ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

عجب جهڙيون عادتون، پرين ۾ آهن!

کير ۾ جيتري کنڊ وجهبي آهي، اوترو مٺو ٿيندو. ڪڏهن ائين نه ٿيندو ته اهو کير کنڊ وجهڻ سان ڪوڙو ٿي پوي. پر پوءِ اسان جي معاشري ۾ ائين ڇو ٿو ٿئي ته چڱائي، خلوص ۽ پيار اسان جو من ئي ميرو ڪري ڇڏين ٿا ۽ ماڻهپي مان ئي ڪڍي ڇڏين ٿا. نفرت جو ذائقو وٺڻو هجي ته ڪنهن کي ڪن ۾ ٿوري ڦوڪ ڏيو ته ”مان توکي چاهيان ٿو“. ڏينهن جا تارا نه ڏيکاري ته سنڌي ڪيئن سڏائيندو؟ ڪنهن سان انتهائي سچائيءَ ۽ خلوص سان هلو، همراهه اوهان کي بي وقوفن جو بادشاهه بڻائي ڇڏيندو. سمجهندو ته اوهان جهڙو احمق هن دنيا ۾ آهي ئي ڪو نه. اوهان ڪنهن سان چڱائي ڪري ڀلي چڱائي درياهه ۾ لوڙهي اچو، پر جنهن سان چڱائي ڪندا، اهو اوهان کي درياهه ۾ نه لوڙهي ته پوءِ اسان تي ڏنڊ! ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته اسان جي معاشري ۾ ائين ڇو آهي؟ لطيف سائين صديون اڳ انهيءَ صورتحال جي نشاندهي ڪندي چيو ته ”اوڳڻ رسي سڀڪو، ڳڻين پرين رٺام.“ اوڳڻ هجي، عيب هجي ته ڀلي هر ڪو رسي پئي. پر، هتي مصيبت اها آهي ته رسڻ ۽ ڏمرجڻ لاءِ اسان وٽ اهو ئي سبب ڪافي آهي ته ڪو ڳڻائتو آهي. جنهن ۾ ڪو ماڻهپو آهي اهو جهڙوڪ اسان لاءِ آزار آهي ۽ اسان هن لاءِ آزار آهيون. پنهنجي لاءِ ڪشمير جو مسئلو بڻجي ويندو ته هن جا تختا ڪيئن ڪڍجن. هن جي عظمت ۽ عزت جي مينارن کي سومناٿ جو مندر سمجهي ڪاهن مٿان ڪاهون ڪنداسين ۽ ڪا نه ڪا اهڙي سترهين ارڙهين ڪاهه ڪنداسين جو وڃي نيٺ ڪامياب ٿينداسين.

هي اسان جو انتهائي سنگين ۽ ڳنڀير نفسياتي ۽ سماجي مسئلو آهي. آهي ڪو اسان مان ڏاهو، جيڪو ٻڌائي ته اسان پيار جي موٽ نفرت سان ڇو ٿا ڏيون؟ آهي ڪو دانشور جو ٻڌائي ته ان ماڻهوءَ سان وڌيڪ دشمني ڇو ٿي ڪئي وڃي، جيڪو اسان سان خيرخواهي ۽ نيڪي ڪري ٿو؟ آهي ڪو اهڙو سياڻو جيڪو اهو حساب سمجهائي ته خلوص ۽ بي لوث خلوص جو  جوڙ ڪنهن جي عقل جي ٻڙي ڪيئن ٿو ٿئي؟

ها، صديون اڳ حضرت علي سان منسوب هڪ مثال انسانن کي ٻڌايو ۽ سمجهايو ويو. چون ٿا ته حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته بارش جڏهن سمنڊ جي سِپَ جي منهن ۾ پوندي آهي ته ان مان موتي پيدا ٿيندا آهن، پر جڏهن جهنگ جي سَپَ جي منهن ۾ پوندي آهي ته اها زهر بڻجي پوندو. بارش ۽ ان جا قطرا ته ساڳيا آهن. پر وقت، جاءِ ۽ حالتن جي مٽجڻ ڪري، پنهنجي حيثيت، اهميت ۽ مقصد جي تبديلي ڏسن ٿا.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان جا ذهن سمنڊ جي سِپَ بدران جهنگ جو سَپُ ڪيئن بڻجي ويا آهن؟ پيار جي بارش، خلوص جو مينهن ۽ چڱائي جي برسات اسان کي، اسان جي سوچن ۽ ذهنن کي زهر ڇو ٿا بڻائي ڇڏن؟ هي ڪٿان جو ماڻهپو آهي ۽ ڪٿان جي انسانيت آهي؟

سنڌ جو سياستدان عوام کي قومي مسئلن تي متوجهه ۽ مرڪوز ڪرڻ جو ذميوار آهي، ۽ اهو اها ذميواري ڀرپور انداز ۾ پوري ڪري ٿو. ان ڪري اسان جون سنسان گهٽيون ۽ دليون قومي درد جي آواز سان گونججي پون ٿيون. پر انهن سياسي مدبرن کي به اهو بار کڻڻو آهي ۽ پنهنجي پوئلڳن جي ذهني ۽ فڪري تربيت ڪرڻ تي توجهه ڏين. ٻيءَ صورت ۾ نه ته ماڻهن بدران پاڇا ئي هنن جي پوئلڳي ڪندا رهندا ۽ ڪنهن لالچ يا ڪارڻ جي سچيءَ ڪوڙي روشنيءَ ۾ سندن پاسو ئي ڇڏي ويندا. سماجي ڪارڪنن سنڌ ۾ کوڙ سارو چڱو ڪم ڪن پيا. پر منهنجي مٿن اها ڪاوڙ هوندي آهي ته پراون ڌارين ۽ ٻاهرين ملڪن جي ايجنڊا مطابق پنهنجي معاشري کي مٽائڻ جي ڪوشش نه ڪن ۽ سون تي سيڻ نه مٽائن. پر جيڪي سماجي تنظيمون بي لوثيءَ سان سماجي خدمتون ڪن ٿيون، تن کي گذارش آهي ته ”هيومن ڪئپيسٽي بلڊنگ“ تي به ڪم ڪن ۽ ماڻهن کي انسان بڻائڻ لاءِ به جتن ڪن.

دانشور ڌرتيءَ جي ڏات ۽ فڪر جا حافظ ۽ محافظ انهيءَ صورت ۾ ئي سڏائي سگهن ٿا، جڏهن اهي پاڻ انسانيت ۽ انسان-دوستيءَ جا کليا ڪتاب بڻجي وڃن ۽ اسان کي به اهڙا درس ڏين. نه ته ٻيءَ صورت ۾ سندن قلمي پورهيو ذهني عياشيءَ کان مٿي اهميت وارو نه ٿيندو.

انهن سمورين ڌرين کي پيار، خلوص ۽ چڱائي کي بي موت مرڻ، غلطيءَ ۽ گناهه جي معنيءَ ۾ وٺڻ کان بچائڻو آهي، اسان کي بچائڻو آهي ۽ پاڻ کي بچائڻو آهي.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes