Menu
Подробнее на сайте: https://prime-pc.ru https://holdnews.ruhttps://flarenews.ruhttps://priornews.ru
https://news101.ru
https://newshead.ru https://ultimnews.ruhttps://maincredit.ruhttps://pc-room.ruhttps://hotsnews.ruhttps://topallnews.ru
https://leadingnews.ruhttps://estascredit.ru https://automobyle.ru https://newsexplore.ru

سڀاپتي

ڊاڪٽر چوئٿرام پرتابراءِ گدواڻي جي تقرير

پهرين سنڌ اسيمبلي ڪانگريس پروگرام ڪانفرنس ڪنڊيارو (سنڌ) 29 مئي 1937ع

وندي ماترم

(ڪانگريس جي قيام کان وٺي ويندي هندستان جي ورهاڱي تائين سنڌ واسين هن جماعت جي دل تي خدمت ڪئي، جيستائين اڃا هندو مسلم اختلاف ۽ نفاق سياست تي حاوي نه ٿيا هئا ان وقت تائين ننڍي کنڊ جي باقي ماڻهن جيان سنڌي به ڪانگريس ۾ دلچسپي وٺندا رهيا. ليڪن پوءِ خلافت تحريڪ جي خاتمي، نهرو رپورٽ جي ظاهر ٿيڻ بعد ۽ سنڌ جي بمبئي کان علحيدگي واري تحريڪ دوران سنڌ جا مسلمان ڪانگريس کان پري ٿيندا ويا ۽ سنڌ جا هندو ان پارٽيءَ جي ويجهو ايندا ويا. تان جو انهن مان ڪيترا ته مرڪزي ڪانگريس جا مکيه عهديدار به ٿيا.

1935ع واري انڊيا ائڪٽ لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ۽ سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملڻ بعد جڏهن هتي وزارتون جڙيون ته ڪانگريس سنڌو سنئون اقتدار ۽ اختيار جي ڪرسي تائين ڪڏهن به پهچي نه سگهي، ليڪن پوءِ به سنڏ اسيمبليءَ ۾ ان کي اهڙي پريشر گروپ جي حيثيت ملي جو ڪيتري عرصي تائين سندس ساٿ کانسواءِ ڪا به پارٽي حڪومت ڪري نه سگهي.

انهي پارٽي سان هزارين اختلاف رکڻ جي باوجود تاريخ جو شاگرد ڪڏهن به انهيءَ حقيقت تي پڙدو وجهي نه ٿو سگهي ته ڪانگريس اها واحد پارٽي هئي، جنهن پنهنجي پوئلڳن جي منظم نموني سان سياسي تربيت ڪئي ۽ انهن ۾ پارٽي ڊسيپلين پيدا ڪيو، ان ڪري سياسي تاريخ ۾ هن پارٽيءَ ڊسيپلين پيدا ڪيو، ان ڪري سياسي تاريخ ۾ هن پارٽيءَ جو جڏهن به ذڪر ايندو ته پارٽي سان گڏ ان کي انسٽيٽيوشن جي حيثيت به ڏني ويندي.

سنڌ ۾ هن پارٽيءَ جي ڪارڪردگي بلاشڪ مثبت به رهي ۽ منفي به رهي، ليڪن باريڪ بينيءَ سان ڏٺو ويندو ته ان جي حڪمت عملي هڪ ئي محور تي بيٺل هئي ته هندستان “گڏيل هندستان” ٿي رهي، ان ڪري پهريون جڏهن سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جي تحريڪ هلي ته هن جماعت ان جي مخالفت ڪئي، ان وقت جماعت جي روئي ۾ تبديلي تڏهن آهي جڏهن هندستان جو ورهاڱو اکين نه ٿي ڏٺو، ان وقت به هن جماعت جي علحدگي جي مخالفت ڪئي، مگر پنهنجي روئي کي نرم بڻائيندي خاص طور تي سنڌ ڻ۾ اهڙي فضا آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو، جنهن ۾ هندو۽ مسلمانن جو وڃايل باهمي اعتماد، خلوص ۽ پيار وري حاصل ٿي سگهي، دلين تي نفرت جا چڙهيل پڙدا هٽي سگهن ۽ مسلمان “گڏيل هندستان” کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، ليڪن محبت جي انهيءَ مختصر تحريڪ جي پيٽ ۾ نفرتن جو ٻج گهڻو اڳ “شدي ۽ سنگهٺن جي تحريڪ” دوران ڇٽيون ويو هو، ان ڪري نفرتن جي جهنگ ۾ هنن جو تازو ڇٽيل محبت جو ٻج سائو سلو ٿي نه سگهيو.

هن هيٺ اوهان جي خدمت ۾ ٻن ڪانگريسن جون تقريرون ڏنيون وڃن ٿيون، جن ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام جي تقرير ۾ پارٽيءَ جي اندروني نظم و ضبط جي آئيندي جي ارادن جي جهلڪ نظر اچي ٿي ۽ مولانا چشتيءَ جي تقرير مان هن پارٽيءَ جي آخري ناڪام ڪوشش جا پڙلاءَ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.)

پيارا دوستو! نهايت خوشيءَ جو موقعو آهي جو ورهين کان پوءِ اسين سنڌ واسي ڀائر هئڙي ڪانفرنس ۾ گڏ ٿيا آهيون.

هن کان اڳي جيڪي ڪانفرنسون سنڌ ۾ پئي ٿيون آهن، سي سڀ وڏن شهرن ۾ ٿينديون هيون ۽ هيءَ پهرين ڪانفرنس آهي جا ڪنڊياري جهڙي ننڍي شهر ۾ سڏائي وئي آهي، ننڍي شهر ۾ ڪانفرنس سڏائڻ جي مراد اها آهي ته اسان جا ڳوٺاڻا ڀائر به هن ڪانفرنس جي ڪاروائيءَ ۾ سولائي سان بهرو وٺي سگهن.

اسان جي پرڳڻي جي آدمشماري جو وڏو حصو ڳوٺن ۽ ننڍن ننڍن واهڻن ۾ ٿو رهي، جيستائين اهي اسان جا ڳوٺاڻا ڀائر ۽ لکها هاري ۽ ناري اسانجن ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيندا، تيستائين اسان جا ڪانفرنسن مان گهڻو کڙ تيل ڪو نه نڪرندو، انهيءَ ڪري اسان کي ساهتيءَ جي ڪانگريس ڪم ڪندڙن ۾ ٻين ساهتيءَ جي هندو مسلمان دوستن جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي جو هن هئڙي سخت گرميءَ جي موسم ۾ ڪيتريون تڪليفون برداشت ڪري اسان کي هتي پاڻ ۾ گڏجڻ جو وجهه ڏنو آهي.

ڪانفرنس جي مراد

توهان کي اڳئي معلوم ٿي چڪو آهي ته هيءَ ڪانفرنس ٻين راجنيتڪ يا سياسي ڪانفرنسن کان ڪن حالتن ۾ نرالي آهي، سنڌ پرانتڪ ڪانگريس ڪاميٽيءَ هيءَ ڪانفرنس انهيءَ لاءِ سڏائي آهي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ اسيمبليءَ جا ڪانگريسي ميمبر ڪانگريس جي ظاهر ڪيل نيتيءَ موجب جيڪي پروگرام اسيمبليءَ ۾ پيش ڪن تن جي عام ماڻهو پٺڀرائي ڪن، مون کي اها خاطري آهي ته توهين صاحب انهيءَ پروگرام جي باري ۾ جيڪي به ٺهراءُ هن ڪانفرنس ۾ ويچار لاءِ پيش ٿيندا تن جي پٺڀرائي ڪندا، پر مان اتي توهان جو ڌيان هڪ بنيادي ڳالهه ڏانهن ڇڪائڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان، سنڌ اسيمبليءَ ۾ اسين ڪهڙيون به کڻي رٿون پاس ڪريون ته به اسان کي اها ڳالهه هرگز وسارڻ نه گهرجي ته انهن رٿن تي پوريءَ طرح عمل ٿي ڪين سگهندو، جيستائين اسان کي پورن سوراج حاصل نه ٿيو آهي ۽ اسان جي سماج ۾ اهڙو بنيادي ڦيرو نه آيو آهي، جو گهٽ ۾ گهٽ هر ڪنهن انسان کي پورو اٽو، اوڇڻ ۽ اجهو ملي.

نون سڌارن موجب جيڪو حڪومت جو سرشتو ملڪ جي مرضيءَ خلاف اسان مٿان مڙهيو ويو آهي، تنهن سان نه ملڪ جي مفلسي دور ٿيندي ۽ نڪي ڪي بک ۽ بيروزگاريءَ جا مشڪل مسئلا حل ٿي سگهندا، انهي هوندي به انيڪ اهڙا سوال آهن جن جو اسان جي روزمره جي زندگيءَ سان تعلق ۽ لاڳاپو آهي ۽ جن جي باري ۾ اسيمبلين دوران تحريڪ هلائي سگهجي ٿو ۽ ڪئين اهڙا عام اهنج آهن جن جي دور ڪرڻ لاءِ منجهن ڪجهه قدر اپاءُ وٺي سگهجن ٿا.

سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين بيٺڪ

سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين بيٺڪ جيڪا ڪاروائي هلي سا توهان جي ڌيان تي ضرور آئي هوندي، ڪانگريس ڌر انهيءَ بيٺڪ ۾ وزيرن ۽ اسپيڪرن جي پگهارن گهٽائڻ ۽ سيڪريٽرين جي مقرري جي خلاف جيڪا تحريڪ هلائي ۽ جفاڪشي ڪئي تنهن ۾ جيتوڻيڪ ڪانگريس ڌر پوري ريت ڪاميابي حاصل نه ڪئي ته به ان تحريڪ جو چڱو نتيجو نڪتو، وزيرن جي پگهارن ٻن هزارن ماهوار بدران پندرهن سئو مقرر ٿيو ۽ اسپيڪر جو هڪ هزار ماهوار بدران اٺ سئو رپيا ٿيو، سيڪريٽري جي مقرري اڃا ٿي ڪا نه آهي، ڏسجي ته انهيءَ باري ۾ آگسٽ واري بيٺڪ ۾ ڇا ٿو ٿئي.

سنڌ اسيمبليءَ جي ٻي بيٺڪ ۽ نيون ڍلون

اوهان کي سڌ هوندي ته اسيمبليءَ جي ٻي بيٺڪ 17 اگسٽ تي سڏائي وئي آهي، جيتوڻيڪ بجيٽ تي ويچار ڪرڻ لاءِ اها بيٺڪ جون ۾ بلڪ ان کان اڳي سڏائڻ واجب هئي پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهيءَ بيٺڪ سڏائڻ ۾ ڇو ايتري دير ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ڪن سببن جي ڪري اسيمبليءَ جي بيٺڪ 17 آگسٽ کان اڳي ڪوٺائڻ نا ممڪن آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ سرڪار کي اها پڌرائي ڪرڻ گهرجي ته بيراج ايراضيءَ ۾ زمينن تي جيڪي نيون ڍلون وڌائڻ جي رٿ آهي سا رٿ عمل ۾ نه آندي ويندي، سنڌ سرڪار جو هيستائين انهيءَ باري ۾ چپن کي چنو لڳائي ويٺي آهي ۽ اسيمبليءَ جي بيٺڪ دير سان ٿي سڏائي تنهن مان عام جي دلين ۾ اهي گمان پئدا ٿي رهيا آهن ته اهي نيون ڍلون اسيمبليءَ جي رايي وٺڻ کان سواءِ ماڻهن تي مڙهيون وينديون، ڇو جو هاڻوڪين پنجن سالن جو سيٽلمينٽن جو مدو 31 جولاءِ 1937ع تي پورو ٿيڻو آهي ۽ 1 آگسٽ کان اڳي نئين سيٽلمينٽ جي سرڪار کي پڌرائي ڪرڻي آهي، اهڙي ضروري سوال جو تڙ تڪڙ ۾ اسيمبلي جي رايي وٺڻ کان سواءِ فيصلو ڪرڻ هن نالي جي پراننڪ جوابدار حڪومت کي به فارس بڻائڻو آهي،

تنهن ڪري سرڪار کي في الحال هڪ سال لاءِ ساعيڳب سيٽلمينٽون قائم رکڻ گهرجن، جنهن ڪري نين ڍلن جي باري ۾ اسيمبلي جي ميمبرن ۽ عام ماڻهن کي پنهنجي رايي ڏيڻ جو پورو پورو وجهه ملي، عام ماڻهن کي به سجاڳ ٿي اهڙي زبردست هلچل هلائڻ گهرجي جيئن سنڌ سرڪار ڪنهن به صورت ۾ اسيمبلي جي ميڙ گڏ ٿيڻ کان اڳي مٿيون ڍلون نه وجهي سگهي.

منهنجي مرضي نه آهي ته مان زمين جي ڍلن نسبت وڌيڪ ڪجهه چوان، مون کان وڌيڪ ته اوهان مان ڪيترن کي حالتن جي سڌ هوندي، ڪانگريس جو اهو رايو آهي ته ڍلن جو هاڻوڪو رخ ئي ايڏو وڏو آهي جو عام ريت کاتيدارن جون حالتون تمام پريشاني جون آهن، ڪن ٿورن وڏن زميندارن کان سواءِ عام ريت زميندارن ۽ کاتيدارن ۾ هاڻوڪن ڍلن ڏيڻ جي ئي سمرتي ڪانهي، انهيءَ ڪري جيڪڏهن مٿي وڌايل ڍلن جو بوجو مڙهيو ويو ته هن لاءِ وڏي مصيبت ٿيندي، انهيءَ ڪري عام ريت کاتيدارن ۾ هن وقت سخت بي چيني ڦهليل آهي، جو هو ڏسي رهيا آهن ته وڌايل ڍلون سندن باقي به حالت سقيم ڪنديون. ڪانگريس جي انهي ڪري اها نيتي آهي ته ڍلن وڌائڻ بدران پاڻ گهٽائڻ ضروري آهن، انهي کانسواءِ ڪانگريس جو رايو آهي ته تمام ننڍا کاتيدار جن کي پوک مان خير ڪا ڪمائي آهي تن تان ڍلون صفا معاف ڪيون وڃن، باقي جيڪڏهن ڪي وڏا زميندار هزارها ڪمائين ٿا ته ڪانگريس جي اها رٿ آهي ته انڪم ٽيڪس سرشتي پٽاندڙ چلن جو نرخ ڪمائي آهر بيهاريو وڃي، هر ڪنهن زميندار ۽ کاتيدار کي باقاعدي پنهنجو حساب ڪتاب رکڻ گهرجي ته جيئن مقرر ڪيل ڪمائي اندر ڪنهن کان به انڪم ٽئڪس نه ورتي ويندي آهي، تئين ننڍن کاتيدارن لاءِ به ڪا حد ٺهرائي وڃي، جنهن کان گهٽ جيڪڏهن ڪنهن جي ڪمائي ٿئي ته هن کان ڪا ڍل نه ورتي وڃي، اهڙي ريت جن جي ڪمائي وڌيڪ آهي تن کان ڍلن جو نرخ وڌايل رکيو وڃي، يعني صاف ڪائي تي جيڪڏهن ڍلن جو نرخ رٿيو ويندو ته ڪنهن به دانهن ڪرڻ جو وجهه نه ملندو، جيڪي ڀاڳيا هوندا سي ڍلن جو وڌيڪ بوجو کڻندا ۽ جيڪي وچولا هوندا سي به واجبي ڏيندا ۽ جن جي حالت بنهه سقيم هوندي سي ڍلن ڏيڻ کان ڇٽل رهندا. مون کي اميد آهي ته اوهين ڪانفرنس ۾ انهي يا ٻي اهڙي رٿ تي غور ڪري ڪنهن واجبي فيصلي تي ايندا، هن وقت سرڪار نين ڍلن جي سرشتي اعتراض گهريا آهن مان جيڪر سڀني هنڌ ڪانگريس ڪاميٽين کي وينتي ڪريان ته ننڍيون ڪاميٽيون هر هنڌ مقرر ڪيون وڃن، انهي مراد سان کاتيدارن کي اعتراض پيش ڪرڻ ۾ مدد ڪن، ڇو جو ڪيترا ويچارا کاتيدار ايترو اٻوجهه آهن جو هن کي اعتراض وغيره لکڻ به نه ايندا، ڪانگريس ڪاميٽين کي هن سڄي سوال جو اڀياس به ڪرڻ جڳائي، هر هڪ ايراضي ۾ هڪ سب ڪاميٽي کي گشت ڪري سڀ حقيقتون گڏ ڪرڻ کين ۽ انهن پٽاندر اختياري وارن کي لکيل اعتراض موڪلڻ گهرجن. انهي کان سواءِ جيڪڏهن ضروري سمجهيو وڃي ته انهن اعتراضن جي پٺڀرائي ۾ ٻي هڪ خاص ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي جا زمينن جي ڍلن گهٽائڻ تي خاص طرح زور ڏي.

هارين جو سوال

جڏهن زميندارن ۽ کاتيدار جي اها حالت آهي تڏهن هارين جي ڪهڙي نه سقيم حالت هوندي سو هر ڪو سمجهي سگهي ٿو، ويجهڙائي ۾ هارين جي جوڙجڪ ٺاهڻ جي ڪوشش به ٿي آهي، پر اسان کي انهن ڪوششن کي وڌيڪ انتظامي صورت ڏئي سڄي سوال جو چڱيءَ ريت اڀياس ڪرڻ گهرجي، منهنجو ته اهو ويچار آهي ته هارين جي سڄي مسئلي تي ويچار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي وڃي، اها ڪاميٽي هارين جي مالي حالت سڌرارڻ ۽ سندن اهنجن ۽ تڪليفن کي دور ڪرڻ لاءِ پنهنجون رٿون اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري.

رشوتخوري، رسائي، لاپو ۽ ڇيڙ

سرڪار هميشه منتظر رهندي آهي ته سندس قاعدن جي پوري ريت مڃتا ٿئي پر سرڪار ڪڏهن اهو به خيال ڪيو آهي ته سندس گهر ۾ ننڍا وڏا عملدار گهڻي ڀاڱي سرڪار جي گهڙيل قانونن جو گهات ڪري رهيا آهن، اڄ ڪنهن کي خبر آهي ته سرڪاري ڪاروبار ۾ رشوت خوري جام هلندڙ آهي ۽ رسائي، لاپي ۽ ڇيڙ ڪري عام سان وڏي پيڙا آهي، سرڪاري خزاني کي به کاٽ لڳي رهيو آهي، ڪاميٽيون مقرر ٿيون آهن، سرڪيولر نڪتا آهن، پر ان هوندي به اها مصيبت عام مٿان نازل ٿي آهي، سنڌ وزارت هينئر هڪ ڪانفرنس انهيءَ باري ۾ سڏائي آهي، پرمان جيڪر بنان ڊپ ڊاءُ جي ظاهر ڪريان ته رشوتخوري جو مرض اسان وٽان وڃڻو نه آهي، جيستائين بنياد کان حالتن ۾ ڦيرو نه آيو آهي، اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته سيڪريٽرين رکڻ جي رٿ به انهي خيال کان آندي وئي آهي ته ڪن ميمبرن کي رشوت ڏئي پاڻ وٽ رکجي، اول انهن ڳالهين ۾ ڦيرو اچڻ گهرجي، رسائي وغيره کي اڄ هرڪو نندي رهيو آهي، پر آءُ ٿو پڇان ته خود گورنر جڏهن گشت تي ٿو نڪري تڏهن ڇا ٿو ٿئي؟ مان رڳو هڪڙو مثال ٿو وٺان ته گورنر جڏهن هڪ وڏي جاگيردار جي ڳوٺ ۾ ويو تڏهن خبر اٿس ته انهي موقعي تي سندس مرحبا ۽ مهانوازيءَ ڀلي هزارها رپيا ويا؟ رڳو ڪراچيءَ مان ئي انهي موقعي لاءِ ڪن هزارن جو مال چوڻ ۾ اچي ٿو ته خريد ڪيو ويو هو، اهڙي ريت ڪمشنر يا ٻيا وڏا عملدار به جڏهن گشت تي نڪرن ٿا تڏهن عام تي اها مصيبت پوي ٿي، منهنجي ڌيان تي ڪي هڪ ٻه مثال آندا ويا آهن جي هتي پيش ڪريان ٿو، هڪ گوري عملدار لاءِ سندس منزل تي برف جا ٻه پائونڊ ٿيندا هئا جي 12 رپيا موٽر جي رسائي فنڊ مان خرچ ڪري گهرايا ويا، ٻئي وڏي عملدار لاءِ مڇي جي ڄرڪي گهرائڻ لاءِ تپيدار ويهه روپيا موٽر بلي خرچيا، اهي حالتون جيستائين سڌريون ناهن تيستائين رسائي وغيره جو آزار قيام ڪين وڃڻو آهي، انهيءَ ڪري اول اول وڏن عملدارن کي گشت ڪرڻ وقت اکيون پٽي هلڻ گهرجي.

جيڪڏهن وڏا عملدار سچ پچ چاهين ته هو انهي آزار جي پاڙ پٽي سگهن ٿا، جيئن مون اڳئي چيو آهي ته جيستائين وڏا عملدار گورنر سوڌا پنهنجي گشت وغيره تي کاڌي ۽ رهائش جو بندوبست پنهنجي هٿن ۾ نه کڻندا تيستائين هي آزار دور نه ٿيڻو آهي.

تپيدارن کي به پنهنجي کاتي جو ڪم ڏيڻ گهرجي ۽ مٿن سڀني قسمن جا ڪم مڙهڻ گهرجن، سندن پگهارن ۾ به ڪجهه واڌ ڪرڻ ضروري آهي، عام ۾ به اهو پرچار ڪرڻ گهرجي ته هو رسائي وغيره ڏيڻ کان انڪاري ٿين ۽ ساڻن ڪو ظلم ٿئي ته ماٺ ۾ سهڻ بدران انهي ظلم جي ڏونڪي سان پڌرائي ڪن، ڪانگريس ڪاميٽين کي هر هنڌ اهڙن مظلومن جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ سرڪار کي به هڪ خاص کاتو رسائي وغيره جي پاڙ پٽڻ لاءِ کولڻ گهرجي ۽ ڪن خاص بي ريا سي آءِ ڊي عملدارن دوران مخفي جاچ ڪري ڏوهي عملدارن کي سيکٽ ڏيڻ گهرجي ۽ مظلومن آيل شڪايتن جي به جاچ ڪري عملدارن ۾ اهڙو ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ گھرجي جو عام جي پيسي جي بي قاعدي لٽ نه ٿئي، رسائي جي بند ٿي ته لاپو به هليو ويندو، ڇيڙ کي قاعدي ۾ ڏوهه ٺهرائڻ گهرجي، جيڪڏهن سرڪار جي رٿيل ڪانفرنس ۾ اهڙا ڪي جرا اپاءَ ورتا ويا ته پوءِ حالتن ۾ ڦيرو اچي سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ اهڙي ڪانفرنس مان ڪو کڙ تيل ڪو نه نڪرندو.

بيروزگاري

هن وقت وڏي ۾ وڏو سوال جو اسان مان هر هڪ کي ستائي رهيو آهي سو آهي بيروزگاري جو، ڳوٺاڻا هنر سڀ نابود ٿي ويا آهن، رڳو کيتيءَ تي گذارو ٿيڻ مشڪل آهي، انهيءَ ڪري بيروزگاري جو سچو علاج آهي ته سنڌ ۾ نوان ڪارخانا قائم ڪجن ۽ ڳوڄاڻن هنرن کي زور وٺائجي.

سنڌ سرڪار کي ترت هڪ هنري ڪاميٽي وهاري تپاس ڪري ڏسڻ گهرجي ته نوان نوان ڪارخانا، هنر ۽ ڪاريگريون ڪٿي ڪٿي کولي سگهجن ٿيون، انهي کان سواءِ بجلي ڪمپنيون، فيڊر لائينون، بس سروسون ۽ ڪپهه ٿاڻن جا ڪارخانا سرڪار پنهنجي هٿ ۾ کڻي جيئن عام ماڻهن کي ان جو گهڻي ۾ گهڻو فائدو رسي، هن وقت گورن جون ڪمپنيون سيمينٽ جي ڪارخانن لاءِ ليسن وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، سرڪار کي ڌارين کي اهڙن ليسنن ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ وڏو قرض کڻي هنرن کي هٿي ڏيڻ گهرجي.

سرڪاري ملازمن جي پگهارن جو سوال

پگهارن جي سوال ۾ به ڪانگريس جو ويچار آهي ته وڏن عملدارن ۽ ننڍن ڪامورن جي پگهارن وچ ۾ ايڏو ويڇو هئڻ نه گهرجي، سواءِ ڪن ماهرن جي عام رعيت عملدارن جو 500 کان مٿي پگهار نه هئڻ گهرجي، پر جيستائين ائين ممڪن ٿي سگهي تيستائين سنڌ وزارت کي اهو ٺهرائڻ گهرجي ته جيڪو به نئون عملدار ڪنهن به کاتي ۾ رکيو وڃي تنهن جو وزيرن کان وڌيڪ پگهار نه هئڻ گهرجي، پگهارن جي بدل سدل نسبت سرڪار کي هڪ نئين رٿ ٺاهڻ گهرجي جا ٽن سالن ۾ پوري ريت عمل ۾ اچي وڃي، ڪلارڪن ۽ ماسترن جي پگهارن ۾ ترت واڌ ٿيڻ گهرجي، پٽيوالن ۽ ٻين اهڙن ملازمن کي گهٽ ۾ گهٽ 20 روپيه ڏيڻ گهرجن.

مسافري جا وڏا ڀتا ڀاڙا بند ڪرڻ گهرجن

سنڌ الائونس ڏيڻ جي به هينئر ڪا ضرورت نه اهي ڇو ته اهي الائونس تڏهن ڏبا هئا، جڏهن بمبئي يا ٻين هنڌان عملدار گهرائبا ها، اهڙي ريت ٻين به ڪيترن خرچن ۾ ڪتر وجهڻ گهرجي، هينئر سرڪار پاران تخفيف ڪاميٽي مقرر ٿي آهي، مون کي اميد آهي ته اها ڪاميٽي پوري ريت غور ڪري خرچ ۾ چڱي چوکي ڪتر رٿيندي.

سيڪريٽرين جي مقرري

سنڌ ۾ ويجهڙائي ۾ هر هنڌ هندن ۽ مسلمانن جا گڏيل ميڙ پئي ٿيا آهن، جتي سيڪريٽرين جي مقررين خلاف زبردست ٺهراءُ پاس ٿيا آهن، پر عجب اهو آهي جو اڃا سنڌ وزارت سيڪريٽرين مقرر ڪرڻ تان هٿ ڪو نه کنيو آهن، هر ڪو سمجهي رهيو آهي ته ڪن ميمبرن کي خريد ڪرڻ لاءِ اهي عهدا پيدا ڪيا ٿا وڃن. انهي ڪري عام ماڻهن کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙيءَ ريت سندن پيسي جي حفاظت ڪن ٿا،

هرڪو اها ڳالهه قبول ڪندو ته ڪانگريس پائي پائي بچائڻ لاءِ ويهن ئي نهن جو زور پئي هلايو آهي، اڃا سيڪريٽرين جون مقرريون ڪو نه ٿيون آهن، بجيٽ سيشن ۾ اهو سوال وري اچڻو آهي، جيڪڏهن عام رايو هن وقت مضبوط ڪيو ويو ۽ زبردست ۽ زبردست هلچل هلائي وئي ته مون کي وشواس آهي ته بجيٽ سيشن تي آگسٽ ۾ اها رٿ ٿڏجي ويندي.

سرڪاري ٿاڦيل ميمبرن جو سرشتو

اڄ جڏهن خود پرانتڪ اسيمبلين ۾ سڀ چونڊيل ميمبر آهن تڏهن ميونسپاليٽين ۽ لوڪليورڊن، نوٽيفائيڊ ايريا ڪاميٽين ۽ سئنٽري ڪاميٽين ۾ سرڪاري ٿاڦيلن ميمبرن جو سرشتو هڪدم بند ڪرڻ گهرجي.

هن لوڪشاهيءَ ۽ وارڌاري جي زماني ۾ اهڙو سرشتو قائم رکڻ بيسود ۽ اجايو آهي، مان نٿو سمجهان ته ڪو به اهڙو سمجهو شخص هوندو جو انهي سرشتي جي قائم رهڻ جي فائدي ۾ هوندو.

دردناڪ واقعا

گذريل ٻن مهينن ۾ اسان جي پرڳڻي ۾ ڪن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اهڙا دردناڪ واقعا ٿيا آهن جنهن ڪري اسان کي شرم سان ڪنڌ هيٺ ڪرڻو ٿو پوي، مذهب جي نالي تي بي گناهه انسانن جو خون وهائڻ اسان جي جهالت ۽ وحشي پڻي جي نشاني آهي، جن بيگناهن جا خون ٿيا آهن، تن جي ڪٽنبن ۽ عزيزن سان سندن ڏک ۽ هر ڪنهن سنڌ واسيءَ جي همدردي آهي، جيڪي به اهڙا خون ڪن ٿا سي نه رڳو ملڪ جا بلڪه انسانيت جا به دشمن آهن، مان اڃا تائين سمجهي ڪو نه سگهيو آهيان ته قرآن ڦاڙڻ ۽ ساڙڻ جا حادثا جيڪي سنڌ جي جدا جدا شهرن ۾ هڪ ٻئي پٺيان پئي ٿيا آهن تن جو ڪارڻ ڪهڙو آهي ۽ ڪير اهڙي قسم جي شرارت لاءِ جوابدار آهن، اوهان کي معلوم هوندو ته انهي قسم جي شرارت جي شروعات جيڪب اباد ضلعي جي ميرپور ڳوٺ ۾ ٿي، مون شيخ عبدالمجيد، مسٽر ڄيٺمل پرسرام، پروفيسر گهنشام، مسٽر هاسارام پمناڻي ۽ مسٽر محمد امين کوسي ۽ ٻين دوستن انهيءَ قصي جي سر زمين تي وڃي جاچ ڪئي هئي، اسان کي انهي جاچ مان اهو پتو پيو ته اهو سمورو قصو هٿرادو هو، جن ميرپور جي هندن تي قرآن ڦاڙڻ جي تهمت ڌري وئي هئي، سي هندو ان ڏوهه لاءِ جوابدار نه هئا، انهي قصي جي بنياد اصل ٻيو ڪو مڪاني معاملو هو، جنهن جي پٽاندر مان هن موقعي تي ڪرڻ واجب نٿو سمجهان، ٻين شهرن ۾ ان کان پوءِ جيڪي حادثا اهڙي قسم جا ٿيا آهن، تن تي هي قصو ڪن خبيث شرارتين جو آهي، اهي شرارتي نه رڳو انهن بيگناهه هندن جي خونن لاءِ جوابدار آهن بلڪ جوش ۾ آيلن خون ڪندڙن مسلمانن کي ڦاسين تي لٽڪائڻ لاءِ به اهي ئي گنهگار آهن، جيڪي به اهڙي شرارت لاءِ جوابدار آهن تن کي هٿ ڪري سخت سزاياب ڪرائڻ گهرجي، سنڌ سرڪار کي ويهن ئي نهن جو زور لڳائي ڏوهين جو پتو ڪڍڻ گهرجي، جيستائين اهڙي قسم جا خطرناڪ انسان سزاياب نه ٿيا آهن تيستائين سنڌ جو امن امان خطري ۾ آهي، هن کان سواءِ سڀني سنڌ جي خيرخواهن کي عام ماڻهن ۾ اها منورتي يا ذهنيت پيدا ڪرڻ گهرجي ته کين اهڙن شرارتن جي چالبازين جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، کين اهو به ذهنشين ڪرائڻ گهرجي ته جيڪي شرارتي اهڙا ممڻ مچائين سي پاڻ ته هميشه سلامت رهجيو وڃن پر مسجن ويچارا اٻوجهه ۽ جاهل، ان کان سواءِ اسان کي سنڌ ۾ فرقيبازيءَ جي مرض جو علاج ڪرڻ لاءِ ڪي دائمي اپاءَ ڪتب آڻڻ گهرجن، هڪڙو علاج اهو اهي ته اسين ميونسپالٽين ۽ لوڪلبورڊن وغيره ۾ جدا چونڊن جي بدران گڏيل چونڊن جو سرشتو جاري ڪرايون، شل اهو وقت جلد اچي جو اسين هندو مسلمانيءَ جو فرق وساري پاڻ کي سچا سنڌي سمجهون.

آخري وينتي

اچو ته گڏجي پنهنجن دلين مان سڀ شڪ شبه دور ڪري هڪ ٻئي ۾ وشواس ۽ ايمان رکي نئين سنڌ جي عمارت اڏڻ جو آرنڀ ڪريون، مٿي جن سوالن بنسبت مون ذڪر ڪيو آهي تن کان سواءِ ٻيا به ڪئين سوال آهن، جن جو ويچار وري ڪنهن ٻئي موقعي تي ڪنداسين.

مون کي اميد آهي ته اسان مان هرڪو هن ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ جي ڪوشش ڪندو، پڇاريءَ ۾ مان وري توهان کي يادگيري ٿو ڏياريان ته سوراج کان سواءِ نڪي سنڌ جو نڪي هند جو ڀلو ٿيڻو آهي. شل اهو ڏينهن جلد اچي جو هندستان ۾ سچي قوميت جي لهر جي اثر هيٺ هندو، مسلمان ۽ ٻيا سڀ فرقا سڀ ويڇا وساري پنهنجي ملڪ ۽ وطن جا خادم ۽ شيوڪ بڻجي ملڪ کي آزاد، آباد ۽ شاد ڪن.

 

 

Menu
Go to top