نيويارڪ تائين پهچندڙ نظرون

 

ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران سنڌ واسين جيڪا تدبر ۽ سياسي شعور جي جهلڪ ڏيکاري،انهيءَ پنهنجن توڙي پراون کي پريشان ڪري وڌو.ٻي مخلوق مونن ۾ منهن پائي ويٺي، کانئن افغاني گوريلا وسري ويا ۽ سندس آڱريون ڏندين اچي ويون ته گنجي ۽ گوڏ پائيندڙ هٿين خالي انسان ڏاڍ ۽ ڏمر جو ڪيئن مقابلو ڪري رهيو آهي ؟

اها سونهن سنڌ واسين جي ڳچيءَ ۾ پئي، کين ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي منظم ڪيو ويو. هيرون کي گهٽيءَ گهٽيءَ پهچايو ويو. ڪلاشنڪوف ڪلچر کي عام ڪيو ويو ۽ ڌاڙيل فيڪٽر کي هٿي ڏني ڏئي. اهو پئڪيج سنڌ دشمن قوتن جو سنڌ لاءِ هڪ تحفو هئو. جنهن مان اڃا تائين سنڌ واسين جان ڪانه ڇڏائي آهي. پر جيڪو مسئلو سڀني جي ڳچي ۾ پئجي ويو آهي. اهو آهي ايم ڪيو ايم جي جن جو مسئلو. اهو جن هاڻي پنهنجي خالقن ۽ مالڪن کي به اکيون ڏيکاري رهيو آهي.

ماضي قريب جي سالن جا ڏينهن ۽ راتيون اهي شاهدي ڏين ٿا، ته پيپلز پارٽيءَ کي ايم ڪيو ايم برداشت نه ڪيو. بلڪ انهيءَ اختلاف ۽ تصادم آگسٽ 1990ع ۾ چونڊيل حڪومت جي پڄاڻي آڻيندي، ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ ۾ پهريون ڀيرو سياسي پريت جي انوکي ريت قائم ڪئي . ايم ڪيو ايم پاڻ هرتو پيپلز پارٽيءَ سان سياسي ناتو ٽوڙي وڃي، آءِ ، جي ، آءِ سان پڳ مٽي ياري رکي. اها ياري به گهڻو وقت هلي نه سگهي. تان جو انهيءَ حڪومت ”شهري دهشتگردن“ خلاف آپريشن شروع ڪيو. ”شهري دهشتگرد“ جي سياسي اصطلاح کي هر ڪو ڄاڻي ٿو ته اهو ڪهڙيءَ پارٽيءَ لاءِ ڪم آندو ويو ۽ هاڻي به ان مان ساڳئي مراد ورتي وڃي ٿي.

عام طور تي سنڌ جو عوام ۽ خاص طور تي تاريخ تي نظر رکندڙ طبقو جڏهن پاڪستاني سياست جي حوالي سان ڏکن - ڏڌي سنڌ جي اڌ صديءَ جي صورتحال کي ڌيان ۾ رکي ٿو. ته ڪيترا ئي سوال هٿوڙا بڻجي هنن جي ذهن کي چٿيندا رهن ٿا. اها صورتحل ڪجهه هن ريت آهي :-

پاڪستاني سياست جي حوالي سان سنڌ جي ٻن سياسي تنطيمن کي هڪجهڙو ۽ هڪ نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهي آهن، ”جيئي سنڌ“ ۽ ”ايم ڪيو ايم“ جيئن سمورا پناهگير ايم ڪيو ايم جا حامي نه آهن، تيئن سمورا سنڌي جيئي سنڌ جا حمايتي ڪونه آهن . ٻنهي تنظيمن ۾ انهيءَ حوالي سان هڪجهڙائي آهي ته اهي ٻئي تنظيمون پنهنجي ٻوليءَ وارن کي قوم ڄاڻن ٿيون ۽ پنهنجي پنهنجي قوم جي پاڻ هرتو نمائندگيءَ جي دعويٰ ڪن ٿيون. ان کان علاوه ٻئي تنظيمون هڪ کان وڌيڪ ڌڙن ۾ تقسيم ٿي چڪيون آهن يا تقسيم ڪيون ويون آهن.

ٻنهي تنظيمن ۾ فرق اهو آهي ته ”ايم ڪيو ايم “ وارا ڀير تي ڏونڪو هڻي چون ٿا ته هنن پاڪستان ٺاهيو آهي، جڏهن ته ”جيئي سنڌ“ اهڙي دعويٰ نه ٿي ڪري. حالانڪ ان جي برعڪس حقيقت اها آهي ته ” پاڪستان “ ٺاهڻ ۾ سنڌ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي. مسلم ليگ کي پهريون ۽ آخري صدر سنڌ ڏنو. مسلم ليگ جو پهريون ۽ آخري ساليانو اجلاس سنڌ ۾ ٿيو. سنڌ اسيمبلي واحد اسيمبلي هئي، جنهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو. نه صرف ايترو بلڪ ڏتڙيل، لاچار، مجبور، بي گهر ۽ غريب پناهگيرن کي اجهو، ڇپر ۽ ڇانو سنڌ مهيا ڪيو. سنڌ وقتي مفادن خاطر اهڙي دعويٰ نه ڪئي.

وڏي تعجب جي ڳالهه اها آهي جو ٻنهي تنظيمن سان پاڪستاني سياست جي حوالي سان رويا ۽ رابطا الڳ الڳ رکيا ويا آهن. ٻنهي مان هڪڙي ڌر آهي جنهن وٽ ٽارچر سيل ڪلچر آهي. مگر ٻي ڌر فقط دهمانن تي گذارو ڪري ٿي. هڪڙي ڌر فوج خلاف منظم نموني سان نفرت هلائي آهي ۽ فوجي جوانن کي نشانو بڻايو آهي. ان جي برعڪس ٻي ڌر جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار جو کاتو انهيءَ حوالي سان پاڪ ۽ صاف آهي. هڪڙي ڌر ٻاهرين طاقت کي مداخلت ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندي رهي ٿي ته ٻي ڌر خلاف ڪير به اهڙو الزام هڻي نه ٿو سگهي. هڪڙي ڌر ڪراچيءَ جي صورتحال کي ڪشمير جي صورتحال سان ڀيٽي ٿي ۽ پاڪستان کي ٻاهرين ملڪن ۾ بدنام ڪري ٿي ۽ ٻي ڌرآهي جو جنهن ڪڏهن به پنهنجي ڳالهه سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر ڪانه ڪڍي آهي. هڪڙي ڌر جو اڳواڻ ڪورٽ سڳوريءَ طرفان اشتهاري ملزم قرار ڏنو ويو ۽ هو ڏوهن ۾ ملوث هئڻ باوجود ملڪ کان ٻاهر وڃي سگهي ٿو ، اتي ملڪ خلاف ڪم ڪري سگهي ٿو ته ٻي ڌر جو اڳواڻ ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي اهڙي ڪنهن به گناهه ۾ ملوث ثابت نه ڪيو ويو آهي.

اهو ڇو ٿو ٿئي ۽ ڪيئن ٿو ٿئي ؟ انهن سوالن جا جواب سياستدان ئي ڏئي سگهن ٿا . پر جيڪا ڳالهه سنڌي عوام سوچي ٿو اها هي آهي ته ڪو ئي مٿن اعتبار ڪري. سنڌ واسي امن دوست، انسان دوست آهن. تاريخ جي ڪنهن به موڙ تي سندن نالو انساني رت جي رنگ سان نه لکيو ويو آهي. پاڪستاني سياست جي حوالي سان هو فقط ڪنهن هڪ پارٽيءَ جا عقيدت مند ڪونه آهن. جتي انهن مان ڪي رٺل راڻا آهن ته ڪن وري حالتن کي اکين تي رکي صبر سان وقت گذاريو آهي. هو سنڌ جي حوالي سان به سياست ڪن ٿا ته پاڪستان جي حوالي سان به سياست ڪن ٿا. بلڪ حڪمران ڌر جي سنڌ ۾ ”ووٽ بئنڪ“ طور پنهنجو ڪردار به ادا ڪن ٿا. ان ڪري حڪمران ڌر جڏهن ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ڪندي ته ان وقت ان ووٽ بئنڪ جو ان کي اعتماد حاصل هوندو . انهيءَ اعتماد جي تقاضا هيءَ آهي ته سنڌ جي عوام جي حقن جو حق ادا ڪيو وڃي . جڏهن سنڌ جي تقسيم جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ۽ جڏهن ڪراچيءَ ۾ اقوامِ متحده جي امن فوج کي سڏيو پيو وڃي، تڏهن سٻاجهڙن ۽ معصوم سنڌين جي خاموشين جي آواز کي به سڃاتو ۽ محسوس ڪيو وڃي. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته پوءِ نيويارڪ تئين پهچندڙ نظرون هنن معصومن، مظلومن لاءِ اڃا وڌيڪ هاڃا ۽ حادثا پيدا ڪنديون.

 

 

(ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

تاريخ : 13.11.1994)

 

 

Good Wishes