Menu
Подробнее на сайте:
https://hundrednews.ru https://stacknews.ru https://newsfire.ru https://dashnews.ru https://newsdeliver.ru https://newsentire.ruGo to top of pagehttps://bundlenews.ru
https://allnightnews.ruhttps://principalnews.ruGo to top of pagehttps://mirrornews.ru https://newscatch.ru https://foremostnews.ru https://newsdone.ruhttps://newsplain.ruhttps://unonews.ru

سنڌي اخبارن خلاف مقدما!

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

EDITED AND ADDED BY NAJIA MIR

 

 

ورهاڱي کان اڳ اسان جي ڪيترين اخبارن جا دفتر سنڌ جي سياست، علم ادب، تهذيب ۽ تمدن جا مرڪز بڻيل هوندا هئا. اسان جون اخبارون ڪڏهن به ادارن کان گهٽ ڪونه هونديون هيون. اخبارون عوام لاءِ هيون ۽ عوام وري اخبارن لاءِ هوندو هو. ڪيترن ئي اخبارن تي ڏکيا ڏينهن آيا، پر عوام چندا چاڙ ڪري به انهن اخبارن کي بچايو. اهڙي نموني انهن اخبارن به وري عوام جي خدمت ڪئي. اخبارون صحيح معنيٰ ۾ عوام جي ترجمانيءَ جو حق ادا ڪنديون هيون. بي باڪي ۽ بي ڊبائيءَ جو اهو عالم هو جو مٿان اهڙن جي حڪومت هئي، جن لاءِ چيو ويندو هو ته سندن بادشاهيءَ تان ڪڏهن به سج نه ٿو لهي، پر هي اخبارون غلامن جون اخبارون هئڻ باوجود پنهنجي دفترن ۾  ناميارن باغين کي پناھ ڏينديون هيون، ۽ اتي ڪن تحريڪن کي جنم ڏنو ويندو هو. “الامين” پنهنجي سيني ۾ “ريشمي رومال جي تحريڪ” کي سانڍيو، “هندو” جي آفيس ۾ ڪاڪا ڪاليلڪر، گردت سنگھه ۽ هنراج وائرليس کي مفرور ٿيڻ کانپوءِ اجهو مليو. اهڙي نموني سان “الوحيد” وري چوٿائي صديءَ کان مٿي سنڌ جي سليم سياست جو آفتاب بڻي رهي. اخبارن جي اها عوام دوستي ڌاريءَ فرنگي سرڪار کي اڳري لڳي، پهريون ته  هن پاڻ پنهنجي ڪارن قانونن جو سهارو ورتو، ۽ ان کانپوءِ پنهنجي هٿ ٺوڪين آفيسرن ۽ نام نهاد معزز شهرين کان اخبارن تي بدنامي جا ڪيس ڪرايا. جيئن ته فرنگي سرڪار جي حڪومت جو ٻيڙوئي ترندو هو “ويڙهائيو ۽ حڪومت ڪريو” واريءَ حڪمت عملي واري سڙھ جي سهاري تي، انڪري هن هڪومت جڏهن سنڌ ۾ سياسي ۽ مذهبي اختلافن جو طوفان برپا ڪرايو ته پوءِ اخبارن وارا هڪ ٻئي تي هلان ڪرڻ لڳا، اهڙي نموني سان به ڪيترين اخبارن تي ڪيس ٿا.

آئون هن مضمون ۾ جن ڪيسن جا انگ اکر ڏئي رهيو آهيان، انهن سان گهڻائي “بدناموسي” ڪيسن جي آهي. جن مان ڪيترا انڪري ٿيا جو ايڊيٽرن واقعي ٻين جي پٽڪن ۾ هٿ وڌا ۽ ڪيترا ان ڪري ٿيا جو ايڊيٽرن وقت جي سرڪار جي خيرخواهن جا پول پڌرا ڪيا. ان ڪري هي ڪيس مٿي ذڪر ڪيل سنڌي صحافت جي تاريخ جي مکيه چئن بابت ڀرپور روشني وجهي نٿا سگهن. انهيءَ موضوع کي نڀائڻ ۽ مڪمل ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻي جاکوڙ جي ضرورت آهي. مون ته پنهنجي مضمون ۾ رڳو اها ڪجهه معلومات ڏني آهي، جيڪا منهنجي مطالعي هيٺ آئي آهي. جيتوڻيڪ هن موضوع تي هن کان اڳ ايترو تفصيل سان نه لکيو ويو آهي، ان هوندي به هن مضمون کي آخري حرف نه پر موضوع جو آغاز سڏي سگهجي ٿو.

مون ڪوشش ڪري پنهنجي مضمون ۾ ڪيسن بابت اها معلومات ڏني آهي، جيڪا ڪجهه ملي سگهي آهي، پر هرهڪ ڪيس ۾ ڪونه ڪو اهڙو اشارو ضرور ڏنو اٿم، جنهن جي آڌار تي وڌيڪ تحقيق ڪري سگهجي ٿي. هي ڪيس گهڻو ڪري اعزازي ماجسٽريٽن، سٽي ماجسٽريٽن ۽ ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽن جي ڪورٽن ۾ هليا هئا. جيڪڏهن ڪو مڙس ٿي پنهنجي پنهنجي تر جي ماجسٽريٽن جو پراڻو رڪارڊ اٿلائي ته هوند تاريخ جا ڪيترائي ورق محفوظ ٿي وڃن.

ورهاڱي کان اڳ جي اخبارن مان “الوحيد” ۽ “هندو” اهڙيون اخبارون آهن، جن تي وقت جي سرڪار وڌ کان وڌ ظلم ڪيا. انهن اخبارن جو احوال هن مختصر مضمون ۾ ڏئي نه ٿو سگهجي. اهو پنهنجي جاءِ ته هڪ الڳ موضوع آهي، جنهن تي ڌار لکي سگهجي ٿو.

هن دور ۾ باقي جن اخبارن تي ڪيس ٿيا، انهن مان ڪن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.

 “آزادي”: هيءَ اخبار مئي 1922ع  ۾  لاڙڪاڻي مان جاري ٿي، اخبار هفتيوار هئي، ۽ ان جو پهريون ايڊيٽر رامچند ڀوڄراج موٽواڻي هو. اخبار “عدم تعاون تحريڪ” جو آرگن بڻجي وئي ته کيس 1924ع ۾  ٻن مهينن لاءِ بند ٿيڻو پيو. ان کان پوءِ پريداس سخاوتراءِ تولالي جي ايڊيٽري وري جاري ٿي. مئي 1932ع ۾  وقت جي سرڪار کيس اعتراض جوڳي مواد شايع ڪرڻ تي تنبيهه ڪئي هئي ۽ نقد ضمانت رکڻ جي هدايت ڪئي.

الحق: نومبر 1915 ع ۾  هن اخبار ۾ “زرعي اسڪول حيدرآباد” جي هيڊ ماستر هاسومل خلاف ڪي ليک شايع ٿيا هئا. هاسومل سنڌ جي ڪمشنر کان اخبار تي بدناميءَ جو ڪيس ڪرڻ جي اجازت گهري هئي. آخرڪار جون 1916ع  ۾  هاسومل هن اخبار جي ايڊيٽر تي سٽي ماجسٽريٽ، حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو هو، جنهن پهرين حاضري 1 جولاءِ 1916ع تي ٿي هئي. بلڪل انهيءَ زماني ۾  هن اخبار تڏهوڪي وزيرخيرپور جي انتظام تي پنهنجي تنقيدي راءِ ڏني هئي، ان کانسواءِ گهرو اختلافن سبب اخبار جي ايڊيٽر عبدالعزيز پنهنجي ننڍي ڀاءُ عبدالحڪيم، جيڪو ان وقت سکر ميونسپالٽيءَ جو ميمبر هو، تي به ڪي ليک ڏنا هئا. هن موقعي جو فائدو وٺندي خيرپور جي وزير عبدالحڪيم کي هـُشي ڏئي “الحق” ۽ انجي ايڊيٽر پنهنجي وڏي ڀاءُ عبدالعزيز تي سکر جي فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ پيءَ جي مملڪت ورهائڻ بابت ڪيس ڪيو هيو.

پرتاب: حيدرآباد جي هن هفتيوار اخبار تي نومبر 1968ع ۾ سکر جي سي- ٽي وليڇا بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو، هي ڪيس سکر جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾  هليو  هو.

پريم پرچارڪ: هي رسالو گرمک سنگهه جي ايڊيٽريءَ ۾ حيدرآباد ۾  مان نڪرندو هو. فيبروي  1930ع  ۾  ان تي حيدرآباد جي هڪ هندو ٻائي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو هو. ڪيس جو ڪارڻ هو شاسا سنگهه جو مضمون، جيڪو انهيءَ رسالي ۾ شايع ٿيو. جيئن ته تنهن زماني جا ايڊيٽر پنهنجي ليکڪن جو ممڪن حد تائين بچاءُ ڪندا هئا، انڪري هن ڪيس ۾  ايڊيٽر گرمک سنگهه ۽ پرنٽر گوپال سنگهه اڙجي ويا.

ڀارت واسي: 1919 ع  ۾ جڏهن پنجاب جي جليانواله باغ ۾  قهري ڪيس ٿيو ته ڄيٺمل پرسرام انهيءَ واقعي تي سخت تنقيد ڪئي، جنهن جي ڏوھ  ۾ کيس جيل ڀوڳڻو ويو. ان کانپوءِ 1926ع ۾  ساڳي ايڊيٽر وري حيدرآباد ريلوي اسٽيشن لڳ برن فيڪٽري تي ليک ڏنو. فيڪٽريءَ جي انتظاميه ميشرس ڊيوڊ ائنڊ ڪمپني ايڊيٽر تي قلم 500 انڊين پينل ڪوڊ تحت بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو. اخبار مورڳو بند ٿي وئي پر ڪيس ايڊيٽر جي جند نه ڇڏي، ان ڪري جيٺمل پرسرام کي ميهنن جا مهينا پريشان رهڻو پيو.

سرسوتي: هيءَ مخزن ساڌو هيرانند پنهنجي اڪيڊمي مان جاري ڪئي. مخزن جو رنگ ڍنگ ته عملي ۽ ادبي هوندو هو، پر اڳتي هلي خانچند پرتاب راءِ جي ايڊيٽري واري زماني ۾ مخزن تي ڪيس ٿيا. آگسٽ 1919 ع ۾ “سک ۽ سنگهه سڀاڻي” حيدرآباد جي سيڪريٽريءَ سرسوتي جي ايڊيٽر تي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو هو.

سنسار سماچار: هيءَ هفتيوار اخبار ريجهومل اگناڻي جي ايڊيٽريءَ ۾  ڪراچيءَ مان نڪرندي هئي. مئي 1932ع ۾ اخبار جي ايڊيٽر کي سرڪار طرفان تنبيهه نامو مليو ته هو اعتراض جوڳي مواد شايع ڪرڻ کان پاسو ڪري. مئي 1934ع ۾  غلام محمد نالي هڪ شخص ايڊيٽر تي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو. اهو ڪيس ڪراچيءَ جي ايڊيشنل سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾  هليو ۽ ايڊيٽر تي 300 روپيا ڏنڊ پيو. ساڳي ئي سال روهڙي جي ايس. ڊي. ايم پرتاب راءِ پنجواڻي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو، جنهن جي نتجي ۾  ريجهومل اگناڻي کي ڇهه مهينا جيل ۽  هڪ هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ملي.

سوراج: سکر جي هن روزانه اخبار جا هڪ کان وڌيڪ ايڊيٽر ٿي گذريا آهن. 1921ع ۾ وليڇا ان جو ايڊيٽر هو، جيڪو انهي وقت “سکر ڪانگريس ڪميٽي” جو سيڪريٽري هو. هن صاحب پنهنجي اخبار ۾ “تلڪ سوراج فنڊ” لاءِ هڪ اپيل شايع ڪئي، جنهن تي سکر جي سٽي ماجسٽريٽ هن کان جواب طلبي ڪئي. اهو عدم تعاون جو زمانو هو، ان ڪري مختلف اخبارن جا ايڊيٽر هڪ ٻئي پٺيان گرفتار ٿيندا ويا. وليڇا جي گرفتاري بعد هيرانند ڪرمچند اخبار جو ايڊيٽر ٿيو، ليڪن کيس به بدناموسيءَ جي ڪيس ۾ ڇهه مهينا جيل ڀوڳڻو پيو.

سنڌ سماچار: ڪرا چي جي هن هفتيوار اخبار تي جون 1918ع ۾ ويرومل بيگراج ڪيس ڪيو هو. ان جي ايڊيٽر ويرومل خلاف پمفليٽ ڇپرائي تقسيم ڪيا هئا.

سنڌ زميندار: ايڊيٽر عبدالوهاب جي زماني ۾  جون 1924 ۾  بدين تعلقي لوڪلبورڊ جي وائس پريزيڊنٽ تارا چند چندو مل هن اخبار ۽ اخبار جي ايڊيٽر تي بدناموسي جو ڪيس ڪيو هو. 1927 ع ۾ جڏهن ميان احمد علي هن اخبار جو ايڊيٽر هو ته اخبار “الحق” جي تڏهوڪي ايڊيٽر شيخ عبدالڪريم هن تي بدناموسي جو ڪيس ڪيو هو. اهو ڪيس سکر جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ هليو هو ۽ انجي پهرين حاضري 13 جون 1927 ع تي ٿي. ساڳي ئي ايڊيٽر جي زماني ۾  سيپٽمبر 1928 تي سندس اسٽنٽ ايڊيٽر غلام نبيءَ مٿس 408 آءَ. پي. سي. جي قلم هيٺ ڪيس ڪيو هو.

سنڌ ميل: لاڙڪاڻي جي هن اخبار تي نومبر 1936 ع ۾ قمبر ميونسپالٽيءَ بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو هو، ميونسپالٽيءَ طرفان سيرو مل ايسراڻي وڪالت ڪئي هئي.

سنڌ واسي: 1916ع ۾ هن اخبار ايڊيٽر ۽ پروپرائٽر کي سياسي مقصدن خاطر سٽي ماجسٽريٽ جيل جي سزا ڏني هئي. انهيءَ خلاف هن سيشن جج جي ڪورٽ ۾ اپيل دائر ڪئي هئي. جيڪا 16 مارچ 1917 ع تي رد ٿي وئي. سيپٽمبر 1919 ع ۾ رٽائرڊ فرسٽ ڪلاس سب جج ۽ حيدرآباد جي “سک ۽ سنگهه سڀا” جي صدر ديوان ليلارام سنگ اخبار جي ايڊيٽر ڪنولسنگ پوهومل ملڪاڻي تي بدناموسيءَ ڪيس داخل ڪيو. اهو ڪيس پهريون ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ مسٽر گبسن وٽ هليو، ان کانپوءِ هي ڪيس سب ڊويزنل ماجسٽريٽ ٽنڊو جي ڪورٽ ۾  هليو.

سنڌ هندو: هيءَ حيدرآباد جي روزانه اخبار هئي، جيڪا ڪنهن حد تائين فرقه پرست حڪمت عملي تي عمل پيرا هوندي هئي. جنوري 1934 ع ۾ هن اخبار کان وقت جي سرڪار 300 رپين جي ضمانت ورتي هئي.

سنڌي: سنڌي صحافت جي تاريخ ۾ “سنڌي” اخبار ۽ ان جي ايڊيٽر کي وڏي اهميت حاصل آهي. اخبار جو ايڊيٽر ويرومل بيگراج پهرين سنڌي ايڊيٽرن مان هڪ آهي، جن کي سڀ کان اڳ ۾  وقت جي سرڪار جي ڏاڍ جو نشانو ٿيڻو پيو. 1909 ع ۾ حيدرآباد ۾ جڏهن “ٻي سنڌ پروانشل ڪانفرنس”  ٿي، تڏهن اتي هڪ پمفليٽ ورهايو ويو هو، اهو پمفليٽ ويرومل شايع ڪيو هو. هن سان سان گڏ ليکڪ ۽ ناشر کي به پڪڙيو ويو هو، ۽ ٽنهي تي بغاوت جي ڏوھ  ۾  ڪيس هليو هو ۽ کين سزا ملي هئي. “سنڌي” اخبار کي به ڪيترا دفعا دشمنين جا ڪنڊا ڪڍڻا پيا.

هن اخبار تي پهريون ڪيس غالبا آڪٽوبر 1916 ع ۾ ٿيو، جڏهن شڪارپور جي نارائنداس موتيرام رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ ميونسپل ڪائونسلر ان تي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو. ڪيس پهريون شڪارپور جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ هيلو، جنهن فريادي جي خلاف فتويٰ ڏني. ان کانپوءِ هن سيشن جج جي ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ نارائنداس جي فائدي ۾ ججمينٽ آئي. ان کانپوءِ اهو ڪيس نظرثاني لاءِ سنڌ جي ايڊيشنل ڪمشنر جي ڪورٽ ۾ داخل ٿيو، جتي ان جو فيصلو اخبار ۽ ان جي ايڊيٽر جي حق ۾ ٿيو. انکانپوءِ اپريل 1917 ع ۾  ڀوڄنسگ گرڏنيمل ايڊيٽر تي بدناموسيءِ جو ڪيس ڪو. ويرومل بيگراج پنهنجي اخبار ۾  ڪنهن مضمون نگار جو مضمون شايع ڪيو هو، ليڪن ڪورٽ ۾  هن ليکڪ جو نالو ظاهر نه ڪيو ۽ سڄي ذميواري پاڻ تي کنئي، هر چند راءِ وشنداس هن ڪيس ۾ ويرومل جي وڪالت ڪئي هئي. هي ڪيس شروعات ۾  ڊبوس، ايس. ڊي. ايم روهڙيءَ جي ڪورٽ ۾ هليو، ان کان پوءِ اتان ٽرانسفر ٿي ائڪٽنگ ڪليڪٽر سکر جي ڪورٽ ۾ آيو،  آڪٽوبر 1918ع ۾  سنڌ جي اسٽنٽ ڪمشنر جي. اي. شلڊي ڪراچيءَ جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾  ويرومل خلاف بدناميءَ جو ڪيس ڪيو هو. ايڊيٽر معافي ورتي جنهن تي اسٽنٽ ڪمشنر ڪيس واپس ورتو. جون 1921 ع ۾  گهنشامداس پيسومل اخبار جي ايڊيٽر تي سکر جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾  بدناميءَ جو ڪيس ڪيو، ليڪن اڳتي هلي ٻنهي ۾  ٺاھ ٿيو، جنهن ڪري ڪيس واپس ورتو ويو. جولاءِ 1922 ع ۾ ٺل جي مختيارڪار اخبار جي ايڊيٽر تي بدناميءَ جو ڪيس ڪيو. اهو ڪيس ڪنڌڪوٽ جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي ڪورٽ ۾ هليو، جنهن جي پهرين شنوائي 01 آگسٽ 1922 تي ٿي. اهو ڪيس پوءِ سکر جي ايس. ڊي. ايم جي ڪورٽ ۾ هليو، جنهن ۾ ورومل کي ٻارنهن مهينا جيل جي سزا ملي. جون 1926 ع ۾ هن اخبار تي قلم پي. سي 294 هيٺ ڪيس ٿيو، جيڪو سکر جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ هيلو.

شڪتي: هي اخبار کيمچند ٻيلاڻيءَ جي ايڊيٽريءَ ۾ نڪرندي هئي. هو پاڻ ڪيترو وقت “نواب  شاھ ڪانگريس ڪميٽي” جو عارضي صدر به ٿي رهيو. اخبار جيئن ته ڪانگريس جو آرگن هئي، ۽ انهيءَ زماني ۾ “عدم تعاون جي تحريڪ” زور شور سان هلي رهي هئي، ان ڪري هن اخبار کي به وقت جي سرڪار جون ڏاڍائيون ڏسڻيون پيون. اخبار جي 28 ڊسمبر 1921ع واري پرچي ۾  هڪ اهڙو شعر شايع ٿيو جيڪو وقت جي سرڪار کي ڏکيو لڳو. ان ڪري ٻيلاڻيءَ کي ٻڌي کڻي ڪورٽ ۾ پيش ڪيائون، انهيءَ ڏوھ ۾ کيس هڪ سال جي ٽيپ ملي. جولاءِ 1922 ع ۾ نوشهرو فيروز جي هيڊ منشيءَ هن اخبار جي ايڊيٽر تي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو، اهو ڪيس اتان جي سب ڊويزنل ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ هليو. 1922ع ۾  هن اخبار جو ايڊيٽر هيمنداس شيوڪرام هو، انهي کي به آڪٽوبر 1922ع سيڪشن 24-اي هيٺ گرفتار ڪيو ويو. 1923 ۾ وري گرمکداس تيجومل اخبار جي ايڊيٽري سنڀالي، ساڳئي سال جي مارچ مهيني ۾  بدناموسيءَ جي ڪيس ۾  هن کي به ڇھ مهينا جيل ۽ ٻه سو روپيه ڏنڊ جي سزا ڏني وئي. هن کان پوءِ مانسگھه اخبار جو ايڊيٽر ٿيو، جنهن کي جون 1923ع ۾ نوشهروفيروز جي ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ مان ٻن مهينن جي سزا ملي، انهيءَ کان اڳ هيمنداس شيوڪرام به هن اخبار جي ايڊيٽري ڪئي، کيس ويهن سالن جي صحافت جو تجربو هو، هن جهوني صحافي کي نوَن مهينن جي سزا ملي، ۽ جڏهن هو 17 جولاءِ 1923 ع تي آزاد ٿيو ته صحافت ڇڏي سنياسي ٿي رهڻ جو فيصلو ڪيائين. 1926ع ۾ هن اخبار جو ايڊيٽر موهنداس ڪوڙومل هو. مٿس حيدرآباد سول اسپتال جي هائوس سرجن ڊاڪٽر پٽ بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو، اهو ڪيس حيدرآباد جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ هليو، پر ايڊيٽرمعافي ورتي ۽ ائين ڪيس واپس ورتو ويو. 1927 ع ۾  سوامي شيوانند هن اخبار جو ايڊيٽر هو. مٿس نوشهرو فيروز تعلقي جي زميندار قاضي عبدالڪريم آءِ سي پي 500 قلم هيٺ بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو. اهو ڪيس نواب شاھ ڊي ايم جي ڪورٽ ۾ هليو هو، پر جيئن ته قاضي صاحب هن ڪيس جي ڪاروائين جون فيسون ڪونه پياريون هيون،  ان ڪري ڪيس مارچ 1927 ع ۾ خارج ڪيو ويو هو. 30 مئي 1927 ع تي ڪريم بخش ولد خدابخش اخبار جي ساڳئي ايڊيٽر تي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو، ڪريم بخش ان وقت نوشهروفيروز جو ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ هو. هي ڪيس نوابشاھ جي ڊي. ايم جي ڪورٽ ۾  هليو هو. جولاءِ 1927 ۾ ساڳئي ايڊيٽر تي وري ڪي. بي. ڪي شيخ نالي نوشهروفيروز جي سابق ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو، جنهن ۾ کيس سزا ملي.

قرباني: هي اخبار جهوني صحافي ۽ سياستدان ويرومل جو پٽ رامچند شڪارپور مان ڪڍندو هو. هن اخبار تي غالبا پهريو ڪيس سنسار سماچار جي ايڊيٽر ريجهو مل ڀاونداس اگناڻيءَ ڪيو هو، ۽ اهو ڪيس جنوري 1935 ع ۾ ڪيو ويو. فرياديءَ انڊين پينل ڪوڊ جي سيڪشن 500 هيٺ بدناموسيءَ خلاف دعوا ڪئي هئي. مئي 1936 ع ۾ تيرٿ داس سملاڻيءَ ايڊيٽر خلاف لاڙڪاڻي جي فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾  به رامچند تي بدناموسي جو الزام مڙهيو ويو هيو، پر ٻنهي ڌرين جي وچ ۾  ٺاهه ٿي ويو، ۽ ائين ڪيس ڊسمس ٿي ويو. جولاءِ 1928ع ۾ هن اخبار جي ايڊيٽر کان سنڌ سرڪار ٽي هزار ضمانت ورتي هئي.

“مسلمان”: هي اخبار محمد هاشم “مخلص” جي ايڊيٽريءَ ۾  ميرپورخاص مان نڪرندي هئي. مرحوم “مخلص” کي هجويه شعر چوڻ يا ڪنهن جي خلاف لکڻ جو ڍنگ هوندو هو. سندس صحافتي زندگيءَ جو ڳج حصو انهيءَ ويڙھ ۾ بسر ٿيو. انهيءَ جي ياداش ۾  کيس ڪڏهن روپوش رهڻو پيو ته ڪڏهن ڪورٽن جا چڪر ڪاٽڻا پيا. پاڻ جڏهن “مسلمان” اخبار جو ايڊيٽر هو ته ان زماني ۾  به مٿس ڪيترائي ڪيس ٿيا. اهي ڪيس اڪثر ڪري ٻين جي بدناموسيءَ ڪرڻ ڪري ٿيس. آگسٽ 1926ع ۾  مٿس ڀائي ڍالومل انڊين پينل ڪوڊ جي سڪيشن 500 هيٺ ڪيس ڪـَيَس. اهو ڪيس پهرين سيپٽمبر 1926ع کان ميرپورخاص جي مخيارڪار جي ڪورٽ ۾ هليو هو. فيبروي 1927 ع ۾  پوليس انسپيڪٽر مسٽر هيرانند ايڊيٽر تي بدناموسي جو ڪيس ڪيو. ايڊيٽر جڏهن معافي ورتي ۽ ساڍا ست سو روپيا ڀري ڏنا تڏهن جند آزاد ٿيس. فيبروي 1928ع  ۾ ميونسپل ڪائونسلر ڍالومل وري  ايڊيٽر تي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو پر پاڻ لهي ويا. انهيءَ ئي عرصي دوران پروفيسر هاسانند جادوگر به ايڊيٽر تي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو، جيڪو لڳاتار ٽي مهينا هليو هو. ساڳي سال جي آخر ۾  ڍالومل وري ٽيون دفعو ايڊيٽر کي 300 روپيا ڏنڊ ڏيڻو پيو. هن انهي خلاف اپيل دائر ڪئي ليڪن اها ڊسمس ٿي وئي.

ميرپورخاص گزيٽ: ميرپورخاص جي هي قديم هفتيوار اخبار گرڏني مل جي ايڊيٽريءَ ۾ نڪرندي هئي. اخبار فرقه پرست حڪمت عمليءَ تي هلندي هئي ۽ اڪثر ڪري “مسلمان” (ميرپورخاص) ۽ “توحيد” (ڪراچي) مان مذهبي مسئلن تي ڏي وٺ ڪندي هئي. هن اخبار تي به ڪيترائي ڪيس ٿيا، جن مان ٻن ڪيسن جا انگ اکر ملي سگهيا آهن. جون 1918ع  ابڪمبرڊ اسـٽيٽس ان سنڌ جي مئنيجر مسٽر ڌنجي والجي ايڊيٽر تي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو.  اهو ڪيس جي ايس- ڊي- ايم جي ڪورٽ ۾ هليو هو. ڊسمبر 1919 ۾ ساڳي ئي قسم جو ٻيو ڪيس ماتليءَ جي آنرري ماجسٽريٽ مسٽر لڌا رام ڪيو.

وطن: هي شڪارپور جي هفتيوار اخبار 1922 ع ۾ ڦيرواڻيءَ جي ايڊيٽريءَ ۾ جاري ٿي. جيئن ته اهو زمانو “عدم تعاون تحريڪ” جو زمانو هو، انڪري اخبار ۽ ان جي ايڊيٽرن کي ڏاڍا ڏک ڏسڻا پيا. اپريل 1923 ع جي 9 ۽ 11 تاريخن تي هن اخبار ۾  اهڙا مضمون شايع ٿيا، جن  شڪارپور ميونسپالٽيءَ جي صدر مرليڌر جيرامداس پنجابي کي ناراض ڪري رکيو ۽ هن انڊين پينل ڪوڊ جي سيڪشن 500 هيٺ بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾ اخبار ۽ ڪانگريس جي دفترن جي تلاشي ورتي وئي ۽ پوءِ اهو ڪيس شڪارپور جي سٽي مئجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾  هيلو. ڪانگريس جي هدايت تي ايڊيٽر قانوني تحفظ ورتو ۽ آخرڪار ضمانت تي آزاد ٿيو. پوءِ ٻنهي ڌرين ۾  ٺاھ ٿيو ۽ ڪيس واپس ورتو ويو. اهڙي حساب سان ڦيرواڻي 1922 ۾ جيل ويو هو ۽ 1923 ۾  جڏهن ٽهلرام ان جو ايڊيٽر ٿيو ته مرلي ڌر ڪيس ۾ اڙايس. پوءِ هي اخبار ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي وئي. 1924ع ۾ وري ان جو اجراءَ ٿيو. ان وقت اخبار جو ايڊيٽر ڪنعيا لال هو. هن ايڊيٽر کي به جنوري 1924 ۾ سيڪشن 124 هيٺ سٽي ماجسٽريٽ شڪارپور جي ڪورٽ مان ڇهن مهينن جي ٽيپ وٺڻي پئي. هن اخبار جي ٻين ايڊيٽرن ليلارام  ۽ پرتمداس کي به ڪورٽن جا چڪر ڪاٽڻا پيا. آخر ۾  هنن اخبار جو ايڊيٽر بيلندرام ٿيو هو.

 “هندو رکثڪ“:  هيءَ اخبار هنسراج جي ايڊيٽري ۾ سکر مان نڪرندي هئي. ڊسمبر 1925ع ۾  ايڊيٽر کي سکر جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ مان جيل جي سزا ملي هئي.

“هندو ليگ گزيٽ”:  سکر جي هن فرقه پرست اخبار تي مئي 1945 ۾ سکر جي ميونسپالٽيءَ جي صدر بسنت رام موٽواڻيءَ بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو هو. اهو ڪيس سکر جي فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ هيلو هو.

“همدرد”:  هتي هفتيوار اخبار 1923ع ۾  رامچند بنسيرام ڀاوناڻيءَ جي ايڊيٽريءَ هيٺ جيڪب آباد مان جاري ٿي. ايڊيٽر ضلعي جي ڪانگريسي اڳواڻن مان هڪ هو. ايڊيٽر جي انهيءَ ذاتي حيثيت سبب هيءَ اخبار ڪانگريس پارٽيءَ جو آرگن هئي. جيئن ته اخبار جي اجراءَ وقت “عدم تعاون جي تحريڪ” زور شور سان هلي رهي هئي ۽  هن اخبار انهيءَ ۾  ڀرپور حصو ورتو. انڪري مئي 1923 ع ۾ ايڊيٽر کي ڇهه مهينا ٽيپ ملي هئي. ساڳي نالي سان ۽ ساڳي وقت هڪ ويڪلي اخبار شڪارپور مان به نڪرندي هئي، جنهن جو ايڊيٽر رام. بي. موٽواڻي هو. هن اخبار تي جون 1923 ع ۾ گرداري لعل نالي هڪ وڪيل بدناميءَ جو ڪيس ڪيو هو.

هندواسي”:  هن اخبار جو ايڊيٽر ناميارو اديب ۽ سياستدان ڄيٺمل پرسرام هوندو هو، جنهن جڏهن “سنڌواسي” اخبار ڪڍي هئي تڏهن به جيل ڀوڳيو هيو. “هندواسي” اخبار ستياگره جي هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. انڪري ايڊيٽر کي جيل پاترا به ڪرڻي پئي هئي.

هندوجاتي: هي اخبار وشنوشرما حيدرآباد مان ڪڍندو هو. جيئن ته اخبار جو ايڊيٽريڪو ڪانگريسي هو، انڪري هڪ طرف وقت جي سرڪار ۽ ٻئي طرف سرڪاري ماڻهن ۽ ڪنهن حدتائين مسلمانن جي قانوني حملن جو نشانو بڻيو. هن اخبار جي فيبروي 1927ع وارن پرچن ۾ ڪي اهڙا مضمون ڏنا ويا هئا، جن ڪراچيءَ جي آسانند هيمنداس کي ناراض ڪري وڌو هو. انڪري آسانند انڊين پينل ڪوڊ جي سيڪشن 500 هيٺ ڪراچيءَ جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ايڊيٽر تي بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو هو. اهو ڪيس ڪنهن وقت کان پوءِ ٽرانسفر ٿي ايڊيشنل سٽي ماجسٽريٽ ايس. ايم ٽلاٽي وٽ آيو هو. وشنو شرما پنهنجي اخبار جي 9 جنوري 1927 ع واري پرچي ۾  ڪراچيءَ جي سيد ڇٽڻ شاھ خلاف ڪراچي جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾  بدناموسي جو  ڪيس داخل ڪيو هو. اهو ڪيس پوءِ اسپيشل فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ مير ايوب خان هلايو. وسنداس ملزم جي وڪالت ڪئي هئي ۽ عبدالرحمان شاھ صاحب جي وڪالت ڪئي هئي. هن ڪيس ۾  وشنو تي 300 روپيا ڏنڊ پيو هو سيپٽمبر 1928 ع ۾  ايم. اي گارڊنر اسٽنٽ ڪنسريج انسپيڪٽر ايڊيٽر خلاف بدناموسيءَ جو ڪيس ڪيو  هو.


 

Menu
Go to top