Menu

وبن جاني! هيءُ جهان – هي جو پرين پهتا پارتي، سفارشي –

 

 ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

  الله جنت نصيب ڪريس. بابو مرحوم هو نماز کان پوءِ دعا گهرندو هو. جنهن ۾ هي لفظ ضرور هوندا هئا ته”حاڪم جي حڪم کان، وڏيري جي وير کان،  ظالم جي ظلم کان ۽ جاهل جي جهل کان پناهه ۾ رکجانءِ“.  ٻيو ته سڀ ڪجهه سمجهه ۾ ايندو هو، پر اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ايندي هئي ته بابو سائين حاڪم جي حڪم کان پنهنجي الله کان پناهه ڇو ٿو وٺي. هڪ دفعي همت ڪري کانئس پڇيم، فرمائين ته”وقت تي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندءِ“.

هاڻي ٿي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته ماڻهن جو سرڪاري دفترن ۾ ڪم ڦاسي ٿو ته ائين ٿو لڳي ته هنن جو ڪم نه، پر پاڻ ڦاسي پيا آهن. في الحال  ته ڳالهه سمجهه ۾ ڪا نه ايندي ته اها گهل آهي يا گهبي،  ڪنهن آفيس ۾ ڪو ڪاڳر ويو، جهڙوڪه صمد باند سان سوگهو ٿي ويو. چرندو ئي ڪو نه. نه وقت جو حساب ۽ نه وري ڪنهن جي انتظار جو احساس، هر ڪو پيو دانهون ڪندو ته عملدار رعيت آزار بڻجي ويا آهن ۽ هنن وٽ ”ڏنو پٽ ڇٽي جو“ جو به اصول ڪم نه ٿو اچي. ڪڏهن ڪڏهن تاثر اهو ملندو آهي ته انهيءَ پني، انهيءَ ڪاڳر تي ڄڻ عملدار استخارو ڪري رهيا آهن.پوءِ جڏهن جواب ملندن ته اڪلاءُ ڪندا. پوءِ ڀلي ڪنهن غريب جي ڄڙهه ڇو نه نڪري وڃي.

هئي ۽ هينئن جا دفترن ۽ آفيسن ۾ عوام جي ڀينگ ٿئي ٿي، انهيءَ جا بي شڪ ٻيا به ڪارڻ آهن، پر وڏي کان وڏو ڪارڻ آهي  پارٽيءَ ۽ سفارشي ماڻهن تي ملازمتن جي بارش، ڪنهن امير يا وزير جو ويجھو ۽ ووٽر هوندو ته ان کي پنهنجي هلندي پڄندي، اختيار ۽ اقتدار جا رنگ ته اوس ئي ڏيکارڻا پوندا. ڀلي اچيس ڪجهه به ڪونه، پر جتي چاهيو اتي ان کي صاحب ڪري رکرائبو. مجال آهي وڏي صاحب کي جو هن کي ڪم ڪار لاءِ چئي يا روزانو دفتر اچڻ جي هدايت ڪري! جيڪڏهن  کيس پنهنجو عهدو ۽ رتبو پيارو هوندو ته ”مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ“ ڪرڻ کانسواءِ هن جو چارو ئي ڪونه هلندو. پوءِ پارتي ۽  سفارشي ماڻهو عوام جا ڪاڳر ڪڍن ۽ فائيل ڏسن ته ڇا لاءِ؟ اهي ان ڪري ته عملدار ڪو نه ٿيا هئا نه. پر ڪڏهن ڪڏهن اهي همراهه/عملدار ٻه ٽنگا ڦاسي به پوندا آهن. ڪنهن اهڙي پارتي سفارشي عملدار ڏي سندس زيردست پنو کڻي آيو ۽ کيس چيائين ته”سائين! هن تي اوهان جي انيشل ٿيندي“. عملدار فائيل رکڻ لاءِ چئي، هن مان جان ته ڇڏائي، پر سمجهي نه سگهيو ته انيشل ڪهڙي مصيبت جو نالو آهي! همراهه کي ٻه ٽي ڏينهن يارن دوستن کان پڇڻ ۾ لڳي ويا ۽ جڏهن دعوتون کارايائين تڏهن خبر پيس ته ”انيشل“ ڇا  ٿيندي آهي!

اهو الزام ۽ بهتان ڪونهي. پر جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان ويهي جاچ پڙتال ڪبي ته ڪيترن وڏن عهدن وارن وڏن صاحبن وٽ انگريزي لکپڙهه جا ماهر منشي رکيل نظر ايندا. پاڻ صاحب صفحو ڏيڍ به لکي نه سگهندو. پر منشنن جي مدد سان اٺ ڪتابن ۽ رپورٽن جا لکي ويندو. هن کي فقط اکيون ٻوٽي دستخط ڪرڻا ئي ته آهن.

اهڙين پارتي ۽ سفارشي مقررين ماسترن جي روپ ۾ تعليمي ادارن جي ڀينگ ڪئي ۽ انهن وري ”گوسڙو استادن“ جي ڪلچر کي جنم ڏنو. ”گوسڙو استاد“ ٿيڻ آسان آهي، پر ”گوسڙو عملدار“ ٿيڻ ڪو به ڪونه چاهيندو. ڇو ته دفترن جون سهولتون گهرن ۾ ڪٿي؟

 

 

Menu
Go to top