Menu

زندهه قومون پنهنجي ماضي حال ۽ مستقبل تي هڪ ئي وقت نظر رکنديون آهن

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سان ڳالهه ٻولهه

انٽرويو: شبنم گل، سيد فدا حسين شاهه

 

ڪراچي کان حيدرآباد ايندي سپر هاءِ وي سان لڳ اسان کي هڪ خوبصورت عمارت نظر ايندي ۽ اها عمارت سنڌ الاجي جي آهي.... اسان جي گاڏي تيزيءَ سان فاصلا لتاڙي سنڌالاجي ڏانهن وڌي رهي هئي ۽ ان گهڙيءَ مان سوچي رهي هيس ته وقت جو هر لمحو ٿوري دير کانپوءِ ماضيءَ جو حصو بڻجي ويندو آهي ۽ ماضيءَ جي ان بند ڪتاب ۾ قومن جي گم ٿيل تاريخ جا عظيم الشان اهڃاڻ لڪل هوندا آهن. اهي قومون جيڪي پنهنجي ماضي پنهنجي تاريخ، روايتن ۽ تهذيب سان پيار ڪنديون آهن، انهن جي تشخص، انهن جي سڃاڻپ کي صدين جي ڌوڙ ڪڏهن به لٽي نه سگهندي آهي ۽ انهن جي قدمن جا نشان ايندڙ نسلن لاءِ واٽ جي لاٽ بڻيل هوندا آهن.... گاڏي هڪ جهٽڪي سان بيهي ٿي ته منهنجي خيالن جو تسلسل ٽٽي پوي ٿو. اسان جي اڳيان سنڌالاجي آهي. مان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي آفيس ۾ داخل ٿيان ٿي، مون سان گڏ سيد فدا حسين شاهه ۽ فوٽوگرافر آهن. فوٽوگرافريءَ جو سيشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ باقاعده سوال و جواب جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. پر اها تفصيلي گفتگو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ مان چاهيان ٿي ته ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ڪنٽربيوشن جي باري ۾ اوهان کي ڪجهه ٻڌايان.

هن وقت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ڊپيوٽيشن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ مختلف يونيورسٽين طرفان پي ايڇ ڊي گائيڊ پڻ آهي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ادب، تنقيد ۽ تاريخ تي ڪافي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيترن ادارن طرفان کيس سندس صلاحيتن جي مڃتا طور ڪيترائي ميڊل، ايوارڊ ۽ شيلڊز مليل آهن. ان کانسواءِ پاڻ هن وقت ڪيترن تنظيمن سان ميمبر جي حيثيت سان وابستا آهي. هن وقت تائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا مختلف موضوعن تي يارهن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه ڪجهه هن ريت آهي.

 

شبنم: توهان پنهنجي ادبي ڪيريئر جو آغاز ڪڏهن ۽ ادب جي ڪهڙي صنف کان ڪيو؟

در محمد پٺاڻ: اسان جو گهراڻو علم دوست گهراڻو هو. منهنجو ڏاڏو حاجي خدابخش خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو هو، کيس مطالعي جو بيحد شوق هو ۽ هن وٽ هڪ سٺي لائبريري هئي، جنهن ۾ چاچا در محمد جو ڪلام محفوظ هو. لکڻ جي شروعات مون شاعريءَ کان ڪئي. منهنجي پهرين شاعري عبرت اخبار ۾ ڇپي هئي. اهو 67ع جو دور هو، ان کانپوءِ ڪراچي ۾ ليڪچرار ٿي ويس، ان دور ۾ منهنجي پي ايڇ ڊي ۾ رجسٽريشن ٿي وئي ائين مون پنهنجي پاڻ کي نثرنگاريءَ ڏانهن راغب ڪيو. ان کانسواءِ مون ڪافي ڪالم اخبارن لاءِ لکيا. هلال پاڪستان ۾ مون جيڪي ڪالم لکيا اهي اڳتي هلي آئينو ۽ اولڙو جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا.

 

فدا حسين شاهه: توهان سنڌالاجي جي اهميت تي ڪجهه روشني وجهو؟

در محمد پٺاڻ: زنده قومون پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل تي هڪ ئي وقت تي نظر تي رکنديون آهن، جيئن ته سنڌ عظيم به آهي ته قديم به ته سنڌ جي عظمت ۽ قدامت کي ثابت ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪو نه ڪيو اهڙو نظام ضرور ٺاهڻ گهرجي جنهن جي حوالي سان اسان پنهنجي شاندار ماضيءَ جو مطالعو ڪري سگهون، حال جي تصوير چٽي سگهون ۽ ان مستقبل جو خاڪو جوڙي سگهون.

سنڌالاجي ڪيئن ٺهي اهو هڪ تاريخي پسمنظر آهي، جيڪو اسان کي ڏيان ۾ رکڻ گهرجي. ايوب شاهيءَ جي ڏهاڙن ۾ شريف ڪميشن ويٺي هئي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي حيثِت کي گهٽايو. تڏهن سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجو ردعمل احتجاج جي صورت ۾ ظاهر ڪيو، جنهن جو اثر سنڌ يونيورسٽيءَ تي پيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌالاجي جو وائيس چانسلر رضي الدين صديقي هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت پنهنجو هڪ ڪنوينشن سڏايو ۽ ان ڪنوينشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان انهن ڪجهه مطالبا ڪيا، جنهن جي جواب ۾ رضي الدين صديقي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي اڪيڊمي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ اڳتي هلي اها سنڌي اڪيڊمي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي صورت ۾ سامهون آئي، جنهن سنڌي ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت کي ڪورڪرڻ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي.

 

شبنم سنڌي: سنڌالاجي هيستائين سنڌ جي ماضي، ثقافت ۽ تهذيب کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، ڇا توهان انهن ڪوششن مان مطمئن آهيو؟

در محمد پٺاڻ: ايمانداريءَ سان چئجي ته منهنجو جواب نه ۾ هوندو. ان جا گهڻا سبب آهن. هڪ ته اسان جا ذريعا ۽ وسيلا محدود آهن ۽ جيڪو ڪجهه اسان جي اداري کي ڪم ڪرڻ گهرجي ان لاءِ ظاهر آهي ته گهڻو پئسو ۽ گهڻي افرادي قوت گهرجي. هتي تربيت يافته افراد قوت گهٽ آهي. سنڌالاجي جيڪو بنيادي طور تي هڪ ريسرچ جو ادارو آهي، ان جي هر سيڪشن ۾ هڪ پي ايڇ ڊي هئڻ گهرجي، ٻي ڳالهه اها ته سنڌالاجي جو هر سيڪشن پنهنجي جڳهه تي هڪ مڪمل ڊپارٽمينٽ ٿي سگهي ٿو. پر تنهن هوندي به سنڌالاجيءَ جو ڪم اوهان جي آڏو آهي.

 

فدا حسين شاهه: سنڌالاجي ۾ ثقافت جي پرچار لاءِ اوهان جون ذاتي ڪوششون به رهيون آهن، ان باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟

در محمد پٺاڻ: ثقافت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ يا ان جي تشهير ڪرڻ لاءِ سنڌالاجي ۾ جيڪي ذريعا آهن، انهن سان هڪڙو ته ڪتابن جي حوالي سان جيڪو ڪجهه لکيو وڃي ٿو ان کي اسان محفوظ ڪيو آهي. هن وقت سنڌالاجي ۾ هڪ بهترين لائبريري آهي، مان پاڻ ڪلچر۾ گائيڊ آهي، جنهن ۾ ڪجهه شگرد پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن. ٻيو هتي سنڌالاجي ۾ سيڪشنز آهن. هتي آڊيو ۽ ريڊيو سيڪشن آهن ۽ ميوزيم به آهي، جنهن ۾ اوهان کي سنڌي ثقافت جي جهلڪ نظر ايندي. هتي ثقافت جي حوالي سان اڪثر فنڪشنز به ٿيندا رهندا آهن.

 

شبنم: توهان مختلف اديبن تحريري ڪاوشن تي گڏ ڪري هڪ لائبريريءَ جو بنياد وڏو آهي. اهو خيال توهان جي ذهن ۾ ڪيئن آيو؟

در محمد پٺاڻ: سنڌي ادب ۾ تاريخ جي حوالي سان ڪيترائي مسئلا آهن، جيئن لاکيڻي لطيف جو دور ماضي قريب جو دور آهي ۽ ان دور سان لاڳاپيل ڪيترا مسئلا آهن، جن اسان جي ادب کي اسان جي تحقيق کي گروهي ادب، گروهي تحقيق ۽ گروهي تنقيد ۾ يا صحافت نما بڻائي ڇڏيو آهي. مثال طور ڪي ماڻهو چون ٿا ته شاهه لطيف جيڪا شادي ڪئي اها لو ميرج هئي يا نه، يا ڪي چون ٿا ته شاهه لطيف پڙهيل هو يا نه. ڪجهه جو خيال آهي ته شاهه سائين سني هو، شيعو هو، يا انقلابي هو. ڪجهه ڏينهن اڳ قاضي قادن جي نالي تي بحث هليو، ڪي چون پيا ته صحيح نالو قاضي قاضن آهي، ته ڪن جو خيال ڪجهه ٻيو هو. يا اسان وٽ هڪ لاوارث ادب آهي، جنهن جي ڪا خبر نه آهي ته ان جا خالقڪير آهن. لاکيڻي لطيف جي ڪلام تي ڪن محققن ۽ نقادن اعتراض ڪيو ته سر ڪيڏارو لطيف سائينءَ جو آهي يا نه. اهي مسئلا آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪو نه ڪو طريقو، ڪو نه ڪو ذريعو هئڻ گهرجي ۽ ڏات ڌڻين جي پراجيڪٽ جي رٿا انهن گهڻن مسئلن جو حل هئي. ان لاءِ اسان هڪ سوالنامو هڪ ڪمپريهنسو پروگرام ٺاهيو آهي، جنهن ۾ ڪو صحافي، اديب، شاعر ۽ ليکڪ پنهنجي مڪمل سوانح ڏئي ٿو. هن دور ۾ جيڪي به شخصيتون آهن، تن کي ڏات ڌڻين جي پراجيڪٽ وسيلي اسان ڪور ڪيو آهي. ائين اسان جو ادب سڀاڻي لاوارث ادب نه ٿيندو. ان جو تسلسل ڪٿي به نه ٽٽندو اهو هڪ مڪمل رڪارڊ هوندو.

 

شبنم: توهان هن وقت تائين ڪيترن اديبن کي ان پراجيڪٽ وسيلي ڪور ڪري چڪا آهيون؟

در محمد پٺاڻ: شروع ۾ مون کي اديبن کان موٽ گهٽ ملي ۽ مون کي ان پراجيڪٽ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻُو پيو. منهنجي اندازي مطابق سنڌ ۾ هن وقت صحافين، اديبن ۽ سگهڙن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار آهي، پر مون هن وقت تائين پنج سئو ليکڪن جو ڪم گڏ ڪيو آهي ۽ مون اٺ نو سئو واليوم مواد جا گڏ ڪيا آهن، پر جيئن ته اها هڪ اڪيلي ماڻهوءَ جي ڪوشش آهي، ان ڪري ان کي ترتيب ڏيڻ ۾ وقت لڳندو.

 

فدا حسين شاهه: سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪيترا سگهڙ موجود آهن جيڪي نيٺ ثقافتي رنگ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن، ڇا انهن سگهڙن جي ڪم کي سنڌالاجي جي طرفان ڇپرائڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي وئي آهي؟

در محمد پٺاڻ: سنڌي ادبي بورڊ ڪيترا واليوم لوڪ ادب جا ڇپرايا آهن، پر ان ڪم لاءِ اسان وٽ ٿورا ادارا آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته لوڪ ادب جي نالي تي ان ادب کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ ادارو هجي، جنهن ۾ سگهڙن جو رهيل اديب محفوظ ڪيو وڃي ۽ ان تي تحقيقي ڪم ٿئي، منهنجي تجويز اها آهي ته هڪ مڪمل ادارو هجي، ڪا اڪيڊمي هجي جيڪا عورتن ۽ ٻاراڻي ادب تي به ڪم ڪري.

 

شبنم: اسان جي مختلف شعبن ۾ گروپ بنديءَ وارو ماحول آهي. پوءِ اها سياست هجي يا ادب خاص طور تي ادب ۾ اهڙي صورتحال ڪري سنڌي ادب کي ڪافي نقصان رسيو آهي. توهان جي خيال ۾ ائين ڇو آهي ۽ ان مسئلي جو ڪهڙو حل ٿي سگهي ٿو؟

در محمد پٺاڻ: اسان وٽ اديبن جون ڪنٽگريز آهن، انهن جا گهڻا قسم آهن. هڪڙا اديب ڄمندي کان صلاحيت يا لياقت رکندا آهن. بنيادي طور تي اديب اهو ِآهي، جنهن ۾ ڏات هجي پر اسان وٽ ڏات ڌڻين سان گڏ عهدي ڌڻي به آهن ۽ اسان وٽ اڪثر اديب مڊل ڪلاس سان تعلق رکن ٿا. انهن لاءِ وڏي ۾ وڏومسئلو خطرو ۽ اختلاف اهو آهي ته عهدن ۽ مرتبن وارا اديب انهن جو دڳ جهليو بيٺا آهن. اديبن ۾ گروهه بندي آهي، مان جيڪڏهن ڪنهن ڪانفرنس کي آرگنائيز ڪيان ٿو ته ڪوشش اها ڪندس ته منهنجي حلقي وارا، منهنجا دوست ان ۾ اڳتي اچن. گروهه نوازي اسان ۾ انڪري آهي ته سنڌ جو معاشرو ميرٽ آورينٽيڊ نه آهي. اسان وٽ لياقت ۽ صلاحيت جي مڃتا ڪانهي پر اسان وٽ ماڻهوءَ جي مڃتا جو سبب اهو آهي ته ڪهڙو ماڻهو ڪنهن جي ويجهو آهي. هن وٽ ڪيتريون سفارشون آهن. ٻي ڳالهه اها آهي ته اديب جيڪو نظرياتي ۽ فڪري قافلي جو اڳواڻ ٿئي ٿو، ان پنهنجي حيثيت بدلائي سيڪنڊري ڪري ڇڏي آهي. هڪ اديب باعمل آهي، هڪ اديب بي عمل آهي، ان جي ڪري وڏو تضاد پيدا ٿي ويو آهي. اسان وٽ اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ تضاد آهي، هو ڪنهن رتبي، عهدي يا نوڪريءَ جي لالچ ۾ سچ نه ٿو چئي، هو ڪمپرومائيزڪري ٿو، ان ڪري سياسي، سماجي ۽ شخصي تضاد جي ڪري ادب جي دنيا ۾ وڏو ڏڦيڙ آهي ۽ ان جو حل اهو آهي ته اسان پنهنجي اديب پنهنجي شاعر ۽ سگهڙ کي مڃون، ان کي عزت ڏيون ۽ ٻيون اهو هئڻ گهرجي ته ”ڪوڙ تون ڪفرت سين ڪافر ڪين م سڏاءِ“ اسان ۾ سچ چوڻ جي اخلاقي جرائت هئڻ گهرجي ۽ اسان جي قول عمل ۾ تضاد نه هجي. هو سچ ۽ حق جي پرچار ڪري ۽ عوام جي در وٺي.

 

شبنم: اسان جي نوجوان اديبن وٽ ڪو واضح پليٽ فارم نه آهي، جنهن تي گڏ ٿي يا متحد ٿي هو پنهنجي لاءِ ڪا منفرد راهه چونڊي سگهن. ائين ڇو آهي؟

در محمد پٺاڻ: اسان ڪو اهڙو خاڪو چٽيون ته اهي ڪهڙا ڪامن فيڪٽرز جن تي اسان اديب کي ملائي سگهون ٿا. اهي ڪامن فيڪٽرز هر مڪتبه فڪر لاءِ آهن، ان ۾ ٻولي آهي، ڌرتي آهي، گڏيل ماضي آهي، ثقافت آهي ۽ اسان جو آئيندو آهي ۽ اهي سمورا ڪامن فيڪٽرز اسان جي معاشري مان گم ٿيندا پيا وڃن. اسان وٽ جيڪي اديب آهن، جن کي پنهنجي ٻوليءَ تشخص ڏنو، اهي اڳتي هلي ٻين ٻولين ۾ لکن ٿا، جيڪڏهن اسان گڏيل آئيندي جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان ۾ به اسان وٽ تضاد آهن. هڪڙا ماڻهو چون ٿا ته اسان جو گڏيل آئيندو مذهب جي بنياد تي هجي ۽ ڪجهه ماڻهو انساني سماج جي برابري جي ڳالهه ڪن ٿا. هاڻ ڏٺواسين ته اسان جو قلم قبيلو انهن ڪامن فيڪٽرز تي متفق نه آهي، ان جو حل اهو آهي ته عوام کي ان سلسلي ۾ ڪو رول ادا ڪرڻ گهرجي، ته ان لاءِ پڙهندڙن جو طبقو اديبن تي عوامي عدالتون تشڪيل ڏين.

 

شبنم: اسان جي نون ۽ پراڻن اديبن ۾ جيڪو ڪميونيڪشنز گيپ آهي، ان کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو؟

در محمد پٺاڻ: اسان جي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هڪ هٽي آهي، اها اسان جي ادب ۾ به اچي وئي آهي. ان لاءِ اهو اديب جيڪو پاڻ کي ننڍو ٿو سمجهي ان کي به احساس ڪمتريءَ مان نڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو نئون ڪتاب اچي ٿو ته ضروري نه آهي ته جو مهاڳ يا پيش لفظ ڪنهن ناليواري اديب کان لکرائجي. اسان جڏهن ڪنهن کي وڏو تسليم ڪيون ٿا ته هو اسان تي پنهنجي وڏ ماڻهپائپ مسلط ڪري ٿو. ان ڪري اهو ڪميونيڪشن گيپ کي ختم ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته اسان عزت نفس کان ڪم وٺون، پنهنجي انا خودداريءَ کي به آڏو رکون ۽ ڪڏهن اسان ڪنهن کي ذهني طور تي وڏو قبول  ڪيون ٿا ته ان جي معنيٰ اها آهي ته اسان معاشري جي ننڍ وڏائيءَ کي قبول ڪيون ٿا. ان ڪري اهو اديب جيڪو نظرانداز ڪيو ٿو وڃي، اهو پنهنجي قول فعل ۽ عمل سان ثابت ڪري ڏيکاري ته اديبن جا نه گريڊ ٿيندا آهن ته انهن ۾ ڪي ننڍ وڏايون ٿينديون آهن، ڪسوٽي مقدار جي حوالي سان نه پر معيار جي حوالي سان ٿيندي آهي.

 

فدا حسين شاهه: ڇا سنڌي اديب کي عالمي ادب سان ڀيٽي سگهجي ٿو؟

در محمد پٺاڻ: اسان کي خوشفهميءَ به آهي جنهن اسان جا رستا روڪيا آهن. مجموعي طور تي اسان جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان سموري ادب کي عالمي سطح تي جي ادب سان نه ٿا ڀيٽي سگهون. اسان جيڪڏهن دنيا جهان کي پاڻ سان ڀيٽي  ڏسنداسين ته اسان کي احساس ٿيندو ته گهڻن شعبن ۾ ڄڻ اسان کي ڄاوا ئي نه آهيون. تحقيق اسان وٽ هاڻ آئي آهي. ترجما اسان گهڻا نه ڪيا آهن ۽ اهو به ڏسون ته تخليق ۾ اسان جي پهچ ڪيستائين آهي. ڪن شين کانپوءِ اسان جي مجموعي ادب کي عالمي سطح جي ادب سان ڀيٽڻ ظلم ڪرڻ جي برابر ٿيندو. زندگين جا گهڻا شعبا آهن، جن ۾ اسان ڪم نه ڪيو آهي ۽ اسان کي انهن ۾ اڃان محنت جي ضرورت آهي.

 

شبنم: اڄ جي دور ۾ اسان جي ماحول ۾ جيڪو انتشار، جيڪا افراتفري آهي، ان صورتحال ۾ اسان جي نوجوان کي پنهنجو ڪردار ڪيئن ادا ڪرڻ گهرجي؟

در محمد پٺاڻ: اسان وٽ نوجوانن ۾ اديب، شاگردن ۽ بيروزگارن جو هڪ وڏو قافلو آهي. هاڻ ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي شخصيت جي تعمير ڪيئن تيار ڪيون ٿا. جيڪڏهن اڄ جو نوجوان پنهنجي قول فعل، علم ۽ عمل ۾ هم آهنگي پيدا نه ٿو ڪري، هو اڳتينه ٿو هلي سگهي. جيڪڏهن دنيا ۾ ڏوهه آهي، ظلم آهي يا تشدد آهي ته ڪن ڪن هنڌن تي سوچ ۽ حق جون اڪايون به نظر اچن ٿيون، نوجوان کي انهن اڪاين سان پاڻ کي وابستا ڪرڻو آهي. نوجوان کي سچائيءَ سان عمل جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ گهرجي. هن وٽ زندگيءَ جو ڪو مقصد نه آهي ۽ نه ئي اها خبر ته هن کي ڇا ڪرڻُ آهي. ان ڪري نوجوانن لاءِ اهڙا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ کيس محسوس ڪرايو وڃي ته هن ۾ ڪهڙيون صلاحيتون آهن. ٻي ڳالهه ته نوجوان کي ٻين جي تقليد ڪرڻ بدران پنهنجي پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي ۽ هيرو شپ جي چڪر مان ٻاهر نڪري اچڻ گهرجي. ان لاءِ هو فرد جي پٺيان نه پر نظرئي پٺيان لڳي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.

 

شبنم: اسان تاريخ جي ان موڙ تي بيٺا آهيون جتي هڪ ننڍڙي غلطي به اسان کي گمناميءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلائي سگهي ٿي. اسان کي ان صورتحال کان بچڻ لاءِ ڪهڙي راهه اختيار ڪرڻ گهرجي.

در محمد پٺاڻ: اڄ جي انسان جي حالت اهڙي آهي، جيئن لاکيڻي لطيف چيو آهي ته ”مڙيا مچ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي“ سو اڄ عوام جي حالت به ڪجهه اهڙي آهي. کيس ڪيترائي مڇ ۽ مانگر وڪوڙي ويا آهن، جيئن سياست آهي. سياست ۾ هڪ ِا به مڪتبه فڪر هجن ته ڪا ڳالهه به آهي پر هتي ته واٽون ويهه آهن. ماڻهن کي ايتري حد تائين سياست جي گهيري ڏسون ٿا ته اسان کي رحم اچي وڃي ٿو. مذهب ۽ سياست جا مڪتبه فڪر کيس معاشي مسئلن جي حل لاءِ ٽاريون ڏيکارن ٿا ته بابا تنهنجي مسئلن جو حل ته اسان وٽ آهي. چيو ويندو آهي ته هر وڏي هاڪار جي پٺيان نفي هوندي آهي ته عوام لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن ٿيون ته هو نفي ڪن پنهنجي روايتن، هيروز، استادن، شاعرن ۽ اديبن جي ان ڪري هر ماڻهوءَ کي درد جي دوا لاءِ ٻين ڏانهن نه ڏسڻ گهرجي. سمورا هٿ ٺوڪيا آدرش ٽٽڻ گهرجن. اسان جو حل اهو آهي ته سچل جي سٽ تي غور به ڪيون ۽ عمل به ڪيون ته ”ڪونهي مڃتا سان مطلب“ ٻي ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي سمورن ڪامن فيڪٽرز تي متحد ٿيون. اسان اتفاق، اتحاد ۽ محبتن جا جذبا انهن جي ضرورتن ۽ افاديت کي نظراندز ڪري چڪا آهيون. انهن تي عمل ڪيون ڇو ته انهن روين کي پنهنجو ڪرڻ ۾ ئي اسان جي سڃاڻپ قائم رهي سگهندي.

 

شبنم: نوجوانن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندئو؟

در محمد پٺاڻ: نوجوانن کي اهو پيغام آهي ته اسان استادن، اديبن، شاعرن يا انهن ماڻهن جيڪي زندگيءَ جي مختلف شعبن جا وارث، مالڪ يا ٺيڪيدار آهن، انهن کي فرشتو نه پر انسان ڄاڻن ۽ اسان جي ڳالهين کي الهامي ڳالهيون ڄاڻي اکيون ٻوٽي قبول نه ڪن پر انسان جون ڳالهيون سمجهي گنجائش به رکن ته اسان غلط ڳالهه به ڪري سگهون ٿا، ان ڪري اسان جي هر تحرير ۽ تقرير جو تجزيو ڪيو وڃي ۽ اهو تجزيو ان وقت تائين مڪمل نه ٿيندو، جيستائين اسان جي قول کي فعل سان علم کي عمل سان ۽ شخصيت کي ڪردار سان ڀيٽي نه ڏٺو ويندو.

انٽرويو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ واپسيءَ جي راهن جو سفر هو.... تڏهن مون سوچيو هو ته پنهنجي ماضي، پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت سان عقيدت ۽ پيار ڪرڻ واري قوم پنهنجي اصليت پنهنجو ثقافتي ورثو وڃائي رهي آهي، مون مڙي ڏٺو سنڌالاجي گهڻو پوئتي رهجي وئي هئي ۽ اسان جي قدمن جي نشانن کي صدين جي ڌوڙ لٽي رهي هئي.....!!

(پندرنهن روزه عبرت مئگزين حيدرآباد، 15 اپريل 1990)

 

 

Menu
Go to top