textgram 15710218711
 
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”منهنجي ڳوٺ بابت اڃان وڌيڪ معلومات
 
گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
“ منهنجي ڳوٺ بابت اڃان وڌيڪ معلومات“
     هن کان اڳ مون پنهنجيءَ جنم-ڀوميءَ ڳوٺ خير محمد آريجا جي بنياد پوڻ بابت تاريخي حوالا ڏئي ڳالهيون ڪيون. چاهيان ٿو تہ ان ۾ ڪجھ اضافو ڪريان. ڪاش مون وانگر هر ڪو دوست پنهنجي پنهنجي ڳوٺ تي ايئن لکي تہ هوند سنڌ جي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ محققن کي وڏي مدد ملي.
        ڳوٺ آريجا ذات وارن ٻڌو، ان ۾ پوءِ ٻين ذاتين وارا بہ اچي آباد ٿيا. ڳوٺ ۾ اڄ بہ آريجا ذات وارن جي اڪثريت آھي. هن ذات کان پوءِ اثر اسوخ واري ٻي ذات سيدن جي آھي. گمان آھي تہ ڪلهوڙن جڏھن آريجن جي اوڀر ۾ قائم ٿيل ڳوٺ ھٽڙيءَ ۾ مغل حڪمرانن خلاف انڊر گرائونڊ تحريڪ جو بنياد رکيو ۽ اتي پنهنجي ذات خواه مريدن کي فوجي تربيت ڏيڻ شروع ڪئي تہ ڪلهوڙا ذات جا ماڻھون اچي آريجن ۾ آباد ٿيا. وقت ۽ حالتن جي تقاضا اها هئي تہ ڪي ذاتيون اهي بہ اچي خيرمحمد آريجا ۾ رهن جيڪي اهڙي ڪرت ڪندڙ ھجن جن مان ڪلهوڙن جي انڊر گرائونڊ تحريڪ کي هٿي ملي يا ان ڪري انهن ذاتين جو اتي ڀلو روزگار ٿئي. سومرا ۽ پٺاڻ ذاتيون هن ڳوٺ ۾ ان ڪري اچي آباد ٿيون. سومرا ڊکاڻڪو ۽ نيرولڪو ڪم ڪندا هئا. اهڙي نموني اسان جا وڏڙا پٺاڻ آريجن ۾ آيا جيڪي لوهارڪو ڪم ڪندا هئا. خير محمد آريجا ۾ لوهرن، ڊکڻن ۽ نيرولين جي اچڻ مان ثابت ٿئي ٿو تہ هي ڳوٺ هڪ وسندي ۽ واهڻ کان وڌي نئين سماج جي صورت وٺي رهيو هو، ان ڪري ڳوٺ ۾ پورهيت خاندان اچي آباد ٿيڻ لڳا. 
      ايئن کوکر بہ ڪچي کان لڏي هتي آيا. هن خاندان ديني درس و تدريس ڏي ڌيان ڏنو ۽ نالو ڪمايو . تعليم جي ڳالھ نڪتي آھي تہ هندن کان پوءِ مسلمانن مان پهريون شيخ ذات وارن هن پيشي ۾ نالو ڪمايو. هنن کان پوءِ سيدن ۽ آريجن سرڪاري پرائمري اسڪولن تي مالڪي ڪئي. ماسي سڀائي جيڪا ذات جي آريجياڻي هئي، تنهن تعليم جي شعبي ۾ نالو ڪمايو ۽ ڌاڪو ڄمايو. هن جي ملان اسڪول مان پڙھي نڪتلن وڏا عهدا ڪمايا. ادي زينب، ادي اشرف، ادي جنت ۽ ادي شريفان سندس اسڪول جون استادياڻيون هيون. اهي سندس پنهنجيون هيون ۽ انهن سالن جا سال ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي عام ڪيو. اتي پڙهائي ايتري تہ سٺي هوندي هئي جو ڪيترا ڇوڪرا بہ سرڪاري اسڪول بدران هن اسڪول ۾ پڙھيا. منهنجو والد صاحب بہ ماسي سڀائي جي اسڪول ۾ پڙھيو هو.
     جيئن علامہ محمد آريجويءَ ۽ مخدوم شھاب الدين گڏجي هن ڳوٺ کي “ ديني ڳوٺ “ بڻايو، تيئن ڳوٺاڻن وري امن، محبت ۽ ڀائيچاري وارو سماجي ماحول جوڙيو. اوطاقون آريجا ذات وارن جون هونديون هيون. پر انهن جا دروازا سڀ لاءِ کليل هوندا هئا. هر ڪو ذات وارو مرڻي پرڻي ۾ اهي اوطاقون ڪم آڻيندو هو. ڪنهن جو بہ مهمان ايندو هئو تہ اهو انهن اوطاقن ۾ رهايو  ويندو هو. اهي اوطاقون راند ۽ وندر جو مرڪز هونديون هيون.
        نئون زمانو آيو تہ سماجي ڀلائيءَ واري ڪم کي انهي نموني سان کنيون ويو. انهي ڪم ۾ ڳوٺاڻا سڀ گڏ هوندا هئا. ڳوٺ ۾ پهرين اين جي او “ خير محمد آريجا ويلفيئر ائسوسيئشن“  ٺھي تہ ان ۾ محمد بخش آريجو ( جيڪو ضلعي ناظم بہ ٿيو)، سيد عباس علي شاه، اسدالله پٺاڻ ۽ ٻيا ڪيترا عهديدار ۽ ميمبر ٿيا. بابا انهيءَ انجمن جو سيڪريٽري جنرل هو. هن انجمن ڳوٺَ ۾ بينڪ کولائڻ ۽ انگريزي اسڪول قائم ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي.
     ڳوٺ خير  محمد آريجا  اڄ ڪيترين ذاتين جو ڳوٺ ۽ سڪون جو گهوارو آھي. ڪي ٻيون ذاتيون جيڪي هن ڳوٺ ۾ رهن ٿيون، اهي آھن: ميمڻ، ڪوري، ڪنڀر، چنجڻي، بروهي، شر، جوڳي، ٻرڙا، چنا، ڏھر، مڱريا، سهڙا، کوهارا ۽ تونيا وغيره.
      انشاءَ الله مان هن ڳوٺ جي سياسي تاريخ جو احوال بہ جلد دوستن سان ونڊيندس.

Good Wishes