شامت اعمال ما صورتِ نادر گرفت

 

ڪلهوڙن وڏي ڪوشش سان ڀور ڀور ٿيل سنڌ کي مغلن، مغلن جي نوابن ۽ سندن ڇاڙتن کان ڇڏائي اڃا اڪائي جو روپ ئي ڪو نه ڏنو ته نادر شاهه سندن ڪوششن کي نهوڙي ناس ڪري ڇڏيو. نادر شاهه سنڌ کي وري ٽڪرا ٽڪرا ڪيو، عوام سان ارڏايون ڪيون ۽ ڌرتي خواهه ڌرتيءَ وارا سندس ظلم جو نشانو بڻيا. تنهن دور جي ڏاهن حالتن جو جائزو ورتو ۽ انهيءَ نتيجي تي پهتا ته نادر شاهه جي آمد تنهن دور جي وس ڌڻين جي عملن، غلط ڪارين ۽ غلط حڪمت عملين جو منطقي نتيجو هو.

ڇا ايئن ته نه آهي ته اڄ جون اگريون حالتون پڻ اسان جي عملن، غلط ڪارين ۽ غلط حڪمت عملين، غلط سوچ ۽ غلط لوچ جومنطقي نتيجو آهن؟ انهيءَ اهم ۽ ڳنڀير سوال تي هن ئي دور جي ڏاهن انسانن کي سوچڻو آهي.

منهنجي خيال ۾ هر دور جي سڄي مانڊاڻ ۽ ماحول ۾ مرڪزي ڪردار فرد ۽ ان جي شخصيت ئي ادا ڪري ٿي. جيڪڏهن فرد جي شخصيت ۽ ڪردار جي تربيت خواهه تعمير بهتر رخ ۾ نه ٿي ٿئي ته پوءِ ان جو عمل، ان جي حڪمت عملي، قول ۽ فعل، سوچ ۽ لوچ به صحيح دڳ واري ٿي نه ٿي سگهي. انهيءَ ڪسوٽيءَ مطابق هن دور جو استاد، اديب ۽ شاعر، صحافي ۽ دانشور، مدبر ۽ مفڪر ڏوهي ثابت ٿئي ٿو. جيڪڏهن استاد ٻيو ڪجهه نه ڪري ها، فقط ۽ فقط فرد کي لکڻ پڙهڻ جو عادي بڻائي ها ته به فرد اڳتي هلي انهيءَ عادت کي ڪم آڻيندي دنيا ۽ جهان کي ڏسي پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ ۽ جوڙڻ جي ڪوشش ڪري ها. اسان جو نوجوان ايئن اڄ ڪتاب ۽ قلم، علم ۽ تعليمي ادارن جو دشمن بڻجي نه پئي ها. جيڪڏهن اسان جو اديب ۽ شاعراستاد جو ساٿي بڻجي، بلڪ ”استاد ثاني“ بڻجي فرد کي پاڻ سڃاڻڻ ۽ پاڻ ٺاهڻ تي توجهه ڏئي ها ته هوند اسان پنهنجي فرسودي تعليمي نظام جي پيدا ڪيل منفي نتيجن تي اثر انداز ٿي سگهون ها. اهڙي ريت جيڪڏهن سياستدان پنهنجي پنهنجي پارٽيءَ کي ڪامياب ۽ مقبول بنائڻ لاءِ ڪارڪنن جي قوم دوستي ۽ انسان دوستي تي ٻڌل ذهني ۽ فڪري تربيت تي وڌيڪ ڌيان ڏين ها ته سياست جي صورتحال اڄ ٻي ڪجهه هجي ها.

بلاشڪ، اسان جي انهن سمورن ادارن ۽ رهبرن کي ڪم ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، جن ۾ استاد، اديب ۽ سياستدان پنهنجو پنهنجو فرض ادا ڪري نه سگهيا.پر پوءِ به تاريخ ته ڪنهن کان صفائي نه وٺندي آهي، تاريخ جي نظر ته نتيجن تي هوندي آهي.ان ڪري جڏهن به تاريخ منهن کوليندي ته سندس فيصلو استاد، اديب ۽ سياستدان جي خلاف ويندو. ان ڪري جو تاريخ اڳيان فقط نتيجا آندا ويندا ۽ ذهن بدلائيندڙ ڌرين جي ڪا به دانهن يا ڪوڪ تاريخ جي حضور ۾ پيش نه ڪئي ويندي ته کين ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو.

تضادن جي هن دنيا ۾ ڪم ڪرڻ ڪا آسان ڳالهه ڪانهي. ظالم ڪيئن چاهيندو ته رحم عام ٿئي؟ جهل ڪيئن گهرندو ته گهر گهر علم پهچي؟ ڪا قهري قيادت ڪيئن پسند ڪندي ته جهنگ جهر ، بر شهر، وستيون ۽ واهڻ، سونهن خواهه سندرتا جا گهوارا ٿين؟ پر تاريخ ڪو به جواز ڪونه ٻڌندي آهي. ان ڪري اسان تضادن جي هن دنيا ۾ جنهن به ڌر سان لاڳاپو رکون ٿا ۽ جنهن به نظريئي، اصول يا عقيدي سان ڄاتا سڃاتا وڃون ٿا، اسان کي ان جي هراول دستي جيان ڪم ڪرڻو پوندو. اسان کي مخالفتون ۽ موافقتون ڏسڻيون پونديون. ان باوجود اسان کي ڪم ڪرڻو پوندو. ِهن دور ۽ هُن دور جي ڏاهن خلاف تاريخ کي جيڪو فيصلو ڏيڻو پوندو ، ان ۾ اهو پڻ شامل هوندو ته اسان جو دور اسان جي سوچن ۽ لوچن جو منطقي نتيجو هو. جيڪڏهن اسان لاءِ خارجي سببن اُهي حالتون پيدا ڪيون ته اسان به اهڙين حالتن پيدا ڪرڻ جا پاڻ ذميوار رهيا سين. حالتن کي بدلائڻ يا سڌارڻ لاءِ موسمن جي نه پر ماڻهن جي تبديلي کي وڏو عمل دخل هوندو آهي ۽ اسان ماڻهو خواهه ماڻهن جي ذهنن کي ته ڇا پر پنهنجي پنهنجي حلقي جي ذهنن کي به بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.

اسان جي دور ۾ جيڪي به جاڳرتا يا بيداري آڻڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، حقيقت ۾ انهن مان ڪيترا پنهنجا معتقد، مريد ، اکيون ٻوٽي قبول ڪندڙ ۽ ميان مٺو پيدا ڪري رهيا آهن. ڇو ته جاڳرتا ان وقت تائين اچي ئي نٿي سگهي، جسيتائين فرد جي ذهني ۽ فڪري تربيت نٿي ٿئي. فرد جي ذهني ۽ فڪري تربيت ان وقت تائين ناممڪن آهي، جيستائين سندس شخصيت ۽ ڪردار کي ٺاهيو نٿو وڃي. ليڪن ڪنهن به هنڌ تي ڪنهن به رنگ ۾ اهو ڪم نٿو ٿئي. ان ڪري اسان روز به روز دوغلا، کوکلا، مفاد پرست ۽ نظرين کان وانجهيل، ڪورا، اڌورا ۽ اڻپورا ساٿي خواهه حلقا جوڙيندا رهون ٿا. ڪارڪن کان وٺي عوام تائين ڪنهن جي به بنيادي تربيت نٿي ٿئي. فقط کين وقتي جذبو ۽ جنون ڏنو وڃي ٿو ۽ سندس انهيءَ جوش خواهه عقيدتمندي جو ڀرپور استحصال ڪيو پيو وڃي. ان ڪري فرد کان وٺي گروهه تائين ۽ گروهه کان وٺي قوم جي چڱي خاصي حصي تائين، هر ڪنهن جي حڪمت عمليءَ ۾ جهول ٿئي ٿو. هر ڪنهن جي سوچ ۽ لوچ ۾ تضاد ٿئي ٿو ۽ اسان هر دفعي ڪن ٽوپائڻ بدران ڪن وڍائي ويهون ٿا. حالتون جيڪو به رخ يا رنگ وٺن ٿيون، ان لاءِ وڏي کان وڏي ذميواري ۽ ڀاڱي ڀائيواري اسان جي ٿئي ٿي . ايئن ان وقت تائين ٿيندو رهندو جيستائين اسان ”فرد“ ۽ ”ڪارڪن“ جي شخصيت خواهه ڪردار کي نه ٺاهينداسين. اهو ڪم وري تڏهن ڪري سگهجي ٿو، جيستائين ٻين کي ٺاهڻ ۽ سڌارڻ بدران پهريون ”پاڻ“ کي ٺاهيون، سڌاريون ۽ بدلايون.

(ڪالم ”فالو - آن“، روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي ، تاريخ : 05.10.1991)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

Good Wishes