اٺين آني جو اٺ ٻارهن آنا گهلاڻي.

 

برسات جيڪي سنڌ ۾ قهر ڪيا آهن، انهن کان هر ڪو واقف آهي. جڏهن زمين جو وڃي اهو حال رهيو آهي ته اها وڌيڪ پاڻي جذب نٿي ڪري سگهي، تڏهن عوام ، شهرن، ڳوٺن ۽ فصلن سان ڪهڙي ويڌن ٿي هوندي . سورن جي انهيءَ مذڪور مان الائي ڪيترا داستان جوڙي سگهجن ٿا. بارش وڌيڪ پوڻ سبب سنڌو ۾ به چاڙهه آيو آهي ۽ ان سان گڏ منڇر به موج ۾ اچي وئي آهي. انهيءَ صورتحال ڪيترن سنڌ واسين جو سک ڦٽائي ڇڏيو آهي.

پاڻي، جيڪو هر ڪنهن جيوت جو جياپو آهي ۽ انساني تهذيب جي ارتقا جو پهريون ڏاڪو رهيو آهي، ان کي اڄوڪي انسان پنهنجي پنهنجي مطلبن ۽ مقصدن خاطر ڪم آڻڻ به سکي ورتو آهي. ”پاڻيءَ جي سياست“ هاڻي پاڪستاني سياست جو بنيادي گر، بلڪ تاڃي پيٽو بڻجي چڪي آهي. ڪالا باغ ڊيم پرست سياستدان، مئي متي مهراڻ جي مستي، دهشت ۽ هستيءَ مان فائدو وٺي نصيحتون ۽ وصيتون ڪرڻ جهڙا ٿي وڃن ٿا ته دادلي درياهه کي لغام نه ڏنو ويندو ۽ ڪالا باغ ڊيم نه ٺاهيو ويندو ته ايئن ئي نقصان ٿيندا. پر کين ڪير سمجهائي ته انسان اشرف المخلوقات، جيڪو وڏي سگهه رکي ٿو، سو صدين کان وٺي اهڙين حالتن جو مقابلو ڪندو آيو آهي. اهڙا مقابلا ئي سندس وجود ۽ عظمت جي ساک ڀريندا آهن. سنڌو صدين کان وٺي ڪاوڙبو رهيو آهي، پر سنڌ واسين ان جي موجن مان به اڻ ڳڻيا فائدا پئي ورتا آهن. سنڌو جو غصو ڪڏهن به قهر ۽ ڏمر نه بڻيو آهي. بيشڪ سنڌو شهر ڦٽايا ۽ ماڻهن مجبور ٿي پنهنجي گادين حڪمرانين جا هنڌ بدلايا ، پر سنڌو ۽ سنڌ واسين جي اها اک ٻوٽ راند ٻنهي جي وجود کي ختم نه ڪري سگهي آهي. ان ڪري انهيءَ صورت حال کي بهانو بڻائي حيران ۽ پريشان ٿيڻ اجايو آهي. دنيا جا ڪيترا ملڪ شهر اهڙا به آهن، جيڪي سامونڊي طوفان، تباهي آڻيندڙ ٻوڏن ۽ مسلسل بارشن باوجود سک ۽ سڪون جي زندگي گذارين ٿا. جڏهن ته اهي آفتون انهن جو سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏين ٿيون. پوءِ سنڌ جي حوالي سان سنڌوءَ جي موج کي ڏمر ۽ بارشن کي قهر طور پيش ڪرڻ مان نه ته سنڌ واسين سان خيرخواهي ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ان کي چڱن مقصدن واري سياست چئي سگهجي ٿو. سنڌي قوم جو مثال ڇٻر جهڙو آهي، ڇٻر کي ڍور ڍڳو کائي يا ماڻهو لتاڙي پوءِ به پاڻ هرتو ڦٽي پئي ٿي. انهيءَ جيان سنڌ واسين صدين کان وٺي سماجي، سياسي ۽ آسماني آفتن جو پئي مقابلو ڪيو آهي ۽ ان کي ڪو ختم ڪري نه سگهيو آهي. اها انصاف جي ڳالهه ڪانهي ته سنڌ واسين کي ملندڙ مصيبتن جي سببن کي ختم ڪرڻ بدران زمين ۽ آسمان واري ڪنهن مصيبت کي بهانو بڻائي ساڻن نقلي همدردي ڪئي وڃي. جيڪڏهن سنڌو اسان جون وستيون تباهه ڪري ٿو ته ان جي ذميواري ايريگيشن کاتي تي مڙهي سگهجي ٿي. بندن تي مٽي وجهي انهن کي مضبوط ڪرڻ بدران جڏهن ڪروڙين روپيا عملدارن جي پيٽ ۾ هليا ويندا پوءِ ٻوڏن کان اسان کي ڪير بچائي سگهندو؟

اهڙي ريت جيڪڏهن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو موثر ۽ بهتر نظام موجود هجي ته بارش اسان جا گهر گهاٽ ڇو ڊاهي؟ ٻوڏن ۽ بارش جي تباهه ڪارين کي گهڻي حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو. شرط اهو آهي ته سرڪاري کاتا عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪن ۽ انهن جا عملدار لاهي پاهي عوامي خزاني کي هڙپ ڪرڻ بند ڪن.

اهڙين تباهين کي منهن ڏيڻ جا ڪيترائي سماجي ۽ سياسي طريقا به موجود آهن. عوام کي بزدل، ڀاڙي۽ محتاج بنائڻ بدران ان جي حوصلي، بردباري ۽ همٿ کي اڀاري سگهجي ٿو. اوچتين آفتن کي منهن ڏيڻ جو جذبو هر ڪنهن ۾ موجود آهي. جڏهن اڃا سوسائٽي ۽ حڪومت جو وجود ڪو نه هو، تڏهن به انسان اهڙين آفتن کي منهن ڏيندو آيو آهي. پر اڄ هر ڪنهن حيلي وسيلي هوندي به هو محتاج، مجبور ۽ بي وس بڻجي چڪو آهي. بلڪ انهيءَ کي اهڙي موڙ تي آندو ويو آهي.

اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن به حڪومت اڳواٽ، وقتي ۽ دائمي منصوبا بندي نه ڪئي آهي. نه وري عوام پنهنجي حقن جي حفاظت اهڙي ريت ڪئي آهي، يا ڪن کاتن جي ڪارڪردگيءَ تي ڪڙي نظر رکي سگهيو آهي . سنڌوءَ جي بندن تي مٽي پئي ٿي يا نه ؟ ڳوٺن ۽ شهرن کي گندي پاڻي، بارش جي پاڻي يا درياهه جي پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ واسطيدار عملدار ڇا ٿا ڪن؟ انهن سوالن جو جواب عوام وٽ ئي موجود آهي. هر ڪا پارٽي عوام کي اصلي قوت جو سرچشمو چئي ٿي. عوام کي ايئن ئي رهڻ ۽ ٿيڻ گهرجي. قوت جي سرچشمي ٿيڻ سان ئي عوام پنهنجي ڪيترن دردن جو دارون ڪري سگهي ٿو.

هر ڏکئي وقت تي ۽ هر اهڙي صورتحال ۾ هر دور جي حڪومت پنهنجي ڪوتاهين، غلطين۽ سستين تي پڙدي وجهڻ لاءِ عوام جي اٻوجهائپ ۽ جذبن سان ويساهه گهاتي پئي ڪئي آهي ۽ اهڙين حالتن مان پنهنجي ڪرسي، قد ۽ بت کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. مثال طور تي سخت بارشن ۽ ٻوڏن وقت عملدار، امير، سياستدان ۽ حڪمران ماڻهن سان همدردي ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري پوندا آهن . انهن دورن دوران جيڪي شاهي خرچ ٿين ٿا ۽ جيترو سرڪاري خزانو لٽيو وڃي ٿو، اهو جيڪڏهن متاثر عوام ۾ ورهايو وڃي ته، هوند انهن جا ڏک دور ٿي وڃن ۽ عوام کي فقط دلاسا يا وڌ ۾ وڌ ٻن اڍائي هزارن جي خيرات نه ملي.

 

عوام جون حڪومتون، عوام مان حڪومتون ۽ عوام لاءِ حڪومتون اهڙي ريت قوم کي ڏک ۾ ڏسي پنهنجي وزيرن عملدارن کي اشتهاري ڪردار نه بنائينديون آهن، اهي اٺين آني جي اُٺ تي، ٻارهن آنا خرچ نه ڪنديون آهن. سستي شهرت، عوامي جذبن جي استحصال ۽ شاهي خرچين جون روايتون اڄ به قائم آهن ۽ شايد مستقبل ۾ به قائم رهن .

 

 

(ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

تاريخ : 03.12.1994)

 

 

Good Wishes