شاعري (تاريخن سان گڏ)

سائين در محمد پٺاڻ

سر نمائجي يا سر نوائجي، سبق هي حسين کان پرائجي، (صبح جو سلام) 7 محرم 2009/12/25

خدا جي بندن جو سکيم احترام،

حوالي انهيء سان، اوهان جو سلام، (2009/12/23)

آءُ صبح تون آءُ، دير ته نه هاڻي لاءِ،

سلام صاحب کي جلدي تون پهچاءِ، (2009/12/22)

سائين صبح آئيو وئي اجهامي رات،

سلامن جي سوغات، مون اماڻي اوهان کي، (2009/12/21)

ساري رات صبح جو رهيو انتظار، جيئن ماڻيان آئون قرار، چئي سلام صبح جا، (2009/12/20)

صاحب کي سلام، صبح ساري چئيج،

رتي نه ات رهيج، جيئن وري سگهين وار تي، (2009/12/18)

مقدر ئي منهنجو رسول عربيء جي غلامي هجي،

سندن امت جي لکيل صبح جي سلامي هجي،(2009/12/17)

اماڻيان اوهان کي صاحب جي به سلام،

سي کڻي اچن جام، دعائون سندي درتان، (2009/12/16)

سانگي ساهه پساهه سان، مارون اندرمن،

تن پنهنوارن پهچن، سلام سهڻي صبح جا، (2009/12/15)

سندي دل جي درگاهه جو سلام آهيان،

 تنهنجي دعائن جو طالب دوامي آهيان، (2009/12/14)

صبح سج سلام پهتئي کڻندي گام،

معلوم تن کي مام، ته آهيان خادم تنهنجو، (2009/12/13)

سائين سلام خاطر لفظن جي جستجو آ،

تصور جو تنهنجو صاحب، منهنجي دوبدو آ، (2009/12/12)

سندي صحت سلامتي چين ۽ خوشحالي،

گهريم خدا کان بڻجي صبح جو سوالي، (2009/12/08)

صبح جو سلام چوان ته چين ملي پوندو،

روح پوءِ راحت مان کلي پوندو، (2009/12/07)

تهذيب جو گهوارو هي ديس وفائن جو،

نيشان بڻايو ويو، نفرت ۽ جفائن جو، (2009/12/06)

صبح جو ان لاءِ رهان پيو منتظر، جيئن اماڻيان مان سنيهو خوب تر، (2009/12/05)

دل جون دعائون ۽ صبح جا سلام قبول پون،

خلوص، ادب ۽ بي انت احترام قبول پون (2009/12/03)

اوهان لاءِ اسان جون صبح جون دعائون، قبوليندو خالق نه وينديون اجايون، (2009/12/02)

سنيها سلامن جا شل پهچن تو تائين،

صبح جو سائين، رکئي رحم نگاهه سان، (2009/12/01)

گهربيون رهبيون اوهان لاءِ دل سان دعائون جام،

چئبا رهبا اوهان کي ساجهر صبح سلام (2009/11/26)

عقيدت اوهان جي مون لاءِ وکر بي مثال،

خدا رکئي خوش حال، صدقي هنن سلامن جي، (2009/11/25)

سلامن دعائن لاءِ صبح مناسب وقت،

منهنجو  بهتر بخت، جو سلامن بغير نه رهان، (2009/11/23)

صبح جي سلامن کي، جو مليو توکان مان،

ته اوچو منهنجو شان، نظر ايندو نظرن ۾، (2010/01/02)

نئين سال جي صبح جو جو سلام، پيش خدمت آهه تو با احترام، (2010/01/01)

تولاءِ دعائون پيو گهران، صبح سان، شام سان ۽ صبح جي سلام سان، (2009/12/31)

ساجهر رستا صبح جا نيڻن نهاريا،

سانگي مون ساريا، جيئن سلام چوان صبح جا،(2009/12/29)

ماڻهون غير محفوظ هتي خاص ۽ عام،

صبح جو هي سلام، دعا ساري ديس کي، (2009/12/28)

رکئي رب رحيم، سکيو صبح شام،

منهنجو هي سلام، دوست دعائون دل جون، (2009/12/27)

شهادت حسين جي آهي درس اهم،

مليو هي فهم، ته فتح هردم حق جي، (ڏهين محرم)

چئبا سو سلام، چاهي اکيون هجن آليون،

چاهي غم گوندر پاليون، پر سوالي تنهنجي سکن جا، (2009/12/27)

بروز نائين محرم الحرام، نبي، آل ۽ امت تي سلام، (2009/12/27)

جو خالق هن جهان جو، اوري ان جو نام،

پوءِ چيم تو سلام، ساري صبح سوير جو، (2010/01/16)

هوندين روشن روز جيان، سائين صبح شام،

منهنجا هي سلام، مظهر آهن محبت جو، (2010/01/15)

تنهنجي عزت محبت هوندي، آهه اهو انجام،

توکي هردم ملندو رهندو، صبح جو به سلام، (2010/01/14)

درد وندي هن ديس جو، تون واهرو وريام،

تنهن لاءِ صبح سلام، عرض رکيم اوهان کي، (2010/01/13)

سنڌ ۾ سلام رسمي يا روايتي نه آهن،

صدين جي عقيدت جو قرض پيا لاهن، (2010/01/12)

دعائن سان دوست کي، صبح جو هي سلام،

سدا تنهنجو نام، رهي روشن سبح جيان، (2010/01/11)

عرض نه رکان اوهان کي، صبح سان هي سلام،

اچي نه پوءِ آرام، من نه رهي موج سان، (2010/01/10)

اماڻيم اوهان کي صبح جو هي سلام،

تنهن کان پوءِ مليم، اندر کي به آرام، (2010/01/09)

آچر تي به آرام، ناهي دوست اسان کي،

چيم چوان سلام، ته ملي راحت روح کي، (2010/01/08)

رات به تنهنجي تات، گهريم دعائون جام،

صبح سان هي سلام، عرض رکيم اوهان کي، (2010/01/08)

منهنجو خلوص خلق سان، ۽ عجز آهي عام،

 صبح جو هي سلام، صورت انهيء سوچ جي، (2010/01/07)

جن کي ناهه قبول، اونده ۽ آرام،

تن کي هي سلام، سويرو صبح سان، (2010/01/06)

سندي صحت سکن لاءِ گهري دعائون،

اماڻيان پيو آئون، صاحب سلام صبح جا، (2010/01/28)

سکيو پسين سنسار، خوشيون ماڻين جام،

صبح جا هي سلام، عرض آهن اوهان کي، (2010/01/27)

چوان سلام ته چين ملي، نه ته باقي بيقراري،

سندم صبح سان ياري، آهي انهيءَ واسطي، (2010/01/26)

صبح! چئج سلام، صاحب کي ساري،

ويهندا نه وساري، مون نماڻي انسان کي، (2010/01/25)

سلامي سدائين، اوهان جا او سائين، فقط سال لاءِ نه، مگر صدين تائين، (2010/01/24)

خيرخواهي ۽ دعا منهنجا سلام،

انسانيت جي احترامن جا سي پيغام، (2010/01/23)

صبح جا سلام عرض آهن خلوص سان،

سندم دعائن جي طويل جلوس سان، (2010/01/22)

کڻي سلام صبح جا، آيئي عقيدت، انساني الفت، محور منهنجي سوچ جو، (2010/02/12)

تو در آيا ادب سان، صبح هندا هي سلام،

کلندا پيا خوشي سان، هوندن دعائون جام، (2010/02/11)

دردوندي دل جي دعا سلام آهن، صبح جا شام جا سلام جام آهن، (2010/02/08)

صبح خلقيو سونهن سان سهڻي سرجڻهار،

مان توکي سو هزار، سلام اماڻيان صبح جو، (2010/02/09)

رنو رات ۽ مون جيئن روئي نه هت عوام،

صبح پسي سلام، چيو اسان اوهان کي، (2010/02/05)

صبح سرجڻهار جو، آهي اهم انعام،

تنهن ويل چوان سلام، جئن ماڻيان تنهنجو راضپو، (2010/05/03)

تنهنجي در اچان نه اچان، پر سلام ايندي ضرور،

سلام خوش نصب جو روز پسن سندي حضور، (2010/02/02)

بنان حساب بي حساب، سلام چئبا رهبا،

هر صبح سان هي سرعام چئبا رهبا، (2010/02/01)

اوچو جيئن آسمان، تيئن اوچو هجئي نام،

صبح جو هي سلام، عرض رکيم اوهان کي، (2010/02/03)

کلندي خوشيءَ سان جي قبولئي سلام،

ته راحت ملندي جام، سائين سندم روح کي، (2010/02/12)

صبح سلام چئي، اچ صاحب کي سمجهائي،

توکي پيو پرچائي، ويچارو ورهين کان، (2010/02/22)

سائين سلامن کي، جي مليو توکان مان،

ته اوهان جو احسان، لائق لاهيندس پيو، (2010/02/23)

تنهنجي سک ۽ چين جي، آهي تات طلب،

بڻا سلام صبح جا، صاحب آهن سبب، (2010/02/20)

صبح سندي سندرتا کي، نيڻن سان ته نهار،

هر رنگ مان هر بار، پسندين سونهن سلام جي، (2010/02/19)

صبح جي ايندي رهندو ناهي نيڻن جو آرام،

پر روح جي راحت هوندو آهي سائين هي سلام، (2010/02/18)

هي روايتون خلوص جون، خان ناهن خام،

منهنجو هي سلام، شاهه انهيءَ سوچ جو، (2010/02/17)

صبح آندي سائين تولاءِ پهريون هي پيغام،

درمحمد جون دعائون ۽ هيجان هي سلام، (2010/02/16)

عاشق رسول هجين ۽ سندن هجين سام،

عرض توکي رکندو رهان صبح شام سلام، (2010/02/16)

کلندي خوشيءَ سان، جي قبولين سلام،

ته راحت ملندي جام، سائين سندم روح کي، (2010/02/12)

دير سان مگر خيرسان سلام عرض آهن،

 روز روز سلام اسان تي قرض آهن، (2010/02/26)

رشتا ناتا روح جا هرگز ناهن عام،

صبح جو هي سلام، سائين صورت تن جي، (2010/02/15)

احسان سلامن جا، جو روز ملائن پيا،

 هن دردوندي دل کي، روز کلائن پيا، (2010/02/24)

عقيدت احترام ۽ صبح جو سلام،

دل گهرين لاءِ، مگر دشمنن تي حرام، (2010/03/04)

سينگارجي سلام، ائيندئي صبح سوير،

عجب سندن هير، صدقي جان انهيءَ تان، (2010/03/07)

رات ايندي ته مقدر لکيا ويندا، زندگي ۽ رزق جا دفتر کليا ويندا،

هن صبح کان اوهان لاءِ دعاگو آهيان، اوهان بخت جا تنوگر لکيا ويندا، (15 شعبان)

سائين! سلام صبح جا تنهنجي تات تنوار،

مون تي اهي بار، آهن زور ميثاق کان، (2010/03/12)

صبح اچي ۽ سلام نه چوان، ائين آهي حال،

هي جوکيو ۽ جنجال، مون نه قبوليو اصل کان، (2010/03/11)

عرض رکان اوهان کي سائين جو به سلام،

بنان رشتي روح جي سمجهي نه سگهندوعام، (2010/03/10)

اذن دل جا ضمير جام  آهن، ان لاءِ ته اوهان کي سلام آهن، (2010/03/09)

آهي فرض اسان تي صبح سندو هي سلام،

دوست اوهان جو نام، لکيل سندم دل تي، (2010/03/15)

هلجي در دوست جي پوي دير متان،

سوچن پيا سلام، صبح ساجهر سان، (2010/03/13)

پسي پريشان، رئندي چيو هيئن رات،

اماڻج سلام انهن کي، توکي جن جي تات، (2010/03/16)

ويهي رات گذاريم، آءُ صبح تون آءُ، اماڻي سلام صبح جا، لاهيان هي سوداءُ، (2010/03/17)

صاحب هوندا سيج تي، سکو صبر سلام،

کولن خان اکيون، چئجو پوءِ پيغام، (2010/03/18)

جن نسبتن جي صدقي، منهنجو هي نام آهي،

تن قربتن جي نالي، منهنجو سلام آهي، (2010/03/22)

رشتو عقيدتن جو تولاءِ تمام آهي،

تون عام ناهين سائين، تولاءِ سلام آهي، (2010/03/21)

تنهنجي خاطر هي سمورا اهتمام،

لک دعائون ۽ صبح سان هي سلام، (2010/03/20)

ويندا در دوست جي، خوشين مان کلندا،

محبت سان ملندا، سلام هن صبح جا، (2010/03/19)

سواءِ در دوست جي، باقي غير گناهه،

جن سان سندم چاهه، آهن سلام انهن لاءِ (2010/03/24)

نفرتن کان مون وتو هينئن انتقام،

صبح سان توکي اماڻيم هي سلام، (2010/03/25)

خوش نصيب آهيان، هلي سندءِ عنايتن جي سام سائين، اوهان کي صبح جا سَوَ نه پر هزار سلام سائين، (2010/03/30)

دل جو روح جو ۽ خلوص جو پيام، تولاءِ مون طرفان هي صبح جو سلام، (2010/03/29)

چريو ناهيان جو ائين مان سلام روز چوان پيو،

 صدين جي روشني سندي، چهري مان پسان پيو، (2010/03/28)

صاحب!سربلند سندم صبح ۽ شام،

صبح جي سلام جا مليا اهي سلام، (2010/03/27)

نفرتن کان مون وتو هينئن انتقام، صبح سان توکي اماڻيم هي سلام، (2010/03/26)

سندن سلامن جي آهي نيڻن منجهه نياز،

انهن جو آواز، پهچي دل جي عرش تي، (2010/04/02)

سائين ياد سلامن کي سندي صورت سربسر،

اورانگهي اهي شهر، پهچن تنهنجي در تي، (2010/04/01)

رات به تانگهو روح، مونجهه هئس ماتام،

جئين صبح چيم سلام، ته خوشي مان کلي پيو. (2010/03/31)

سري نه سگهي سلامن جي، آيا تنهنجي در،

انهن سندي اها پر، موهي رکي ماڻهن کي. (2010/03/04)

پرچائيندا پنهوار، سلام هن صبح جا، لهندا غم هزار، قبوليئون سلام جي، (2010/04/13)

صبح سلامي، آئون سلامي، سلامي هي سلام،

تنهنجا دعاگو آهيون، سائين صبح ۽  شام. (2010/04/12)

تنهنجي سيرت صورت کان، سرس نه صبح- سونهن،

اها سلامن سندي ورنهن، ته اچن در اوهان جي. (2010/04/09)

سلامن تي جادو اوهان جو آ سائين،

انهيءَ لاءِ اوهان در پيا ايندا سدائين، (2010/04/08)

سينا سلامن جا محبت منجهه مخمور،

ماڻيو تن سرور، ايندي در اوهان جي، (2010/04/07)

ستا نه ساري رات، تو لاءِ رکيئون تات،

دعا جي سوغات، سلامن آندي صبح سان، (2010/04/06)

رکي سنگت سلامن سان، پهتس تو تائين،

نه ته مان سائين، پري هجان هان پنهنجن کان. (2010/04/05)

مون جيان سلامن کي تنهنجي آهي تانگهه،

صبح جي ايندي بانگ، دوست تو در  آئيا. (2010/04/14)

ساري رات صبح کي پئي ساريو سلامن،

هر هر هينئن چون، در هلجي دوست جي. (2010/04/16)

با ادب با احترام هر صبح ايندي سلام.

سک سنيهن کي کڻي، ۽ وفائي جا پيام. (2010/04/15)

ناهن عام ۽ جام، صبح جا هي سلام،

وفائن جي وعدن جا سچا هي پيغام. (2010/04/07)

دک نه اچئي در تي، ماڻين سکن سيج،

مان پيو منجهان هيج، سلام چوانءِ صبح جا. (2010/04/19)

توسان رشتو روح جو، رکيو سلامن،

ان لاءِ پيا روز اچن، دوست تنهنجي در تي . (2010/04/18)

پکي بڻجي پون، سلام ائين سوچين،

ان لاءِ پيا لوچين، اهي گذريل رات کان. (2010/04/19)

اسان کي عجز جي ملي آ ميراث، ۽ سدا اها آس، ته سلام چوان صبح جا. (2010/04/24)

سندي ادب احترام، سلامن جو ساز،

آهي عجز نياز، دولت سندن دل جي. (2010/04/24)

جي عرض رکان نه سلام، ته آهيان ويچارو،

عجز ۽ نياز ئي آهي سندم سهارو. (2010/04/24)

رخ پسئون ته راحت ملي، چون ائين سلام،

 ماڻهو هونء ته جام، پرتون انهن جو آسرو. (2010/04/24)

طواف تنهنج دل جو، طلبن روز سلام،

عقيدت جا احرام، سدا سندن سر تي.(2010/04/23)

چمي پير چئبان، اهو تون اتي سلام،

آهيون تنهنجي سام، رکجان پت رحم سان. (2010/04/22)

سندم عقيدت جون، نه حدون نه حساب،

سلامن لکيا باب، اسان آدرش وفا جو. (2010/04/21)

هر ادا تنهنجي سدا آ سلامن کي پسند

تون سندن ۽ سندم جوئي واحد درد مند. (2010/04/20)

صاحب! سونهن صبح جي، توکي نهاري،

پنهنجي اندر اجاري، پهتئي سلام صبح جا. (2010/04/29)

صبح جي سلامن لاءِ تنهنجو در درگاهه،

ناهي تن پرواهه، باقي عام ۽ خاص جي. (2010/04/28)

سري نه سلامن جي، سائين! مون وانگر.

هنن سکيو هي هنر، صبح جي سلاميء جو. (2010/04/27)

دل جي حضور سان، سلام چوندس پيو.

دعا آهه ته سدا خوش رهو سوين سال جيو. (2010/04/26)

صاحب! سلام صبح جو، توکي ئي ساري، جو تو درد نهاري، تون ئي سهارو تن جو. (2010/05/04)

مليو جو سلامن کي، سو نيڻن ناهه نصيب

آهيان آئون رقيب، سائين! سلامن جو. (2010/05/03)

صبح جا هي سلام، سندم خلوص جون روايتون آهن.

قبوليو پياسي قرب چئبا، اوهان جون عنايتون آهن. (2010/05/02)

صبح ۽ سلامن جو، اسان تي احسان،

مليو مون کي مان، توکي ياد رکان پيو. (2010/05/01)

سندن آهه زبان تي، سائين تون هي تون،

صاحب! سکنداسون، سبق انهن سلامن کان. (2010/05/06)

جنهن جو ورد وظيفو، سائين تنهنجو نام،

اهو صبح سندو سلام، تنهنجي در تي آئيو. (2010/05/07)

سندم ۽ سلامن جو، سائين! صاحب تون،

جيسين جيئنداسون، تون در ديس نوائبو. (2010/05/08)

خبر کڻي خير جي، تون سگهو اچ سلام،

جي تو پئي شام، متان پوءِ مئو پسين. (2010/05/11)

سري نه سگهي سلام جي، جيئن سرندي ناهه سندم،

توکي پيا هردم، ساريون ساهه پساهه سان. (2010/05/10)

ساريان ساهه پساهه سان، سائين صبح شام،

صاحب! هي سلام، شاهد انهيء حال جا. (2010/05/12)

خبر کڻي خير جي، تون سگهو اچ سلام،

تنهن کان پوءِ آرام، ملندا سندم روح کي. (2010/05/13)

سندي ديد جن لاءِ عيد، اهي آتا صبح ۽ شام،

خادم تنهنجي در جا، سائين! سندم سلام. (2010/05/15)

ساري سلامن کنيان، برهه سندا سو بار،

صاحب لهندو سار، سندم ۽ سلامن جي. (2010/05/14)

سلامن سنيهن نوان ويس پهريا، سائين سندي هي ادا جو اثر آ.

رحم جي نظر جو جي لائق بڻياسين، سائين اسان جي صدا جو اثر آ. (2010/05/19)

توسان ريت سلام جي، جنم جنم کان،

سدا نه رهڻو مان، رهندا رنگ خلوص جا. (پنهنجي جنم ڏينهن تي) 2010/05/25

چهرو پسي چاهت سان، سلام! چئج سلام،

سندم اکين کي آرام، ملي پوندو مهل سان. (2010/05/24)

رهندا رنگ خلوص جا، جيسين آهه جهان،

سائين! سندي شان، گونجيندا سلام پيا. (2010/05/26)

سلامن سنيهن جا، سرجي پيا سُر،

اهي سکياسين گر،اوهان جي عقيدت مان. (2010/05/23)

سلامن سان شامل، هي دل جون دعائون،

اگهايو اسان جون، صبح جو صدائون. (2010/05/18)

سندم سلام وفائن جا هزار داستان آهن.

سندم عقيدتن سندا پختاسي پاسبان آهن. (2010/05/17)

سگهو پهچ سلام، دير نه لاءِ تون دم،

مون کي آهه قسم، سرندي نه سائين بنان. (2010/05/21)

سري نه سائين بنان، سوچ ذرا تون سلام،

جي قلب اندر قهرام، دوا درمل تن جو اتي. (2010/05/22)

سلام سندي سربخت جي خير جا طلبگار رهندا،

اسان جي امنگ جا ترجمان ۽ طرفدار رهندا. (2010/05/20)

جي سلام نه پهتا صبح سان، ته جُهري پوندو جيءُ،

سورج اتي بيهه، ته صورت صاحب جي پسان. (2010/05/30)

چميو در دوست جو سلامن سويرو،

هُئي مان جيئرو، بڻجي پيو آهيان. (20105/05/31)

اوهان طرف ايندي، دير نه تن برداشت،

سلامن لاءِ سوغات! تون خزانو تن جو. (2010/05/29)

تون ئي سلامن جو، تو بن باقي غير،

کڻي نه سگهان پير، جت ديرو ناهي دل جو. (2010/05/28)

سائين! سلامن لاءِ، تو بن باقي غير،

گهرن تنهنجو خير، ملي منهنجي دل سان. (2010/05/27)

ادب ۽ اخلاص جو، سکيو سبق سلامن.

تو در جيئن اچن، نهي نهارن نياز سان. (2010/05/26)

منهنجي سگهه سلام، هونء نه ته هيڻو مان،

تون آهين اصل کان، سهارو سندم ساهه جو. (2010/06/01)

چئج سلام سائين کي، هت جياپو آهه جنجال،

ساعت ساعت سال، گهنگهه گهڻو گهاريم. (2010/06/02)

تنهنجي سک ۽ چين لاءِ، آهيون دعاگو.

هلندا دوبدو، سلام توسان صبح جا. (2010/06/05)

تو در واجهايان پيو، سائين سلامن سان.

نه سينوئي ساهيان، نه ئي مان نراس هان. (2010/06/05)

سڻين سلامن جي، تون سائين لهج سار،

مان گهڻو گنهگار، تو در وجهايان پيو. (2010/06/04)

جو نير سندم دل جو، ماڻهن ليکي مينهن،

جن به سمجهيو نينهن، تن سهارو سلام جو. (2010/06/07)

فرمائيندا هوندئو، آچر تي آرام،

منهنجو هيءُ سلام، هوندي سندي پيرن کان. (2010/06/06)

منهنجي يا سلامن جي توهان سان ناهه حجت،

اها تنهنجي آ عظمت، جو نالائق نوازيئي. (2010/06/08)

صبح سلام ۽ سائين جو، اسان تي احسان،

دل ته مليو دان، انهن کان ته اسان کي. (2010/06/09)

نيتم صبح نماز، ته سلامن نيتو نيهن.

نيڻن منجهان مينهن، وسائيندا تو در آئيا. (2010/06/10)

سندم اها سستي جو چوان صبح وقت سلام،

اوهان ته صبح ۽ شام، لکو جواب جلدئي سان. (2010/06/16)

صدين کان سائين! توسان آهي انگ،

سلام ان جو رنگ، رشتو رهڻو آهه جو. (2010/06/15)

قاصد بڻجي قرب سان، ايندي سَوَ سلام.

اسان سندي احترام، سکيا آهن صدين کان. (2010/06/14)

ناهي نماز نينهن نبان، ائين چيم سلامن.

جي سندي طرف اچن، سي سياڻا سنسار جا. (2010/06/13)

هڻي، نه سگهان محبت سان، دوستي وارو دم،

آهي سلامن جو قسم، ناهي تو بن آسرو. (2010/06/12)

نيتي نياز نماز جيان، هتان هليا سلام،

اچي پوندي سام، توکي پارت تن جي. (2010/06/11)

جو نير سندم دل جو، ماڻهو ليکي مينهن.

جن به سمجهيو نيهن، تن سهارو سلام جو. (2010/06/11)

تنهنجي سک ۽ چين لاءِ، آهيون دعاگو.

ملندي دوبدو، سائين سلام صبح جا. (2010/06/10)

چوندا در دوست جي، برهه سندي هي بانگ،

اسان رچايا سانگ، دل گهريو سر محمد جي. (2010/06/20)

سمجهو جيئن سمجهن، سمجهن تيئن سلام،

معلوم تن کي مام، اسان جي عقيدت جي. (2010/06/19)

ناهي عجز نياز سواءِ، سائين سان رشتو.

اجهو اچي پهتو، تو در سلام صبح جو. (2010/06/18)

اوهان جي عنايتن جي، هڻبي رهبي هام،

منهنجا هي سلام، شاهد سندي مهر جا. (2010/06/17)

دعائون سندم دل جون، تولاءِ کنيو سلام،

صبح جو هي سلام، آئيو تنهنجي در تي. (2010/06/16)

پهتي عرض عظيم تي، دعا دوستن لاءِ،

جلدي سلام اهو سڻاءِ، صبح جو سائين کي. (2010/06/30)

دوستن سندي در تان، جو سکيو سلامن،

جي سياڻا اهو سِکن، ته عقل نه گهرن الله کان. (2010/06/29)

ورد وظيفو دل جو، سائين تون هي تون،

جو دم جيئنداسين، رهبو سلامي صبح جو. (2010/06/28)

سائين! سلامن کي تنهنجي آهه پچار،

هتي آئون هر بار، روئي رند نهاريان. (2010/06/27)

سواءِ در دوست جي، باقي در حرام،

صبح سندو هي سلام، پابند انهيء اصول تي.  (2010/06/26)

آئون نه جيئندي انهن ري، محبت جنين من،

وهسن ۽ وسن، تن لاءِ سلام صبح جا. (2010/06/25)

سندم سلام مون جيان، محبت منجهه مطيع،

جنهن به چيو جيءُ، اسان قربان انهيء تان. (2010/06/24)

جنهن کي چون ماڻهپو، سو محبت جو معراج،

اسان اهو رواج، سيکاريو سلام کي. (2010/06/23)

چوندا در دوست جي، برهه سندي هي بانگ،

اسان رچايا سانگ، دل گهريو در محمد جي. (2010/06/22)

سندم اها سسئي، جو چوان صبح وقت سلام،

اوهان ته صبح شام، لکو جواب جلدئي ۾ (2010/06/22)

دنيا منهنجي دل جي، ورهين کان ويران،

گهرندي اچي دان، مون لاءِ سلام صبح جا. (2010/06/21)

اوهان سندي عظمت کي، سمجهيو سلامن.

چوندا هينئن وتن، ثاني ناهي سائين جو، (2010/07/01)

پهتي عرش عظيم تي، دعا دوستن لاءِ،

نياپو تون پهچاءِ، سلام اهو سائين کي. (2010/06/30)

سائين! سرت سلام جي، مون کي وئي ماري،

سو  سي در نهاري، ديرو جتي دوست جو. (2010/06/2)

قيدي سندي قرب جا، صبح جا هي سلام،

اسان وري غلام، آهيون اصل انهن جا. (2010/06/04)

جتي آئون نه پهچان، پهچن ات سلام،

اسان جا پيغام، پهچائين خلوص سان. (2010/06/03)

اندر اجاريئون پنهنجو، پسي منهن مهتاب،

پوءِ آڻي اکين آب، سلامن سر نمائيا. (2010/07/07)

ايندي در اوهان جي، هليو سلامن سک،

پسي مهتابي مک، اندر اجارن پنهنجو. (2010/07/06)

دک نه سارن پنهنجا، نه پنهنجي سارن بک،

سلام سمجهن سک، ايندي در اوهان جي. (2010/07/05)

سکي سلامن رات، برهه سندي جا بات،

کڻي اها سوغات، آيا در اوهان جي. (2010/07/10)

عجب سنديون عادتون، سيکون سلامن،

 سيسون ات رکن، جت وسن نيزا نينهن جا. (2010/07/09)

اکين سندي آب مان، وضو ساري سائين،

پوءِ تو تائين، پهتا سلام صبح جا. (2010/07/08)

اکين سندي آب مان، ساري وضو سائين،

پوءِ تنهنجي در تائين، پهتا سلام صبح جا. (2010/07/08)

دنيا منهنجي دل جي، ورهين کان ويران،

گهرندي اچي دان، مون لاءِ سلام صبح جا. (2010/06/25)

اگهائيندو اسان جا، سائين سارا سوال،

جيئن اندر جا احوال، سلامن اتي سڻائيا. (2010/07/11)

گهوريان هر سلام سان، جي سوين هجن سر،

مون تي آهه مهر، سرس سوائي ساهه کان. (2010/07/15)

مان روئان هو ريجهن، ناهي سودو مهانگو،

ان کان سهانگو، جي طلبن سر سلام کان. (2010/07/15)

سائين بخشيندو، سندم عيب اپار،

سلامن سَوَ هزار، عرض اهي ئي رکيا. (2010/07/14)

جي روئي پسي راضي رهن،

ته کلان نه آئون مور،

جي سيني اندر سو،

سو سلام سڻائيندا سائين کي. (2010/07/13)

سائين سلامن مان، سکيو مون به گهڻو،

کلندي جي نه وڻو، ته روئي رچايو رنگ کي. (2010/7/12)

سلام ۽ سائين! مان، آهيون تو در سوالي،

وراءِ ۾ خالي، اسان تنهنجي آسري. (2010/07/11)

سلام سمجهي سوچ سان، مون کي يار سڻو،

کلندي جي نه وڻو، ته روئي به ريجهائجو. (2010/07/16)

محبت نياز ۽ ماڻهپو، سکندا اچو سلام،

اهي اوصاف عوام، وساريا ورهين کان. (2010/07/17)

روئي به ريجهائجو، سائين کي ته سلام،

اسان کان آرام، ويا وسري ورهين کان. (2010/07/18)

جي سمجهن رشتا روح جا، انهن لاءِ سلام،

جي باقي آهن خام، ناهن سلام تن کي. 2010/07/18)

سلام چئج سائين کي، آهن درد هزار،

باري کڻندين بار، تون ئي منهنجو آسرو. (2010/07/19)

سائين منهنجو آسرو، سندم سائين سهارو،

اهو سلام سيگهارو، پيغام پهچاءِ پانهنجو. (2010/07/20)

گهوريان سر سائين تان، اهو اتم انعام،

چوندو ائين سلام، صاحب سندي در تي. (2010/07/21)

سائين سندي در تي، چوندو هينئن سلام:

در محمد کي آرام، ناهي نصيب ازل کان. (2010/07/22)

صبح سندي سلام تي، ناهن ميارون،

زاريون  مون واريون، هيون بي اثرائيتون. (2010/07/23)

عجز ۽ نياز جي ، وائي سلامن وات

طلب انهن کي تات، آهي فقط اوهان جي. (2010/04/24)

مون کي ۽ سلامن کي، طلب اوهان جي تات،

تو بن باقي ذات، آهي غير اسان لاءِ (لئي). (2010/07/25)

سلامن وسائي صبح سان، برهه سندي برسات،

رهندي ذات نه پات، هونديون موجون محبت جون. (2010/08/08)

ماڻهن سندي مهر سان، جي مليا نفرت جهول،

سي تحفا رنگ رتول، سلامن رکيا اکين تي. (2010/08/07)

دهشت دم درياهه جي، شهرن منجهه پيو  شور،

سلام اهو دور، چئجان: آيو سور کڻي. (2010/08/06)

درد وندن جي دکن تي، روئي فلق پيو.

روئندي صبح ويو، سلام در سائين جي. (2010/08/05)

شهرن اندر باهه، هت چؤطرف پاڻي.

سلام چئي ساڻي، سائين آهي ديس جو. (2010/08/04)

ساريندي سائين کي، آئي عمر جي شام،

تون ساري چئج سلام، اسان تنهنجي آسري. (2010/08/03)

 سمجهندا سلام مان، ته پيا کڻون پساهه،

نهاريندي راهه، عمر اسان جي گذري. (2010/08/02)

قاصد بڻائي قرب جو، مان سائين! سلامن کي،

سندم دل_گهريا جي، اماڻيان سدا تن کي. (2010/08/01)

سائين! سچ جي سونهن، بنا آهيان اڻپورو،

سلام سمورو، عرض رکندو اوهان کي. (2010/07/31)

هجي تاءُ غيرن لاءِ، پر پنهنجن سان پرچاءُ،

دعا گهري تون آءُ، سلام سائينءَ در تان. (2010/07/30)

محبت نه گهرجي ماڻهن کي، عجب اها مام،

صبح جا تون سلام، سمجهي اچجان سائين کان. (2010/07/29)

نفرت گهرجي ناحق گهرجي، طلبن خاص ۽ عام،

مام اها تون سلام، سمجهي اچجان سائين کان. (2010/07/28)

گهرجو وقت افطار جي، دعا سيلابين لاءِ،

پرور کي پرچاءِ، ته لاهي دک دکين جا.(2010/08/22)

سلام چون سيلابين جي، اچي لهو رسا،

زنده قوم جا پار، آهن خوب اسان اندر. (2010/08/22)

دک نه اچئي در تي، سدا سک پسين،

بارش جيان وسين، مون تي ۽ سلام تي. (2010/08/22)

مولا محتاجيءَ کان، مارون رب بچاءَ،

دعا اها پهچاءِ، سلام! سائين در تي. (2010/08/24)

ياد رهندا سدا، هر افطار سان،

هر وار سان، دعا ۽ گفتار سان. ((افطار وقت) 2010/08/21)

مليو نه منهنجي مارن کي، آچر تي آرام،

روئي پيو سلام، سندن سختيون پسي.(2010/08/21)

جمعي سندو روزو ۽ آهي وقت افطار،

توکي سو هزار، سائين سلام منهنجا. ((افطاري وقت) 2010/08/20)

درمحمد درياهه سان، رهه نه تون ناراض،

سلام سمجهن راز، مارن جي مصيبت جو. (2010/08/20)

هن جي پاڻيءَ کان گهڻو، اکين سندو آب،

سلام چون ثواب، ملڻو ناهه درياهه کي. (2010/08/19)

رهيو ايرن غيرن سان، جنهن پاڻيءَ تي پاڻي،

سچو نه ساڻي، سانگين ۽ سلام سان. (2010/08/18)

درياهه تنهنجي دهشت جو، بڻيا مارون نشانو،

سلامن سو افسانو، سکيو پنهنجي رت سان. (2010/08/17)

قهر نه بڻج قوم لاءِ، اهي دادلا درياهه،

ناهي پنهوارن پرواهه، سڻي سلام اهو آئيا. (2010/08/15)

پسي سور سانگين جا، روئي پيو رمضان،

انهن جو ارمان، سلام سليندا سائين سان. (2010/08/12)

تون دعا تون دوست، تون سائين سگهارو،

تون آهين سهارو، سندم ۽ سلام جو. (2010/08/11)

هيڻي منهنجي حال جي، توکي آهه خبر،

رحم سندي مان نظر، طلبان هن سلام سان. (2010/08/10)

سانگي سور وندن جو، آهي خالق نگهبان،

مون مارون پريشان، سلام! چئج سائين کي. (2010/08/09)

اول خير خدا کان، گهران مارن لاءِ،

جيءُ اچي جيئن جاءِ، ۽ چوان سلام صبح جو. (2010/08/09)

دهشت دم درياهه جي، شهرن منجهه پيو شور،

سلام اهو دور، چئجان آيو سور کڻي. (2010/08/05)

سائين! سچ جي سونهن بنان، آهيان اڻپورو،

سلام سمورو، عرض رکندو اوهان کي. (2010/07/31)

سلام چئجان سائين کي، بڻجي عرضدار،

باري کڻجانءِ بار، آهيون تنهنجي آسري. (2010/07/29)

گهوريان سر سائين تان، اهو اتم انعام،

چوندي اهو سلام، صاحب سندءِ در تي. (2010/07/21)

سائين منهنجو آسرو، سندم سائين سهارو،

اهو سلام سيگهارو، پيغام پهچاءِ پا نهنجو. (2010/07/19)

سلام چئج سائين کي، آهن درد هزار،

باري کڻندي بار، تون ئي منهنجو آسرو. (2010/07/18)

صدقي سائين تان، جنهن کي درد وندن جو دک،

سلامن پنهنجو سک، گهوريو انهيء وير تان. (2010/07/18)

سکي اچجو سائين کان، ماڻهپي جي مام،

پوءِ سويري سلام، مون کي به سمجهائجو. (2010/07/16)

سلام سمجهي سوچ سان، مون کي يار سڻو،

کلندي جي نه وڻو، ته روئي به ريجهائجو. (2010/07/15)

روئندو پسي راضي رهن، ته کلان نه آئون مور،

جو سيني اندر سور، سو سلام سڻائجو سائين کي. (2010/07/13)

درياهه نجائي روح، تون سانگي ائين نه ستاءِ،

سلام جائبجاءِ، سور سليندي سائين سان. (2010/08/17)

توتي روز قيام جو، دانهيندس درياهه.

سلام چون شاهه، منجهائي مارن جا. (2010/08/15)

سلام سڻائجو سائين کي، اسان جا ارمان،

اسان اوکا امتحان، سيني لاتا صدين کان. (2010/08/14)

ماڻهن لاءِ معمولي، پر دل لاءِ جيئن نماز،

سائين سمجهه راز، صبح جي سلام جو. (2010/09/09)

ناهي عيد انهن جي، جن لاءِ ديس بڻيو پرديس،

سلام نه پاتو ويس، پسي سور سانگين جا. (2010/09/09)

صبح هجي يا شام، مان آهيان دعاگو،

جي ناهيو دو بدو، پردم دم ياد ته آهيو. (2010/09/08)

سانگين سک نه مليو، اجها آئي عيد،

درد وندن جي ديد، صاحب! آهه سلام تي. (2010/09/07)

پندس دعائون تو لاءِ، ليلتہ القدر جي رات،

گهرندس سا سوغات، توکي  وڻي جي سدا. (2010/09/06)

فرض آهه اسان تي، تنهنجو ادب احترام،

سائين پوءِ سلام، واجب آهي مون تي. (2010/09/06)

تو جيئن آهي سائين، تنهنجي ياد ثواب،

تون آهين لاجواب، هروجہ مون کان گهڻو. (2010/09/05)

پهچڻو نه پاڻي، جتي قيامت تائين،

سو درياهه اتاهين، سلام! ائين نه  آئيو. (2010/09/05)

لاهي لغام درياهه تان، جن مارون منجهايا،

انهن تي آيا، حرف هزار سلام جا. (2010/09/05)

سائين! صبح سان، جيئن ورتم تنهنجو نام،

ملي ويو آرام، اندر جي انسان کي. (2010/09/04)

اندر پسيم اجرو، جيئن ورتم تنهنجو نام،

مليو مون آرام، سلام چوندي صبح جو. (2010/09/04)

منهنجو سلام ان لاءِ، جو سائين آهه سپوت،

سمجهي جو لاهوت، پکن ۽ پنهوارن کي. (2010/09/04)

سهارو بڻبا سانگين جو، سارا يار سپوت،

انهن جا لاهوت، سلام سندن سيني سان. (2010/09/03)

ويندي گذري سانوڻي، ايندو سيارو،

منهنجو جيءَ جيارو، رهندو سدا روح سان. (2010/09/03)

ناهه پرواهه پنهوارن کي، جي آيا غم الم،

هي دودا دم بدم، رکندا سک سلام جي. (2010/09/02)

سندي نظر جا منتظر، سج صبح ۽ مان،

اسان جو توسان، رشتو آهي روح جو. (2010/09/02)

جي سانگي هئا سُکي، تن کي مليا سور،

پلپل اهي پور، مليا مون کي ۽ سلام کي. (2010/09/01)

کڻي پاراتا پنهوارن جا، پهتين ساگر منجهه،

صبح هجي يا سنجهه، سانگي ياد سلام سان. (2010/08/31)

سائين! سياست هاڻي، هلائيندا پاڻيءَ تي،

جو مطلب لاءِ نچي، سمجهجانءِ سلام کان. (2010/09/05)

ماريو پيا ماريندم، اهي سانگين جا سور،

پنهوارن جا پور، کڻندا سر سلام جو. (2010/08/31)

پسي سانگين سور، سندم روئي پيا سلام،

هي مون کي ماتام، ماريون ماريندا پيا. (2010/08/30)

جي مليا سور سانگين کي، سي سائين! هلندا سال،

غيرن جا به افعال، آهن سلامن سامهون. (2010/08/28)

سواءِ تصور تنهنجي، نيڻن منجهه نه غير،

من اندر جو مير، سائين! سلام نه سکيا. (2010/08/28)

دک ۽ درد سندي او سائين!، گذري ويندي رات،

هي سورن جي سوغات، رهندي صديون ياد سلام کي. (2010/08/27)

وارث جي وطن جا، سي مارون مون محتاج،

جن جا تخت ۽ تاج، سي سورن جا سلام چون. (2010/08/26)

دهشت گرد ملي درياهه سان، مارون مون مارين،

سانگي پيا سارين، تو سورهيه جي سلام کي. (2010/08/25)

اميدون انهن جون، تو سان ئي آهين،

آسرو نه لاهين، سانگي صبح سلام جو. (2010/10/02)

جي آهن پنهنجي قوم جا، خاصا خوب غلام،

انهن کي سلام، تاريخ چيا صدين کان. (2010/10/01)

سهارا سانگين جا، مان توتي لکان گيت،

سلامن سنگيت، سوچيا آهن سچ مان. (2010/09/30)

ناهي دل اندر جي، مارن لاءِ محبت،

سلامن کي نفرت، آهي ان وجود سان. (2010/09/29)

مارون منهنجا آسري، اوهان جي آهين،

سارين ۽ نهارين، سلام سان سائين کي. (2010/09/28)

قرض آهن قوم جا، ماڻهون باشعور،

سلامن اهو سور، صبح سليو سانگين سان. (2010/09/27)

شل سمجهو هن سلام سان، مارن جي منشا،

صلاح بڻجي سا، جا دردن جي دوا هجي. (2010/09/26)

سوچيو صورتحال تي، اسان جا اين جي اوز،

متان روز بروز، مارن منجهن مامري. (2010/09/25)

ويندا گذري غم، ورندي سکن واءُ،

لهندو اهنج ايذاءُ، صبح جي سلام سان. (2010/09/24)

صاحب! گهرجي قوم کي، تنهنجو سهارو،

اسان جو اشارو، سمجهه هن سلام سان. (2010/09/23)

وسندا شهر ويران بڻيا، ايندي آفت پاڻيءَ جي،

اچي بار پيا توتي، وير! ملهاءِ سلام تون. (2010/08/20)

آهيون اوهان آسري، سانگي، سلام ۽ مان،

تنهنجي ئي در تان، ملندو خير خلوص جو. (2010/08/19)

جنهن کي جذبو قوم جو، سوئي آهه جوان،

خدمت سان هو خان، ماڻين سلام مارن جا. (2010/08/18)

اوهان سارا سون، مون سان عيب اپار،

کڻجو منهنجا بار، صدقي هن سلام جي. (2010/08/18)

وري سکندا وير، هن قوم سندي تقدير،

مارون منهنجا مير، پسندا سک سلام سان. (2010/08/17)

سهارو هنن سانگين جو، صاحب!تون آهين،

تون جي چاهين، لهن سور سلام سان. (2010/09/16)

توکي پيو تانگهي، درد وندن جو ديس،

سورن سندو ويس، سلام پاتو سانگين لاءِ. (2010/09/08)

محبتي مارن جا، سي خدمت سمجهن خرض،

جن دلين منجهه مرض، سي پري هن سلام کان. (2010/09/13)

دکن ۽ دردن جي، جا دکي پئي دونهين،

سلام چئي سونهين، آهي اها آئيندي جي. (2010/09/10)

ايندو در اسان جي، کڻي سکن جو سامان،

جو منهنجو آ مهمان، سلام کيس صبح جو. (2010/10/02)

گهرندي خير خلوص جو، گهوريم جندي جان،

دنيا هن نادان، درد نه سمجها دل جا. (2010/09/09)

رئندي ملي نه راضپو، پندي ملي نه پيار،

هي دنيا جو وهنوار، جا سکي سور سبق جو. (2010/09/28)

نه عيدن ته عيدون مليون، نه غيرن ته گنج،

اسان جا اهنج، سائين ياد نه رکيا. (2010/09/25)

سال نه گهريم سائين کان، ساعت جو هو سوال،

هجيم ها جي افعال، ته ملي ها حد کان گهڻو. (2010/09/25)

صبح آڻج سکن جو، سانگين لاءِ صاحب،

جي گهريو رازق رب، ملندي سلام سلامتيون. (2010/09/25)

احسان ان الله جا، جو مارون مليم مير،

سي بدلائيندا تقدير، پوچيندي سلام سان. (2010/09/24 )

روز اچان پيو در تي، دعائون کڻي سلام،

تنهنجي پياسين سام، خالي مون نه ورائجو. (2010/09/23)

چوندي سلام صبح جو، سوچيان پيو سائين،

تون ئي ته آهين، فقط سهارو منهنجو. (2010/09/23)

راحت مليم روح کي، چيم جيئن سلام،

سائين! تنهنجو نام، لکيل آهي دل تي. (2010/09/20)

سلندو آيس صاحب سان، سانگين سندا سور،

پل پل اهي پور، ستائن هن سلام کي. (2010/10/24)

آهن لائق عزت جي، پکا ۽ پنهوار،

جي هجن سر هزار، گهوريان صبح سلام سان. (2010/10/23)

صبح سج سلام کي، تنهنجي وائي وات،

جيئن ئي گذري رات. پهچن در ديدار لاءِ. (2010/10/22)

جيسين ساهه سرير سان، تيسين توهان جا،

اوهان راڻا ۽ راجا، صاحب! هن سلام جا. (2010/10/21)

والي وسائج، سکن سندا مينهن،

درد نه پسن جيئن، سانگي هن سلام سان. (2010/10/20)

محبت جنهن کي مارن سان، ان جو آئون غلام،

هي صبح جو سلام، آهي نالي انهيءَ جي. (2010/10/19)

جي ملي سک سانگين کي، تان گهوريان هيءَ جهان،

هي زمين آسمان، سنواريان سلامن سان. (2010/10/18)

ماري سگهندين موت کي، جي مارن لهين سار،

تنهنجا غم هزار، سلام کڻندا اکين تي. (2010/10/17)

پنهوارن جي پيچ سواءِ، ناهي سچو نيهن،

محبت سندو مينهن، وسڻو ناهه سلام بنان. (2010/10/16)

سانگين سندي سور مان، سرجي پيم سلام،

سي تنهنجي در آندام، دردن سندي دارونءِ لاءِ. (2010/10/15)

جت محبت ماڻهپو، ات پهچن پيا سلام،

تن لاءِ دعائون جام، جي عاشق آهن مارن جا. (2010/10/14)

ويهي جيئن نه ورچان، آئون هلان صبح شام،

صبح جا سلام، پهچايان پنهوارن کي. (2010/10/13)

ساريان پيو صبح کان، چوندي سَوَ سلام،

صاحب! تنهنجي ساهه، اسان آهيون سالن کان. (2010/10/12)

مولا رک محفوظ، سورن کان سانگين کي،

تون واحد آهين ودود، سک رک سلام سان. (2010/10/11)

منجهڻي ۽ منجهائڻي، ماڻهن جي نفسيات،

پر ناهي ذات ۽ پات، صبح سندي سلام جي، (2010/10/10)

صاحب! بڻج سوجهرو، رهي نه اوندهه جيئن،

خوشين سندا مينهن، وسن هن سلام سان. (2010/10/09)

راحت مليم روح کي، چيم جيئن سلام،

مارن سندو نام، لکيل منهنجي دل تي. (2010/10/08)

روئندي ملي نه راچنو، پندي ملي نه پيار،

کڻجان پنهنجو بار، سکي هن سلام کان. (2010/10/07)

سانگين سور پرائيا، سور سندن سنسار،

انهن جو آزار، لاهيندين سلام سان. (2010/10/06)

درد وندن جي درد جو، دل منجهه درد سماءِ،

تون منزل اها پاءِ، جا ملي سَوَ سلام سان. (2010/10/05)

صبح ايندو سانگين لاءِ، سوين سک کڻي،

سلامن کي وئي وڻي، خدمت محبت تو سندي. (2010/10/04)

سهارا سانگين جا، مان توتي لکان گيت،

سلامن سنگيت، سوچيا آهن سچ مان. (2010/10/03)

ناهي دل اندر جي، مارن سان محبت،

سلامن کي نفرت، آهي ان وجود سان. (2010/10/02)

مارون منهنجا آسري، اوهان جي آهين،

سارين ۽ نهارين، سلام سان سائين کي. (2010/10/01)

قرض آهن قوم جا، ماڻهو باشعور،

سلامن اهو سور، صبح سليو سانگين سان. (2010/10/28)

گهوريان جان جوانن تان، جي سانگين لهن سار،

انهن کي هر وار، چوان سلام صبح جا. (2010/10/15)

پنهنجي ئي سورن جو، آهيان مان سامان،

تون ئي آن درمان، توکي سلام صبح جو. (2010/10/15)

عيبن بدران عرض تي، رکجان روز نظر،

دل جا جهنگ ۽ جهر، روشن رکي سلام سان. (2010/09/16)

مون کي، من کي، روح کي، تنهنجي تانگهه گهڻي،

سائين تون به کڻي، پرچي پئج سلام سان. (2010/11/06)

آئون اوهان لاءِ اوپرو، پر اوهان من اندر،

هجي هاوس اگر، اچان هان سلام سان. (2010/11/05)

غرض فقط تنهنجي، احترام سان آهي،

صبح يا شام سان نه، سلام سان  آهي. (2010/11/04)

جاءِ جنين جي جيءَ اندر، تن لاءِ آهه سلام،

انهن سندو نام، آ ورد وظيفو دل جو. (2010/11/04)

رشتو جنهن سان روح جو، اصل کان آهي،

جي قوم اها چاهي، ته ملي مان سلام کي. (2010/11/03)

اسين قوم عظيم جا، ماڻهو منتشر،

ناهي بيخبر، سلام صورتحال کان. (2010/11/02)

پسي ايندا پنهنجن کي، صبح جا هي سلام،

جلي مرندا جا، دشمن سارا ديس جا. (2010/10/31)

تنهنجي مون تاريخ، لکي سلامن سان،

سمجهين ائين متان، بيگر لاهيندو وتان. (2010/10/01)

تون صاحب آهين سچيءَ سان، اسين خادم خدمتگار،

تنهنجي تند تنوار، سدا آهه سلام کي. (2010/10/30)

صاحب! منهنجي صاحبي، آهي عجز نياز،

سلامن ان جو ساز، در پهچايو دوست جي. (2010/10/29)

پاليا آهن پنهنجن لاءِ، نفرت جا جن نانگ،

برهه سندي بانگ، سڻندا پوءِ به سلام کان. (2010/10/28)

مون کي مليو مارن کان، تشخص سندو تاج،

مون لاءِ معراج، جو چوان سلام تن کي. (2010/10/27)

ان پر انسان جو، قياس نه رکي قوم جو،

اصل آهي شان، صدقي سانگين جي سلام سان. (2010/10/25)

محبت مروت ماڻهپو، مون کي مارن سيکاريو،

اهو امرت پيارو، صاحب! مون سلام کي. (2010/10/24)

جي ناهي محبت مارن سان، ته ان پر آئون انسان،

اڻپورو ايمان، ناهه پسند هن سلام کي. (2010/10/23)

سب دعاگو آهيون، خوش رهو سائين سدائين،

صبح کان شام تائين، سلام کان صدين تائين. (2010/10/03)

سوچيو صورتحال تي، اسان جي اين جي اوز،

متان روز بروز، مارون منهنجن مامري. (2010/09/22)

ويندا گذري غم، ورندو سکن واءُ،

لهندو اهنج ايذاءُ، صبح جي سلام سان. (2010/09/20)

راحت مليم روح کي. چيم جيئن سلام،

سائين! تنهنجو نام، لکيل منهنجي دل تي. (2010/09/19)

صاحب گهرجي قوم کي. تنهنجو سهارو،

اسان جو اشارو، سمجهه هن سلام سان. (2010/09/21)

آهيون اوهان آسري، سانگي سلام ۽ مان،

تنهنجي ئي در تان، ملندو خير خدمت جو. (2010/09/17)

جنهن کي جذبو قوم جو، سوئي آهه جوان،

خدمت سان هو خان، ماڻي سلام مارن جا. (2010/09/16)

وري لکندا وير، هن قوم سندي تقدير،

مارون منهنجا مير، پسندا سک سلام سان. (2010/09/16)

اوهان سارا سون، مون سان عيب اپار،

کڻجو منهنجا بار، صدقي هن سلام جي. (2010/09/15)

عيبن بدران عرض تي، رکجان روز نظر،

دل جا جهنگ ۽ جهر، روشن رکي سلام سان.(2010/09/15)

سهارو هن سانگين جو، صاحب تون آهين،

تون جي چاهين، لهن سور سلام سان. (2010/09/14)

پنهنجي ئي سورن جو، آهيان آئو سامان،

تون ئي آن درمان، توکي سلام صبح جو. (2010/09/13)

صبح جي سلام سان، هي شامل دعائون،

دعاگو آئون، آهيان اوهان جو اصل کان. (2010/09/13)

توکي پيو تانگهه، درونديءَ جو ديس،

سورن سندو ويس، سلام پاتو سانگين لاءِ. (2010/09/12)

آهي پيش اوهان کي، صبح سندو هي سلام،

سک چين ۽ آرام، مولا کان توکي ملي. (2010/09/12)

محبت مارن جا، سي خدمت سمجهن فرض،

جن دلين منجهه مرض، سي پري هن سلام کان. (2010/09/11 )

جي آهن خادم قوم جا، تن لاءِ سو سلام،

عقيدت جا انعام، ملندا کين محبت سان. (2010/09/11)

دکن ۽ دردن جي، جا دکي پئي دونهين.

سلام چئي سونهين، اها آهه آئيندي جي، (2010/09/08)

سائين صبح سان، جيئن ورتم تنهنجو نام،

ملي ويو آرام، اندر جي انسان کي. (2010/09/03)

منهنجو سلام ان لاءِ، جو سائين آهه سپوت،

سمجهي جو لاهوت، پکن ۽ پنهوارن کي. (2010/09/03)

جي سانگي هئا سکي، تن کي مليا سور،

پليل اهي پور، مليا مونکي ۽ سلام کي. (2010/08/31)

هِتِ دهشت دم درياهه جي، هُتي شهرن منجهه مروان،

اهي سورن جا سامان، سلام مليا سانگين کي. (2010/08/23)

سلام چون سلابين جي، اچي لهو سار،

زنده قوم جا پار، آهن خوب اسان اندر. (2010/08/21)

مولا محتاجيءَ کان، مارون رب بچاءِ،

دعا اهي پهچاءِ، سلام! سائين در تي. (2010/08/20)

مليو نه منهنجي مارن کي، آچر تي به آرام،

روئي پيو سلام، سندن سختين کي پسي. (2010/08/20)

جي محبت ۽ خلوص جا، آهن سائين سفير،

اهي ماڻهو مير، قبولن سلام کي. (2010/08/20)

درمحمد درياهه سان، رهه نه تون ناراض،

سلام سمجهن راز، مارن جي مصيبت جو. (2010/08/19)

هن جي پاڻي کان گهڻو، اکين سندو آب،

سلام چون ثواب، ملڻو ناهه درياهه کي. (2010/08/18)

رهيو ايرن غيرن سان، جنهن پاڻيءَ تي پاڻي،

سو سچو نه ساڻي، سانگين ۽ سلام سان. (2010/08/17)

درياهه تنهنجي دهشت، جو بڻيا مارون نشانو،

سلامن اهو افسانو، لکيو پنهنجي رت سان. (2010/08/16)

قهر نه بڻج قوم لاءِ، تون دادلا درياهه،

ناهه پنهوارن پرواهه، سلام سڻي اهو آئيا. (2010/08/15)

سلام سڻائجو سائين کي. اسان جا ارمان،

اسان اوکا امتحان، سيني لاتا صدين کان. (2010/08/12)

پسي سور سانگين جا، روئي پيو رمضان،

انهن جو ارمان، سلام سليندا سائين سان. (2010/08/11)

تنهنجي رحم بنان رانول، ناهي ناهي راهه،

شل سڻين شهنشاهه، سندم ۽ سلام جي. (2010/08/11)

تون دعا تون دوست، تون سائين سگهارو،

تون آهين سهارو، سندم ۽ سلام جو. (2010/08/11)

هيڻي هن حال جي، توکي آهه خبر،

رحم سندي نظر، طلبيان هن سلام سان. (2010/08/09)

سانگين سور وندن جو، آهي خالق نگهبان،

مون مارون پريشان، سلام چئج سائين کي. (2010/08/08)

اول خير خدا کان، گهران مارن لاءِ،

جيءُ اچي جيئن جاءِ، چوان سلام صبح جو. (2010/08/08)

چيو صبح  سلامن کي، دهشتوند درياهه،

سندم جهلي جنهن راهه، تن کي تباهي ملي. (2010/08/06)

درد وندن جي ديس کي، گهرجي امن امان،

شاهي ان جو شان، سلام طلبن صبح سان. (2010/08/03)

شهرن اندر باهه، هِتي چؤطرف پاڻي،

سلام چئي ساڻي، سائين آهي ديس جو. (2010/08/03)

درد وندن جي ديس کي، رکج منجهه پناهه،

دلين سندي دانهن، سلام پهچاءِ سيگهه سان. (2010/08/03)

ماڻهن سندي مهر سان، جي مليا نفرت جهول،

سي تحفا رنگ رتول، سلامن رکيا اکين تي. (2010/08/02)

هجي تاءُ غيرن لاءِ، پر پنهنجن سان پرچاءُ،

دعا گهري تون آءُ، سلام! سائين در تان. (2010/07/27)

خلوص ويو خلق مان، ماڻهن مان محبت،

انهن جذبن جي اهميت، سيکاريم سلام کي. (2010/07/27)

نفرت گهرجي ناحق گهرجي، طلبن خاض ۽ عام،

صبح جان تون سلام، سمجهي اچجان سائين کان. (2010/07/25)

صدقي سائين تان، جنهن کي دروندن جو دک،

سلامن پنهنجو سک، گهوريو انهيءَ وير تان. (2010/07/17)

جي سمجهن رشتا روح جا، انهن لاءِ سلام،

جي باقي آهن خام، ناهن سلام تن کي. (2010/07/17)

محبت، نياز ۽ ماڻهپو، سکندا اچو سلام،

اهي اوصاف عوام، وساريا ورهين کان. (2010/07/16)

رئندو پسي راضي رهن، ته کلان نه  آئون مور،

سيني اندر سور، سلام سڻائجو سائين کي. (2010/07/12)

سائين! سلامن مان، سکيو مون به گهڻو،

کلندي جي نه وڻو، ته روئي رنگ رچائجو. (2010/07/11)

سلجو نه منهنجي سائين سان، اوهان سور سلام،

چئجو صبح ۽ شام، تو لاءِ دعائون پيو گهري. (2010/11/02)

آهن لائق عزت جي، پکا ۽ پنهوار،

جي هجن سرهزار، ته گهوريان صبح سلام تان. (2010/10/25)

نيڻن سکيو ناهه، ته در در واجهائين،

سلامن جيان آهين، عاشق تنهنجي در جا. (2010/11/28)

جنهن کي محبت ماريو، تنهن ماريو پنهنجو موت،

هن کي ساري هوت، چوندو سَوَ سلام پيو. (2010/11/27)

پرچائيندي پرين کي، سوين گذريا سال،

هيڻان منهنجا حال، سلام! سڻايو صاحب کي. (2010/11/14)

رشتا منهنجي روح جا، نکاريندو نيهن،

محبت سندو مينهن، وسندو سر سلام جي. (2010/11/11)

مولا ماڻهپي جا وري وسائج مينهن،

من وري نسرن مينهن، ۽ سلامن ماڻن سکن کي. (2010/11/10)

محبت سندي من کي، صاحب! ستي پياريم،

پوءِ جو نهاريم، ته صبح تون ته سلام به تون. (2010/11/09)

صاحب! هن سنسار جي، صورت مورت تون،

مطلب اهو مون، ته آهين سونهن سلام جي. (2010/11/07)

مولا مينهن وساءِ، محبت سندا مارن تي،

نفرت کان تون بچاءِ، صاحب! صبح سلام کي. (2010/11/09)

تون رسندي مون رئندي، صاحب! گذريا سال،

هيڻان منهنجا حال، سڻجان هن سلام کان. (2010/11/07)

تو رد واجهائيندي، صاحب! گذريا سال،

هيڻان منهنجا حال، سڻج صبح سلام کان. (2010/12/19)

سائين! سمجهو پيا، ته تو بن خوش رهبو،

هر روز پيو چئبو، دک درد گهڻو سهبو. ( 2010/12/17)

صبح سج سلام سان، آهيون چارئي يار،

هر روز اچون هر بار، دوستن در ديدار لاءِ. (2010/12/18)

رهندي ياد حسين جي، جيسين آهه جهان،

شاهي سندن شان، سڻجو هن سلام کان. (2010/12/17)

عقيدت امامن جي، پيا سمجهائن سلام،

صبح هجي شام، هجي حب حسين جي. (2010/12/16)

نيڻن نير وهائيو، جيئن آيو محرم ماه،

شهيدن جو شاه، ارفع هن سلام کان. (2010/12/15)

رهندي تنهنجي روز، مون کي محتاجي.

منهنجي آ آزي شال سدا راضي رهو.(2010/12/14)

سج، صبح ۽ مون سندو، هي روزانو معمول،

۽ پنهنجو اهو اصول، تو در سلام لاءِ اچون. (2010/12/14)

سبق کڻي سرت جو، آيو محرم ماهه،

سلام سسي ۽ ساهه، گهوريندا سچ تان. (2010/12/13)

هردم دوست دعا، مان گهران تنهنجي لاءِ،

جنهن به هجين جاءِ، سدائين سکيو هجين. (2010/12/12)

محبت آهي ماڻهپو، نفرت دل جو داغ،

سلام اهو بي لاگ، چوندا در دوست جي. (2010/12/12)

آيو هن زبان تي، جئين ئي تنهنجو نام،

نسري پيو سلام، صبح سندي سج جيان. (2010/12/10)

مئو آهيان مان، تون آهين حياتي،

نئون توسان لائي، محبت ۽ احترام جي. (2010/12/10)

گستاخي انسان سان، مها پاپ خطا،

اها سوچ سدا، آهي صبح سلام کي. (2010/12/09)

صاحب منهنجي سيني اندر، سورن جو سنسار،

لهندو اهو آزار، سمجهن پر سلام جي. (2010/12/08)

محب امن اتحاد جي، صبح جو سئن هڻان،

آئون وڻان يا نه وڻان، وڻنين شال سلام هي. (2010/12/07)

ملي معمول ماڻهوءَ جو، ملهه مهانگو مال،

جيئنن لاءِ جنجال، سلن سور سلام پيا. (2010/12/06)

سنگ به بڻجي پارس پئي، جي اچي سندي قريب،

منهنجو هي نصيب، جو تولاءِ صبح سلام لکان. (2010/12/06)

واجهائين ويرن کي، پر تون ئي وير طبيب،

جو آيو سندي قريب، سون بڻيو سلام جيان. (2010/12/05)

سکيو رهين سائين سدا، شال نه پسين ڏک،

ماڻين سارا سک، ساري هن جهان جا. (2010/12/04)

مونين وجهي منهن، پيو سوچي وير طبيب،

ته آهي رمز عجيب، بڻيو درد دوا سلام لاءِ! (2010/12/03)

موت نه ماري سگهيو، ماريو محبت مام،

وسريا صبح ۽ شام، نسريا سور سلام مان. (2010/12/02)

فقط تنهنجي ياد ۽، فقط تنهنجي تانگهه،

جي آئي صبح بانگ، پر رهبو تولاءِ منتظر. (2010/12/01)

چارئي طرف چتائيم، آهين تون ئي تون،

پوءِ سوچي چيو سون، صاحب! سلام صبح جو. (2010/12/01)

نئين سج نئون سلام، ۽ نوان حال احوال،

صاحب! صديون سال، رهندو رشتو روح جو. (2010/12/01)

آهيان ويري اونده جو، صاحب! صدين کان،

ائين پيو چاهيان، ملي سهائي سلام سان. (2010/11/30)

سمجهي سوال اسان جو، سائين رهي چپ چاپ،

مون رئندي گذري رات، ترس نه آيس ترجو. (2010/11/28)

سائين! ساري رات، مون ويهي گذاري،

ورندي تو واري، ملي نه مون مرحوم کي. (2010/11/28)

اونداهيءِ جو آسرو، رکن اکيون جي،

اسان انهن کي، رکيو پري سلام کان. (2010/11/28)

تو در آيس مان، کڻي آس گهڻي،

هاڻي دوست کڻي، اگهاءِ عرض اسان جو. (2010/11/27)

اها حسرت آهه، ته ماري نه تيسين موت،

ماڻيان پنهنجو هوت، پوءِ رهان يا نه رهان. (2010/11/26)

تو تان گهوري گهوريان، جي هجن سر هزار،

لهجو منهنجي سار، تون کي آهين آسرو. (2010/11/25)

تنهنجو ناهه مثال، شهر گهميا مون جام،

هڻندو رهندس هام، ته تون ئي سندر آهين. (2010/11/24)

ماريندي مظلوم کي، تنهنجي چپ چپات،

رئندي گذري رات، اجهو صبح به آئيو. (2010/11/18)

وسندا شهر ويران بڻيا، ايندي آفت پاڻيءَ جي،

اچي بار پيا توتي، وير ملهاءِ سلام تون.(2010/09/19)

تون سهڻي تخليق ان جي، سهڻو جنهنجو نام،

صبح سندو هي سلام، ارييان آئون خلوص مان. (2010/09/19)

سواءِ تصور تنهنجي، نيڻن منجهه نه غير،

من اندر جو مير، سائين! سلام نه سکيا. (2010/08/27)

ساريندي سائين کي، آئي عمر جي شام،

تون ساري چئج سلام، اسان تنهنجي آسري. (2010/08/03)

مان رئان هو ريجهن، ناهي سودو مهانگو،

ان کان سهانگو، جي طلبن سر سلام سان. (2010/07/14)

اگهائيندو اسان جا، سائين سارا سوال،

جي اندر جا احوال، سلامن ات سڻائيا. (2010/07/10)

سواءِ در دوست جي، باقي در حرام،

صبح سندو هي سلام، پابند ان اصول تي. (2010/06/24)

آئون نه جيئندي انهن ري، محبت جنين من،

وهسن خوب وسن، تن لاءِ سلام صبح جا. (2010/06/24)

سندم سلام مون جيان، محبت منجهه مطيح،

جنهن به چيو “جيءُ”، اسان قربان انهيءَ تان. (2010/06/23)

جنهن کي چون ماڻهپو، سو محبت جو معراج،

اسان اهو رواج، سيکاريو سلام کي. (2010/06/20)

سمجهو جيئن سمجهن، سمجهن تيئن سلام،

معلوم تن کي مام، اسان جي عقيدت جي. (2010/06/18)

دعائون سندم دل جون، تولاءِ کڻي تمام،

صبح جو هي سلام، آئيو تنهنجي در تي. (2010/08/17)

صدين کان سائين!، توسان آهي انگ،

سلام ان جو انگ، رشتو رهڻو آهه جو. (2010/06/15)

ناهي عجز نياز سواءِ، سائين سان رشتو،

اجهو اچي پهتو، تو در سلام صبح جو. (2010/06/13)

قاصد بڻجي قرب سان، ايندي سَوَ سلام،

اسان سندي احترام، سکيا آهن صدين کان. (2010/06/11)

سکي سدائين رهين، هجئي راضي رام،

صبح جو هي سلام، توکي چيم دل سان. (2010/06/11)

ناهي نماز نيهن بنان، ائين چيم سلامن،

جي سندي در اچن، سي سياڻا سنسار کان. (2010/06/10)

نيتيم صبح نماز، ته سلامن نيتيو نيهن،

نيڻن منجهان نيهن، وسائيندا تو در آئيا. (2010/06/09)

جي سلام ۽ سائين جو، اسان تي احسان،

دل تي مليو دان، انهن کان اسان کي. (2010/06/08)

جو نير سندم دل جو، ماڻهن ليکي مينهن،

جن به سمجهيو نيهن، تن سهارو سلام جو. (2010/06/06)

ناهي اهو زبان تي، جو سيني اندر سور،

پر پل پل اهو پور، صبح اچي ته سلام چوان. (2010/11/30)

خير خواهي خلق جي، ۽ نيهن جن خاطر پيار،

اهوئي سنسار، سلام چاهن صبح سان. (2010/12/20)

زنده تان زندان اندر، مئي ماڻهن وات،

سورن جي سوغات، سلام! ملي سياڻن کي. (2011/01/24)

ملندو تنهنجي در تان، ناهيان مان مايوس،

سلام، دعا ۽ خلوص، پهچايان روز پيو. (2011/01/23)

“عنايت” سلام کي، هي سبق سيکاريو،

مري به جياريو، حق ۽ سچ ۽ شان کي. (شاه عنايت جو ڏينهن) 2011/01/22)

صاحب! سلام صبح جو، آهي خوشنصيب،

پهريون پسي حبيب، آتين هنن اکين کان. (2011/01/21)

امرت آهه اسان لاءِ، لطيفي پيغام،

اهو سينهو سلام، پهچائج پنهوارن کي.(لطيف جي عرس جي موقعي لاءِ) 2011/01/20)

آهين ساهه سلام جو، منهنجو پر تون روح،

سنجهه هجي يا صبح، تنهنجي ياد رهي سدا. (2011/01/19)

آئون سواءِ عجز جي، آهيان اڻپورو،

پر پورو سمورو، آهيان سلام! انهن جو. (2011/01/18)

روح اسان جي روئي روئي، جر وهايا جال،

سلامن کي نه مجال، ته سلن سور اسان جو. (2011/01/17)

صاحب! منهنجي سپنن جا، آهن سَوَ سوال،

سلام اهي احوال، اوريندو اوهان سان.(2011/01/16)

سيکاريم سلام کي، اوهان لاءِ آداب،

سمجهي برهه جا باب، آيو در اوهان جي. (2011/01/15)

سلامن ساجهر صبح سان، ويهي ويچاريو،

جي نرمل نهاريو، ته پيرين پئبس پيار سان. (2011/01/14)

چون چاهت جا، سا جيءَ اندر جهوري،

جان اسان گهوري، چاهتوند سلام تان. (2011/01/13)

جو دم چئان آئون، هجي تنهنجي سار،

توکي مان هر وار، دعائون ۽ سلام چوان. (2011/01/12)

دک کان بهتر ناهه، سک جي سندرتا،

پر اهي اتم ناتا، جي ملن صدقي سلام جي. (2011/01/11)

ظاهر سردي سيءُ، پر اندر منجهه اول،

ناهن سور اهي سولا، سائين سڻج سلام کان. (2011/01/10)

مارن سندي محبت جي، پرور رکج پت،

آهي اهائي اپت، سلام سندم صبح جا. (2011/01/09)

عجب تن جون عادتون، ساعت جن لاءِ سال،

نفرت ناهه حلال، هنن سندي سلام سان. (2011/01/08)

عجب تن جو عادتون، ساعت جن لاءِ سال،

محبت سندن مال، باقي خير سلام سواءِ. (2011/01/07)

آهيان مان انهن مان، ساعت جن لاءِ سال،

مان دردن جو رکپال، فقط سهارو سلام جو. (2011/01/06)

لنگهي آيو تنهنجي در، صاحب! نئون سال،

اوريندي احوال، سانگين ۽ سلام جو. (2011/01/01)

جا وڻي صاحب تون وئي، جنهن دل اندر جاءِ،

اها سلامن لاءِ، هردم آهنگلاج جيان. (2011/01/05)

هلي نه منهنجي هوت سان، زاريءَ بنان زور،

آهي ماڻهو مور، رکبو سر سلام سان. (2011/01/04)

هاڻي به هر دور جيان، ماڻهو هت مجبور،

صدين سندو اهو سور، سائين سڻج سلام کان. (2011/01/03)

رانول رسي پيو، غلطيون پسي گناهه،

“تو بن ناهي واهه”، سلام چئج سائين کي. (2011/01/02)

ماري وجهبو موت کي، ناهي من جو مونجهارو،

مان ناهيان ويچارو، سلام چئج سنگت کي. (2010/12/27)

لکندو اچان تولاءِ، سالن کان هي سلام،

الفت جا انعام، ملندم تنهنجي در تان. (2010/12/26)

سائين! ساري رات، تنهنجي رهندي ياد،

منهنجي جي فرياد، سڻين ته سک ماڻيان. (2010/12/26)

سائين سلامن جي، تنهنجي نيڻن منجهه نگاهه،

جن ورتي اها راهه، سي پهتا تنهنجي دل تي. (2010/12/24)

خوبيون ۽ خاميون، آهن انساني اوصاف،

پر سلامن اشراف، لکيا پنهنجي دل تي. (2010/12/24)

جن نيڻن ناهه پسيو، هن دل جي دنيا کي،

تن کان رب رکي، نظر نه اچن سلام کي. (2010/12/23)

تنهنجي تان طلب، منهنجو مال متاع،

رکجنا پيو سماءُ، منهنجو ۽ سلام جو. (2010/12/22)

صاحب! گهڻون سک جو، کائي ويو سرير،

دوست! بڻيس دلگير، لهج سار سلام سان. (2010/12/21)

گذري ورهيه ويا، ويو نه تنهنجو تاءُ،

اهو نيڻن جو لقاءُ، آهي هر سلام سان. (2010/12/20)

علم نه بڻائي ظالم کي، آدم مان انسان،

آهه اهو ارمان، صدين کان سلام کي. (2011/02/25)

هلج ائين هوت سان، اچي نه جيئن حرف،

جنهن جو جيئن ظرف، هلندو تيئن سلام پيو. (2011/02/24)

چاهيان چنگ چوريان، پر ملندو جو آ نصيب،

سلام! جو نه سمجهه رقيب، ته آهي زور الله کان. (2011/02/23)

جو سمجهين نيهن نئون، سو ازل جو اقرار،

انهيءَ جو اظهار، آهن سلام صبح جا. (2011/02/22)

دنيا تنهنجي نفرت جو، ناهي من تي بار،

برهه باغ بهار، رکيو مون ۽ سلام کي. (2011/02/21)

سواءِ در دوست جي، باقي رکيم بند،

سلامن کي به پسند، آهي در اوهان جو. (2011/02/20)

رهجي پوندين روح اندر، لکيو لکيئي ايئن،

توکي وڻي جيئن، سو سمجهايان سلام کي. (2011/02/19)

صاحب! منهنجي سرت جو، تون ئي روح روان،

سائي لات لنوان، جا سيکاريو سلام کي. (2011/02/18)

سائين! صورت سهڻي کان، سادي صورت زور،

پر تون ئي فقط مور، آدرش هن سلام جو. (2011/02/17)

سائين! منهنجي علم کان، بره جا باب نوان،

بخشيو نه سرت واهان، مون کي ۽ سلام کي. (2011/02/16)

بارش، بادل نيڻن جي، مد مقابل آهه،

وسي نه بره جي باهه، انهيءَ آب سلام کان. (2011/02/15)

خالق خلقئي خوب تر، صاحب سڻجڻهار،

تنهن لاءِ هي ديدار، طلبن سلام صبح سان. (2011/02/14)

سچ ئي صورت سونهن جي، حق ئي آهه سچ،

پهچ سلام پهچ، سونهن سندو سنسار جتي. (2011/02/13)

قبولين قلب سان، سلامن سندي صلاح،

ورتيسن سا راهه، جا در پهچائي دوست جي. (2011/02/12)

نياپي بدران نيهن جون، کڻي سوغاتيون،

لنوندا لنئون لاتيون، سلام وريا سيگهه سان. (2011/02/11)

ناهي حرف سلام تي، منهنجو آهه نصيب،

دل تي رکيئون رقيب، اسان دربان سدا در جا. (2011/02/10)

ساريوسين صاحب کي، راتين جون راتيون،

پر جهاتين تي جهاتيون، پاتيون سلام صبح جي. (2011/02/09)

اوهان بخشي اسان کي، يادن جي ميراث،

ناهي آس نراس، منهنجي ۽ سلام جي. (2011/02/08)

عجب انوکيون عادتون، اکين جون آهين،

تنهن طرف واجهائين، پهچن جت سلام پيا. (2011/02/07)

ماڻهو محبت منهن سان، چون اچارين،

جي جيءَ کي جيارين، صدقي سلام تن تان. (2011/02/06)

جيئن ماري جيارين، جياري پيو مارين،

پرساعت جي سارين، ته ملي سونهن سلام کي. (2011/02/05)

مرڻو ناهي ماڻهپو، جو ماري خود مري،

پاپيءَ کان مان پري، رکندس هن سلام کي. (2011/02/04)

متان مري پئي ماڻهپو، من کي مونجهه اها،

پائي روز ليئا، سلام سيني جي اندر. (2011/02/03)

ماڻهو کائي ماڻهو جو، مانگر وانگر ماس،

سلام آهه اداس، صاحب! صورتحال تي. (2011/02/02)

قهر دشمن لاءِ، آهي عجز نياز،

صبر وري شهباز، سيکاري سلام اهو. (2011/02/01)

ماڻهو مري جن لاءِ، سي ئي پيا مارين،

جي جيءَ کي جيارين، سلام ساريو تن کي. (2011/01/29)

انگل ونگل دل جا، مون سان سو هزار،

جي صاحب لهو سار، ته ملن سک سلام سان. (2011/01/28)

 رهندو آيس روح سان، اصل کان اشبائي،

جا لنئون اتي لائي، سا سڻاک سلام پيو. (2011/01/26)

سهيون سختيون صبر سان، علي جي اولاد،

“حسينيت زنده آباد”، سلام سڻي صدين کان. (عاشوري ڏينهن)     2011/01/25)

زنده تان زندان اندر، پر مئي ماڻهن وات،

سورن جي سوغات، سلام! ملي سياڻن کي. (2011/01/24)

صاحب! سلام صبح جو، آهي خوش نصيب،

پهريون پسي حبيب، آتين هنن اکين کان. (2011/01/23)

امرت آهه اسان لاءِ، لطيفي پيغام،

اهو سينهو سلام، پهچائيندو پنهوارن کي. (لطيف جي عرس تي) 2011/01/20)

آهون جي انسان جون، سي آڻين زلزلا،

گهرجن حوصلا، سلام چئج صاحب کي. (2011/01/19)

آهين ساهه سلام جو، منهنجو پر تون روح،

سنجهه هجي يا صبوح، تنهنجي ياد رهي سدا. (2011/01/18)

صاحب! منهنجي سپنن جا، آهن سو سوال.،

سلام اهي احوال، اوريندو اوهان سان. (2011/01/17)

جت پکي نه هڻي پر، پهچن ات سلام،

مليم اهو انعام، اوهان جي احترام جو. (2011/01/16)

صاحب! سندي سلام کان، رهي سگهيم نه روح،

آيو جيئن صبوح، آيس در دعا کڻي. (2011/01/15)

سيکاريم سلام کي، اوهان لاءِ آداب،

سمجهي برهه جا باب، آيو در اوهان جي. (2011/01/14)

سلامن ساجهر صبح سان، ويندي ويچاريو،

جي نرمال نهاريو، ته پئجي رهبس پيرن تي. (2011/01/13)

چون چاهت جا، سا جيءَ اندر جهوري،

جان اسان گهوري، چاهتون سلام تان. (2011/01/11)

رانول پسجي روح سان، اهو نيڻن ناهه فهم،

متان هجئي وهم، سلام رکجان خيال تون. (2011/01/10)

دک دکان بهتر ناهه، سک جي سندرتا،

پر اهي اتم ناتا، جي صدقي ملن سلام جي. (2011/01/09)

ظاهر سردي سيءُ، پر اندر منجهه اولا،

ناهن سور اهي سولا، سائين سڻج سلام کان. (2011/01/08)

مارن سندي محبت جي، تون پرور رکج پت،

آهي اهائي اپت، سلام سندم صبح جو. (2011/01/06)

عجب تن جون عادتون، ساعت جن لاءِ سال.

نفرت ناهه حلال، هنن سندي سلام لاءِ. (2011/01/05)

لنگهي آيو تنهنجي در، صاحب! نئون سال،

اوريندي احوال، سانگين ۽ سلام جو. (2011/01/01)

جا وڻي صاحب تو وئي، جنهن دل اندر جاءِ،

اها سلامن لاءِ، هردم آ هنگلاج جيان. (2010/12/31)

هلي نه منهنجي هوت سان، زاريءَ بنان زور،

هو آهي ماڻهو مور، رکبس سر سلام سان. (2010/12/30)

ماري  وجهبو موت کي، ناهي من کي مونجهارو،

مان ناهيان ويچارو، سلام چئج سنگت تي. (2010/12/29)

لکندو اچان تولاءِ، سالن کان هي سلام،

الفت جا انعام، ملندم تنهنجي در تان. (2010/12/26)

سائين! سلامن جي، تنهنجي نيڻن منجهه نگاهه،

جن ورتي اها راهه، سي پهتا تنهنجي دل تي. (2010/12/25)

خوبيون ۽ خاميون، آهن انساني اوصاف،

پر سلامن اشراف، لکيا پنهنجي دل تي. (2010/12/24)

جن نيڻن ناهه پسيو، هن دل جي دنيا کي،

تن کان رب رکي، نظر نه اچن سلام کي. (2010/12/23)

تنهنجي تات طالب، منهنجو مال متاع،

رکجان پيو سماءُ، منهنجو ۽ سلام جو. (2010/12/22)

صاحب! گهڻون سک جو، کائي ويو سرير،

دوست! بڻيس دلگير، لهج سار سلام سان. (2010/12/21)

گذري ورهيه ويا، ويو نه تنهنجو تاءُ،

اهو نيڻن جو لقاءُ، آهي هر سلام سان. (2010/12/20)

مينهن ۽ نه نيهن جي، نه مند نه موسم،

بڻائي برهه هجوم، مليا اچي سلام سان. (2011/02/13)

منهنجي هن ساڻيهه جو، جن کي آ سوداءُ،

آءُ سلام تون آءُ، هلون ڌن جي در تي. (2011/03/14)

جنهن کي سور سرير سان، سو ماڻهو مڻيادار،

تنهن کي لک هزار، سلام دعائون صبح سان. (2011/03/13)

پنجي، ته فقط پرين کان، باقي وجهجن باهه،

آسرا اجايا لاهه، سلام سمجهو سائين کان. (2011/03/02)

اجري منهنجي دل، پر دامن داغدار،

عجب اهو اسرار، سلام سمجهي آءُ تون. (2011/03/01)

چاهت پرين کان، پئي دامن چورائي،

جهاتيون پئي پائي، ته سياڻو هيءُ سلام آ. (2011/03/28)

گهڻا ملندي گهڻ گهرا، ۽ گهڻا خير خواهه،

پر تنهنجي واهه ۽ واهه، سلام! در آ دوست جو. (2011/03/07)

رازق آ رحيم هو، باقي عبدالرزاق،

ناهي اها مذاق، صاحب سکيو سلام کان، (2011/03/06)

(عبدالرزاق سومري ذاتي انا کان مجبور ٿي ڪري زيبسٽ جي پرنسپالي ڇڏرائي، ان کان متاثر ٿي ڪري لکيم.)

پنهنجي پندي پندن کان، گذري عمر گهڻي،

سلام کي نه وڻي، جنهن آندو در اوهان جي. (2011/03/11)

تنهنجي دل تي دوست، شل اثر رکن الفاظ،

تو سان دل جا راز، سليندو سلام هي. (2011/03/04)

سائين! ساهه پساهه سان، ساري رکجن سور،

پل پل جا جيئن پور، بخشن سونهن سلام کي. (2011/03/03)

منهنجون اکيون وسن، جيئن بادل پيا برس،

سدا سي خوش رهن، جن لاءِ نير وهائيان. (2011/03/02)

پرچاءِ تي پرچي رب پئي، پر پرچي نه پيو انسان،

آهي اهو خانيءَ خان، سلام هل تون سرت سان. (2011/03/02)

سچ اهو ئي سچ، جو سائين سمجهي سچ،

پرچ کڻي يا سچ، سلام! اوڻي جا صاحب کي. (2011/03/01)

ماڻهو سواءِ ماڻهي، جيئن پکي سواءِ پر،

رکجو مون تي نظر، سلام چئج سائين کي. (2011/02/28)

بري خبر نه برهه جي، چاهي هار يا جيت،

سورن جا سنگيت، صاحب بڻج سلام کان. (2011/02/27)

جي آهن زور ضمير کان، سي ئي من ميرا،

تن يا ٻن جا پيرا، سمجهي هيءَ سلام پيو. (2011/02/26)

علم نه آندي اندر لاءِ، جا گهرجي روشني،

سلام! اچ پني، سرت صبح صاحب کان. (2011/03/02)

علم نه بڻائي ظالم کان، آدم مان انسان،

آهه اهو ارمان، سلامن کي صدين کان. (2011/02/25)

صاحب! ساعت جي، پري رهان تان پاپ،

آهي اهو ئي آلاپ، سلامن جي سور جي. (2011/02/02)

دائم دشمن علم جو، ۽ عالم لاءِ ڪتاب،

جاهل جو هي حساب، سلام هلي صدين کان. (2011/03/22)

بي عملن جي بازار اندر، روئي علم پيو،

چوندو ائين ويو، نسريا سور سلام سان. (2011/03/21)

دنيا داد فرياد جو، سبق نه سکيو مور،

ماڻهو هت مجبور، سلام! چئج سائين کي. (2011/03/20)

صاحب! جنهن ساڻي جا، جيئرا مئن وس،

لائيج تن کي گس، صدقي هن سلام جي. (2011/03/19)

سواءِ سرت سيرت جي، آهيان مان مورت،

سمجهي ضرورت، آيس در سلام سان. (2011/03/18)

ادب گهڻي اخلاق جو، آهي بره منجهه بچاءُ.

جي پسين هوند لقاءُ، ته ساري صبح سلام کي، (2011/03/17)

پاڻي ناهي پيچرو، نه ئي باهه بهار،

پوءِ به اکين دل اسرار، ته اسان هلون سلام سان. (2011/03/16)

جن سُتي ملي سرت جي، سي محبت منجهه مخمور،

ماڻهن صبح سرور، چوندي سلام صاحب کي. (2011/03/15)
 صاحب هجن سولا، تان سيني منجهه سرور،

هي اسان جو به غرور، سرهو رکي سلام کي. (2011/03/14)

صاحب! لائق سزا جي، اصلي آهيان مان،

نسبت جو توسان، آهي روح، سلام جي. (2011/03/13)

گهڻا ملندي گهڻ گهرا، ۽ گهڻا خير خواهه،

تنهنجي واهه ۽ راهه، سلام! در آ دوست جو. (2011/03/06)

صاحب! منهنجي سپنن جا، عجب آهن رنگ،

جي چورين اتي چنگ، سي سڻائي سلام پيو. (2011/03/04)

علم نه آندي اندر لاءِ، جا گهرجي روشني،

سا تون سلام اچ پني، صبح سرت صاحب کان. (2011/03/03)

ماڻهو سواءِ ماڻهپي، جيئن پکي سواءِ پر،

رکجو مون تي نظر، سلام پئج سائين کي. (2011/02/27)

بارش بادل نيڻن جي، مد مقابل آهه.

وسي نه برهه جي باهه، انهيءَ آب سلام سان. (2011/02/13)

خالق خلقيئي خوب تر، صاحب سرجڻهار،

تنهن لاءِ پيا ديدار، طلبن سلام صبح سان. (2011/02/12)

قبولين قلب سان، سلامن سندي صلاح،

ورتم اها راهه، جا در پهچائي دوست جي. (2011/02/11)

نياپي بدران نينهن جون، کڻي سوغاتون،

لوندو لنئون لاتيون، سلام وريا سيگهه سان. (2011/02/09)

ناهه حرف سلام تي، منهنجو آهه نصيب،

ول تي رکيئون رقيب، اسان دربان سندس در جا. (2011/02/08)

ساريوسين صاحب کي، راتين جون راتيون،

پر جهاتين تي جهاتيون، پاتيون سلام صبح جي. (2011/02/08)

اوهان بخشي اسان کي، يادن جي ميراث،

ناهي آس نراس، منهنجي ۽ سلام جي. (2011/02/06)

اهي انوکيون عادتون، اکين جون آهين،

تنهن طرف واجهائين، پهچن جت سلام پيا. (2011/02/05)

ماڻهون محبت منهن سان، چون اچارين،

جي جيءَ کي جيارين، صدقي سلام تن تان. (2011/02/04)

جي ماري جيارين، جياري پوءِ مارين،

پر ساعت جي سارين، ته ملي سونهن سلام کي. (2011/02/03)

مرڻو ناهي ماڻهپو، جو ماري خود مري،

پاپيءَ کان مان پري، رکندس هن سلام کي. (2011/02/01)

متان مري پئي ماڻهپو، من کي مونجهه اها،

پائي روز ليڪا، سلام سيني جي اندر. (2011/01/31)

ماڻهو کائي ماڻهپو جو، مانگر وانگر ماس،

سلام آهه اداس، صاحب صورتحال تي. (2011/02/01)

قهر دشمن لاءِ، آهي عجز نياز،

صبر وري شهباز، سيکاريم سلام اهو. (2011/01/30)

ماڻهون مري جن لاءِ، سي ئي پيا مارين،

جي جيءَ کي جيارين، سلام ساريو تن کي. (2011/01/29)

ملندو تنهنجي در تان، ناهيان مان مايوس،

سلام، دعا ۽ خلوص، پهچايان روز پيو. (2011/01/23)

عنايت سلام کي، هي سبق سيکاريو،

مري به جياريو، حق ۽ سچ ۽ شان کي. (2011/01/22)

صاحب! سلام صبح جو، آهي خوش نصيب،

پهريون پس حبيب، آئين منهنجي اکين کان. (2011/01/21)

آئون سواءِ عجز جي، آهيان اڻپورو،

پر پورو سمورو، آهيان سلام! انهن جو. (2011/01/17)

روح سان جي روئي روئي، صبر وهايا جال،

سلامن کي نه مجال، سلن سور اسان جو. (2011/01/16)

صاحب! سندي سرت مان، گهرن حصو حصيدار،

هي پکا هي پنهوار، سارن پيا سلام جيان. (2011/04/22)

حرف نه اچي ظرف تي، اهو سوچ سلام!

صبح هجي يا شام، در رهبو دوست جي. (2011/04/21)

مارن، من، ساڻيهه سان، محبت ناهه مذاق،

ستئي طبق افلاق، تنهن نچايو سلام کي. (2011/04/20)

دارون منهنجي درد جا، تون سڻ هي صدائون،

تولاءِ پيو آئون، طلبيان تا نگهيان سالن کان. (2011/04/19)

اسين قرضي قرب جا، آهيون خادم خدمتگار،

باقي ناهن بار، مون تي ۽ سلام تي. (2011/04/19)

مرجي، پر نه مارجي، ماڻهن جو ويساهه،

صدقي تن تان ساهه، منهنجو ۽ سلام جو. (2011/04/18)

دفتر کولي دردن جا، پيو ماڻهون ريجهائين،

تون سچو جي آهين، تان لوچ اچي سلام سان. (2011/04/17)

چمي پير چپن سان، چئج هيئن سلام،

صبح هجي يا شام، تنهنجي تانگهه رهي سدا. (2011/04/16)

واپس ائين نه وراءِ، هيءَ جهولي آ خالي،

سائين! هي سوالي، تو در آهي سالن کان. (2011/04/16)

دوست! تنهنجي در تي، جهليم هيءَ جهولي،

تون جي دان_ دري کولي، تان رهندس دعاگو سدا. (2011/04/15)

علم، عقل شعور جي، بک نه باسي درو،

ماڻهو پوءِ به مور، روئي روز سلام جيان. (2011/04/15)

عجز ۽ نياز جي، وائي سلامن وات،

طلب انهن کي تات، آهي فقط اوهان جي. (2011/04/14)

وسي هر وجود تي، باهه سندي برسات،

سورن جي سوعات، سلام! ملي سانگين کي. (2011/04/13)

وساري نه سگهبو، سگهندين نه وسري،

تون ماکي به  آهين، ۽ مون لاءِ مصري. (2011/04/13)

چاهيندي نه چپ رهان، تن من چپ چپات،

اها نفي ۽ اثبات، مون سيکاري سلام کي. (2011/04/12)

مون کي مليا ازل کان، ساجن، سچ ۽ سور،

انهن کي بخشيو نور، صبح سندي سلام کي.(2011/04/11)

جي ناهين زبان تي، ۽ نيڻن ناهي مينهن،

اهو اسان نينهن، سيکاريو نه سلام کي. (2011/04/10)

جو دم وساريان توءِ، سو دم غضب گناهه،

جنهن سان هجي ساهه، سو سدا ياد سرير سان. (2011/04/11)

اتم افضل عشق کان، آهي آدم شماري،

رکبي هوشياري، سلام سمجهاءِ سانگين کي. (2011/04/09)

صورت سائي سور جي، سچ جي آهي جا،

تن سان ازل کان ناتا، آهن منهنجا ۽ سلام جا. (2011/04/08)

ملن نه ماڻهو سک کي، دک جا يار گهڻان،

مان توکي شال وڻان، اها حسرت آهه سلام کي. (2011/04/7)

جي اچي ها سان تي، اگر يا يقين،

راتيون هوند رنگين، روئي گذاريان نه ها. (2011/04/08)

لائق! لهن قرب جي، رئنديون رحم نگاهه،

جي ناهي تو پرواهه، پسجو سور سلام جان. (2011/04/07)

نيڻن سان نه نهاريان، جو دل جي ديد گهڻي،

تون اکيون خان کڻي، لهجان سار سلام جي. (2011/04/06)

چئي آ کيس جي هجي، هتي چري پنهنجي دل،

تان دشمن جي کل کل، سڻي نه سلام صبح سان. (2011/04/05)

علم ادب ۽ تحقيق جو، هئو خانيءَ خان،

اهو بلوچ مرد مهان، ويو گذاري اسر جو. (2011/04/06)

ديرو هوندي در تي، صاحب! سال سوين،

پيو اها ئي لات لنوين، سائين سلام صبح جو. (2011/04/04)

صاحب سڻندو سا صدا، هوندس جا مرضي،

بيوس لاءِ بي دردي، سلام وڻي وئي سائين کي. (2011/04/03)

پيارو رکيم پنهنجن کان، ساري ساهه ۽ سر،

بره بڻيئي جي بر، تان ويندي ساه سلام جو. (2011/04/02)

سانگو لاهي سر جو، سچ لاءِ سانگ رچاءِ،

پوءِ سلام جهاتي پاءِ، دوستن سندي در تي. (2011/04/01)

ساهي سگهان نه سانگين سان، صاحب! سينو مان،

پر سکنداسين توکان، گهڻو صبر سلام ۽ مان. (2011/03/31)

سمجهيئون ته صاحب پيو اچي، سونيڻن نچيو خوب،

جي هجي ها مون مطلوب، تان نچون ها سلام ۽ مان. (2011/03/30)

طلبيان تنهنجي در تان، دردن سندو دان،

سورن منجهه جو شان، سمجهي فقط سلام سو. (2011/03/29)

مسئلو منهنجي قوم جو، فقط راند ۽ روند،

دک نه ملن هوند، جي هجون سنجيدا سلام جيان. (2011/03/28)

ماڻهو ماڻهوءِ جو هتي، بڻيل آ محتاج،

بدلايو هو سماج، سلام چئج صاحب کي. (2011/03/27)

سري نه ساعت جن سوا، سري ويندا سال،

ماڻهن جا هي مثال، مليا جام سلام کي. (2011/03/26)

جي پرکين غصو پنهوارن جو، تان چور چاهت چنگ،

اهو پسندين انگ، جو سلام نه پسيو صدين کان. (2011/03/25)

تنهنجي تان طلب جي، جن جيءَ اندر جهوري،

تن جهوريءِ تان گهوري، پنهنجي جان سلام جيان. (2011/05/20)

جن رکي پنهنجي روح جي، نيڻن منجهه نگاهه،

تن کي ملي راهه، جا سلام رکي آ سيني سان. (2011/05/19)

نفرت گهران نياز سان، جا تنهنجي آهه اندر،

آهه اهو بهتر، ته اها ملي عيبدار کي. (2011/11/20)

موقعا بڻائن ماڻهن کي، اتم عاليشان،

باقي انهن بنان انسان، ويچارو سلام جيان. (2011/05/15)

دوست تلاشيو دل کي،ته متان غير هجي،

جا چيئن جيئن اتي، ته صاحب هئو سلام سان. (2011/05/13)

سلجان سا نه سلام،ته رئندي گذري رات،

اها اسان سوغات، ماڻي آهي محنت سان. (2011/05/11)

چوريءَ چوريءَ دنيا کان، جي خوابن منجهه اچن،

سي ئي دل منجهه رهن، نظر نه اچن سلام کي. (2011/05/12)

شل نفرتن کي باهه پئي، بڻجي رک پون،

پوءِ جلن خوب جلن، ويري امن پيار جا. (2011/05/11)

سانگين ۽ ساڻيهه جا، نئين سج نوان سور،

پل پل اهي پور، پيا ستائن سلام کي. (2011/05/10)

تنهنجو مون تي ناهه، جي ويهه ۽ ويساهه،

توسان پوءِ به چاهه، منهنجو ۽ سلام جو. (2011/05/09)

جي ساجهر ساريئي سلام سان، تان ماريندو نه موت،

تون منهنجو هوت، تون کي ساهه سرير جو. (2011/05/07)

مرجي ته بهتر مقصد لاءِ، جياپو ته بڻجي جوت،

پيو خدمت، محبت اوت، سلام! سانگين ۽ سائين لاءِ. (2011/05/07)

اکين آب کي آب، دل منجهه آگ اجهل،

انهيءَ آگ ۽ جل، سينگاريو سلام کي. (2011/05/06)

اسامه جي انت سان، جو دکڻو آ دونهون،

بڻجان تون سونهون، صاحب! هن سلام جو. (2011/05/05)

هت محبت طلبي منزلون، پر وقت صفا محدود،

من کي رک موجود، ته سلام پهچين سيگهه سان. (2011/05/04)

سوچي لوچي سو نه سگهيو، جو من وس ماڻهو آهه،

تون آسرو ان مان لاهه، سلام نه هوندي سرتوند. (2011/05/03)

اڻپورو مان آهيان، صاحب! گهران سوچ،

۽ ان کان گهڻي لوچ، گهرجي هن سلام کي. (2011/05/02)

اکين سندي آب بنان، لهي نه من جو مير،

پريت کڻي اچي پير، ته لهن سور سلام جا. (2011/05/18)

سج نه ستا پسيا، جن کي سانگين و سوداءُ،

تون تريءَ کڻي سر آءُ، سارئي هي سلا پيو. (2011/05/17)

ناهي سونهن سرير جي، نه ئي سندر سوچ،

تنهن لاءِ رنگ لائي لوچ، سلام دانهيو درد مان. (2011/05/16)

 مون کي سالن کان، ستو پيسو نه سچ،

تنهنجي دوست گهرج، سوير اماڻي سلام کي. (2011/05/15)

مايوسيءَ ۽ مونجهه کي، ناهه قبوليو مون،

جت رهبر دلبر تون، ماڻي سک سلام اُتي. (2011/05/09)

دادا گيريءَ دل جي، آهن اکيون رنجايون،

جو سيني سان لايون، سلام! رکيائين سائين کي. (2011/05/01)

جي نيڻن آهه خمار، تان کرن خوف گهڻو،

وکان دوست لکڻو، سندم هن سلام سان. (2011/04/30)

سچا سر سلام جا، ۽ سچي تن جي سوچ،

توکان طلبن لوچ، خدمت محبت خلق جي. (2011/04/28)

سورن سان نه حساب، پر سوچي کڻبا سک،

باسي برهه نه بک، سرهو سدا سلام سان. (2011/04/27)

سڻان ساهه سرير مان، برهه سندي پيو بانگ،

متان سمجهين سانگ، سلام رچايا سور سوا. (2011/04/26)

شهباز شريف شوقين، کوليا پنهنجا پول،

سندس اها جابول، وڻي نه هن سلام کي. (2011/04/25)

جي چاهين لهي قوم، تان قيامت ۽ قهرام،

پوءِ لوچ سندو انعام،بخشو هن سلام کي. (2011/04/24)

قيامت نه ايندي قسم سان، جي چورئي چپ کڻي،

توکي ته وکي وڻي، پر مان ته صفا مري ويس.(2011/04/24)

رستن تي هينئن رت، وهي نه وسي شال،

مولا! مارو جال، سڻج صدا سلام جي. (قوم پرست قربان کهاوڙ جو موت- 2011/04/24 )

خدمت محبت ماڻهپو، ازلي اثاثو انساني،

ناهي نفرت نيشاني، سلام صاحب سچي سندي. (2011/04/27)

صاحب! سندي سرت مان، گهرن حصو حصيدار،

هي پکا ۽ پنهوار، سارن پيا سلام جيان. (2011/04/28)

سلام جيان صبح جي، جنهن به رکي تانگهه،

برهه سندي تنهن بانگ، سڻي روز ازل کان. (2011/03/25)

سرجيا آدم صدين کان، پنهنجي خاطر سور،

اهي دنيا جا دستور، سلام نه لائي سيني سان. (2011/07/07)

پياسا آهيون پاڻيءَ لپ جا، طلبيون نه پيا درياهه،

او صاحب! منهنجو ساهه، اچي بچاءِ سلام سان. (2011/07/01)

نه آئيو ترس طبيب کي، رئندي گذري رات،

طلب جنين جي تات، آهيون ياد نه تن کي. (2011/06/28)

آئون جي ناهيان اوهان جو، اوهان تان آهيو،

دل تان لاهيو نه چاهيو، پوءِ به سهڻا هن سلام کان. (2011/07/06)

آمر هجي اندر جو، پوءِ پرائو يا پنهنجو،

ظلم تشدد ۽ دوکو، رهندس رات سلام سان. (2011/07/05)

سونهن فقط جيان ناهي، سچ به آهي سونهن،

ناهي سونهن ورونهن، سمجهي ائين سلام پيو. (2011/07/04)

عرض گذارش وس اسان جي، تو وس آ اختيار،

ناهه واجب اهو وهنوار، جو ملن سور سلام کي. (2011/07/03)

ماريو مون مجبور کي، تنهنجي چپ چپات،

اونداهيءَ جي رات، وڻي نه هن سلام کي. (2011/07/02)

توکي ساهه پساهه سان، مون ساريو ساري رات،

جا لنوندو رهيس رات، سڻج سا سلام کان. (2011/06/30)

مان بڻجي پوندس معتبر، جي مقصد آهه مهان،

ملندو ان سان مان، جي هلان هونه سلام جيان. (2011/06/29)

 نه ئي ناتو نينهن سان، نه ئي چاهت سان چاهه،

اهو عجب انوکو ساهه، وڻندو ناهه سلام کي. (2011/06/28)

دوا گهران دوست کان، دل منجهه درد هزار،

جي صاحب لهين سار، ته ماريان موندي موت کي. (2011/06/27)

منهنجي آهين من اندر، صاحب! تون موجود،

ويو بڻجي ات نا بوءِ، غير گمان سلام جو. (2011/06/27)

ورد وظيفو وحدت محبت، مان وري وري ورجايان،

پيو پنهوارن ائين پرچايان، مند ملي مان سلام کي. (2011/06/26)

دوست اوهان جي در سواءِ، آئون نه واجهايان،

مان اوهان جو آهيان، ۽ اوهان منهنجو آسرو. (2011/06/25)

آڻيان اهو زبان تي، جو ئي دل منجهه آهه،

سچ ۽ حق بن ناهه، سلام جي هن سوچ سواءِ. (2011/06/25)

جاهل جتي عالم جو، بڻجي هادي۽ رهبر،

انهيءَ قوم سندو حشر، پسي هت سلام پيو. (2011/06/24)

تو جو سمجهو چاهه، سو قربانيءَ جو انگ،

اهو انوکو رنگ، آهي هن سلام جو. (2011/06/23(

ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ کي موڪليل حج دوران،

مديني جي مير کي، چئج هيءُ سلام.

آقا جو غلام، آهي عربيءَ آسري. (2010/11/06)

تو در آيس دوست، صاحب! کڻي سوال،

معلوم توکي احوال، منهنجو عرض اگهائيو. (2011/06/21)

رانول راضي جئين رهين، اهو صاحب تون سمجهاءِ،

آئون ته تنهنجي لاءِ، گهوريان سر سلام سان. (2011/06/21)

جي سڻين تان سور لهن، اسان جا هي اجهان،

ماڻيئون سکن سندا پل، صاحب! هن سلام جيان. (2011/06/20)

دوست جدائي درس جي، مون لاءِ آهي درس،

ملي نه مهلت سرس، جو دم جيان پر سلام جيان. (حسن درس جي موت تي - 2011/06/17)

صورت پيان نه سونهن جي، جي نيڻن منجهه پاڻي،

جي هجي راڻو يا راڻي، ته لهي سور سلام سان. (2011/06/16)

تن من ذهن زبان جيان، ارپيا جن ارواح،

ساتن کي ملي راهه، جا صبح جي سلام جي. (2011/06/15)

هلي نه وس وريام سان، اهو سمجهيو سياڻن،

پيا صبح شام پسن، ائين سلام صورتحال کي. (2011/06/13)

انتظاري، بي قراري، رات ساري من اندر،

بي مروت آ مگر ناهه، پر هو بيخبر. (2010/04/24)

تون طارق عالم وئين کسي، موت پوئي شل مار،

رئندس دوست هزار، صبح شام سلام جيان. (طارق عالم جي موت تي - 2011/06/12)

صاحب! سچ ۽ سونهن جو، سرچشمو تون آهين،

جنهن سان دل لائين، سو سمجهي هن سلام کي. (2011/06/10)

جي سهمت آهن سچ سان، سپنا تن جي سونهن،

آهي انهن سان ئي وررنهن، منهنجي هن سلام جي. (2011/06/09)

دل منجهه درد هزار، پر تنهنجا گهاو گهڻان،

ورچان تان نه وڻان، صاحب کي ۽ سلام کي. (2011/06/08)

سعيده سيج مان ملڻو ناهه سرور،

نمازن سان نور، پندينءَ پروردگار جو. (2010/04/09)

الصلواه خير من النوم جو آواز سڻي سائين،

نماز پوءِ تيار هوندي آ سعيده سندر سدائين. (2010/04/13)

نياز سان نياز سان ۽ عبادتن سان،

سعيده دوستي رک سعادتن سان. (2010/04/14)

لکيو چوکو دنيا سان، هوتن سان نه حساب،

برهه سندو اهو باب، آ هردم ياد سلام کي. (2011/06/07)

پنهنجي ساهه پساهه تي، ناهه اگر ويساهه،

پوءِ به توسان چاهه، منهنجو ۽ سلام جو. (2011/06/06)

کلي کڻجن خوشيءَ مان، سانگين سندا سور،

انهيءَ محبت جا مور، سلام ملندي صاحب کان. (2011/06/05)

نه ئي نسبت نينهن سان، نه محبت مارن سان،

سو معتبر نه سمجهان مان، نه سمجهه هيءَ سلام پيو. (2011/06/04)

مصلحت ماريو ماڻهن کي، جي هئا جنگ جوان،

انهن سندا نقصان، سلام مليا ساڻهي لکي. (2011/06/02)

جي منشي پنهنجي طلب جا، سي ناهن ماڻهو مير،

تن جي قبضي منجهه تقدير، منهنجي ۽ سلام جي. (2011/06/01)

آهي عبادت سان، بندي سندو شان،

اهو مور مهان، اوري جو الله سان. (2010/02/24)

جن رضامندي رب لاءِ، نيڻان وهايو نير،

ماڻيو تن ملير، ۽ پيندا جام جنت جا. (2010/03/04)

امت عربيءَ مير جي اصل عاليشان،

ورد سدا قرآن، رکن خيال نماز جو. (2010/03/24)

آهيون امت عربيءَ جي، الله جو احسان،

ملندو اتي مان، جو آ روز قيام جو. (2010/03/25)

صبح بڻج شام پئي، پر گل نه بڻجي خار،

اهو اکين منجهه اظهار، جو دل منجهه آهه سلام کي. (2011/06/01)

لکيو عيب ثواب جو، آئون سمجهان نه سوچيان،

پيو محبت مان لوچيان، ته پسان سونهن سلام سان. (2011/05/31)

جو تن من سمجهي پنهنجو، تنهنجي سا ميراث،

منهنجي فقط  آس، ۽ جا آهي تاس سلام کي. (2010/01/01)

مربو ته وري ماڻبو، پنهوارن سندو پيار،

صدقي سر سئو وار، منهنجو ۽ سلام جو. (2011/05/29)

آهي وس وريام جي، منهنجي تند ۽ تار،

مون تي هر ميار، سڻاءِ سلام سائين کي. (2011/05/28)

اسان مرئون جن لاءِ، سي مرن غيرن لاءِ،

صاحب تون سمجهاءِ، سلام مون سانگين لاءِ. (2011/05/27)

رهبو تنهنجي تات سان، جو باقي دم بچيو،

رهبو دوست سچو، صديون هن سلام سان. (2011/05/26)

جن کي ياد خدا جي، وڻي تن کي سيج،

پرچائيندي پرور کي، رت رنائون ريج. (2010/02/19)

سسئي ستي سيج تي، اچي ويس آرام،

مصيبتون ۽ ماتام،سٺا پنهل لاءِ. (2010/02/23)

رشتو جن جو رب سان، سمهي نه سگهن سي،

سک رکي پاسي، راضي رهن رياضت سان. (2010/02/25)

صاحب صدقي تائين خاطر، مليو هيءَ جنم،

توکان طلبيون پيار رحم، سدائين سلام ۽ مان. (2011/05/25)

بيوس باندي ناهين سائين، جيءَ اندر تون جهاتي پاءِ،

گهونجي پيءُ سوگيت سڻاءِ، سانگين کي ۽ سلام کي. (2011/05/24)

صاحب! ساهه سرير آ، فقط معمولي مهمان،

تون افضل عاليشان، مون لاءِ هن سلام لاءِ. (2011/05/23)

جي صاحب سمجهان ها، جيءَ اندر جا جنگ،

تان هينئن حياتي تنگ، بڻجي ها نه سلام جي. (2011/05/22)

اهنج، پرور اميري، پر غربت گندي گار،

سلامن سوين بار، اهي سور سڻائيا. (2011/05/21)

تهجدين ۽ صبح جي نمازين لاءِ سنيها

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

Good Wishes