هيءَ دشمني تي ناهي

 

”جاڳو“ اخبار جي هن ئي ڪالم ذريعي مون دشمنيءَ جي موضوع تي ٻه ٽي ڪالم لکياآهن.انهن مان هڪڙي ڪالم جو عنوان هو”جهيڙو لاهه يزيد.“ انهيءَ ڪالم ۾ مون ڪوڙي انا جي نالي ادب، اخلاق ۽ اصول جي بيخ ڪني ٿيڻ واري ڏکوئيندڙ صورتحال ڄاڻائي هئي.ٻئي ڪالم جو عنوان هو ته ”ڇا اسان کي دشمني ڪرڻ به نه ٿي اچي؟“ ان ۾ مون ٻڌايو هو ته دشمنيون ۽ دوستيون انساني زندگيءَ جا اڻمٽ روپ آهن، پر انهن جا به ڪي اصول ۽ طريقا ٿين ٿا، جيڪي اسان وٽ ڪونهن. اسان انهيءَ وقت اهي اصول ۽ طريقا وساري ويهون ٿا، جڏهن ٻئي کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪنهن شريف بي ڏوهي ۽ غير لاڳاپيل ماڻهوءَ خلاف محاذ قائم ڪيون ٿا. اسان جا ماڻهو وانگاري فطرت ۽ طبيعت وارا آهن. ان ڪري اسان وانگار تي ٻئي سان وڙهڻ ۽ ٻئي کي مارڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهيون. هي ڪڌو ڪم ڪندي اسان ”دوستي نڀائڻ“ يا ”وفاداري نڀائڻ“ جي ڊاڙ هڻندا آهيون. سنڌ ۾ اڃا ڪو اهڙو مثال قائم ڪونه ٿيو آهي ته ڪنهن وڏيري، ڪنهن تنظيم يا پارٽيءَ وانگار تي ڪنهن غريب جو گهر ٺهرايو هجي، ڪنهن مظلوم جي مدد ڪئي هجي ۽ ڪنهن بيوس جي امداد ڪئي هجي. اسان ته پاڻ سان چڱائي ڪرڻ سکيا ڪو نه آهيون ۽ نه وري ٻئي سان چڱائي ڪرڻ ايندي اٿئون. هائو، جيڪڏهن ڪنهن جي پاڙ پٽڻي هجي، ڪنهن سان دشمني ڪرڻي هجي يا ڪنهن جي سسي لڻڻي هجي ته پوءِ ڪنهن دوست، ڪنهن وڏيري يا ڪنهن تنظيم جو اشارو ئي ڪافي آهي.

منهنجي ٽئين ڪالم جو عنوان هو”اقليتن تي عذاب، اڃا ايندو اڳتي.“ هن ڪالم ۾ مون انهن ڳوٺن، ماڳن ۽ مڪانن جو ذڪر ڪيو هو. جتي ڪا هڪ اڌ ذات تعداد جي لحاظ کان باقي ٻين ذاتين کان گهڻي ٿي ٿئي. سنڌ جيڪا اڳ ئي سماٽ ۽ غير سماٽ جي خانن ۾ ورهايل آهي، تنهن تي ذات پات جو زنگ اهڙيءَ ريت ته چاڙهيو ويو آهي، جو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي شڪل صورت ئي بگڙجي وئي آهي. سنڌي سنڌيءَ جو دشمن ڪيئن ٿو ٿئي؟ جيڪڏهن اوهان کي اها ڳالهه ٻڌڻي ۽ صورتحال ڏسڻي آهي ته پوءِ سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ڳوٺن ۾ وڃو.ذات پرستن هٿان اوهان کي ظلم جا نت نوان داستان گهڙبا محسوس ٿيندا. اڪثر ڪري گهڻائي واري ذات اوهان کي ٻين تي الرون ڪندي نظر ايندي.ڪيترن هنڌن تي ماڻهو ڪتي جي چڪ کان ته بچي سگهي ٿو، پر ذات پرست جي ڌڪ کان بچڻ جو تصور به ڪري نه ٿو سگهي. مون پنهنجي انهيءَ ڪالم ۾ انهن ئي معامرن کي جاءِ ڏني هئي.

اڄ جو ڪالم اسان جي نفرت، ڪروڌ، وير ۽ دشمنيءَ جي هڪ ٻئي رويئي جي نشاندهي آهي. اسان جاگيردارن ۽ وڏيرا شاهيءَ واري نظام ۾ رهون ٿا. شهري ماڻهو انهيءَ حوالي سان ڪي قدر آزاد ٿين ٿا، پر ٻهراڙين ۾ اڃا اها باهه ٻري ٿي. ٻهراڙيءَ ۾ هن نظام ڪيترن بيگناهن کي سٽي وڌو آهي.ڀلي ته ڪوئي ڪيترو امير هجي، يا ڪوئي ڪيترو سچو هجي، پر سوچيندو ساڳي هڪ ئي نموني سان. هر ڪو سوچ ۾ وڏيرو ۽ رويي ۾ ڀوتار نظر ايندو. ڪمي ڪنهن ۾ به نظر ڪانه ايندي. وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي نظام ۾ بنيادي ڳالهه اها هوندي آهي ته عزت، دولت، شهرت ۽ طاقت فقط پاڻ لاءِ آهي، ٻئي ڪنهن کي به ان ۾ شريڪ ڪرڻو ڪونهي. پر جيڪڏهن شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري يا پاڻ پنهنجن ذريعن، وسيلن، سوچ ۽ لوچ سان عزت، دولت، شهرت، طاقت يا انهن مان ڪنهن به هڪ کي حاصل ڪري ته پوءِ انهيءَ شخص کي جيئرو ڇڏڻو ناهي. پر جيڪڏهن موت به هن کي ماري نه سگهي ته پوءِ هن جو جيئڻ جنجال بڻائڻو آهي ۽ حياتي وهه ڪرڻي آهي.

ڪو پيٽ کي پٿر ٻڌي ٻه ڏوڪڙ گڏ ڪري ٻني وٺي ۽ جي ڪنهن کي اها ڳالهه نه وڻي ته پوءِ هنن جي فرشتن کي ئي خبر نه پوندي. لکپڙهه ٿي ويندي، دستاويز ٺهي ويندا. شاهدن گواهن جون شاهديون ٿي وينديون ۽ رات جي پيٽ ۾ ڪجهه ٻيو پاڻ هرتو مالڪ بڻجي ويندو. ڪم اهڙو ته پڪو ٿيندو جو نه ته ڪورٽ ئي اصلي مالڪ کي زمين موٽرائي ڏئي سگهي نه وري پوليس ئي هن جو پاسو وٺي.

پنهنجي ڪا پوڙهي يا ڪرڙوڍ ماري ڪنهن تي ڪارنهن جو چٽو هڻي موت جو ڊپ ڏئي مٿس ڳاٽي ڀڳي چٽي رکڻ، بليڪ ميل يا ڏاڍ ڪري پنهنجي معمولي ملڪيت ڳري بها تي زوريءَ ٻئي کان خريد ڪرائڻ، شادين براتين، جلسن، جلوسن وقت معتبرائپ جي نالي ۾ بيگار يا نقد جي صورت ۾ غنڊا ٽئڪس وٺڻ سنڌ ۾ ڏاڍ مڙسيءَ جي ثقافت ٿي پئي آهي.

اڪثر ماڻهو نه فقط پاڻ مٿڀري ماڻهوءَ جي مجبوريءَ ۾ غلامي قبول ڪري ٿو، پر موقعي ملڻ تي پاڻ جهڙي ٻئي ماڻهوءَ کي به ڪاريهر نانگ جيان سٽي وجهي ٿو. هو جتي ڏسي ٿو ته سندس دال ڳرڻ واري ڪانهي ۽ گاهه هن جي گاڏيءَ کان گهڻو آهي ته پوءِ وڏي حرفت سان اهڙي ماڻهوءَ جا ڪن ڀرڻ شروع ڪري ٿو، جنهن جا هٿ هن جو نشانو بنيل ماڻهوءَ لاءِ ”موت جا هٿ“ ثابت ٿي سگهن. پوءِ وڏيري جي اوطاق هجي يا ڪنهن ڪاموري جو دفتر ، هنڌين ماڳين نشانو بڻيل ماڻهوءَ جي گلا غيبت شروع ٿي ويندي، ڪردار ڪشيءَ جا قصا بيان ڪيا ويندا. تر جو ڪو نه ڪو وڏيرو يا ڪامورو جيڪڏهن ڪنن جو ڪچو ٿي، هنن جي ڳالهه ۾ اچي بيوقوف ٿي بيٺو ته پوءِ هنن جا ٻيڙا پار ٿي ويا.

تعجب جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ مڪر ۽ فريب، ڏاڍ ۽ ڏمر جي راند ۾ بيوقوف اهو بڻجي وڃي ٿو، جيڪو پاڻ کي ڏاهو ۽ ڏاڍو سياڻو سڏائي ٿو. اسان جا اڪثر ماڻهو ڪن ڪچي هئڻ ڪري قهر ڪري ويهندا آهن. اسان جا ڪيترا بي ڏوهي ۽ معصوم ائين مظلوم بڻجي ويندا آهن. سنڌ ۾ صدين کان وٺي ايئن بي سبب ظلم جاري آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪيترن ڪونڌرن جا ڪنڌ لڻايا ويا آهن. انهيءَ ڳالهه کي تستائين ٻنجو اچڻ مشڪل آهي، جيستائين ٻين کي به زندهه رهڻ ترقي ڪرڻ ۽ خوش رهڻ جو حق نه ٿا ڏيون.

عوام کي اها ذميواري سيکاري ڪير؟ اسان وٽ اديب ۽ شاعر ته ايترو بي اثر بڻايو ويو آهي جو کيس گهر جا ڀاتي به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. اسان جي تعليمي ادارن کي ”اوندهه جا دروازا“ بڻائي هر سال لولا لنگڙا، اڌورا ۽ اڻپورا انسان پيدا ڪيا وڃن ٿا. اسان جي مرشدن کي فقط پنهنجا پير ڌورائڻا آهن. اسان جي اڳواڻن کي رڳو ڊاڙون ۽ ٻٽاڪون هڻڻيون آهن. ان ڪري سوچڻو انهيءَ کي آهي، جيڪو نشانو ٿئي ٿو. آواز مظلوم کي ئي اٿارڻو آهي، جيڪو متاثر ٿئي ٿو ۽ نشانو بڻجي ٿو. ڇو ته سندس آواز ۾ اثر ۽ جادو ٿئي ٿو.

(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي“، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ، تاريخ : 23.01.1995)

 

 

Good Wishes