Menu

ماضيءَ جي مزار

 

پيارا ٻارو ! ڌرتيءَ جو گولو ته هڪڙو آهي ، پر ان تي ڪيتريون ئي قومون رهن ٿيون . جيڪي پنهنجي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي آڌار تي پنهنجا خاص ملڪ وسائن ٿيون . هر هڪ قوم کي پنهنجون ريتون ۽ رسمون ، ۽ پنهنجا عقيدا ۽ حوصلا ٿين ٿا .انسان ته مڙئي هڪجهڙا ٿين ٿا ، پر رسمون ۽ رواج ، عقيدا ۽ اصول ، تهذيب ۽ تمدن انهن کي الڳ الڳ قوم بڻائن ٿا .

 

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾ هڪ ملڪ ۾ اهڙي قوم رهندي هئي ، جنهن کي پنهنجي حڪومت هلائڻ جو هڪ عجيب و غريب ڍنگ هوندو هو . قوم جو ڪو به خاندان حڪومت ڪو نه هلائيندو هو . ليڪن قوم مان هڪ ڀلي ۽ ذهين ماڻهوءَ کي ملڪ جي واڳ سونپي ويندي هئي . جيڪو حڪومت يا ملڪ کي پنهنجي جاگير يا ورثو نه سمجهندو هو . پر ڌرتيءَ واسين جي خدمت ڪندو هو . جڏهن کيس احساس ٿيندو هو ته هو ملڪ جو انتظام ماڻهن جي خواهش مطابق نه ٿو هلائي سگهي ، يا سندس ڄمار وڏي ٿي وئي آهي ته پوءِ هو نئين حڪمران تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو .

 

چون ٿا ته انهيءَ ملڪ جي حڪمران کي اچي خيال ٿيو ته هاڻي حڪومت جي گدي نئين نسل جي حوالي ڪجي ، ته جيئن اهو نئين تقاضائن مطابق قومي ڪاروبار هلائي سگهي . سو هن پنهنجي وزيرن اميرن کي هدايتون ڏئي ڇڏيون ته جلد از جلد هڪ عام درٻار جو بندوبست ڪيو وڃي، جيئن نئين حڪمران جي چونڊ ٿي سگهي.

 

حاڪم جي حڪم جي تعميل ڪئي وئي ، هڪ عام درٻار جو بندوبست ڪيو ويو . جتي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو اچي حاضر ٿيا . رسم ۽ رواج مطابق حڪمران کي پهرين ڏينهن عوام جي اڳيان هڪ سوال پيش ڪرڻو پوندو هو ، ۽ ان کان پوءِ ماڻهن کي موقعو ڏنو ويندو هو ته هو هڪ هڪ سوال تي پنهنجي ذهانت جو ثبوت ڏين ۽ جو خوشنصيب انهيءَ سوال جو پورو پورو جواب ڏيندو هو ،ان کي حڪومت جي واڳ سونپي ويندي هئي. انهيءَ رسم مطابق وقت جي حڪمران هن ريت پنهنجو سوال پيش ڪيو :

 

پيارا وطن واسيو ! هي انهيءَ وقت جي ڳالهه آهي ، جڏهن آءٌ ننڍو هوس . عيد جو ڏينهن هو ، رواج مطابق بابو سائين پنهنجي وڏن جي قبرن تي قل پڙهڻ لاءِ قبرستان وڃي رهيو هو . مون به ساڻس گڏجي وڃڻ لاءِ ضد ڪيو . گهر جي سمورن ڀاتين ڪوشش ڪئي ته جيئن آءٌ قبرستان نه وڃان . ڇو ته آءٌ ننڍو هئس . ۽ سندن خيال مطابق مقام ڏانهن وڃڻ ڪري ، مون تي جنن ڀوتن جو پاڇو پئجي ٿي سگهيو. انهيءَ ڪري ڪنهن خرچي ٿي ڏني ته ڪنهن نون ڪپڙن وٺي ڏيڻ جا دلاسا پئي ڏنا . ڪنهن ٿي چيو ته هلي ٿا ملاکڙو ڏسون . هنن ڪيتريون ئي لٺيون چٺيون ڏيکاريون پر ورين ڪي ڪو نه . ڇو ته جا ڪوريءَ جي من ۾ اُڻي به اها ، سو آءٌ به اڙي هڻي بيهي رهيس . انهيءَ ڪري لاچار ٿي سڀني چيو ته ڇڏيو منڊي کي واريءَ ۾ ته ڪل پويس . مون گد گد ٿيندي پنهنجي چولي سان اکين مان وهندڙ ڳوڙها اگهي کڻي بابي جي چيچ پڪڙي . پوءِ ٿياسين روانا قبرستان ڏي .

 

آئون پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مقام ڏانهن وڃي رهيو هئس . مون کي ڪا به خبر نه هئي ته مقام ڇا ٿيندو آهي ؟ اسان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو مقام ڏانهن وڃي رهيا هئا . انهن مان ڪيترن کي هٿن ۾ گلن جا هار هئا . مون ائين سمجهيو هو ته اهي جڏهن مري ويل مائٽن سان ملندا ته سندن ڳچيءَ ۾ هار پارائيندا، ڇو ته هن کان اڳ حج کان موٽي آيل حاجين جي ڳچيءَ ۾ هار پوندا ڏٺا هيم، ۽ مري ويلن لاءِ اهو خيال هو ته جيڪي ماڻهو مري ويندا آهن ، تن کي ڌڻي تعاليٰ پاڻ ڏانهن گهرائي وٺندو آهي ، ۽ اهي عيدن براتن تي ڌڻي تعاليٰ کان موڪل وٺي مقام ۾ اچي پنهنجي مائٽن سان ملندا آهن .

 

بابي جي هٿن ۾ گل نه هئا . هونءَ به احساس هيم ته منهنجي اچڻ تي پاڻ خوش نه هئا ، ان ڪري مٺي به ماٺ ۽ مٺي به ماٺ ڄاڻي ساڻن هلڻ لڳس ۽ کانئس انهيءَ پڇڻ جو خيال لاهي ڇڏيم ته اسان گلن جا هار ڇو نه کنيا آهن .

 

اسان مختلف قبرن تان ٿيندا اچي هڪ قبر جي مٿان بيٺاسين . بابي انهيءَ قبر جي سيرانديءَ کان بيهي ڪجهه پڙهيو. آءٌ انهيءَ سوچ ۾ ٻڏي ويس ته هن قبر مان اول ڪير نڪرندو ، ۽ کيس سڃاڻي به سگهندس يا نه ؟ آءٌ اڃا انهيءَ انتظار ۾ هئس ته بابي دعا گهري ۽ مون کي پنهنجي پويان هلڻ جو اشارو ڪيو . بابي جو غصو اڃا منهنجي ذهن تي چٽِل هو . ان ڪري مون کانئس مري ويل جي نه موٽي اچڻ بابت ڪجهه به نه پڇيو . اسان ٻي قبر جي مٿان وڃي بيٺا سين ته بابي پاڻ ٻڌايو ته اها منهنجي ڏاڏي جي قبر هئي ۽ پهرين تربت مامي جي هئي . هن قبر تي به مون انتظار ڪيو، ليڪن اتان به ڏاڏو ڪو نه اٿيو . پوءِ ٻين ماڻهن کي به ڏٺم ته اهي به اسان وانگر رڳو دعا گهرندا پيا وڃن . هن هيڏي ساري قبرستان مان ڪو به ڪونه پيو اٿي . تڏهن ياد پيم ته هڪ دفعي امڙ ٻڌايوهو ته مري ويلن جا روح اسان کي ڏسي سگهندا آهن ، ليڪن اسان کين ڪو نه ڏسي سگهندا آهيون . پوءِ ڪنهن به قبر ڦاٽڻ يا مڙدن جي ٻاهر نڪر ڻ جو خيال لاهي ڇڏيم . ٻن ٽن قبرن تي فاتح پڙهڻ کان پوءِ اسان هڪ مقبري ۾ داخل ٿيا سين. مقبرو نهايت شاندار ٺهيل هو . ياد ٿو پوي ته ان ۾ گلن چٽيل نيريون سرون لڳل هيون ۽ ڀتين تي ڪجهه لکيل هو . ٻين قبرن جي ڀيٽ ۾ بابو اتي وڏي ادب ۽ احترام سان گوڏا ڀڃي ويهي رهيو ، ۽ آءٌ وري شاندار مزار کي ڏسڻ لڳس . مزار تي رنگ برنگي ڪپڙا پيل هئا ، انهيءَ جي چوڌاري ڪاٺيءَ جو ڪٽهڙو ٺهيل هو . انهيءَ مزار تي دعا گهرڻ کان پوءِ اسان ڪنهن به ٻيءَ قبر تي نه ويا سون ۽ پوءِ قبرستان ڇڏي گهر ڏي موٽياسين .

 

ڏاڏي سائينءَ جي قبر جيان بابي ٻين قبرن بابت ته ٻڌايو هو ، ليڪن هن مزار متعلق ڪا ٻاڦ به ٻاهر نه ڪڍيائين . ان ڪري مون پاڻ کانئس انهيءَ شاندار قبر بابت پڇيو . جنهن تي بابي سائين ٻڌائڻ شروع ڪيو ته : ” پُٽ ! مون کي خبر نه آهي ته هيءَ قبر ڪنهن جي آهي ، ليڪن وڏن کان ٻڌندا پيا اچئون ته اها هڪ پهتل ٻانهي جي قبر آهي . انهيءَ پهتل ٻانهي لاءِ اسان ڪيتريون ڳالهيون ٻڌندا پيا اچئون . هڪڙا ماڻهو چون ٿا ته اهو فقير هڪ مالدار ماڻهو هو . وٽس ان ۽ ڌن جي ڪا به ڪمي ڪانه هئي . هڪ دفعي ڇا ٿيو ته ٻئي ڳوٺ وارن سان سندس جهيڙو ٿي پيو ، جنهن ۾ هن جو لکن جهڙو پُٽ مارجي ويو . سندس سون ورني پُٽ جي مارجي وڃڻ جو ٻڌي سڄي ڳوٺ خون جي پلاند وٺڻ جو پڪو پهه ڪيو . کين خبر پئي ته دشمنن جي ڳوٺ جي هڪ ڄڃ انهيءَ رات سندن ڳوٺ کان گذري رهي آهي . ان ڪري سڀني فيصلو ڪيو ته ڄڃ تي راتاهو هنيو وڃي . سڀئي متفق ٿيا. ۽ هر هڪ وڃي پنهنجيون ڪاتيون ڪهاڙيون تکيون ڪرڻ لڳو . هن فقير جي دل م اچي خيال ويٺو ته اجائي ڏاڍي خون ريزي ٿيندي . ان ڪري ڇا ڪيائين جو سج لهڻ سان گڏ دشمنن جي ڳوٺ هليو ويو ته جيئن ڄاڃين کي ڳوٺ جي منصوبي کان واقف ڪري :۽ کين رستي مٽ ڪرڻ جي صلاح ڏئي . چون ٿا ته هي جڏهن ڄاڃين وٽ پهتو ته ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ کيس ماري وڌائون . ”پُٽ ! دشمنن سان چڱائي ڪرڻ يعني پنهنجي ڳچيءَ تي ڪهاڙو هڻڻ سو هن فقير سان به ائين ٿي پيو . چون ٿا ته ڳوٺ وارن کي جو اها خبر پئي ته انهيءَ وقت ئي کڻي چڙهائي ڪياوئون ۽ ڪيترن ئي دشمنن کي دسي وڌائون .“

 

آءٌ وڏي دلچسپيءَ سان بابي سائينءَ جي اها ڳالهه ٻڌندو رهيس ۽ بابي وري ٻي ڳالهه شروع ڪئي :”ماڻهو هن شهيد لاءِ ٻي ڳالهه ٻڌائيندا آهن . گهڻن جو چوڻ آهي ته اهو ماڻهو عزت ۽ شهرت جو مالڪ هو . مهمان نواز به وري پنهنجي مٽ پاڻ هو . رحم دل به ڏاڍو هو . چون ٿا ته هڪ دفعي ڪنهن ملڪ ۾ اچي راڄ –ڊوهه ٿيو . ان ڪري ، ماڻهن ۾ اچي ڏڦيڙ پيو . ماڻهو اهڙا ته اچي مٽيا ، جو هڪ ٻئي جا ويري ٿي پيا . ڀلا لوڙهو جو چور ٿئي ته گهر کي ڪير بچائي ؟ سو اهي ماڻهو به سڀ ليڪا لنگهي ويا . هڪ ٻئي جي گهرن کي ساڙيائون ۽ بيگناهه شهرن اچي لابارو وڌائون . چوندا آهن ته نه ظلم نه ظلم ڪندڙ قائم ، سو جن جنگ جوٽي هئي ، تن کي اها ڳچي ۾ پئجي وئي . پوءِ اهي ڊوهي ماڻهو ملڪ ڇڏي ڀڄڻ لڳا . انهن ڀاڄوڪڙن جو هڪ قافلو اچي اسان جي ڳوٺ ٻاهرن ويٺو . انهيءَ وقت سندن حالتن ڏسڻ وٽان هئي . انگين اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا ته سڀئي هئا . هنن نه رڳو عزت وڃائي هئي ، پر ڌن ۽ دولت تان به هٿ ڌوئي ويٺا هئا . سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي آيا هئا . سندن اهڙي حال کي ڏسي شهيد فقير کي رحم آيو ، هن نه رڳو ديڳيون چاڙهي سندن ماني جهلي ، پر مٿي ڍڪڻ لاءِ پنهنجي ٻنين ۾ مَنهَن به ٺهرائي ڏنا . چوندا آهن ته آئي ٽانڊي ڪاڻ ٿي ويٺي بورچاڻي ، سو هنن به ائين ڪيو . کڻي فقير جي ٻنين تي قبضو ڪيائون . هيريءَ جي هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي . سو انهن ڊوهي ڀاڄوڪڙن هتي به پير پختا ڪرڻ کان پوءِ رنگ ڏيکاريا .ائين جهيڙي جي شروعات ٿي جنهن ۾ فقير مارجي ويو .“

 

”آءٌ ڪن ڏئي بابي جي ڳالهه ٻڌندو رهيس تان جو گهر پهتاسين . انهيءَ ڏينهن کان پوءِ آءٌ انهيءَ قبر بابت ماڻهن کان پڇندو رهيس ، ڪنهن چيو هو ته ڀائر پاڻ ۾ وڙهيا هئا ۽ اهو فقير ڀائرن هٿان مارجي ويو هو ۽ ڪنهن ٻڌايو ته انهيءَ فقير کي ننڊ ۾ ئي موت اچي ويو هو . آءٌ اڄ ڏينهن تائين انهيءَ مزار کي نه ته وساري سگهيو آهيان ، ۽ نه وري ان جو راز معلوم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان . اوهان مان به انهيءَ راز کي سليو ۽ کولي ٻڌايو ته پنهنجي گادي تنهنجي حوالي ڪندس ۽ اهو ئي اسان جو نئون حڪمران ٿيندو“ .

 

حڪمران پنهنجي حڪايت ٻڌائي پوري ڪئي ، ۽ ان کان پوءِ ميڙ مان هڪ هڪ ماڻهو اٿندو ، پنهنجي لياقت ، ذهانت ۽ صلاحيت مطابق منجهيل سٽ کي کولڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو . ائين لڳاتار ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون درٻار لڳي رهي ماڻهن جي مهمانيءَ ۽ رهائش جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو هو . هڪڙيون ديڳيون لهن پيون ته ٻيون چڙهن پيون . هيڏي ساري ميدان ۾ تنبن جون ڪيتريون ئي قطارون لڳل هيون، ائين پيو لڳي ڄڻ ڪو نئون شهر اڏيو ويو آهي . مطلب ته سڀني جي سک جو خيال رکيو ويو هو . ڪنهن کي به ڪو ڏک ڪو نه هو . اگر ڪو ئي دکي هو ته حڪمران ڇو ته ٽن ڏينهن ٽن راتين گذرڻ کان پوءِ به کيس سوال جو جوڳو جواب نه ڏنو ويوهو . انهيءَ ڪري هو ڏاڍو غمگين ٿي ويو ۽ اوندهي منجي ڪري اتي ئي ويهي رهيو . اميرن ۽ وزيرن وڏا وس هلايا ته من حاڪم جو من ٻيءَ پوي ، ليڪن تريءَ تيل لڳو ئي ڪو نه . هيڏي حشمت وارو حاڪم ويرم ۾ مايوس ۽ ملول ٿي ويو . اکين مان آب جاري ٿي ويس . بيقراري ۽ بيچيني بي پاڙي وڻ جيان وڪوڙي ويس . ٻارڙن وانگي روئيندي وڏي وزير کي چيائين :”افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ عقلمند انسانن جو ڏڪر پئجي ويو آهي . مون ته سرحدن جا پهرا هٽائي انسانن جي ذهنن تي هڻائي ڪو نه ڇڏيا هيم . ويتر انسانن جي ذهنن تان پهرا کڻائي وطن جي سرحدن تي هڻائي ڇڏيا هئم . مون ماڻهن جي زبان ، دل ۽ دماغ تي تالا ڪو نه هنيا هئا نه ڪوئي کائڻ ، سوچڻ ، لوچڻ ۽ چوڻ جي سگهه کسي هيم ، پوءِ ڇو منهنجي ملڪ جا ماڻهو چپ ٿي ويا آهن ، مون کي پنهنجي سوال جو جواب ڇو نه ٿو ملي ؟ “ امير۽ وزيرحيران ۽ پريشان ٿي ويا ۽ لڄ وچان سندن ڪنڌ جهڪي ويا ڄڻ ڪنهن سندن زبان تي مهر هڻي ڇڏي هجي . ائين گهڙي پلڪ ۾ درٻار جي رونق ئي بدلجي وئي . جتي ٽي ڏينهن اڳ خوشيون ۽ شادمانيون هيون اتي هاڻي مايوسي هئي . ائين ٿي لڳو ڄڻ بهار ڏسندي ڏسندي خزان ۾ تبديل ٿي چڪو هجي . آخر ڪار حاڪم پنهنجو فيصلو ٻڌايو ته آءٌ انهيءَ وقت تائين اوندهي منجي نه ڇڏيندس جيستائين منهنجي من جي مراد پوري نه ٿيندي . وزيرن، اميرن مٿا ملائي ويهي فيصلوڪيو ته ملڪ جي چئني طرف ماڻهو ڊوڙايا وڃن، جيڪي حاڪم جو هي سوال وڃي عوام اڳيان پيش ڪن . بس فيصلي ۽ حڪم جي ويرم هئي . هر هڪ وستي ۽ واهڻ ، ڳوٺ ۽ شهر ڏانهن ماڻهو موڪليا ويا . حاڪم ۽ ان جا وزير ۽ امير انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ ويهي رهيا .

 

سج لڙي ويو ، شام ٿي وئي ، ڏيئا ٻري ويا . ليڪن اميدن جو چراغ ڪنهن به ٻرندي نه ڏٺو . انهيءَ حالت ۾ سڄي درٻار ويٺي هئي ته اوچتو ڀير تي ڏونڪو لڳو ، حاڪم جي اکين ۾ جوت اچي وئي ، هو خوشيءَ وچان ٻهڪي پيو . درٻار جي رونق ئي بدلجي وئي ، اجڙيل آستان ۾ وري زندگيءَ جي لهر ڊوڙي آئي .

 

حاڪم حڪم ڪيو ته ڀير تي ڏوڪو هڻندڙ کي هڪدم ادب ۽ احترام سان آندو وڃي ، اميرن ۽ وزيرن جو ن صفون سڌيون ٿي ويون جو جتي هيو اتي ئي ادب ۽ احترام سان اٿي بيهي رهيو . ماڻهن جي هجوم مان هڪ شخص نهايت حليمائي ، صبر ۽ تحمل سان اڳتي وڌندو رهيو . سندس لباس مان ائين پئي لڳو ته هو ڪو غريب ماڻهو هيو . پيرن ۾ ڦاٽل جتي ۽ مٿي تي پراڻي ٽوپي . اکيون ويڪريون ۽ جسم ۾ جانٺو جوان . مطلب ته سونهن ۽ سادگيءَ جو مجسمو پئي لڳو . حاڪم تخت ڇڏي هيٺ لهي وڌي اچي آڌر ڀاءُ ڪيس . حاڪم کلي کيس ڀاڪر پاتو . ائين پئي لڳو ڄڻ ڪي وڇڙيا ڀائر مليا هجن . حاڪم ته اهڙو گد گد پئي ٿيو ، ڄڻ کيس نئون جنم مليو هجي .

 

حاڪم وڃي تخت تي ويٺو ۽ غريب شخص مٿيري جاءِ تي بيهي حاڪم جي حڪم جو انتظار ڪرڻ لڳو . حاڪم بيچين ٿيندي غريب شخص کي چيو ته :”اي عقلمند انسان ! ٻڌاءِ ته تون اسان جي درد کي ڄاڻين ٿو ؟ جو سوال مون پوريءَ قوم جي اڳيان پيش ڪيو آهي ، ڇا تون ان جو جواب ڏئي سگهندين ؟“

 

انهيءَ تي غريب شخص وراڻيو ته :”اي خير خواهه ۽ قوم جا هڏ ڏوکي حاڪم ! تنهنجو ملڪ ڏاهن جو ڏيهه آهي . آءٌ ته انهن جي جتيءَ ۾ پير پائي نه ٿو سگهان . مون اوهان جو وڏو ڏوهه ڪيو آهي جو وقت سر اچي اوهان جي اڳيان حاضر نه ٿيس . ليڪن آءٌ به ڇا ڪريان . مون ته اهو سوچي دير ڪيم ته ڀل مون کان ڪوئي وڌيڪ عقلمند ۽ اڪابر اچي اوهان جي سوال جو جواب ڏئي ۽ ملڪ جي واڳ سنڀالي . ليڪن اهو ڪڻو منهنجي ئي نالي نڪرڻو هو ، ان ڪري اڄ اچي حاضر ٿيو آهيان .

 

منهنجا سائين ! اوهان نهايت عقلمندي ۽ دانشمنديءَ سان هڪ قبر جي تمثيل ۾ قومن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا ڪارڻ ٻڌايا آهن . انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اوهان ڏينهن رات هڪ ڪري ، رت ولوڙي ، ڇڙ وڇڙ قوم ۾ ايڪو ۽ الفت پيدا ڪئي ۽ ان کي قوم بڻايو اوهان جوخيال آهي ته اوهان کان پوءِ هن ملڪ جو ڪو اهڙو حاڪم مقرر ٿي جيڪو قوم جي ٻڌيءَ کي قائم رکي سگهي ، ۽ نئين حاڪم کي قومن جي تباهه ٿيڻ جي سببن جي ڀلي ڀت خبر هجي .

 

اوهان پنهنجي فلسفي کي هڪ ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي ، اوهان جو پيش ڪيل شهيد درويش هڪ قوم جو مثال رکي ٿو . اوهان انهيءَ جي مرڻ جا چار سبب ٻڌايا آهن ، جيڪي قومن جي تباهه ٿيڻ جا ڪارڻ آهن . اوهان جڏهن چئو پيا ته انهيءَ درويش کي ٻئي ڳوٺ وارن ماريو هو . ان جو مطلب هي آهي ته قوم جو خاتمو ڌارين جي حملي سان به ٿي سگهي ٿو . اوهان جڏهن ٻڌايوپياته درويش ڊوهي ۽ ڀاڄوڪڙ ڌارين کي پناهه ڏني ، جن سندن خاتمو آندو ، تنهن جو مطلب هي آهي ته ڪا قوم جڏهن ڌارين ڊوهي ڀاڄوڪرن کي پناهه ڏيندي ته اها نيڪي نانگن پالڻ برابر ٿيندي ۽ اهي ڌاريا اڳتي هلي راڄ ڊوهه ڪري قوم کي تباهه ڪندا . اوهان جڏهن چئو پيا ته درويش کي ننڊ ۾ موت اچي ويو هو ته ان جو مطلب هي آهي ته ڪا قوم غفلت سبب به تباهه ٿي سگهي ٿي . اوهان جو ٻڌايو هو ته درويش کي پنهنجي ڀائرن ماريو هو ، ان جو مطلب هي آهي ته قوم پاڻ ۾ وڙهي به پنهنجي قوميت ، اتحاد ۽ وجود جو خاتمو آڻي سگهي ٿي .

 

غريب شخص جي اها وضاحت ٻڌي حاڪم مبارڪ مبارڪ جا لفظ ورجايا . ۽ سموري درٻار ۾ خوشيون ۽ شادميانيون ٿي ويون . حاڪم چيو ته :” بيشڪ مون کي اهو ئي غم هو ته مون کان پوءِ هن ملڪ جو حڪمران اهو ئي شخص ٿئي جو قوم ۽ ملڪ جو اتحاد قائم رکي سگهي . هاڻي منهنجي من جي مونجهه لٿي . تون ماضيءَ جي مزار جي مام ڄاڻي ثابت ڪيوآهي ته حڪومت تون ئي هلائي سگهين ٿو . ان ڪري جيئن صبح ٿيندو ، تيئن هن ملڪ تي تنهنجي ئي حڪمرانيءَ جو سج چمڪڻ لڳندو .“

 

 

Menu
Go to top