قوم يا هر ڪنهن لاءِ لٽ جو مال

 

”ڌڻي“ ۽ ”ڌرتي“ شروع کان وٺي انساني نظرين، قدرن ۽ اصولن جا مرڪز رهيا آهن.ماڻهو ڪڏهن به ”مذهب” ۽ ”ملڪ“ تي آسانيءَ سان سمجهوتو ڪو نه ڪيو آهي.بلڪ اڪثر ڪري انهن ٻنهي لاءِ پنهنجي جان ۽ مال جي قرباني ڏني آهي. پر انهيءَ رت جي ڀيٽا ڏيڻ جو هميشه سبب اهو رهيو آهي ته ٻين تي نه چاهڻ باوجود پنهنجو ”ڌڻي“ مسلط ڪجي ۽ ٻين کان پنهنجي ”ڌرتي“ تي مڙهيل تسلط کي ختم ڪجي.

انسان انهن ٻنهي حوالن سان ته الائي ڪيترا رت جا درياهه وهايا آهن.ليڪن ”ڌڻي“ جو ٻانهو ۽ ”ڌرتي“ جو خير خواهه جڏهن پاڻ ”ڌڻي“ ۽ ”ڌرتي“ جي نالي تي ظلم ڪري ٿو، منافقي ڪري ٿو ۽ استحصال ڪري ٿو ته ان وقت فقط ۽ فقط علم ۽ قلم جا آواز ٻڌڻ اچن ٿا، ۽ باقي ضمير، اصول، قدر ۽ نظريا خاموش ٿي وڃن ٿا. سنڌ ۽ سنڌي قوم اڄ ڪهڙي صورتحال مان گذري رهيون آهن؟ جتي ٻيا ماڻهو سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جڏهن سنڌ واسي ڌارين خلاف دانهون ۽ ڪوڪون ڪري رهيا آهن، تڏهن اهڙين حالتن ۾ اسان جو ڪهڙو عمل رهيو آهي ؟

سچ پڇو ته قوم جي حيثيت ۾ اسان عمل ۽ ڪردار جي حوالي سان انفرادي خواهه اجتماعي طور تي انهيءَ موڙ تي پهتا آهيون ، جتان قومون پنهنجو وجود وڃائي ويهنديون آهن. ايئن ڪو نه آهي ته قومون فقط ڌارين جي دشمنين يا يلغارن سان ختم ٿي وينديون آهن، پر فردن جا عمل به حالتن جي ڳنڀيرائپ هوندي به بيوقتيون راڳڻيون بڻجي پون، بلڪ پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻڻ جهڙا ٿي پون ته قوم کي ڪير بچائي سگهي ٿو. اسان پنهنجي بد افعالن، قوم دشمني ۽ ڪوتاهه نظري ڪري انساني تاريخ ۾ هڪ نئين اصطلاح جو اضافو ڪري رهيا آهيون: ”ريڊ انڊينس“ چوڻ سان اها ڳالهه خود به خود سمجهه ۾ ايندي آهي ته اها قوم جنهن کي آمريڪي پناهگيرن تباهه ۽ ختم ڪري ڇڏيو. ڪجهه وقت کان پوءِ ”سنڌينس“ جو اهو مطلب ورتو ويندو ته اها قوم جنهن پنهنجو پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيو. هن وقت داخلي طور تي اسان کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي منفي ڪردار جو مسئلو درپيش آهي.وقت جي تقاضا آهي ته انهيءَ چڪڻ مان چڙهي پئون. ٻئي صورت ۾ اسان جي مستقبل جو واهي الله آهي.

آئون سڄي دور جي نفي ڪرڻ نه ٿو گهران، نه وري پر خلوص، وفادار ۽ بي لوث مگر آڱرين تي ڳڻجڻ جيترن فردن جي ڪوششن ۽ قربانين تي منڌيئڙو ڦيرائڻ گهران ٿو. بلڪ اهو تسليم ٿو ڪيان ته انهن جي ئي دم ۽ عمل سان اسان اڃا زندهه آهيون، پر پوءِ به دعويٰ ۽ ثبوت سان چئي سگهجي ٿو، اوهان ڪنهن به اداري ۾ وڃو، ڪنهن تنظيم کان اونت وٺي ڏسو، ڪنهن به کاتي تي نگاهه وجهو، اوهان کي ڪوڙ، دوکي، ڍونگ ۽ فريب کان سواءِ شايد ئي ٻيو ڪجهه نظر اچي. اوهان اديبن ۽ صحافين سان ملو، استادن ۽ شاگردن کي ڏسو، سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جي ويجهو وڃو، واپاري يا دوڪاندار سان ملو، عملدار يا امير سان ملو، زندگيءَ جي هر موڙ تي سماج جي لڳ ڀڳ هر ڪردار جي وهنوار، انداز، فطرت ۽ ذهنيت ۾ اوهان کي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي جهلڪ نظر ايندي ۽ قوم جو تصور، قوم جو مفاد ۽ اجتماعي مستقبل جو اونو ڳولهيو به ڪو نه ڏسڻ ۾ ايندو.

هن مايوس ڪن حالتن ۾ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها محسوس ٿيندي ته اسان جي اڪثريت قوم، قومي مفادن ۽ اجتماعي مستقبل کي ئي لٽ جو مال سمجهي ٿي. اسان دوکو ڪيون ٿا ته پنهنجي سان، اسان فريب ڪيون ٿا ته پنهنجي سان ۽ اسان استحصال ڪيون ٿا ته پنهنجي جو ، پاڻ ڏاڍائي ڏيکارينداسين ته فقط پنهنجي کي. اسان جي باهمي وهنوار جي ئي بگڙيل صورتحال ڪانهي، پر اسان گڏجي جيئن پنهنجي ادارن ۽ قومي ذريعن، وسيلن کي لٽي رهيا آهيون ، انهيءَ عمل اسان کي چور، حرام خور ۽ ڌاڙيل بڻائي ڇڏيو آهي. ٻين شعبن کي ڇڏيو آئون فقط تعليم ۽ تعلمي ادارن جو ئي مثال عرض رکان ٿو.اوهان يقين ڪيو نه ڪيو ، پر هي سچ آهي ته ڪيترا استاد تعليمي ادارن ۾ وڃن ٿا پر پڙهائن ڪو نه ٿا.کين پوءِ به جس پر انهن استادن لاءِ ڇا چئجي جيڪي صرف پگهار وٺڻ واري ڏينهن ايندا آهن. مون تعليم ۽ تعليمي شعبي جو مثال ان ڪري ڏنو آهي جو ان جي پنهنجي منفرد ۽ نرالي اهميت آهي. هن شعبي جي ذريعي ئي آئيندي جي ابن جي شخصيت ۽ ڪردار کي ٺاهيو وڃي ٿو. جڏهن ههڙي اهم ۽ حساس شعبي جو اهو حشر آهي ته پوءِ باقي شعبن جو ڪهڙو حال هوندو؟ تعليمي ادارن جي تباهي، ڪن استادن جي ڌرتي ڌڻين جي مستقبل سان دشمني ڪرڻ تائين محدود ڪونهي. تعليمي ادارا هاڻي تباهي جو مرڪز بڻجي چڪا آهن. شاگردن، استادن ، انتظاميه ۽ والدين پنهنجا مقصد ۽ فرض وساري ڇڏيا آهن. هر ڪو لٽڻ ۽ ڦرڻ ۾ مصروف آهي. ڪنهن کي مفت جا پگهار گهرجن، ڪنهن کي شاگردن جون فيون گهرجن، ڪنهن کي مفت جون مارڪون گهرجن.

مطلب ته اسان جو معاشرو لٽيرن ۽ مفاد پرستن جي ورڪنگ رليشن شپ جي اصولن تي هلي رهيو آهي. ڪو به قومي ۽ لافاني قدر، نظريو ۽ اصول ڪنهن جي لاءِ به ڪم جو نه رهيو آهي. اسان قوم کي، قومي ذريعن ۽ وسيلن کي لٽ جو مال ڄاڻي هڙپ ڪري رهيا آهيون.نانگ پنهنجي ٻچن کي کائيندو آهي، ليڪن اسان پاڻ کي ۽ پنهنجي مستقبل کي کائي رهيا آهيون. هن تباهي ۽ برباديءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ اهو ماڻهو اهم ڪردار ادا ڪري رهيوآهي ، جيڪو لکيو پڙهيو آهي، جيڪو پاڻ کي سياڻو، عاقل ۽ بالغ ڄاڻي ٿو ، جيڪو پاڻ کي وڏو ڄاڻي ٿو ۽ جن کي ڏسڻ ٻڌڻ کانپوءِ اسان کي مستقبل جي وڻڪار جو احساس ٿيندو آهي.

(ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،تاريخ : 11.03.1995)

 

 

Good Wishes