ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”ننڍو ته ڦڏيو، وڏو ته جڏو“

 

چوندا آهن ته ”مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏي جو جڏو“. پر هاڻي اسان جي معاشري ۾ اها صورتحال بدلجي وئي آهي. هر ڪنهن ماڻهوءَ جو ڦڏي کانسواءِ ڪم هلي ئي ڪو نه ٿو. مقصدن ۽ مطلبن، رشتن ۽ ناتن جو گيهه اهڙي ٿانوءَ ۾ بند آهي جو سنڌيءَ آڱر سان نڪري ئي ڪو نه ٿو. منهنجو هڪ دوست صاحب هوندو هيو. هر ڪنهن زير دست ملازم سان تارا ڦوٽاري ۽ منهن سجائي ڳالهائيندو هو. سمجهائيندو هيومانس ته ”انسان اشرف المخلوقات آهي، ان جو ڪجهه ته خيال رک“. وراڻي ڏيندو هئو ته ”باس زيردست سان، مڙس زال سان، استاد شاگرد سان ۽ وڏيرو هاري سان کلي ڳالهائيندو ته پنهنجي ڀينگ ڪندو.“

اهي رويا اسان کي هنڌين ماڳين نظر اچن ٿا، ڪنهن آفيس ۾ وڃو، ڪنهن اسپتال ۾ وڃو، ڪنهن پاڻ کان وڏي ماڻهوءَ سان ملو. اڳ ۾ منهن پٽايو، ڇڙٻون جهليو ۽ پوءِ پنهنجي ڳالهه ڪريو ۽ ڳالهه ڪندي، درد جي دوا گهرندي، تدارڪ لاءِ تڙپندي ڇڙٻن ڪري پوري ڳالهه به ڪري نه سگهيو ۽ بنهه پاڻ سان ائين ٿئي جو جيئن چوندا آهن ته ”وئي ڪن ٽوپائڻ لاءِ، پر ڪن ئي وڍرائي آئي.“

اسان ائين روزمره جي وهنوار ۾ ڪن وڍرائيندا رهون ٿا. ڳالهه اتي دنگ نه ٿي ڪري، پر انهيءَ حوالي سان اسان گهڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. اسان جون سوچون جابرانه ۽ رويا اهڙا ته آمرانه بڻجي ويا آهن، جن جي ردعمل ۾ اسان جا ننڍا ۽ نوجوان بنهه باغي ۽ ڦڏئي ئي بڻجي سگهيا آهن. اسان شفقت ۽ ٻاجهه کي مارشل لا جهڙيءَ نظرنداريءَ ۽ سرپرستي ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. ان ڪري اسان جو ٻار اهو دين اختيار ڪندو جيڪو اسان کي وڻندو، تعليم ان مقصد ۽ نوڪري لاءِ حاصل ڪندو، جيڪا اسان چاهينداسين شادي اها ڪندو جيڪا اسان منظور ڪنداسين. بس هڪ قيد آهي، لڪيرون نڪتل آهن، ايجنڊا مقرر ڪيل آهي ۽ اسان جي ٻار کي ان مطابق هلڻو آهي. اسان کان اهو وسري وڃي ٿو ته غلطيون ٻارن کان ئي ٿينديون آهن. اسان پاڻ ڀلي خطائون ڪيون، پوءِ به پاڪ، صاف ۽ متقي آهيون. پر ٻارن لاءِ رڻ ٻاري ڇڏينداسين.

اهي قومون جيڪي ذهني ۽ فڪري طور تي پنهنجي ٻارن کي غلام رکن ٿيون، سي جهڙوڪ غلامي پسند هراول دستن کي جنم ڏين ٿيون ۽ اهي پوءِ ڇو نه ڪنهن ذهني، فڪري، سياسي يا اقتصادي غلاميءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ زنجير ٽوڙن، پر انهن زنجيرن مان غلاميءَ جا نوان ڳٽ جوڙي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پائينديون. بنهه ائين جيئن اسان ڪري رهيا آهيون.

اسان جيڪڏهن ضمير ۽ روين جو ترازو کڻي تور ڪنداسين ته پنهنجي نئين نسل جي ڦڏئي طبعيت اسان کي پنهنجن روين جو منطقي نتيجو نظر ايندو. مغربي ملڪن ۾ صورتحال ان جي برعڪس آهي. اهي ملڪ جن کي اسان گهڻو گهٽ وڌ به ڳالهائيون ٿا ۽ ڪشتو کڻي قرض به وٺون ٿا، سي ٻار کي ٻار نه ، مگر مڪمل انسان سمجهن ٿا ۽ ان کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ قاعدا ۽ قانون جوڙي آزاد ۽ خودمختيار بڻائيندا وڃن. تازو هڪ مغربي رياست نوجوان ڇوڪرين جي آزاديءَ جو اهڙو بل پاس ڪيو آهي، جنهن جا جيڪڏهن تفصيلي ويهي ڏجن ته ڳالهه ٻڌائڻ تي، مان ۽ منهنجي قلم کي ٻوڙي ۾ وجهي ساڙي ڇڏين.

جڏهن اسان چوندا ۽ تسليم ڪندا آهيون ته قيامت ڏينهن پٽ بدران پيءُ، ڌيءُ بدران ماءُ حساب ڪتاب نه ڏيندا ۽ هر ڪا ٻڪري پنهنجي ڦاهي چڙهندي، ته پوءِ اهو ڪهڙو خفت آهي، جنهن ڪري اسان پنهنجي ٻارن لاءِ ”نگهداشت واري نظر ۽ تربيت“ جو ٺيڪو کڻي ويٺا آهيون. پوءِ اسان ۽ داعش وارن ۽ طالبان ۾ ڪهڙو فرق رهي ٿو، جن پاڻ کي سڌارڻ بدران دين کي سڌارڻ ۽ اسان جي سڌارڻ لاءِ ماڻهن مارڻ تي سندرو ٻڌو آهي. قومون جنهن جا فرد پاڻ کي سڌارڻ بدلائڻ بدران ٻين کي سڌارڻ جو خفت رکندا، انهن جو نظرون تير، زبان ٽانڊا ۽ هٿ بندوقون بڻجي وينديون آهن.

اچو ته جيءَ ۾ جهاتي پايون. وڏي ٿيڻ جي معنيٰ اها نه آهي ته اسان سورنهن آنا جڏي ٿيڻ جي تانگهه رکون. جيڪڏهن وڏڙن جا ذهن ۽ نظريا جڏڙا هوندا ته ننڍڙن جو ذهن ۽ عمل اوس ئي ڦڏئي ٿيندو.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes