textgram 1573893994

 
 
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”ڳوٺ آريجن ۾ اين جي اوز جو آغاز
 
انسان ” سماجي جانور آھي“ ۽ سماج جي سڌاري خواه واڌاري لاءِ ھن کي ڪجھ ” ڏيڻو پئي ٿو“ ۽ ڪجه ”وٺڻو پئي ٿو“. انسان آزاد ۽ خودمختيار ھوندي بہ پنهنجي ڪيترين ڳالھين ۾ ٻين تي انحصار ڪري ٿو ۽ گھڻين ڳالھين ۾ ڪنهن بہ صورت ۾ ھو آزاد ۽ خومختيار ناھي. مثال طور ھو پنهنجي مرضي سان جنم نہ ٿو وٺي. ھن کي ذات پات ,نالو ۽ دين ڌرم پنهنجي خاندان مان ملي ٿو. اھو ئي  انسان جڏھن وڏو ٿي پنهنجي سماج ۽ معاشري ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو تہ ”ڏيڻ ۽ وٺڻ“ کان سواءِ اھو ڪو چڱو ڪم ڪري نہ ٿو سگهي. 
   اڳئين زماني ۾ ”پئنچاتون“  ھونديون ھيون جيڪي شروع ۾ ٻوڙو ٻڌي آچار ڪنديون ھيون ۽ پنهنجي اجتماعي مسئلن جا حل تلاش ڪنديون ھيون. اڳتي ھلي جڏھن ” اپر ڪلاس“ انهن تي قبضو ڪيو تہ پئنچاتون گھڻي حد تائين عدالتي ڪم ڪرڻ لڳيون ۽ ماڻھن انهن وٽ پنهنجا فيصلا ڪرائڻ شروع ڪيا. 
   جديد سماجي تنظيمن جو رواج انگريزن جي دور ۾ پيو ۽ خاص ڪري ھندن کوڙ تنظيمون جوڙيون. سنڌ وڏا سماجي سڌارڪ پئدا ڪيا ,جن سنڌ کان سواءِ گڏيل ھندستان جي مختلف شھرن ۾ بہ سماجي تنظيمون قائم ڪيون. مثال طور ڏيارام گدومل امرت سر واري ايراضي ۾ سينيٽوريم ٺھرايو ۽ ممبي ۾ ”سيواسڌن“ نالي سماجي تنظيم ٺاھي. اسان جي دور ۾ بہ سماجي تنظيمن ۽ جماعتن جي ڪا ڪمي ناھي. ھنن تنظيمن کي اسان ٻن قسمن ۾ ورھائي سگهون ٿا: ھڪڙيون اھي تنظيمون آھن جن کي ٻاھرين ملڪن ۽ ادارن مان مالي مدد ملي ٿي ۽ ٻيون اهي تنظيمون آھن جيڪي پنهنجي مالي وسيلن ۽ ذريعن تي ھلن ٿيون ۽ مقامي سماجي خدمتون سرانجام ڏين ٿيون. 
   منهنجي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ پھرين سماجي تنظيم ۱۹۷۰ ۾ قائم ٿي . ان جو نالو هئو “سماجي تنظيم ڳوٺ خير محمد آريجا“ .ھن تنظيم ۾ ڳوٺ جون مکيه ۽ وڏيون ذاتيون شامل ھيون ۽ باباسائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ان جو سيڪريٽري جنرل ھيو. ھن تنظيم ڳوٺ۾ بئنڪن جي برانچن کولرائڻ لاءِ ۽ انگريزي اسڪول قائم ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي.
    جڏهن نوجوانن سماجي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي تہ پوءِ ٻيون تنظيمون بہ قائم ٿيون انهن نوجوانن مان برڪت آريجو, شفيق آريجو ۽ سيد لياقت علي شاھ جا نالا ذڪر لائق آھن. انھن اڳتي ھلي سماجي خدمتون سرانجام ڏيڻ کان سواءِ سياست ۾ بہ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان شعبي ۾ بہ نالو ڪمايو. نوجوانن جي ھيءَ ٽمورتي پنهنجون لياقتون ۽ صلاحيتون رکڻ باوجود منهنجي والد صاحب ۽ چاچي امير بخش پٺاڻ جي ويجهو رھي. چاچا امير بخش ٽيوشن سينٽر کولي مفت ۾ ڳوٺ جا ٻار پڙھايا.
برڪت آريجي جي نالي تي اھا ڳوٺ جي خدمت لکي ويندي تہ ھن منهنجي والد جي مدد سان ڳوٺ کي بجلي ڏيارڻ ۾ ,اھم ڪردار ادا ڪيو. شفيق آريجي لائبريري کولي نوجوانن جي  نظرياتي تربيت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ھن جي ڪوششن سان ڳوٺ جي نئين نسل ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ٿي. سيد لياقت علي  شاھ ڳوٺ مان بي روزگاري کي ختم ڪرڻ لاء عملي ۽ مثالي ڪم ڪيا. ھو اڄ زندھ ڪونهي پر ڪيترا خاندان سندس خدمتن کي وساري نہ ٿا سگهن. هن وقت ڳوٺ ۾ “ بختاور فائونڊيشن “ جي نالي سان ايس ايس پي  سيد فدا حسين شاه تنظيم ٺاهي آھي، جنهن جي انتظامي نگراني سيد شفقت حسين شاه ڪري رهيو آھي. هن تنظيم ڳوٺ ۾ تمام اهم سماجي ڪم ڪيا آھن، جهڙوڪ ڳوٺ کي ايمبولنس مهيا ڪرڻ، مريضن جو دوا درمل ڪرائڻ، غريبن کي گهر ٺاهڻ ۾ مالي مدد ڏيڻ ۽ نوڪريون وٺي ڏيڻ وغيره.
      ڳوٺ خير محمد آريجا قائم ٿيڻ کان وٺي سماجي سھڪار, امن ۽ ڀائيچاري جو گھوارو رھيو آھي. ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو ڏکيو ڏينهن آيو آھي تہ ڳوٺاڻن جي وڏي اڪثريت انهي کي اڪيلو نہ ڇڏيو آھي. علامه محمد آريجوي جو مدرسو, مخدوم شھاب الدين جي موجودگي , مولانا تاج محمد کوکر جو مدرسو ۽ ان کان پوءِ علامه ھدايت الله جو مدرسو فقط ديني درس تدريس جا مرڪز نہ رھيا آھن پر انهن ڳوٺ ۾ سماجي مساوات ۽ عوامي ڀائپيءَ کي عام ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي .
بابا سائين ۽ گل حيات انسٽيٽيوٽ سماجي خدمتن جون بھتر روايتون قائم ڪيون آھن. ۱۹۷۰ ۾ جڏھن پھرين اين جي او ٺھي تہ بابا ان جو سيڪريٽري جنرل ھيو ۽ ان سلسلي ۾ ھن جيڪي ڪوششون ورتيون ان جا عڪس مون ھن پوسٽ جي ٽائيٽل ۾ رکيا آھن. وري ۱۹۹۰ ۾ جڏهن گل حيات انسٽيٽيوٽ قائم ڪيائين تہ ڳوٺ کي ٽيليفون جي سھولت ملي.  ھن انسٽيٽيوٽ ۾ ٻارن کي مفت ۾ پڙھائڻ ۽ لائبريري قائم ڪرڻ ڪري ڳوٺ جي نوجوانن کي اتساھ مليو. گل حيات اڄ ڪلھ سنجيده قسم جي تحقيق ڪرڻ ۽ سنڌ جي تاريخي اھميت واري مواد ۽ معلومات کي گڏ ڪرڻ واري ڪم ۾ وڌيڪ وقت ڏئي رھيو آھي. گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ترقي ۽ تحفظ ۾ ڳوٺ جي سماجي قدرن ۽ نظرين جو اھم ڪردار رھيو آھي ۽ انشاءَ الله تعالا ڳوٺ جا سماجي قدر ۽ نظريا ٻين لاءِ  مثال ٿي رھندا

Good Wishes