Menu
Подробнее на сайте: http://hold-house.ruhttp://samodelnii.ru http://build-dwelling.ruhttp://samodelkami.ruhttp://sdelaisebe.ruGo to top of pagehttp://investment-money.ruhttp://samodelnaya.ruhttp://mending-house.ruhttp://samodelkinov.ruhttp://grand-builder.ruhttp://lavandamd.ruhttp://grand-construction.ru http://pro-nedvijimosti.ruhttp://stroi-rukami.ruhttp://poleznii.ru

سيد غلام مرتضيٰ شاهه (جي ايم سيد) جي تقرير

(آل انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو ميڙ. ڪراچي 1943ع)

(سنڌ ۾ مسلم ليگ جو آغاز نالي ۾ ته گهڻو اڳ ٿيو، ليڪن حقيقت ۾ هن جماعت 1938ع ۾ سنڌ اندر پير پاتا، ڇهن ستن سالن جي قليل عرصي ۾ هن جماعت بنگال جي جادوءَ جيان عوام جي اڪثريت تي اثر ڪيو، جن شفيقن هن جماعت کي مقبول ۽ منظم ڪيو، تن ۾ سر حاجي عبدالله هارون ۽ محترم سائين جي ايم سيد اڳواڻن جي حيثيت رکن ٿا.

حاجي عبدالله هارون لاهوري واري ٺهراءَ پاس ٿيڻ کان ٻه سال پوءِ گذاري ويو، محترم جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ کان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلي ڪرائڻ کان پوءِ جماعت کان الڳ ٿي ويو، پر ٻنهي شخصيتن قليل عرصي ۾ جماعت لاءِ جان ۽ روح جو ڪم ڪيو.

1938ع ۾ سر حاجي عبدالله هارون ۽ 1943ع محترم سائين جي ايم سيد آڌر ڀاءُ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين هئڻ جي حيثيت سان مسلم ليگ جي اجلاسن ۾ جيڪي تقريرون ڪيون، اهي اسان جي ادب ۾ تاريخي حيثيت رکن ٿيون، ليڪن هن هيٺ رڳو هڪ تقرير ڏجي ٿي، جيڪا آل انڊيا مسلم ليگ جي آخري اجلاس جو آڌر ڀاءُ ڪندي سائين جي ايم سيد 1943ع ۾ ڪئي.)

جناب قائد اعظم، محترم خواتين ۽ معزز حضرات!

آل انڊيا مسلم ليگ جي استقباليه ڪاميٽيءَ طرفان آءُ اوهان سڀني حضرات جو هن “سر زمين سنڌ” ۾ خير مقدم ڪريان ٿو،

“سنڌؤ” مان منهنجو مطلب ايشيا کنڊ جو اهو ڀاڱو آهي جو دريائي سنڌ ۽ ان سان ملحقه ندين جي ڪنارن سان لاڳو ملڪ آهي، قديم زماني ۾ سنڌ ۽ هند جدا ملڪ سڏيا هئا ۽ سنڌ ۾ ڪشمير، صوبه سرحد، پنجاب، بلوچستان ۽ موجوده صوبه سنڌ شمار ڪيا ويندا هئا، ليڪن جيئن زمانو گذرندو ويو تئين انهيءَ نالي وارو ملڪ ايراضيءَ ۾ گهٽبو ويو، تان جو هيئنر درياءَ سنڌ جي فقط آخري حصي واري ايراضيءَ سان وڃي منسوب ٿيو آهي، اڄ انهيءَ حقيقت کان بخوبي واقف رهي اسان انهيءَ منزل ڏانهن دوباره وک وڌائي رهيا آهيون جنهن ۾ اهي سنڌ جا مختلف حصا وري ملي هڪ ٿي ويندا، جنهن جو راز پاڪستان ني پياري نالي ۾ مضمر آهي،

حضرات! سنڌ جي ماضي کي قدرت شاندار بنايو هو ۽ اسان کي اميد آهي ته سنڌ جو مستقبل به اهڙو ئي شاندر ٿيندو، ڪيترين ڳالهين ۾ هن سر زمين جي تواريخ يگاني ۽ يڪتا آهي، هيءَ ملڪ قديم تهذيب جو گهواره ٿي رهيو آهي، جنهن جي تصديق موهن جو دڙو ۽ ٽيڪسيلا جون کوجنائون ڪري رهيون آهن، هن سر زمين ۾ ڪيترائي نسل رلي ملي هڪ ٿي ويا آهن، هتي دراويري سامائيٽ. آريه، منگول، حبشي نسلن جا نشان اڃا تائين نمودار آهن، هتي ڪيئي قومون آيون ۽ هن سرزمين نه فقط نسلن ۽ قومن کي گڏي هڪ ڪري ڏيکاريو آهي، بلڪ جنهن پيماني تي متضاد فلسفات ۽ مختلف مذهبن جو اختلاط ڪري ڏيکاريو آهي، ان جو مثال دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ مشڪل نظر ايندو، ٻڌ ڌرم جيتوڻيڪ سر زمين هند ۾ ظهور ورتو تڏهن به ان جا عقيدا جيتريقدر اڃان تائين سرزمين سنڌ ۾ اثرائتا نظر اچن ٿا، اوترا سندس ظهور واري زمين تي اڄ پيدا نه آهن ۽ مهاتما ٻڌ جو “نفي” (نروانا) وارو پڙهايل سبق هن ملڪ جي ماڻهن اڃا نه وساريو آهي، جڏهن اسلام هن سرزمين تي پير پاتو تڏهن ٻڌ جي “نفيءَ” واري تعليم ۾ “اثبات” جو اضافو ٿيو، ويدانيت، وحدانيت جي فلسفن جو به هڪ ٻئي تي جيترو اثر هن ملڪ اندر پيدا ٿيو اوترو ٻئي ڪنهن هنڌ ڪو نه ٿيو، هڪ طرف هندو جوڳين تي وحدانيت اثر وڌو ۽ بت پرستي گهٽجڻ لڳي ته ٻئي طرف مسلم درويش سنياس ۽ راڳ مان مستفيد ٿيا ۽ اهڙيءَ طرح هندو ۽ مسلم عقائد هڪ ٻئي کي وڌيڪ ويجها آيا، گرو نانڪ صاحب جي سکيا انهيءَ حقيقت جو هڪ خاصل مثال آهي، مذهبي اتحاد پيدا ڪرڻ لاءِ شاهه ڀٽائي جهڙن صوفي شاعرن جي نيڪ ڪوشش هميشه هلندي رهي آهي، هن سر زمين جي باشندن خيالي اتحاد جي قيام جو جيڪو عملي ثبوت پيش ڪيو آهي، سو ناقابل ترديد حقيقت آهي ۽ انهيءَ ڪري ڇوت ڇات جا فرق ڦير هن سر زمين ۾ ايتريقدر نظر نٿا اچن، جيتريقدر ٻين هنڌن تي اهي نمايان ڏسجن ٿا، واپار ۽ تجارت جي ذريعي مشرق ۽ مغرب جي مختلف تهذيبن کي ملائي هڪ ڪرڻ لاءِ قدرت طرفان جيڪا ڪوشش هن سرزمين تي ٿي آهي، اهڙي ٻئي هنڌ ڪٿي به ڪا نه ٿي آهي، هڪ طرف ديبل جو بندر بحري تجارت جو مرڪز هو ته ٻئي طرف سنڌ جا قافلا بين الاقوامي تجارت جو سلسلو بخارا ۽ سمرقند تائين جاري رکندا رهيا، درياءَ سنڌ جي زرخيز زمين ڪيترن ئي قومن کي ڪشش ڪري هن سر زمين تي آندو، جن مان گهڻيون هت پنهنجو وطن ڪري ويهي رهيون، جنهن جو ثبوت هڪ طرف آثار قديمه ۽ ٻئي طرف تواريخي ڪتاب پيش ڪري رهيا آهن.

سياسي نقطه نگاهه کان هي ملڪ گهڻن ئي قومن ۽ نسلن جو آماجگاهه تصادم ٿي رهيو آهي، هن ملڪ جي زرخيري تازهه طبع جنگي نسلن کي الهندي طرف کان هٿ اچڻ لاءِ گهڻو ڪري پئي حرصايو آهي ۽ جيڪڏهن انهن مان ڪي قليل ڦرلٽ جي مال تي راضي ٿي هتان موٽي هليا ويا ته گهڻا هت اچڻ بعد وري موٽي وڃڻ تي مائل نه ٿيا، جنهن ڪري هن ملڪ جي ماڻهن جي رڳن ۾ هنيشه تازه خون موجزن رهندو آيو آهي، انهيءَ ڪري ئي بابل، مصر، ايران، يونان، عربستان ۽ افغانستان جا آثار اڄ به آسانيءَ سان هت نظر اچي سگهن ٿا، جن جي اثر جي مقابلي ۾ جنوبي هندستان جو جيڪڏهن ڪو اثر هن سرزمين تي آهي ته اهو ڪو به وزن ڪو نه ٿو رکي، مٿيون مختصر احوال هن ملڪ جي شاندار ماضيءَ بابت محض هن مراد سان عرض رکيو اٿم ته جيڪي ماڻهو هينئر “هندي” تسلط هيٺ فريفته ٿي سنڌ جي شان ۽ عروج کي وساري ويٺا آهن، يا وساري ڇڏڻ لاءِ تيار آهن تن جي ستل غيرت جي سجاڳ ڪرڻ لاءِ هي حقيقتون تازيانه جو ڪم ڏئي سگهن.

گاه گاهي باز خوان ابن دفتر پارينه را

جنهن صورت ۾ اوهان کي هن ملڪ جي شاندار ماضيءَ مان ڪي ٽڪرا ياد آوريءَ لاءِ پيش ڪيا اٿم تنهن صورت ۾ اهو به ضروري آهي ته هن ملڪ جي مستقبل بابت ڪي پنهنجا رايا توهان اڳيان پنهنجي خيال موجب ظاهر ڪريان، انسان ابتدائي آفرينش کان وٺي ارتقائي مرحله طئي ڪندو پنهنجي اصلي مقصد يعني انسانذات جي وحدت افڪار و ڪردار ڏي وڌي رهيو آهي، ان جون مذهبي خواه سياسي، نسلي خواه اقتصادي هنگامه آرايون ۽ تمنائون صرف ان مقصد عام کي پهچڻ لاءِ جدا جدا ڪوششون آهن، تواريخ جي هر هڪ صفحي مان توهان کي هن ارتقائي امر جو سلسلو صاف ڏسڻ ۾ ايندو، اوائل ۾ انسانذات ننڍن ننڍن ڪٽبن ۾ ورهايل هئي ۽ پوءِ ڪٽبن مان گڏجي قبيلا قائم ٿيا، جن وري پوءِ قومن جي صورت اختيار ڪئي، انهيءَ اتحاد جا بنياد به مختلف هئا، جن مان ڪي هي هئا : ملڪ، زبان، طريقه زندگي ۽ خيالات، ڪجههوقت کان پوءِ ماده پرستي تي اتحاد جو بنياد آهستي آهستي ڪمزور ثابت ٿيڻ لڳو ۽ ان جي عوض تخيل وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳو، نيٺ عربستان جي ريستان مان هڪ نئون آواز اٿو، جنهن قبلين ۽ قومن کي اهڙي نئين طريقي سان ملائي متحد ڪري ڇڏيو، جنهن جهڙي ڪاميابي دنيا جي تواريخ مان اڳي ڪنهن طريقي حاصل نه ڪئي هئي، اهو طريقو اهو هو جنهن نسل، رنگ، طريقه زندگي، ملڪ ۽ زبان وغيره جا امتياز جن تي اتحاد جو بنياد اڳي رکيو ويندو هو، سي خارج ڪري ڇڏيا، جيتوڻيڪ شروع ۾ انهيءَ آواز جو اثر قديم دنيا جي وڏي حصي کي ويڙهي ويو، تڏهن به دنيا وري پراڻن خيالات ۽ خرافات ۽ غلطان ٿيڻ لڳي، جنهن جو نتيجو هيءُ نڪتو جو ملت جو شيرازو منتشر ٿيڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ نئين طريقي جا امانتدار هئا سي هڪ ٻئي کان ڇڄي تفرقه جي قيد ۾ اچي تنزل طرف هلڻ لڳا، ان خامي کي سنڌو جي سرزمين جي ڪن دانا ۽ دور نظر هستين محسوس ڪري ورتو جن مان شاهه ولي الله، سيد احند ۽ سيد جمال الدين افغاني قابل ذڪر آهن، جن ملت اسلام جي اصلي تعليم تازه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، الحمدلله جو موجوده دور اهو آواز از سر نو اٿاريو جنهن جي اثر جي برڪت سان اڄ توهان پنهنجي ملت جي تازه دمي ڏسي رهيا آهيو.

ٻئي طرف مغرب به گهڻيءَ خونريزيءَ بعد محسوس ڪرڻ لڳو آهي ته جيستائين انساني اتحاد جو بنياد بلڪل بدلايو نه ويندو تيستائين دنيا جو ڪو ڪلياڻ ڪو نه ٿي سگهندو، اڄ به خيالن جي يڪساني جي دعويٰ عام شيوه ٿي رهي آهي، مگر اهي خيالات وري وري پيا آزمائجن جي ناقص آهن ۽ اڳيئي آزمائي ڏٺا ويا آهن ته برابر ناقص ۽ بيسود آهن، جنهن ڪري وري به ناڪامياب ثابت ٿين ٿا ۽ هڪ جنگ مٿان وري ٻي جنگ پيدا ڪن ٿا، دنيا جي مشڪلات جا بي اثر حل جدا جدا نالن هيٺ سرسري غور ڪرڻ سان وري وري پيش ڪيا وڃن ٿا، جن کي ڪو به جٽاءُ حاصل نٿو ٿئي ۽ ٿورن سالن اندر جي انسان جي تواريخ ۾ ڪن گهڙين برابر آهن، پاڻي جي ڇٽ وانگر ڇٽ ٿيو وڃي! جيتوڻيڪ عالمگير اخوت ۽ انساني اتحاد جي جستجو اڄ شروع ٿي چڪي آهي، تڏهن به حقيقي همنوائي ۽ ابدي اصلاح تيستائين قائم نه ٿي سگهندا جيستائين ڪه دنيا جي موجوده سياسي، اقتصادي ۽ مذهبي نظريات جو ڪو خاطر خواه حل هٿ نه ڪيو ويو آهي، انهي قسم جي حل هٿ ڪرڻ ۽ ان کي عملي صورت اختيار ڪرائڻ لاءِ تواريخي روايات جي بنياد تي ڪنهن خاص ملڪي ماحول ۽ دماغي ترتيب جي ضرورت آهي، انهيءَ عالي مقصد جي سرانجاميءَ لاءِ سنڌو جي سرزمين جا باشندا دنيا جي ٻين ڀاڳن جي رهاڪن کان قدرت ياده قابل بنيا آهن، قديم زماني جي تواريخ شاهد آهي ته هن سرزمين ۾ مختلف نسل، تهذيبون، مذهبي فلسفو ۽ سياسي طريقو ڪيئن گڏجي هڪ ٿيا آهن، دنيا جي نئين نظام قائم ڪرڻ ۽ مشرق ۽ مغرب کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ “سرزمين سنڌو” خاص پيغام ڏيندي جنهن جا آثار آءُ اڳيئي ڏسي رهيو آهيان، ان پيغام جي ابتدا هن سرزمين تان ٿيندي، جيتوڻيڪ روس ۽ آمريڪا جا اقتصادي ۽ سياسي عقيدا هڪ ٻئي جي مخالف آهن تڏهن به جيڪڏهن دنيا جي نئين نظام کي نزديڪ تر آڻڻ لاءِ هو پاڻ گڏجي ڪوشش وٺي سگهن ٿا ته ملڪ خضرحيات خان ۽ سر ڇوٽو رام ڇو نه گڏجي مٿيون پيغام پهچاڻ لاءِ همنوا ٿي مثال پيش ڪري سگهن ٿا؟ ليڪن ارمان آهي ته عارضي ۽ بي بقا ڳانڍاپي آڻڻ لاءِ هند جا ڪي باشندا هن سر زمين جي ماڻهن کي ڀنڀلائي ڀڙڪائي رهيا آهن ۽ اسان جي هن سرزمين جا ڪي مسلم خواه غير مسلم دوست انهن جي گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊا جي اثر هيٺ اچي ويا آهن ۽ هنن تواريخ خواه حقيقت کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ “متحده قوميت” ۽ “متحده هندستان” جا آواز اٿاري رهيا آهن، مگر سرزمين سنڌو جا باشندا نه فقط هندستان مگر ساري روءِ زمين کي متحد ڪرڻ گهرن ٿا! الله تعاليٰ شال اسان جي دوستن کي راهه هدايت نصيب ڪندو، مگر جيڪڏهن هو غير جي جادو بيانيءَ جي ڄار کان پاڻ آجو نه ڪندا ته ان مان اجايو فتنو ۽ فتور پيدا ٿيندو!.

سر زمين سنڌو جا باشندا هاڻ سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽ دنيا جي نئين نظام تنظيم ۾ بهرو وٺڻ لاءِ هنن کي غير ۽ اثر کان ضرور آزاد ڪرائڻ گهرجي، آءُ وري به پنهنجي ملڪ جي غير مسلمن کي اپيل ٿو ڪريان ته اسان سان هٿ، هٿ ۾ ڏئي پنهنجي وطن کي آزاد ۽ خودمختيار بنائڻ ۾ مدد ڪريو. “مسلمان کان خريد ڪريو” جي تحريڪ جڏهن اسان شروع ڪئي ته هنن هاءِ گهوڙا مچائي ڏني، جنهن مان هنن ظاهر ثبوت ڏنو ته اسان جي انهن دوستن ۾ قوميت جو احساس بلڪل ڪو نه آهي، اسان جا مسلمان هنر خواه دولت ۾ پٺتي پيل آهن، تنهن ڪري اسان جي غير مسلم هم وطن دوستن کي جيڪڏهن قوميت جو صحيح جذبو هجي ها ته جيڪر اسان جي انهيءَ تحريڪ جي تائيد ڪري مسلمانن کي همٿائي ملڪ ۾ جمهوري حڪومت جو بنياد ۽ ان جي باشندن جي اقتصادي بهتريءَ جو باعث بنجي پوي ها، مگر جڏهن به ڪي مسلمان پنهنجي مسلم ڀائرن جي حالت سڌارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته کين همٿائڻ جي عيوض اسان جا غير مسلم دوست پاڻ مسلمانن جي مخالفت ۽ ان تي اعتراض ڪن ٿا، مگر هو نٿا ڏسن ته سندس اها روش سندن قومي احساس جي قلت ۽ سندن تنگدليءَ جو مظاهرو ڪري ٿي، جنهن مان قومي اتحاد جي اميد بلڪل نابود ٿي وڃي ٿي، ان هوندي به جيڪڏهن هو انهيءَ روش کان نه هٽندا ته پوءِ اسان مسلمانن لاءِ فقط هي رستو رهندو جو اسان الله تعاليءِ تي توڪل رکي پنهنجي نجات ۽ فلاح جي رستي تي وک اڳتي وڌايون.

هن موقعي تي آءُ هند جي مسلمانن کي اپيل ٿو ڪريان ته جيتوڻيڪ اسان جي هن سر زمين جي غير مسلم باشندن جو مفاد مسلم مفاد سان ناموافق به نه آهي، تڏهن به هو هند جي عير مسلمانن سان ملي اسان کي هند جو غلام بنائڻ ۾ هنن جي حمايت ڪري رهيا آهن، فقط انهيءَ سبب ڪري جو اسان مسلمان آهيون، ان صورت ۾ هند جي هر هڪ مسلمان جو فرض آهي ته اسان جي هن سر زمين کي آزاد ۽ خود مختيار ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪري، پاڪستان جي تحريڪ ۾ هند جي مسلمانن جيڪي نيڪ ڪوششون ڪيون آهن تن جو مون کي پورو پورو اعتراف آهي، مگر آءُ سمجهان ٿو ته اهي اڃان ڪافي نه آهن، قوم جي خودمختياري ۽ آزادي فقط ٺهراءُ پاس ڪرڻ ۽ انباري پروپئگنڊا ڪرڻ سان حاصل ڪانه ٿيندي، انهيءَ مقصد لاءِ وڏي جدوجهد ۽ گهڻي قرباني جي ضرورت آهي، هن سر زمين جا باشندا قرباني ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ حالتون به سازگار آهن، مگر اسان کي ضرورت مخلص ڪارڪنن ۽ سرمائي جي آهي.

مخلص ڪارڪنن مان منهنجي مراد اهي مرد ۽ عورتون آهن جي ملت ۽ مذهب خاطر هن ملڪ ۾ اچي ملت جي سياسي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ خدمت ڪن ۽ اسان جي ماڻهن کي منظم ڪري آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪن. سرمائي مان منهنجو مطلب آهي ته هند جا مسلم سرمائيدار آئنده پنهنجي تجارتي ۽ هنري سرگرمين کي هن سرزمين ڏانهن منتقل ڪن جيئن آئنده هي ملڪ اقتصادي طرح پاڻ تي مدار رکندڙ ۽ پنهنجي ضرورت جي پوري ڪرڻ جو پاڻ ڪفيل ٿي سگهي،

اهي ٻه خاميون دور ڪرڻ ۾ اوهان هند جا مسلمان اسان جي گهرڻي مدد ڪري سگهو ٿا، تاريخ شاهد آهي ته مٿي ذڪر ڪيل مقصد لاءِ هن کان اڳي به توهان سيد احمد بريلوي ۽ سماعيل شهيد جهڙا مجاهد بزرگ اسان لاءِ موڪليا آهن، ڇا اڄ توهان وٽ انهن جهڙا ماڻهو موجود نه آهن؟ مون کي يقين آهي ته اڄ به اهڙا احمد ۽ اسماعيل توهان وٽ موجود آهن مگر شايد هند جي سرزمين اندر سندن سرگرميون کين اجازت نٿيون ڏين جو ٻئي پاسي متوجه ٿي سگهن، جيڪڏهن گجرات ۽ بمبئي جون عورتون هندو تسلط قائم ڪرڻ خاطر صوبه سرحد تائين وڃي سگهيون آهن ته ڇا اسان توهان ڀائرن ۾ اميد رکي نٿا سگهون؟ اسان جي مستقبل سان توهان جو مستقبل وابسته آهي، هند ۾ اوهان ڀلي ڪهڙي اوج تي به هجو، تڏهن به مون کي يقين آهي ته اسان جي وطن جي مضبوطي کانسواءِ توهان جو اهو اوج پائيدار ڪين ٿي سگهندو. هند ۾ توهان جو وجود اسان جي سرزمين جي اقتدار ۽ استقامت تي ئي مدار رکندو، ملت کي منزل مقصود تائين پهچائڻ لاءِ هيٺين ٽن ڳالهين جي درڪار آهي:

1. ملت جي منتشر شيرازه کي منظم ڪري وحدت ڪردار پيدا ڪرڻ.

2. ملڪ جي اقتصادي حالت درست ڪري ان کي پنهنجي پاڻ تي مدار رکندڙ ۽ پنهنجو پاڻ ڪفيل بنائڻ.

3. آئنده جي سياست مليه جو پروگرام اسلامي مساوات ۽ اخوت تي تعمير ڪرڻ.

پهرين ضرورت تڏهن پوري ٿيندي جڏهن ساري ملت ۾ مجاهدانه روح ڦوڪي ملت جي هر هڪ بالغ فرد کي “نيشنل گارڊ” ۾ داخل ڪيو ويندو، ٻئي ضرورت جي پوري ڪرڻ ۾ توهان هند جا مسلمان اسان جي گهڻي مدد ڪري سگهو ٿا، هن ملڪ جا باشندا گهڻو ڪري زراعت پيشه آهن ۽ تجارت ۽ صنعت کان بي بهرا آهن، اوهان جو پئسو ۽ تجربو اسان جي اها خامي دور ڪري سگهن ٿا، اسان توهان کي سڀ قسم جون سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، توهان جي انهيءَ ڪم کي توهان لاءِ آسان ڪري ڏيڻ لاءِ “مسلمان کان خريد ڪريو” جي تحريڪ اسان اڳئي شروع ڪري ڏني آهي ۽ خدا تعاليٰ جي فضل سان انهيءَ تحريڪ چڱو اثر پيدا ڪيو آهي، انهيءَ تحريڪ جي اثر کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ ۾ دير فقط تجربي ۽ سرمايه جي آهي، جنهن ڪري اسان کي اميد آهي ته هن باري ۾ توهان سان جي دستگيري ڪندا.

اسان جي مخاقلفن هينئر اسان جي ملت کي هڪ مرڪز تي گڏ ٿيندو ڏسي اسان جي ملت جي شيرازه کي منتشر ڪرڻ لاءِ سرمائيداري ۽ غير سرمائيداري جو حربو (هٿيار) ڪتب آڻڻ شروع ڪيو آهي ۽ غريب طبقي کي ڀنڀلائي شاهوڪار طبقي خلاف ڀڙڪائڻ لڳا آهن، بدقسمتيءَ سان ڪيترا سادا ماڻهو انهيءَ هٿيار جو شڪار ٿيا آهن ۽ ملت جي مخالفن جا ايجنٽ ٿي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ قوم جي مسڪنت جي مڪر سان ملت ۾ خانه جنگي ۽ تباهي پيدا ڪري رهيا آهن، امڪان آهي ته ڪي بکايل ۽ بي علم ماڻهو صياد جي دام تزوير ۾ گرفتار ٿي وڃن تنهن ڪري اهو نهايت ضروري آهي ته هن مسئلي کي خاطرخواه نموني ۾ حل ڪرڻ لاءِ ترت تدارڪ ڪيو وڃي جنهن لاءِ اسان مخلص ڪارڪنن، مسڪين هارين ۽ غريب مزدورن کي مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ منظم ڪري انهن جي اقتصادي ۽ سياسي بهتريءَ واسطي سڀ ممڪن ڪوشش ڪنداسين جيئن مخالفن جي فتني ۽ شرارت کي هميشه لاءِ روڪي رد ڪري ڇڏجي.

دوستو! تاريخي نقطه نگاهه کان هيءَ ڪانفرنس وڏي اهميت رکي ٿي، هن وقت تائين مسلم ليگ ملت کي آزاد ۽ خودمختيار قومي حڪومت جي بنياد تي متحد ڪرڻ لاءِ پئي ڪوشش ڪئي آهي، خدا جي فضل سان هينئر مسلمان انهيءَ اصول تي متحد ۽ متفق ٿي چڪا آهن ۽ هينئر انهيءَ منزل تي پهتا آهن جڏهن عملي قدم کڻڻ جي ضرورت پيدا ٿي آهي، ملت جي سياسي تواريخ ۾ هيءَ هڪ نئين دور جي شروعات آهي.

آخر ۾ آءُ وري به توهان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جو هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هن سياري جي موسم ۾ دور دراز ملڪن مان ڪهي هت ڪراچي تائين آيا آهيو، پنهنجي مهمانن جي آسائش جي انتظام ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجي ناقص حال سارو وس مان ڪين گهٽايو آهي، ممڪن آهي ته ڪيتريون اوڻايون رهجي ويون هجن مگر اميد آهي ته توهان اسان جون خاميون خيال ۾ نه آڻيندا.

 

 

Menu
Go to top