ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”صاحب! سنڌي ڪير سڏائي!“

گل سان گڏ خوشبوءِ نه هجي ته پوءِ گل ڇا جو؟ چنڊ هوندو ته چانڊوڪي ضرور ٿيندي. اهڙي نموني سان سنڌ هوندي ته ان سان گڏ سور ضرور هوندا ۽ سنڌي هوندو ته پوءِ سورن جا مذڪور به گهٽ ڪو نه هوندا. انهن کي هڪٻئي کان الڳ ڪري نه ٿو سگهجي. اهو ڪو قدرت جو فيصلو ڪونهي، پر سنڌ کي سور اسان ئي ڏنا آهن ۽ سنڌين کي عذابن ۾ اسان ئي وڌو آهي.

ماضي قريب ۾ ٽن ماڻهن پاڻ کي سنڌي سڏايو، اهي هئا: مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مولانا عبدالواحد سنڌي. پر انهن تي ڇا گذري ۽ پنهنجن سنڌين ساڻن ڪهڙا قرب ڪيا؟ ان تي تاريخ جا ورق اسان خلاف شاهديون ڏين ٿا. ٽنهي جي پڇاڙي ڏکن جي ڪهاڻي بڻجي وئي.ٽنهي جي زندگي جڏهن شام کي پهتي ته کانئن حافظو موڪلائي ويو. هو جهڙوڪ گمناميءَ جي حالت ۾  اسان کان وڇڙجي ويا.

ڪن ليکڪن جو چوڻ آهي ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي زهر ڏنو ويو يا ڏياريو ويو. هن عظيم انقلابيءَ ۽ انگريز سامراج جي دشمن گڏيل هندستان جي سياسي تاريخ کي نئون موڙو ڏنو. سباش چندر بوس جهڙو باغي سندس ئي قدمن جي نشانن تي هليو ۽ بي بدل وطن دوست تڏهوڪي پير پاڳاري سورهيه بادشاهه ۽ مولانا سنڌيءَ جي انگريز- دشمنيءَ ۾ هڪ جهڙي شدت ۽ مماثلت هئي. سورهيه بادشاهه پير پاڳاري انگريزن آڏو سر جهڪائڻ بدران سر قربان ڪرڻ کي ترجيح ڏني.

مولانا عبيدالله سنڌي وطن واپس وريو ته هن چند رفيقن کانسواءِ پاڻ کي اڪيلو ڄاتو. اهڙيءَ ريت شيخ عبدالمجيد سنڌي جي پڇاڙي به ائين ئي ٿي. هن کي سنڌي سڏائڻ جو لقب ان وقت مليو، جڏهن پنجاب ۾ هڪ وڏي جلسي ۾ خوابن لهندڙ هڪ وڏي سياسي ۽ نظرياتي مفڪر کي جلسي جي صدارت ڪرڻ ۽ تقرير ڪرڻ کي نه قبوليندي، جلسي ۾ شامل ماڻهن وڏو گوڙ ڪيو. جلسو ڦٽڻ لڳو ته شيخ عبدالمجيد سنڌي شير بڻجي اسٽيج تي نمودار ٿيو ۽ ماڻهن جي هجوم مان آواز اچڻ لڳا ته ”سنڌيءَ کي ٻڌو، سنڌيءَ کي ٻڌو“. جلسي ۾ ٺاپر اچي وئي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تقرير کانپوءِ  باقي جلسي جي ڪارروائي سڪون سان هلي. ان ڏينهن کانپوءِ شيخ عبدالمجيد جي نالي سان گڏ ”سنڌي“ لفظ جو جهڙوڪ لازمي اضافو ٿي ويو.  هن عظيم انسان جو آخري ڏهاڙن ۾ کائنس حافظو موڪلائي ويو تان جو گهران نڪرندو هئو ته گهر موٽڻ جو رستو وسري ويندو هئس. گم ناميءَ ۾ وفات ڪري ويو، ڪنهن کي نه غم ٿيو ۽ نه وري ڏک ٿيو. خلافت تحريڪ جي زماني ۾ جيل ويو هئو ته هندستان جي وڏن وڏن سياستدانن جهڙوڪ سکر جيل جو طواف ڪيو هو ۽ اندر ٻاهر هن جي حق ۾ بلند ڪيل نعرن سان سڄو سکر شهر گونجي اٿيو هو.

مولانا عبدالواحد سنڌي ذات جو انڍهڙ هيو. اعليٰ تعليم وٺڻ لاءِ سنڌ ڇڏي ويو. سيد ذاڪر حسين جڏهن دهليءَ ۾ ”جامعيه مليه“ قائم ڪئي ته ان ۾ ملازمت ڪيائين ۽ ٻارن جي هاسٽل ۾ نوڪري مليس. شادي سيدن مان ئي ڪيائين، پر جيئن ته هو هندستاني مسلمان نه هئو ۽ ڌاريو هئو، ان ڪري ”سنڌي“ سڏيو ۽ چيو ويو. بي بي سيءَ لنڊن ۾ ڪم ڪندڙ سيد آصف جيلاني سندس ئي پٽ آهي. مرحوم طارق روڊ ڪراچيءَ واري انهيءَ ئي ايراضيءَ ۾ رهندو هو، جتي مان به سندس پاڙيسري هوندو هئس. اسان جون پاڻ ۾ ڏاڍيون ڪچهريون ٿينديون هيون. ڪي ڏينهن گذريا ۽ ڪي مهينا گذريا ۽ هن جي عمر وڌندي وئي ۽ حافظو کائنس موڪلائيندو ويو. مون سان ملڻ لاءِ گهر کان نڪرندو هئو ته ڪڏهن ڪلفٽن وڃي پهچندو هئو ته ڪڏهن ملير ۾. گهر جا ڀاتي پوءِ کيس گهر ۾ بند ڪري ويندا هئا. مان ڪاليج مان موٽي هن سان ملڻ ويندو هئس. سندس گهر وارن ان لاءِ مون کي الڳ ڪنجي ٺهرائي ڏني هئي.

انهن ٽنهي عظيم انسانن جي پڇاڙي هڪ جهڙي ٿي، جن کي سندن ويجهو اچڻو هئو، اهي کانئن پري ٿي ويا. حافظو هنن کان موڪلائي ويو ۽ گمنائي ۾ هي جهان ڇڏي ويا. جهڙوڪ اسان کان رُسي ڪاوڙجي چوري هليا ويا. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو انت ته مون نه ڏٺو، ليڪن باقي هنن ٻنهي سنڌين جي پڇاڙي منهنجي اکين اڳيان گذري. سندن موت تي مون سمجهي ورتو ته جيڪڏهن سنڌي سڏائڻ تي ايڏي وڏي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي ٿي ته پوءِ سنڌي ٿيڻ ۾ ڪيڏا نه دک درد ڏسڻا پوندا ۽ سور سهڻا پوندا.

سنڌ ۽ سنڌين کي اهڙا ڏينهن ڏسڻا ئي پوندا. سور سنڌ ۽ سنڌين کان منهن نه موڙيندا ۽ سنڌي ڪنهن سبب ۽ جواز کانسواءِ پاڻ-هرتو پاڻ کي پيا سور ڏيندا ۽ سورن ۾ وجهندا. بي شڪ سنڌ ۽ سنڌين کي دک درد ڌاريا به ڏين ٿا، پر سنڌ ۽ سنڌين کي جيڪو ڇيهو پنهنجن کان مليو آهي، ان جي تلافي ڪرڻ جيڪڏهن ممڪن به آهي ته مشڪل به ضرور آهي.

ڪٿي آهي سنڌ ۾ قوميت لاءِ گهربل وحدت ۽ محبت؟ ماڻهون جهڙوڪ هڪٻئي جي پيرن ڪڍڻ جي پوئتان آهن. نفرت ڪرڻ ۽ ٻئي کي نقصان ڏيڻ، وير وٺڻ ۽ ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪرڻ اسان سنڌين جي نفسيات بڻجي وئي آهي. اسان گروهن ۾ ورهائجي گروهن کي جنگ جو محاذ بڻائڻ پنهنجو ڪلچر بڻائي چڪا آهيون. اسان مان ڪيترا  ڪنهن نه ڪنهن پير ۽ اميرجو، سياستدان يا هلنديءَ پڄنديءَ واري جو بت بڻائي ان جي پوڄا ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. بس هنڌين ماڳين بت سازي آهي ۽ هر ڪنهن وٽ پوڄا لاءِ پنهنجي مورتي آهي. ڪير چوندو اسان ذهني، فڪري ۽ نظرياتي طور تي آزاد آهيون ۽ پنهنجن کي اهڙي آزادي ڏيڻ لاءِ ڪو تيار آهيون؟ هي سڀ ڪجهه سنڌ ۾ ٿئي ٿو ۽ سنڌين سان ٿئي ٿو. سنڌي ٿيڻ ۽ سنڌي سڏائڻ ڪيڏو نه اوکو ڪم ٿي پيو آهي؟

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes