ھڪ غريب لوھر جي گھر ۾ 25-05-1945. تي جنم وٺندڙ سنڌ جو نالي وارو اديب،شاعر،اسڪالر ۽ گل حيات اداري جو باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ.ننڍ پڻ کان ئي علم ۽ ادب سان چاھت رکندڙ انسان.بنيادي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاڙڪاڻي شھر جي مشھور ھاءِ اسڪول پائليٽ مان حاصل ڪيائون.انھن ڏينھن ۾ گاڏين جي سھولت نہ ھجڻ ڪري پاڻ اسڪول ٽائيم کان پوءِ قائم شاھ بخاري واري درگاھ جي مدرسي ۾ رھندا ھئا.جتي بجلي جي عدم موجودگي ۾ پاڻ لاڙڪاڻي ميونسپالٽي طرفان روڊ تي لڳل بلب ھيٺان ويھي سڄي رات پڙھائي ڪندا ھئا.ان بعد ھڪ استاد جي حيثيت ۾ تعليم ڏنائون.جنهن بعد پاڻ 1973 ۾ ليڪچرار طور اسلاميہ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.جتان کين شوق جاڳيو تہ ڪراچي ضلعي جي ادبي تاريخ ترتيب ڏجي.ان خواھش کي عملي جامعو پھرائڻ لاءِ پاڻ سنڌ يونيورسٽي سان رجوع ڪيائون جتان کيس ڊاڪٽر غلام علي الانا جي رھنمائي ھيٺ ” ڪراچي ضلعي جو سنڌي علم ادب ۾ حصو “ جي عنوان ھيٺ پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو لکڻ جي اجازت ملي.پاڻ ڏينهن رات ڪراچي شھر جي لائبريرين ۽ مختلف شخصيتن سان رھاڻ ڪرڻ بعد 1979 ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعلىا ڊگري حاصل ڪيائون.پاڻ سنڌالاجي ۾ رھڻ دوران سنڌ جي عالمن،اديبن،شاعرن ۽ ڏاھن جا 900 جلد ترتيب ڏنا.ان سان گڏوگڏ پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا ليکڪ پڻ آھن جن ۾ آدرش رنگ،آئينو ۽ اولڙو،ادب ۽ ماحول،موتي مور ملوڪ جا ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن.سندن نگراني ھيٺ ڪيترن ئي شاگردن مختلف موضوعن تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا مڪمل ڪيا آھن.پاڻ دنيا جا واحد رھنما آھن جنهن جي نگراني ھيٺ سائين امداد حسين سھتي ڌاڙيلن جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز مڪمل ڪئي آھي جيڪو ھڪ منفرد ريڪارڊ آھي.سندن وڏو ڪارنامو گل حيات ادارو قائم ڪرڻ آھي.پاڻ اڄ بہ 72 سالن جي ڄمار ۾ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين کي سندن جنم ڏينھن سندن ڪارناما سرانجام ڏيندڙ ھيرن جا مرھم ڏينهن ھر روز ياد ڏياري رھيا آھن.    بابا سائين جتي پنهنجي سنڌي قوم جي خدمت ڪري رھيو آھي اُتي پاڻ ھڪ فرمانبردار پٽ،محبتي ڀاءُ،سٺي مڙس ۽ ھڪ سٺي پيءُ جو ڪردار پڻ خوب ادا ڪيو آھي.پاڻ ھميشہ سادو پھريندا ۽ سادو کائيندا پر پنهنجي خاندان جي ھميشہ خدمت ڪئي آھي. اڄ بہ 72 سالن جي ڄمار ۾ ڏيندڙ آھن نہ ڪي وٺندڙ.اڄ سندن پي ايڇ ڊي جي لکيل مقالي کي شيئر ڪرڻ تي مون کي ڏاڍو فخر محسوس ٿي رھيو آھي ۽ خوشي منجهان اکين ۾ پاڻي بہ آھي.

 

(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes