ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”پاڻ جو پنهنجي ليکي ۾ ناهيون“

تضادن جي هن دنيا ۾ ڪڏهن ڪڏهن فردن کي دک ۽ سک جو فرق ئي محسوس نه ٿيندو آهي. ماڻهو سمجهي ئي ڪو نه سگهندو آهي ته باقي ٻيا جو سمجهن ٿا ته هو سکي آهي ۽ سڪون ۾ آهي، پر اهو سک ۽ سڪون ته هن کي نصيب ئي ڪونهي. انهيءَ حساب سان ڪو به سک ۽ سڪون ۾ ڪونهي، ڪا ويڌن آهي جو هر ڪنهن کي وڪوڙي ويئي آهي، ڪنهن جي هلي ڪا نه ٿي، ڪنهن کي ڪو اختيار ئي ڪونهي ۽ ڪو ڪنهن جي ليکي ۾ ئي ڪونهي. بي بسي آهي ۽ بي وسي آهي. امير آهي ته هن کي اڃا وڌيڪ دولت هٿ ڪرڻ جي تانگهه آهي. جنهن کي اختيار آهي، اهو مطلق اختيار حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. جنهن وٽ آهي، اهو وڌيڪ ڪرڻ جي ڌُن ۾ آهي ۽ جنهن کي ناهي، اهو ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪرڻ جي فڪر ۾ آهي. ٻين جي برابر ٿيڻ لاءِ، ٻين جهڙي ٿيڻ لاءِ، بلڪه سڀني کان اڳتي وڌي وڃڻ لاءِ.

هيءَ صورتحال ان ڪري پيدا ٿي آهي، جو هر ڪو پنهنجي درد جي دوا پاڻ وٽ نه ٿو ڳولهي ۽ ٻين جي دلين يا درن کي کڙڪائي ٿو. اها صورتحال کيس ٻين جو محتاج بڻائي ٿي ۽ اها محتاجي کيس پنهنجي حال مان ڪڍي ڇڏي ٿي. هو پاڻ کي ڪجهه نه ٿو ڀانئي، پر پاڻ کي ٻين جهڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڪلهوڪلهي ۾ ملائڻ جي تانگهه ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته جيڪو هن وٽ نه آهي، اهو جي پني يا ڇني وٺي ته به گناهه ڪونهي. ان ڪري هن وٽ گناهه ۽ ثواب جو فرق رهي ئي ڪو نه ٿو. پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي خوشي ۽ گم، سڪون ۽ بي چينيءَ جو فرق ڪيئن محسوس ٿيندو؟

اسان ان ڪري اهڙيءَ صورتحال مان پيا گذرون جو پاڻ پنهنجي ليکي ۾ ئي ڪونهيون ۽ پاڻ ٿيڻ بدران ٻين کي ڏسي انهن جهڙي ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مگهن ٿي ويا آهيون. ائين ڪرڻ سان جهڙوڪ اسان جو پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن تي ڀروسو ڪونهي يا ائين ٿا سمجهون ته ڪا فالتو مٽي بچي هئي، جنهن مان الله پاڪ اسان کي ٺيڪي تي ٺهرايو آهي. جيڪو ماڻهو پاڻ تي ايمان نه ٿو رکي، اهو جهڙوڪ پنهنجي خلقيندڙ تي ايمان نه ٿو رکي. جڏهن ته رب پاڪ اسان کي ۽ هن ڪائنات کي اجايو يا بي سود نه بڻايو آهي. اسان جي تخليق ۽ پيدائش جو ڪو نه ڪو سبب آهي ۽ ڪارڻ آهي. جنهن اهو سبب ڄاتو، تنهن پاڻ کي ڄاتو. جنهن پاڻ ڄاتو تنهن پنهنجي خدا کي ڄاتو.

ڳالهه هيءَ آهي ته اسان ”سماجي جانور“ هوندي، پاڻ کي ”جانور“ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ”سماجي“ ٿيڻ ۾ ڪا جهڙوڪ ڪرڀ ٿي اچي. سماجي ٿيڻ جي معنيٰ آهي ٻئي جي ڪم اچڻ ۽ ان جي بدلي مان ٻئي کي ڪم اچڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ. اسان مان هر ڪنهن کي شڪل صورت ته هڪ جهڙي آهي، پر لياقتن ۽ صلاحيتن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. اهو فرق اسان کي پنهنجو ”انفرادي تشخص“ ڏئي ٿو، ۽ اهو فرق ئي ٻين جي ضرورت بڻجي ٿو. انهن فرقن جي مٽاسٽا سان ئي سماج پنهنجو توازن برقرار رکي سگهندا آهن. جيڪو ڪجهه مون وٽ آهي ۽ا هو ڪنهن ٻئي فرد وٽ ناهي ته انهيءَ فرد جو  ان ۾ حصو آهي.

اهڙيءَ ريت جيڪو مون وٽ ناهي ۽ اهو ٻئي وٽ آهي ته ان ۾ منهنجو حصو آهي. اسان اهڙيءَ ريت هڪ ٻئي جي لياقتن ۽ صلاحيتن، ذريعن ۽ وسيلن ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهيون. جڏهن اها ورهاست، ٻين جو حق ۽ پنهنجو حق سمجهه ۾ آيو ته پوءِ ڪو به عمل، ڪا به ڳالهه فقط ۽ فقط پاڻ لاءِ نه سمجهي ويندي. پر اسان سڀڪجهه پاڻ لاءِ ۽ فقط پاڻ لاءِ سمجهنداسين ۽ سياري جي باهه فقط پاڻ ڏانهن سورينداسين ته اهڙا ئي مونجهارا پيدا ٿيندا، جن اسان جي ذهنن ۽ وجودن کي وڪوڙي رکيو آهي.

اسان انهيءَ ئي صورت ۾ سک ۽ سڪون ماڻي سگهون ٿا، جڏهن پنهنجي ليکي ۾ هجون ۽ اهو ڏسون ته اسان ٻين کي ڇا ٿا ڏئي سگهون جنهن جي موٽ ۾ اسان کي ڪجهه ملي سگهي ٿو. اسان جيڪڏهن فقط وٺڻ جي ڌن ۾ هونداسين ته اهو ڇني ۽ پني ته وٺي سگهون ٿا، پر پاڻ-هرتو ڪجهه به ڪو نه ملندو. پاڻ-هرتو تڏهن ملندو، جڏهن اسان پاڻ- هرتو ٻين جي ضرورتن ۽ تقاضائن مطابق کين ڏينداسين.

اسان کي ڏسڻو اهو آهي ته پاڻ وٽ ڇاهي، نه ڪي اهو ڏسڻو آهي ته ٻين وٽ ڇاهي. ٻين وٽ جيڪو ڪجهه آهي يا ٻيا جيئن آهن، اهو ڏسي پنهنجو رنگ ۽ روپ مٽائڻو ڪونهي ۽ انهن جيان ٿيڻو ناهي. بس جيڪي اسان پاڻ آهيون، اهي ٿي پئون.ٻين جي ليکي ۾ هجڻ واري اجائي محتاجي نه ڪريون، ليڪن پنهنجي ليکي ٿي پئون. پاڻ سڃاڻون ۽ پنهنجو قدر ڪريون. پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن جي رنگن روپن کي سنواري سينگاري دنيا آڏو آڻيون. ضرورتمند پاڻ اسان کي ڳولهي لهندا ۽ ڪجهه ڏيڻ ۽ ڪجهه وٺڻ جو ڪارونهوار پاڻ ئي پيو هلندو. اسان کي حيران، پريشان ۽ سرگردان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ڪا نه پيش ايندي. فقط اسان کي پنهنجي ليکي ٿيڻو آهي.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes