ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”تون تان اڌ کان مٿي آهين ڪائنات “

اهو سچ آهي ته قومن جي مقدر بدلائڻ ۽ سنوارڻ ۾ دانشورن ۽ مدبرن جو وڏو عمل دخل ٿيندو آهي، پر سورنهن آنا سچ هيءُ آهي ته انهن مدبرن، مفڪرن ۽ دانشورن کان وڌيڪ عمل دخل عورت-ذات جو ٿئي ٿو، جنهن کي اسان اڌ-ڪائنات چئون ٿا. جڏهن ته اڌ ڪائنات کان به مٿي آهي.

قومون خوشحال آهن يا خوشحاليءَ طرف وڌي رهيون آهن، انهيءَ ڳالهه جو اندازو هن مان لڳائي سگهبو آهي ته انهن معاشرن ۾ عورت ذات ڪهڙي حيثيت ۽ رتبي آهي ۽ عورتون ذهني خواهه فڪري طور تي ڪهڙي ڏاڪي تي بيٺيون آهن.

سنڌي معاشري ۾ عورت پنهنجي هر روپ سان آزار ۾ آهي. نياڻي آهي ته کين ”ست قرآن“ به سمجهنداسين، پر ڪنهن ڏانهن اک کڻي ڏٺائين يا دل جي ڳالهه مڃيائين ته پوءِ ڪاري ڪري ماري ويندي. عورت-ذات لاءِ اسان جا رايا ۽ اسان جون سوچون منافقيءَ تي ٻڌل آهن. چئون ٿا ته نياڻي آهي ته اکين جو ٺار آهي، ڊاڙ هڻون ٿا ته ڀيڻ آهي ته لڄ ۽ حياءَ جو روپ آهي، زال آهي ته دک سک جو ساٿي آهي، ماءُ آهي ته سندن پيرن هيٺان جنت آهي. پر اسان جي مرد-معاشري ۾ اهي فقط ڳالهيون آهن. ڪيڏي نه کل جهڙي ڳالهه آهي ته سهڻيءَ کي ٻوڙي ماريوسين، سسئي کي رولي ماريوسين ۽ مومل کي ساڙي ماريوسين ۽ پوءِ ان ڏينهن کان اڄوڪي ڏينهن تائين، بلڪه قيامت تائين انهن لاءِ روئيندا پٽيندا رهنداسين ۽ کين عظيم آدرش ۽ مثال ڪردار جي روپ ۾ ياد ڪندا رهنداسين، جنهن معاشري ۾ عورت ذات سان ائين ۽ اهڙيءَ منافقي سان هلبو، ۽ پنهنجي اڌ-ڪائنات تي قهر ۽ ڪِيس ڪبا رهبا ته پوءِ معاشري جو بدلجڻ ۽ سڌرجڻ ناممڪن ئي ٿيندو. اسان وٽ ائين ئي ٿي رهيو آهي.

مردن، عورت-ذات سان ائين پئي ڪيو آهي، پر ڏسڻ ۽ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ مظلوم طبقي اهڙيءَ غلاميءَ مان نجات پائڻ لاءِ پاڻ ڇا ڪيو آهي؟ ههڙن سورن جي مذڪورن باوجود ٻهراڙيءَ جي عورت گهر کان ٻني ٻاري تائين اقتصادي واڌاري لاءِ مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري ٿي. اسان جي اهڙي عورت-ذات جي اقتصادي ڪارج ۽ سماجي خدمتن جو ڏوڪڙن ۽ مالي معاوضي جي حوالي سان اڃا اسان جي اقتصادي ماهرن ڪاٿو ڪو نه هنيو آهي. اهڙيءَ ريت شهري عورتن ملازمت، واپار، تجارت، ثقافت ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ پير پائي خاندان جي اقتصادي مسئلن کي ڪلهو ڏنو آهي ۽ پنهنجي سماجي حيثيت به مڃرائڻ شروع ڪئي آهي. ان ڪري اسان جي ٻهراڙيءَ ۽ شهري عورت پاڻ کي اڪارتي هجڻ کان بچائي ورتو آهي. ٻنهي هنڌن تي هوءَ اقتصادي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته پنهنجي حيثيت جي اهڙي نموني سان ساک ڏيڻ باوجود اسان جي سنڌي عورت عزت ۽ جان بچائڻ ۾ ڇو آتي آهي؟ انهيءَ مسئلي تي مرد کان وڌيڪ عورت ذات کي ئي ڏسڻ سوچڻ گهرجي. ڇو ته علم ۾ اضافو ۽ روشن خياليءَ ۾ اڳڀرائپ اچڻ باوجود عورتن تي نت نوان عذاب، دک ۽ درد نازل ٿيندا رهن ٿا.

چوندا آهن ته ماءُ جي گود انسان جو پهريون درسگاهه آهي. اهو درسگاهه جيڪڏهن غير فعال بڻجي ويو يا ان کي ”گوسٽ درسگاهه“ بڻايو ويو ته پوءِ هر پيدا ٿيندڙ مرد پنهنجي هر روپ ۽ رشتي ۾ وحشي، مطلب پرست ۽ درندو ٿي وڏو ٿيندو. ڀاءُ ٿيو ته ڀيڻ کي ڪاري مارڻ ۾ هن کي قياس نه ٿيندو. ڀاءُ  ٿيندو ته ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو، تان جو پيءُ ٿيندو ته به ڌيءَ هن جي ڏمر ڏاڍ کان مشڪل سان ئي بچي سگهندي. ان ڪري عورت ذات کي جيڪڏهن پاڻ بچائڻو آهي ۽ معاشري کي بچائڻو آهي ته پنهنجي گود کي هڪ ”مثالي درسگاهه“بڻائڻو آهي. ان ۾ ئي سڀني جو فائدو آهي ۽ ان مان ئي اسان جي سوچن لوچن کي مثبت موڙ ملندو.

عورت فقط ۽ فقط ماءُ جو روپ ڪونهي. ٻهراڙين کان وٺي شهرن تائين اسان جون کوڙ ساريون عورتون زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ غير شادي شدو روپ ۾ ڪم ڪن ٿيون. اسان جي عورت-ذات جي هن حصي کي اڃا به وڌيڪ مثالي ٿيڻو آهي. ڇو ته هي طبقو مرد تي تڪڙو ۽ ترت اثر وجهي ٿو، ۽ ان بابت مرد جو مشاهدو سموري عورت-ذات لاءِ ڪنهن نه ڪنهن نظريي کي جنم ڏئي ٿو. انهيءَ طبقي کي روايتن جي قيد مان آزادي ماڻي گهٽي، دفتر ۽ ارادي ۾ پهچڻ کان پوءِ اهڙن دقيانوسي قدرن ۽ نظرن مان به پاڻ کي آزاد ڪرڻو آهي، جيڪي کيس چالبازيءَ سان قيد رکڻ لاءِ جوڙيا ۽ مڙهيا ويا آهن. هن موڙ تي معاشري کي ”مرد معاشري“ يا ”عورت معاشري“ قائم ڪرڻ بدران انساني ۽ برابريءَ واري معاشري ۽ ماحول قائم ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ آهن. ائين ئي عورت ذات ٻن گروهن کي هڪ قوم ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن عورت هن موڙ تي ڪوڙي انا خوديءَ، معاملي فهميءَ بدران هوڏ کان ڪم ورتو ۽ قدرين، نظرين ۽ اصولن کي مردن لاءِ الڳ ۽ عورتن لاءِ الڳ سمجهيو ۽ قبول ڪيو ته ان مان اسان جي اهڙي عورت ذات جو تشخص ۽ ڪردار اڀري نه بيهندو، ويترصورتحال مونجهاري جو شڪار ٿيندي. وقت جي تقاضا آهي ته عورت ذات پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ماءُ جي روپ ۾ پنهنجي گود کي مثالي درسگاهه بڻائي ۽ ٻين روپن ۾ مثالي خواهي آدرشي انسان وارو ڪردار ادا ڪري. ان ۾ ئي عورت ذات جي ڀلائي آهي ۽ ان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes