ڀٽي مخدوم محمد صالح
 

WhatsApp Image 2020 09 25 at 4.46.19 AMڀٽي مخدوم محمد صالح: مخدوم محمد صالح پٽ مخدوم ميان محمد ابراهيم بزرگ -ڀٽي- ’صوفي‘ 8 محرم الحرام 1305ھه مطابق 25 سيپٽمبر 1887ع ۾ هالن پراڻن ۾ ڄائو، سندس نسب سترهين پيڙهيءَ ۾ مخدوم عبدالله سان لڳي ٿو، مخدوم عبدالله جو اصلوڪو نالو -ارجن- -بن- وريه (وريو) هو ۽ هو جيسلمير جو حڪمران هو، جنهن کي مخدوم بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ مسلمان ڪيو ۽ سندس اسلامي نالو مخدوم عبدالله رکي سنڌ ۾ -اسلام- جي تبليغ لاءِ مقرر ڪيو. هي واقعو سوا ڇهه سؤ هجريءَ ڌاري جو آهي. سندس عالي نسب اڳتي وڌي، شري رامچندر پٽ راجا دسرت سان وڃي لڳي ٿو، جنهن کي هندو -اوتار- ڪري مڃين ٿا.
مخدوم عبدالله مسلمان ٿيڻ کان پوءِ -اول- ڳاهوٽ ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، پر پوءِ ڳوٺ ماڙي محمد خان لڳ -ڀاڻوٺ- ويجھو اچي رهيو، -جتي- سندس آخري آرامگاهه آهي. سندس پڙ پوٽا مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد اسحاق 900 هه /1494ع ڌاري -اسلام پور- (هالا ڪنڊي) ۾ اچي رهيا، جو ڳوٺ 1779ع ۾ درياهه جي -ٻوڏ- سبب ٻُڏي ويو، پوءِ بزرگن جا نعش اتان کڻائي هاڻوڪي هالن پراڻن ۾ آندا ويا. انهيءَ وقت حضرت مخدوم نوح رح جي نعش مبارڪ پڻ -اسلام پور- مان کڻائي هاڻوڪن هالن نون ۾ آندي وئي. هن خاندان جا ڪيترا بزرگ -ٿر-، ڪڇ ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن لڏي ويا. -اسلام پور- کان لڏيندي 1779ع ڌاري -ڀٽي- بزرگن جا باقي ڪي وڃي گھر هالن پراڻن ۾ بچيا هئا. مخدوم محمد صالح جي والد مخدوم محمد ابراهيم ٽي شاديون ڪيون، جنهنڪري خانداني تنازعن سبب مخدومن ۽ خليفن جا قبيلا ڇڄي ڌار ٿي پيا. اهڙيءَ طرح ننڍپڻ کان وٺي مخدوم محمد صالح جي سنڀال سندس مامن هر هڪ خليفي عبدالرحمان، خليفي محمد ڪبير ۽ خليفي محمد جعفر ڀٽيءَ جي زير نظر ٿي. سنڌي چار درجا پنهنجي ڳوٺ هالن پراڻن ۾ پاس ڪري -انگريزي- -تعليم- لاءِ سنڌ مدرسة -الاسلام- ڪراچيءَ مان 1902ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. شاگرديءَ جي وقت کان وٺي کيس مضمون نويسي ۽ ڪلام گوئيءَ جو شوق هو. نوڪريءَ واري عرصي دوران پاڻ هيٺيان ڪتاب لکيائين:
(1) سيدة النساء (2) بي بي رابعه بصري، (3) منصور حلاج، (4) صديق اڪبر، (5) عروس ڪربلا ، (6) سقراط، (7) -اخلاقي جواهر-، (8) منهاج المومنين.
1944ع ۾ پينشن تي لهڻ بعد هيٺيان ڪتاب لکي پاڻ ئي شايع ڪرايائين: (1) -اسان جو پيارو آقا-، (2) فاروق اعظم، (3) واندڪائي جي وندر، (4) فتوحات -اسلام-. -ان- کان پوءِ سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيا: (1) ڪيڏارو احسان فقير ، (2) ڪلام مخدوم عبدالرؤف -ڀٽي-، جڏهن ته هيٺيان قلمي نسخا اڻ ڇپيل صورت ۾ سندن پونئيرن وٽ محفوظ آهن. (1) -المرتضيٰ- (2) حيات سعدي (3) مضامين متفرقه (4) ڪلام صالح.
مخدوم صاحب جيڪي به ڪتاب لکيا، سي پنهنجي خرچ سان ڇپايائين انهن جو نفعو بزرگن جي -جامع مسجد- لاءِ وقف ڪيائين ۽ -الله- پاڪ -ان- مسجد جي تعمير جي تمنا سندس حياتيءَ ۾ ئي پوري ڪئي. سندس ڪتاب سنڌ ۾ وري وري شايع ٿيا آهن ۽ گھڻي قدر مقبول آهن. -ان- کانسواءِ پاڻ درسي ڪتاب پڻ لکيائين، جي سنڌ جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پڙهايا ويا.
جيتوڻيڪ شعر گوئيءَ جو شوق شاگرديءَ جي وقت کان هئس، پر 1935ع ڌاري -ان- فن ۾ پنهنجو -استاد- محترم محمد صديق ’مسافر‘ کي مڃيائين، جنهن لاءِ کيس نهايت عزت هئي. سندس اڪثر ڪلام رسول پاڪ، اهلبيتن ۽ اصحابن جي شان ۾ چيل آهي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان

Good Wishes