يوسف شاھين

جنم تاريخ : 3 اپريل 1939


IMG 20240404 WA0033
سنڌ جي مشهور ليکڪـ، شاعر، دانشور، صحافي، اڳوڻي سينيٽر يوسف شاهين 3 اپريل 1939ع تي سنڌ جي تاريخي وسندي نصرپور ۾ جنم ورتو، ھن مختلف تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪئي، ھن جا مختلف موضوعن تي، سنڌي، انگريزي ۽ اردو زبانن ۾ چاليهه جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڇپيل آهن، سندس شاعري عابده پروين سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي آهي، ھن پھرين "برسات" جي عنوان سان ماھوار رسالو جاري ڪيو، وري ساڳي عنوان "برسات" سان روزاني اخبار جاري ڪئي، جنھن جو جڳ مشهور شاعر شيخ اياز ايڊيٽر رهيو، يوسف شاهين پاڪستان جي اپر ھائوس سينيٽ جو به ميمبر رهيو آهي، کيس حڪومت پاڪستان پاران صدارتي تمغہ برائي حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره امتياز سميت مختلف ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي

Good Wishes