ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”بره بنا نه بدلجن، هوت ۽ حالتون هي،

جانب جوت-نگر جا، ڪجهه تان سياڻو ٿي“.

 

ڪو ڪياڙي کنهندي ۽ اڌ اکيون ٻوٽي جيڪڏهن چوي ٿو ته هو سُکي آهي ۽ هن کي ڪا حيراني ۽ پريشاني ڪانهي، ته هو باقي ماڻهن سان ڪوڙ ٿو ڳالهائي ۽ پاڻ کي ٺڳي ٿو. ڇو ته جيڪو ڄائو آهي ۽ هن دنيا ۾ آيو آهي ته هن لاءِ اڳ ئي گهڻي پِسي پئي آهي. اسان مسلمانن جي چواڻيءَ مطابق قيامت ۾ هر ڪو پلصراط تان گذرندو. بنهه اهڙيءَ طرح دنيا به تلوار کان تکي ۽ وار کان سنهي پلصراط آهي. ماڻهو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين انهيءَ پلصراط تان گذري ٿو. امير هجي يا غريب، پير هجي يا فقير، حاڪم هجي يا محڪوم، هر ڪنهن جي دردن جا داستان کليا پيا آهن. جهڙوڪ سک، سڪون ۽ چين خواب آهن ۽ ماڻهو ننڊ مان اک کولي ٿو ته سندس سمورا خواب ڪافور ٿي وڃن ٿا. تان جو وري روڄ راڙو، دانهون ۽ ڪوڪون. ڪنهن جو به قلب قراري نه هوندو. ڪا نه ڪا اڻ تڻ هوندي ۽ هر ڪو همراهه انهيءَ هڻ کڻ ۾ مصروف هوندو.

هنن حالتن ۾ اهڙو حشر ۽ اهڙو حال ٿي وڃي ٿو جو دليون ۽ دماغ باهه جا کورا بڻجيو پون. نفرتن ۽ ڪدورتن، مساهپ ۽ اڳتي وڌڻ واريءَ انهيءَ آگ ۾ سمنڊ به ٽهڪي پون ٿا ۽ بر ٿر شهر به باهه بڻجي پون ٿا. ماڻهو ماڻهوءَ کي ڌڪارڻ لڳي، مارڻ لڳي ٿو ۽ گناهن ڀري زندگي گهارڻ تي سندرو ٻڌي بيهي ٿو.

پر، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿئي ٿو ته ماڻهو پاڻ سڃاڻڻ ڇڏي ڏئي ٿو. هن کان وسري وڃي ٿو ته هو ڪنهن شئي منجهان جڙيو آهي؟ ۽ هن کي ”انسان“ ڇو ٿو چيو وڃي ۽ انسان ۽ حيوان ۾ به ڪو فرق آهي يا نه؟

جيڪڏهن انسان مٽيءَ مان جوڙيو ويو آهي ۽ مٽي هن جي فطرت جو بنياد آهي ته پوءِ ڪهڙي قسم جي مٽي ٿئي؟ ڪنهن گٽر جي مٽي ٿئي؟ جا لڳي ته بدن به بدبودار ٿي پئي ۽ ڪپڙا به خراب ٿي پون؟ مِٽي جو ڦوڙهه  بڻجي پئي؟ جو ڪنهن جي مٿي ۾ لڳي ته مٿو ڦاڙي وجهيس؟ دز بڻجي پئي؟ جا اکين ۾ پئي ته ذري گهٽ انڌو ڪري ڇڏي؟ يا ساحلي چيڪي مٽي ٿئي، جنهن تي گهمڻ واري جي پيرن ۾ به لڦون نه پون ۽ نه وري ڪو ان جو بدن يا وڳو خراب ٿئي؟ ان ڪري جيڪڏهن ماڻهو مٽيءَ جي پيداوار آهي ته پوءِ انسان کي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته هو ڪهڙي مٽي ٿيندو؟

اسان ”ماڻهو“ چئون يا ”انسان“، جهڙي سٺ تهڙي ٿي ويهان مصداق ڳالهه ساڳي آهي. سنڌيءَ ۾ چئون ”ماڻهو“ ۽ عربيءَ ۾ چئون ”انسان“. لغت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته عربي لفظن جو بنياد ٽن حرفن وارو لفظ ٿيندو آهي. انهيءَ حساب سان جيڪڏهن ”انسان“ لفظ مان ٽه حرفي بنيادي لفظ ڳولهينداسين ته اهو ٿيندو ”انس“. اعرابن جي ٿوري ڦيرگهيرڪبي ته ”انس“ جي معنيٰ ٿيندي، پيار ۽ محبت. هن مان اهو مطلب وٺي سگهجي ٿو ته انسان جو جهڙوڪ بنياد ئي انس آهي ۽ انس ناهي ته انسان حيوان آهي ۽ نفرت جو ڀنڊار آهي. انسان ۽ شيطان جو به بنيادي فرق هي آهي ته شيطان انسان سان متڀيد ڪيو ۽ هن سان نفرت ڪئي ته مٽيءَ مان جوڙيل انسان کي سجدو ڇو ڪري؟

لڳي ٿو ته هاڻي اسان پنهنجو انس وارو بڻ بڻياد وساري، نفرت ۽ متڀيد تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا آهيون. ماڻهو ماڻهن جهڙا، کائين پيئن ۽ اٿن ويهن ساڳئي طرح پر هڪڙن کي هيچ ڄاڻون ۽ ٻين جا پير ڌوئي پيئون. اسان هر انسان جي ساخت ۽ هيئت کي صفا وساري ويهون ٿا ۽ سمجهون ٿا ته خدا تعاليٰ اسان کي پاڻ ويهي پنهنجي هٿن سان ٺاهيو آهي ۽ ٻين کي ٺيڪي تي ٺهرايو آهي.

ان جي بدران، پر جيڪڏهن اسان مان هر ڪو پاڻ کي سڃاڻي ته پنهنجي ڌڻيءَ کي به سڃاڻي سگهي ۽ ڌڻيءَ جي بندن کي به سڃاڻي وڃي. پوءِ ئي ماڻهوءَ کي خبر پئي ته هو نوري به ناهي ۽ ناري به ناهي. هن کي پنهنجي مفادن، تعصب ۽ متڀيد جي باهه ۾ جلڻو ڪونهي، بلڪه محبت، ايثار ۽ وفا جي جوت بڻجي جلڻو ۽ هلڻو آهي ته جيئن حالتن جي اونداهن رستن مان پاڻ به صحيح دڳ سان هلي ۽ ٻين کي به انهيءَ روشني مان رستي ڏسڻ ۽ ڳولهڻ جو موقعو ملي.

هن ماڳ ۽ منزل ماڻڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ڪو پاڻ کي هادي يا رهبر نه ڄاڻي، علم جو اڪابر ۽ باقي ماڻهن کان پاڻ کي معتبر نه ڄاڻي، بلڪه ”جت پنهونءَ جا ڀائر“ مصداق سمجهي ته هو به اهڙوئي انسان آهي جهڙا ٻيا انسان آهن. ذاتين پاتين رنگن نسلن جو فرق پاڻ ٺڳڻ ۽ ٻين کي ٺڳڻ جو طريقو آهي. اميري ۽غريبي اچڻيون وڃڻيون آهن. فقط محبت ئي ماڻهپو آهي ۽ انهيءَ ماڻهپي کي وڃائڻ يا وسارڻ سان ئي معاشرا مصيبتن ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. اسان بنهه انهن ۽ اهڙين حالتن مان گذري ويا آهيون. درد لا علاج ڪونهي. فقط دلين ۾ انسان دوستيءَ کي جاءِ ڏيڻي آهي ۽ لاکيڻي لطيف وانگر ”جيها جي تيها، مون مارون مڃيا“. کي قول ۽ فعل سان قبول ڪرڻو آهي ۽ ٻين کي معاف ڪرڻو آهي، ٻين جا عيب ڍڪڻا آهن ۽ پنهنجن جي خوبين کي وڏي واڪ دنيا کي ٻڌائڻو آهي. محبت بڻجڻو آهي ۽ محبت کي ونڊڻو ورهائڻو آهي. ان لاءِ ته آئون عرض ڪريان ٿو ته ”بره بنا نه بدلجن، هوت ۽ حالتون هي، جانب جوت-نگر جا، ڪجهه تان سياڻو ٿي“.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes