست سال هلي. 1970ع کان وٺي هڪ مهاجر مالڪ مهدي شيرازي جي هفتيوار “آذان” جو ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. سندس وفات 19 آڪٽوبر 1978ع تي ٿي.

نبي بخش سرڪي: نبي بخش عرف “لالا مٺا” ولد خدابخش سرڪي 9، جنوري 1892ع تي جيڪب آباد شهر ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم “گورنمينٽ پرائمري اسڪول”، جيڪب آباد مان ورتائين، ان کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ “خيرپور هاءِ اسڪول” ۾ داخل ٿيو، ليڪن مئٽرڪ “سنڌ مدرسته الاسلام”، ڪراچي مان ڪيائين. لالا مٺا مرحوم جو “سول هائسپيٽل حيدرآباد ڪاليج” مان ميڊيڪل ڪورس به ٿيل هو. لالا مٺا 1921ع ۾ روزانه “الوحيد” (ڪراچي) ۾ ملازمت اختيار ڪئي، 1923ع ۾ کيس “الوحيد” جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. “لاسين ڪانفرنس” ۽ “هندستان جي آزادي” تي ايڊيٽوريل نوٽ لکڻ سبب کيس 29، مارچ 1923 تي گرفتار ڪيو ويو. ان وقت جي ڪراچي جي سٽي ماجسٽريٽ مسٽر رچرڊسن کيس 124-A ۽ 153-A، انڊين پينل ڪوڊ مطابق چار سال سزا ڏني. لالا مٺا جيل ۾ ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي مدرسته مظهرالعلوم” ۾ ٻه سال کن هيڊ ماستري ڪئي، ان کان پوءِ 1926ع ۾اچي جيڪب آباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. 1930ع کان ٽن سالن تائين نيڪ محمد اوڍي کي سندس کي ڳوٺ ۾ تعليم ڏنائين.1933ع ۾ جيڪب آباد مان هفتيوار “اتحاد” اخبار جو اجراع ڪيائين. پورن 40 سالن کان پوءِ يعني جنوري 1973 کان هيءَ اخبار روزانه شايع ٿيڻ لڳي آهي، ۽ سرڪي مالي مشڪلاتن جي مونجهاري جي باوجود به اخبار ڪڍندو رهيو سندس وفات 1981ع ۾ ٿي.

نذير حسين حيدري : ڪامريڊ نذير حسين ولد سيٺ حاجي غلام علي خواجه 14، مئي 1914ع تي ڳوٺ نندو ۾ ڄائو. هي مرحوم، لاڙ جو مشهور معروف اديب، هاري اڳواڻ، مقرر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي. ان کانسواءِ “ايلوپيٿي” علاج جو به وڏو ماهر هو.سندس سياسي زندگيءَ جو آغاز 1938ع کان ٿيو، پاڻ ڪيترن ئي سياسي پارٽين جهڙوڪ _ “مسلم ليگ متحده محاذ”، “هاري پارٽي” ۽ “پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ رهي ڪري سنڌ جي سياسي خدمت ڪيائين. سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ “ٻارن جا مرض”، “منهنجي آکاڻي”، “وقت ڇا آهي” “پاڪستان ۽ هندستان جو خيالي خاڪو”، “جمهوريت يا تماشو”، “مذهبي حڪومت”، “درنجف”، خدا  ۽ طبعي زاده خدا” جا نالا قابل ذڪر آهن.هن صاحب 1953ع ۾ هفتيوار “اعلان حق” اخبار جاري ڪئي. سندس وفات 17، فيبروري، 1972 تي ٿي.

نبي بخش کوسو: نبي بخش ولد عبدالڪريم کوسو 19، سيپٽمبر 1944، تي ڳوٺ ميان داد کوسو، ضلعي سکر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪلو مان ورتائين، ان کان پوءِ 1962 ۾ “گورنمينٽ هاءِ اسڪول” سکر مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1968 ۾ ايم. اي ۽ ايل.ايل.بي جون ڊگريون به حاصل ڪيائين. نبي بخش کوسي ڪجهه وقت (مئي 1974 کان نومبر 1974) سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي ۾ “ڊائريڪٽر سنڌ سينٽر” جي عهدي تي رهي ڪم ڪيو، هن وقت غير سرڪاري اداري ۾ ملازمت ڪندو آهي، ۽ ان کان سواءِ 1974 کان “پاڪستان ٽيلويزن ڪارپوريشن” ڪراچي لئنگويج سپروائيزر به آهي. نبي بخش کوسي پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ وڏي جدوجهد ۽ سياسي شعور جي ثابتي ڏني آهي. وقت به وقت شاگرد ۽ مزدور تحريڪن سان ساٿ پئي رهيو اٿس، ۽ ان کان سواءِ کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين ۾ به ڪم ڪرڻ جو موقعو آهي، ۽ حيدرآباد مليو اٿس، هي صاحب مزدور، سکر جو سيڪريٽري، “هاري ڪميٽي” جو ميمبر، اسٽوڊنٽس موومينٽ سنڌي زبان سکر جو چئيرمين، “جمهوريت مجلس عمل” سنڌ جو سيڪريٽري، “عوامي ليگ”، سنڌ جو سيڪريٽري، نيشنل پارٽي جو ميمبر، “سنڌ يونائيٽڊ فرنٽ” ۽ “ڪمبائين ائڪشن ڪميٽي جو ميمبر، ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو باني رڪن ٿي رهيو آهي. نبي بخش کوسي سياست کان سواءِ صحافت ۽ علم ادب جي ميدان ۾ به پاڻ ملهائيو آهي. هن صاحب 1966ع ۾ روزانه “نوءِ انقلاب”، سکر جي ايڊيٽر ٿيڻ سان صحافت ۾ قدم رکيو. انهي کان پوءِ 1970 ۾ روزانه، “آزادي” (ڪوئيٽا) جو ايڊيٽر ٿي رهيو. ان کان سواءِ هفتيوار “ويو پوائنٽ” (لاهور)، ۽ “پيپل ڍاڪا” (ڍاڪا) جو نمائدو به ٿي رهيو  آهي.“امر سنڌي ڪهاڻيون” (1973)، “عظيم سنڌي ڪهاڻيون” (1973)، ۽ “سرحد پار جون آکاڻيون” (1973)

 

يوسف شاهين: يوسف شاهين ولد عبدالله دائود پوٽو3، اپريل 1939ع تي ڳوٺ نصرپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي جنم ڳوٺ ۾ ورتائين. مئٽرڪ تائين ايس. ايم. اسڪول ٽنڊي الهيار ۾ پڙهيو، ۽ 1957ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين.يوسف شاهين پنهنجي صحافتي زندگيءَ جو آغاز “هلال پاڪستان“ (حيدرآباد)، ۽ “خادم وطن” (حيدرآباد) ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪيو. لڳ ڀڳ پندرهن سال کن انهن اخبارن سان وابسته رهيو.هن صاحب 1972ع کان هفتيوار “برسات” جاري ڪئي، جنهن پاڻ چيف ايڊيٽر ٿي رهيو، “برسات” ڪجهه وقت لاءِ ماهوار رسالي جي صورت ۾ به نڪرندي رهي، ليڪن هن وقت وري هفتيوار نڪري رهي آهي.

Menu
Go to top