Menu

لڙڪن واريون اکيون ۽ مرڪڻ وارا چهرا

 

اسان جي شاديءَ کي ڀريا ٻه سال گذري چڪا آهن . ايتري عرصي ۾ مندون ته ڇا ، پر ماڻهو به مٽجي ويندا آهن ،ليڪن هن ۾ ڪائي تبديلي ڪا نه آئي . ويتر وقت گذرڻ سان گڏ هو ڄڻ دل لاهيندو رهيو آهي . هن شاديءَ کان اڳ مون ۾ ايتري دلچسپي نه ورتي هئي ، جيترو سندس هينئر حال آهي . گهر ۾ پير پائيندو ته ائين اچي گهوريندو ڄڻ آءٌ ڪا وڃائجي وئي هيس ۽ هن وڏيءَ جاکوڙ کان پوءِ مون کي ڳولهي لڌو هجي . صبح جو ناشتو ڪري اٽيچي کڻي اچي منهنجي اڳيان بيهندو . ڄڻ آءٌ ڪا سينٽ آهيان ، جنهن کي پنهنجي جسم سان لائي پوءِ چائنٺ ڇڏيندو . ان وقت هن جو روپ ڏسڻ وٽان بڻجي پوندو آهي . مان هن جي اکين منجهان سندس اندر جو انسان ڏسي وٺندو آهيان؛ اهو انسان جيڪو شاديءَ کان اڳ به سندس نيڻن ۾ نظر ايندو هو : معصوم ، پياسو ۽ شڪر گذار !

اڄ هو جيئن ٺهي سنبري اچي منهنجي اڳيان موڪلائن لاءِ بيٺو ته آءٌ هن سان چڙي پيس . ڀلا چڙان به ڇو ؟ هن طرف گهڙيال جي گهنٽي پئي مٿو کائي ته اجها ٿي مون کي به گاڏي کڻڻ لاءِ اچي . آءٌ به ته هن وانگر گهر کي جنت بنائڻ لاءِ ملازمت جي دوزخ کي منهن ڏيندي آهيان . مون کي پنهنجي دفتر ۾ وقت تي پهچڻو پوندو آهي . اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي جو دير سان پهچڻ تي ٻه ٺپيون ٻڌڻيون پيون ۽ ڏينهن جو آغاز ئي موڊ آف سان ٿيو .

ان ڪري اڄ جڏهن هو اٽيچي کڻي اچي اڳيان بيٺو ته پنهنجي ڪاوڙ روڪي نه سگهيس ۽ کيس چئي ويٺس ته :”تو ته ٻارن کان به لنگهائي کنئي آهي . مريو ڪا نه ٿي وڃان جو سڪ ۾ هنيانءُ ٿو ڦاٽئي . ڏند ڪڍي توکي الله واهي نه چيم ، تنهنجي ٽاءِ نه ٺاهيم ۽ وارن ۾ آڱريون نه ڦيرايم ته ڪهڙو آسمان ڪرندو . ڇڏ پچر ته مان به پنهنجي تياري ڪريان “

هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا . هو صوفا سيٽ تي ڊهي پيو ، روئڻ لاءِ ! سڏڪا ڀرڻ لاءِ !! ڄڻ هن کان ڪنهن سڀ ڪجهه کسي ورتو هجي !! مون جيستائين پنهنجي تياري نه ڪئي ، هو اتي ئي ويٺو رهيو ، بنهه پٿر جي مورت بڻيو . مون گهڙيءَ ۾ ڏٺو اڃا ويهارو منٽ باقي هئا . انهن ويهن منٽن ۾ هن رٺل انسان جي ويهن صدين جا غم لهي پئي سگهيا ، ان ڪري اچي سندس ڀر ورتم ، هن جو ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ ؛ هن کي آٿت ڏيڻ لاءِ ، هن کي پرچائن لاءِ ۽ پنهنجي شڪست مڃڻ لاءِ .

هن اٻاڻڪيون اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺو . منهنجي لؤن لؤن هن جي سڪ ۽ سچائيءَ جي ساک ڏيڻ لڳي . مون پنهنجو رومال ڪڍي هن جا گرم گرم لڙڪ اگهڻ شروع ڪيا ۽ آهستي آهستي هن پٿر جي مورتيءَ ۾ جان پوڻ لڳي . هو ڳالهائڻ لڳو :”تون ئي ته مون لاءِ سڀ ڪجهه آهين ، تون ئي ته منهنجي پناهه آهين . گهر جي چائنٺ ڇڏڻ کان اڳ چاهيندو آهيان ته تنهنجي اکين جي طلسمي تالاب مان پنهنجي وجود کي وهنجاريو وڃان ، جيئن ڪنهن جو به جادو اثر نه ڪري . مان پنهنجي اکين ۾ تنهنجي وجود کي اتارڻ چاهيندو آهيان ، جيئن دنيا ۾ توکان سواءِ ڪنهن ٻئي کي ڏسي نه سگهان . ....“ هن جي اکين ۾ وري گرم گرم لڙڪ تري آيا .

مون هن جي گردن کي پنهنجي ٻانهن جو سهارو ڏيندي کيس دلداري ڏني :”لڙڪن وارين اکين سان هر شئي ڌنڌلي نظرايندي آهي . اگهي ڇڏ انهن لڙڪن کي ، پسڻ جي ڪوشش ڪر مون کي اصلي روپ ۾ . تنهنجي لڙڪن کي ته مون انهيءَ ڏينهن مرڪن ۾ بدلايو هو ، جڏهن تو منهنجي لڙڪن مان ڀريل وجود جي مٽي ڳوهي هئي ۽ منهنجي حوالي ڪيو هئي پاڻ ته جيئن آءٌ انهن مان هڪ مڪمل مورتي جوڙي سگهان ....“ ۽ پوءِ مرجهايل مکڙي گل جيان ٻهڪي پئي هئي . هو ائين خوش نظر اچڻ لڳو ، ڄڻ صدين جي تلاش کان پوءِ کيس خزانو هٿ آيو هجي . هن پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل گهڙيءَ ڏانهن ڏٺو :”او ! اٺ منٽ دير ٿي وئي .“ پوءِ تڪڙو تڪڙو گهر کان ٻاهر نڪري ويو . هن کي ويندو ڏسي مون کي ائين لڳو ، ڄڻ هن جي لؤن لؤن ٺري پئي هجي . هن کي جيوت جا سچا پچا رنگ ملي چڪا هجن .

ساجن جي ههڙي هلت ڏسي ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي سمورن مردن لاءِ دل ۾ عزت ۽ احترام جا جذبا جاڳي پوندا آهن . ڌاڙيل ، لٽيرا ، ٺڳ ، بي ايمان ، ۽ دغا باز مردن جا سمورا گناهه ساجن جي ههڙي هلت صدقي ڌوپي ويندا آهن . جيڪڏهن يقين ايندو اٿم ته دنيا جا سڀ مرد ساجن جهڙا نه ٿيندا آهن ، پر ان ڳالهه جي به ترديد نه ٿي سگهندي آهي ته ساجن دنيا جي مردن جهڙو نه آهي . هي بنهه نرالو آهي . ماڻهن ۾ موتيءَ داڻو .“

ساجن کي آئون ٽن سالن کان سڃاڻان ، يعنيٰ شاديءَ کان هڪ سال اڳ . مون کي اهو ڏينهن چڱيءَ طرح ياد ٿو اچي ، جڏهن هڪ مهيني جي موڪل کان پوءِ آئون پنهنجي اسڪول ڏانهن وري هيس . منهنجي سهيلين ٻڌايو هو ته اسان جي اسڪول ۾ ساجن نالي هڪ نئون استاد آيو آهي . بنهه ڄاڻ جي کاڻ ، اخلاق جو مجسمو ۽ ذهانت جو ڀنڊار . آئون جڏهن اسڪول پهتس ته هو ٽن ڏينهن جي موڪل تي ويل هو . اهي ٽئي ڏينهن مون پنهنجي سهيليءَ کي مٿو کائيندي محسوس ڪيو . مون کي محسوس ٿيندو هو ته منهنجي سهيلي پاڻ- هرتو پنهنجي خيالن جي پنجوڙ ۾ ڦاسندي پئي وڃي . هوءَ يڪ طرفو ساجن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي . مون کي هن جي حال کي ڏسي رحم ايندو هو . خواهش ٿيندي هيم ته پنهنجي سهيليءَ کي ڪنهن کڏ ۾ ڪرڻ کان بچايان . هڪ ڏينهن ته کيس کهرو ٿيندي چئي ڏنو هيم ته : ”مرد بي درد ٿيندا آهن . هنن کان متاثر ٿيڻ معنيٰ آهي ، پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ .“ ليڪن منهنجي سهيلي پير ته ڇا پر پنهنجي سسيءَ تي به ڪهاڙا وهائڻ لاءِ تيار ٿي نظر آئي .

نيٺ خير جا ٽي ڏينهن گذريا ، ساجن به آيو . اسٽاف روم کان ڪلاس روم تائين ، سندس شخصيت کان وٺي ڪردار تائين ، هن جي قول کان وٺي فعل تائين ، مون سندس غور ۽ فڪر سان مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو . هٿرادو پنهنجائپ جي ڄار ۾ هو روز بروز پاڻ وڪوڙائيندو ويو . هن پنهنجي وجود جي ڪتاب کي اسان اڳيان کولڻ شروع ڪيو . هن جي زندگيءَ جو هر هڪ باب عظمتن ، نيڪ نامين ۽ چڱاين سان ڀريل نظر آيو ، سواءِ هڪ باب جي جيڪو اڌورو ۽ اڻپورو هو . سواءِ هڪ ڪهاڻيءَ جي جنهن کي هن عنوان ڏين ٿي چاهيو . هو وقت گذرڻ سان پنهنجي شخصيت کي پاڻيءَ جيان اسان اڳيان پلٽڻ لڳو، تان جو اسان کي محسوس ٿيڻ لڳو ته هن جي شخصيت جو پاڻي اسان جي پيرن کان ٿيندو دماغن جي تهن تائين پهچڻ لڳو آهي . پوءِ اسان ٻئي سهيليون ساجن جي شخصيت ، مسئلن ۽ پنهنجائپ واري روين تي بحث ڪنديون هيونسين . ساجن پنهنجي شاديءَ جي مسئلي تي حد کان وڌيڪ سنجيدو ٿي ويندو هو . هن سان همدرديءَ خاطر ساڻس انهيءَ موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي هئي، ليڪن فيصلي جي ڇڙي منهنجي هٿن ۾ هوندي هئي . جنهن سان آئون ڪنهن به وهم گمان کي نه رڳو پنهنجي، پر پنهنجي سهيليءَ جي ذهن تائين به پهچڻ ڪا نه ڏيندي هيس . ڪنهن عرصي کان پوءِ ساجن اسان لاءِ ڪا ڳجهارت نه رهيو هو . مون کي ياد ٿو پوي ته هو چوندو هو ته :”مان انهيءَ پناهه جو تلاشي آهيان. اهڙي پناهه جيڪا منهنجي گناهن کي باهه بڻجي ساڙي ڇڏي ۽ پاڻي بڻجي منهنجي صلاحيتن جي سائي سلي کي سدابهار ٻوٽو بڻائي . هو چوندو هو ته اڌوري ۽ اڻپوري هئڻ جي باوجود هن سالن تائين پنهنجي ضرورتن ۽ پاڻ کي پنهنجي خول ۾ بند ڪري رکيو هو . انهيءَ وهم گمان ۽ شڪ جي نالي ۾ ته هن کي بنهه هن جهڙو اڌ نه ملندو . هن تي ڪو به رحم ڪري کيس پناهه نه ڏيندو ۽ هن جي اڌوري وجود کي ڪو به مڪمل نه ڪندو .

هو اسان جي اڳيان ائين پاڻ وکيري ڇڏيندو هو ، ڄڻ پنهنجي خول کان ٻاهر نڪري آيو هجي . ڄڻ کيس ڪٿي اميد جو ڪرڻو نظر آيو هجي . هن جي سنجيدگي انهيءَ حقيقت جي تصديق ڪندي هئي ته واقعي هو اڌورو يا اڻپورو آهي . هو مڪمل ٿيڻ ٿو چاهي . هن کي پناهه گهرجي اهڙي وجود جي ، جيڪو هن جهڙو هجي . اهو وجود ، جنهن جي تلاش ۾ ڄڻ هن صديون گذاريون هجن . اهو وجود جنهن لاءِ هن پنهنجيون سموريون محبتون ، حسرتون ۽ خواهشون سالن کان امانت طور سانڍي رکيون هجن .

ڪڏهن ڪڏهن ساجن جا اهڙا سر ٻڌي ڏاڍي مٺيان به لڳندي هئي . هن سان ، هن جي سمورين خوبين ۽ صلاحيتن جي باوجود نفرت ٿيڻ لڳندي هئي . نفرت ٿيڻ لڳندي هئي هر مرد سان ۽ مرد جي نالي سان . جڙي ايندو هو ته هن کي اهڙيون ٻه - ٺپيون ٻڌائجن جو هميشه لاءِ پنهنجي زبان تي تالو لڳائي ڇڏي . مگر اڻڄاتو هن کي معاف ڪرڻو پوندو هو . بي سبب زهر جو ڍڪ ڀرڻو پوندو هو . مگر منهنجي اها خاموشي دامن ۾ هزارين طوفان کڻي آئي . هو هر روز سنجيدو ٿيندو ويو .تڏهن مون محسوس ڪيو ته هو مون ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي . جيتوڻيڪ هن تي ڪاوڙ به ايندي هئي ، مگر آءٌ ساڻس اڻڄاتل همدردي ڪرڻ کان سواءِ به رهي ڪانه سگهندي هيس . شايد ان ڪري جو هن جي سنجيدگيءَ تي يقين ٿيڻ لڳو هو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ پنهنجي انهيءَ نه ڪيل گناهه جو احساس ٿيڻ لڳو هو ته انهيءَ انسان جو وجود شايد منهنجي ئي هٿان ڀور ڀور ٿيڻ لڳو آهي ، جنهن کي منهنجي سهيلي اڏول ۽ مضبوط سمجهندي هئي . جيڪو خود پنهنجي لاءِ پاڻ به چوندو هو ته جبل جيان سخت هوندي به آءٌ واري وانگر وکرڻ لڳو آهيان .

ايڏن طوفانن آئي به هر ڪو پنهنجيءَ جاءِ تي اڏول رهيو ، ليڪن هڪ ڏينهن واقعي ٿرٿلو آيو . اهڙو زلزلو آيو جو اسان سمورن جي اصولن ۽ عقيدن جي ڌرتي ڌٻي پئي . هو ٻارن جيان بي قابو ٿي ويو . هن جي دل زبا ن بڻجي وئي . هن ائين ڏک ڏني ڄڻ شڪست مڃي هن پنهنجي وکريل وجود کي سميٽڻ جو فيصلو ڪيو هجيس . ڄڻ نا اميديءَ جي تيز هوا . هن جي اندر واري آزاد ٿيل انسان کي وري پنهنجي ذات جي خول طرف ڌوڪڻ شروع ڪيو هجي . هن جي اندر واري انسان ڄڻ ٻارن جيان ضد ڪري نراسائيءَ مان جان ڇڏائي ، ڪنهن پناهه طرف تاڻيندو هجي . ڪنهن وجود کي ائين ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي ، ڪنهن انسان کي پنهنجي ذات جي خول سان نفرت ڪندي ۽ ڪنهن انسان کي مضبوط پناهه جي تلاش ۾ ائين سرگردان ٿيندي مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺو . کيس ههڙي حالت ۾ ڏسي مون کي هن سان همدردي ٿيڻ لڳي ۽ منهنجي پٿر جهڙي دل به پاڻي ٿي پئي ۽ اهو پاڻي منهنجو اکيون به روڪي نه سگهيون . مون لڙڪن جي اها راند ته همدرديءَ ۾ ڪئي هئي ، ليڪن منهنجي هڪ هڪ لڙڪ مان هن اڻ پڇيو ۽ اڻ ٻڌايو پنهنجي وکريل ۽ ڀريل وجود کي ڳوهڻ شروع ڪيو ، تان جو اهو وقت به آيو جو هن انهيءَ مٽيءَ مان هڪ مورتي جوڙي راس ڪئي . اها مورتي جيڪا پوءِ به اڌوري هئي ، جنهن کي هڪ مڪمل روح جي ضرورت هئي ۽ جنهن کي وري ڊهندو ۽ ڀور ڀور ٿيندو ڏسڻ لاءِ ڪنهن کي به همت ڪا نه هئي .

پوءِ اها بي روح ۽ منتظر مورتي ڏينهن جا ڏينهن اکين آڏو رهي . چپ چاپ ۽ خاموش . تان جو مون پاڻ اڳتي وڌي هن ۾ روح ڦوڪيو . وري وري ڊهڻ کان کيس بچائي ورتو . هن بي جان مورتيءَ ۾ جان پيدا ڪيم ۽ هو جيئرو جاڳندو انسان بڻجي پيو . مخلص ، بي لوث ۽ شڪر گذار انسان .

اهو ساڳيو ئي انسان هر روز ۽ هر صبح گهر جي چائنٺ ڇڏڻ کان اڳ لڙڪن جي راند سان پٿر جي مورتي ۽ مرڪن جي راند سان ٻهڪندڙ گلاب بڻجي ويندو آهي . هن کي ڏسي سوچيندي آهيان ته جيڪڏهن دنيا جي هر هڪ انسان کي ساجن جيان پناهه جي جاءِ ملي وڃي، دنيا جو هر هڪ مرد ساجن جيان مڪمل ۽ ڪامل بڻجي وڃي ته انسانيت جي چهري تان اڻ ڳڻين گناهن جا داغ ائين مٽجي وڃڻ لڳن ، جيئن جبل جي چوٽيءَ تان پيل برف سج جي گرميءَ ۾ ڳرندي ۽ پگهربي رهندي آهي . پر لڙڪن واريون اکيون ۽ مرڪڻ وارا چهرا انسان ڪٿان آڻي ؟

 

 

Menu
Go to top