Menu
Подробнее на сайте: https://ddauto.ru https://robustauto.ruhttps://clearcomputer.ruhttps://dircomputer.ru https://freshcomputer.ruhttps://repairurauto.ruhttps://avtoforward.ruhttps://proavtoremont.ruhttps://catchcomputer.ru https://controlcomputer.ruhttps://autotodrive.ruhttps://runcomputer.ru
https://computertab.ruhttps://oncomputer.ruhttps://init-pc.ru

مُنهنجو دوست منگهارا ملڪاڻي  ۽ ساڻس  ٿيل خط و ڪتابت

        ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

موت جا بي رحم هٿ، جڏهن ڪنهن جانيءَ جي جدائيءَ جو باعث بڻيا آهن ، تڏهن چاهيندڙن جو من به نپوڙيو محسوس ٿيندو آهيپروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي موت جو ٻڌي هڪ نه پر هزارين ماڻهن کي ڏک رسيو هوندو . سنڌ ۽ هند جي هي ادبي شخصيت پرلوڪ پتار جڻ کان پوءِ به اسان جي ادبي دنيا ۾ عزت ۽ احترام سان ياد ڪئي ويندي . هيءَ فاني جهان ته سڀني کي ئي ڇڏڻو آهي ، پر پوءِ به ڪيترا ماڻهو  موت کي مات ڏئي ڇڏيندا آهن . منگها رام ملڪاڻيءَ لڳ ڀڳ مني صدي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا گهڙ اڀريا آهن . سرڳواسيءَ ادبي چمن جي جا آبياري ڪئي آهي ، اها ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه ٿي سگهجي . هن جا لڳايل ادبي گل ۽ ٻوٽا اڻ ڄاتي مدي تائين علم ادب جي دنيا کي هڳاءُ بخشيندا رهندا . گذريل پنج سال ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه لڳن ٿا .

مون کي  ياد ٿو پئي ته ڊاڪٽري جي مقالي کي مڪمل ۽ جامع بنائڻ لاءِ سنڌ کانسواءِ هند جي عالمن ، اديبن ۽ دانشورن  سان رابطو قائم ڪيو هيم . هڪ مفصل سوالنامو ٺاهي پنهنجي دوست جسونت ڪمار ۽ ڀيڻ پوپٽي هيراننداڻي ڏانهن موڪليو هيم . هن منهنجي سوالنامي کي سائيڪلو اسٽائيل ڪري سموري ڀارت جي سنڌي بزرگ عالمن ۽ اديبن ڏي ڏياري موڪليو هو .

سرڳواسي منگهارام ملڪاڻيءَ انهيءَ سوالنامي جي موٽ ۾ مون سان لکپڙھ ڪئي هئي . اها لکپڙھ مونپر ڏيهي عالمن جا خطجي سري مان هفتيوارآزاد۾ شايع ڪرائي هئي .

منگهارام ملڪاڻيءَ کي جيتوڻيڪ مون ڪڏهن ڏٺو به ڪونه . پر پوءِ به جڏهن خط پٽ لکندو هو ، تڏهن اهو تاثر ملندو هوم  ته اسان  ڄڻ هڪ پورو جڳ گڏجي گذاريو آهي .

ڪاليج ۾ استاد هئڻ واري نسبت مان کيس اڻ ڄاتو سڪون ملندو هو ، آئون ته  وري ڪراچيءَ جي ڪاليج جو استاد آهيان ، جنهن شهر ۾ هن پوري جوڀن ۽ جوانيءَ جا ڏينهن گذاريا هئا . سندس سڪ ۽ محبت جو اهو عالم هو جو وقت بوقت جي سندس ڪتاب ڀارت ۾ شايع ٿيندا هئا ،

انهن جي هڪ هڪ ڪاپي ڏياري موڪليندو هو . مون هڪ خط ۾ کيس ٻڌايو هو ته هند توڙي سنڌ جا ڪيترا سنڌي عام ۽ اديب اڪثر ڪري اڌوريون ۽ هڪ طرفيون تاريخون مرتب ڪري رهيا آهن . هندو عالم جڏهن قلم هٿ ۾ کڻي ٿو ته مسلمان ليکڪن کي نظر انداز ڪري وڃي ٿو ۽ ساڳي نموني مسلمانن کي وري ادبي تاريخ کي پاڪ صاف ڪرڻ جو گهڻو اونو آهي . انهيءَ ڪري اسان جون ادبي تاريخون اڌوريون ۽ اڻ پوريون ٿي پيون آهن . تاريخ کي مڪمل ۽ جامع بنائڻ لاءِ مون سوچيو آهي ته آئون هتي ورهاڱي کان اڳ جي غير مسلم ليکڪن جي ادبي خدمتن کي ڪتابي صورت ڏيان. مون کيس اها صلاح به ڏني هئي ته هند ۾ جڏهن ڪا ادبي تاريخ لکي وڃي ۽ ان ۾ سنڌ جي مسلمان ليکڪن کي مناسب جاءِ نه ملي سگهي ته ان کي پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ساڳي منصوبي تي ڪم ٿيڻ گهرجي ۽ پوءِ ادبي تاريخ جو هڪ گڏيل ڇاپو ڪڍڻ گهرجي . سرڳواسي منگهارام ملڪاڻي  منهنجي تجويز جي پوئين حصي سان ته اصولي طور اتفاق ڪيو ، پر پهرين حصي سان شديد اختلاف ڏيکاريو . انهي سلسلي ۾ اتم ڏانهن خط لکي کانئس به منهنجي منصوبي تي راءِ ڏيڻ جي دعوت ڏني . شري اتم ته اهو خط پنهنجي اخبار ۾ شايع ڪري ، پنهنجي ڪا راءِ نه ڏني . پر منگهارام ملڪاڻي مسلسل انهي ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو ته مون کي ادبي تاريخ ، مذهبي بنيادن تي مرتب ڪرڻ نه گهرجي . انهي کان اڳ جو آئون ساڻس راءِ تي متفق ٿيان ، ورهاڱي کان اڳ جي هڪ سئو چوڏهن غير مسلم شاعرن جو ڪلام ۽ احوال مرتب ڪري چڪو هوس .

انهيءَ ڪتاب تيجهڙا گل گلاب جانالو رکي هڪڙي ڪاپي سنڌ الاجيءَ جي حوالي ڪري چپ ڪري ويهي رهيس . پوِءِ اهو فيصلو ڪري ڇڏيم ته سنڌ ۾ جڏهن جامع ادبي تاريخ مرتب ڪئي وئي ته پاڻ وٽ گڏ ڪيل غير مسلم ليکڪن جي معلومات کڻي انهيءَ ڪم ۾ ڪتب آڻبي . پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته سنڌ ۾ رڳو ڳالهيون ڪبيون آهن ، عمل ڪرڻ اسان سکيو ئي ڪونهي . انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ڀارتي سنڌي پهرين ڪم ڪندا آهن، ۽ پوءِ به ڳالهيون نه پر ڳالهه ! مثال اسان جي اڳيان آهي ، سنڌ ۾ اها چئو پچو هلي ته هن سال کي سنڌي ڊرامي جي هڪ صدي پوري ٿيڻ ڪريڊرامي جو سالڪري ملهائجي . اسان ڳالهه ڪري ويهي رهياسين . خير سان ڊسمبر به گذري ويو . ليڪن ڀارت ۾ هن سال ۾ ڊرامي تي سيمينار ٿيا  ۽ اتي عالمن ۽ اديبن وڏي ڌام ڌوم سان ڊرامي جو سئو ساله جشن ملهائيو. هڪڙو ٻيو مثال به ڏسو . پنهنجي تحقيقي ڪم دوران مان رڳو اهڙن ڀارتي عالمن ،شاعرن ۽ ايڊيٽرن سان رابطو قائم ڪري نه سگهيس . جن جي ايڊريس ڪانه هئي . يا جي پرلوڪ پڌاري چڪا هئا. پر گهڻو ڪري منهنجا خط اتان جي ڪيترن ئي عالمن کي پهتا ۽ ڪيترين ئي اخبارن ۾ شايع ٿيا . آئون ائين ته ڪونه چوندس ته مون ڀارتي عالمن ۽ اديبن کي نوان موضوع ڏنا . پر ايترو ضرور چوندس ته جنهن منصوبي ۽ مقصد کي آڏو رکي مون ، ڏانهن خط لکيا هئا، هنن انهيءَ ڏس ۾ ڪتاب لکي ڇپرايا . اتي تازي شايع ٿيل ڪتابساهتيهڪلا درسني ،انهيءَ جو هڪ مثال آهي . اتي ورهايل منهنجيسوالنامي ،مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل منهنجي خطن ۽ هن ڪتاب کي هڪ ئي وقت ذهن ۾ رکي ڏسڻ سان ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي .

سرڳواسي منگهارام ملڪاڻي به انهي ساٿ جي سرواڻن مان هڪ هو ، جيڪي ڳالهين بدران ڪم ڪندا آهن ، جن جي زندگي ادب هوندو آهي ۽ ادب زندگي هوندي آهي . منگهارام ملڪاڻي جون لياقتون ۽ صلاحيتون علم ادب جي رڳو هڪ صنف تائين محدود نه هيون . جيتوڻيڪ هو بنيادي طور تي ڊرامي جي دنيا جو هيرو هو ، پر شاعري ، مضمون ، صحافت ۽ تنظيم جي ميدانن ۾  به پاڻ ملها يائين .

سندس زندگي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تاريخ ۽ جي ڪهاڻي هئي . هو مني صديءَ تائين اسان جي علم ادب جي عظميت جو مينار بڻيو رهيو ۽ آخرڪار موت جي آغوش ۾ لڪي ويو .

منگهارام ملڪاڻيءَ 24 ڊسمبر 1896 ع تي حيدرآباد ۾  اڌارام ملڪاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو . پرائمري ۽ ثانوي تعليم حيدرآباد مان ئي ورتائين ، جنهن جو ذڪر پنهنجي هڪ ڪتابساهتڪارن جون سمرتيون۾ به ڪيو اٿس ، هن ڪتاب ۾ پنهنجي هندو توڙي مسلمان استادن جو ذڪر اهڙي ته نموني ڪيو اٿس ، جو پڙهڻ کانپوءِ منگهارام ملڪاڻي جي من وارو ماڻهو ظاهر ٿي بيهي ٿو . پاڻ مئٽرڪ جي امتحان  ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ چوٿون نمبر ۽ پنهنجي اسڪول ۾ پهريون نمبر آيو . ان کانپوءِ ڪاليجي تعليم ڪراچيءَ جيڊي . جي . سنڌ ڪاليجمان ورتائين . گريجوئيٽ ٿيڻ کانپوءِ ڇهه مهينا پوني واري زرعي ڪاليج مان زراعت جي عملي تعليم به ورتائين .

منگهارام ، ملڪاڻين جي هڪ مڇي مانيءَ لائق خاندان جو فرد هو . هن تعيلم پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ نه پرانسان بڻجڻ لاءِ  ورتي هئي . انهيءَ ڪري گريجوئيٽ ٿيڻ کانپوءِ پورا پنج سال پنهنجيون ٻنيون سنڀاليائين . پرزمينداري ڪٽنب جو فرد زمينداري رعب ۽ خصوصيت کان بلڪل خالي هيڪاري ڪلا ۽ ادب جو  شيدائيڪيئن پيو اتي گهاري سگهي ؟ نيٺ سندس من جي مراد پوري ٿي ۽ڊي . جي . سنڌ ڪاليججي انتظاميه وارن کيس پنهنجي ڪاليج ۾ انگريزي جي استاد ٿيڻ جي آڇ ڏني ، ۽ هن وڃي اتي ملازمت جو آغاز ڪيو . ورهاڱي ٿيڻ وقت پاڻ اتي اسسٽنٽ پروفيسر هيو . 1947 ع کانپوءِ جڏهن ڀارت لڏي ويو ته بمبئي جيجئه هند ڪاليج۾ پهريون پروفيسر ۽ پوءِ انگريزي شعبي جو اڳواڻ ٿيو . جملي اٺٽيهه سالن جي ملازمت ڪرڻ کانپوءِ 1962 ع ۾ رٽائر ڪيائين.

سنڌ ۽ هند جي سنڌي ناٽڪ جي اوسر ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جو وڏو هٿ هو . سنڌ ۾ جڏهنرابيندر ناٿ ٽئگور ڊراماٽڪ ڪلب”  ٺهي ۽ خود ٽئگور اچي ان جو مهورت ڪيو ته منگهارام ملڪاڻيءَ هن عظيم فنڪار جو لکيل ناٽڪچتراڪري ڏيکاريو. منگهارام  ملڪاڻي هن  ڪلب جي مکيه منتظمين ، هدايتڪارن ۽ فنڪارن مان هڪ هو . ورهاڱي کان پوءِ 1948 ع ۾ بمبئي ۾سنڌي ساهت منڊلقائم ڪيائين . جنهن جو پاڻ ڀريا چوڏهن سال صدر ٿي رهيو . هن منڊل اڌ ڊزن کن ڊراما به ڪري ڏيکاريا . کيس سنڌي اڪانڪي ناٽڪ جي جنم داتا جي حيثيت مليل هئي . 1934 ع ۾رابيندر ناٿ ڊراماٽڪ ڪلبجي ڪراچي واري شاخانڊسنالي انگريزي سنڌي سالياني مخزن جاري ڪئي ته منگهارام ملڪاڻي کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو . ڀارت وڃڻ کان پوءِ اتيفلم نيوزنالي مخزن جاري ڪئي هيائون.

منگهارام ملڪاڻيءَ جا جملي ايڪهه ڪتاب شايع ٿيا . انهن جو وچور هن ريت ٿئي . ٿو : “گم ٿيل صندوقڙي”  ( ترجمو ٿيل ناول -1924 ع) ،گونگي ڪنوار ۽ ٻن ديوي” (بنگالي ڪهاڻيون  -1924) ،قسمت” (ترجمو ٿيل ناٽڪ – 1926)،شانتا” (ترجمو ٿيل ناٽڪ 1929)،ايڪتا جو آلاپ” (ترجمو ٿيل ناٽڪ 1929)،دلسوز داستان ” (شيڪسپيئر جو ترجمو 1929)  ،کن جي خطا” (ناٽڪ -1930)،انارڪلي” (ناٽڪ – 1930) ،پنج ننڍا ناٽڪ” (ايڪانڪيون – 1937) ،پنگتي پڙدا” (ايڪانڪيون- 1938) ،پريت جا گيت” (ٽئگور جو ترجمو- 1940) ،گيتا نجلي” (ٽئگور جو ترجمو -1940)،ادبي اصول” (تنقيد-1950) ،جيون چهچٽا” (ايڪانڪيون-1957)،پاپ ڪين پڃ” (ناٽڪ-1962) ،پڇمي ياترا” (سفرنامو-1963)،کڙ کٻيتا پيا ٽمڪن” (ايڪانڪيون-1967) ،سنڌي نثر جي تاريخ” (تاريخ- 1968)،آخرين ڀيٽ” (ناٽڪ-1975)،جوانيءَ جا جذبا پيريءَ جون ياديون” (شاعري-1975)، ۽ ساهتيڪارن جون سمرتيون” (سوانح-1979).

منگهارام ملڪاڻي پنهنجي حياتي ۾ ئي پنهنجي محنت جو ڦل ماڻيو . 1929 ع ۾ کيسايڪتا جو آلاپناٽڪ جي ترجمي ڪرڻ تي انعام مليو . 1969 ع ۾ وري ڀارت جيساهت اڪاڊمي” “سنڌي نثر جي تاريختي انعام ڏنس . پاڻ 1972 کان وٺي انهيءَ اڪاڊميءَ جو فيلو ٿي رهيو- سندس ڪتابادبي اصولڀارت جي يونيورسٽين ۽ اسڪولن لاءِ درسي ڪتاب طور تسليم ڪيل آهي . ان کان سواءِ پاڻ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾  سنڌي خواھ انگريزيءَ جيبورڊ آف اسٽڊيزجو ميمبر ٿي رهيو .

1924 ع کان وٺي 1980 ع تائين سرڳواسي منگهارام ملڪاڻيءَپنهنجي زندگي ڪلاڪاري نموني ۾ بسر ڪري ان مان ڪلاڪار وارو آنند ماڻيو. جيون کي ئي سڀ ڪجهه ڏئي ۽ جيون مان ئي سڀ ڪجهه ماڻيائين.” هو پنهنجي زندگي ڪارائتي ۽ ڪارگر نموني سان گذاري ٻين لاءِ مثال ڇڏي ويو آهي . ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته طبعي طور سندس موت واقع ٿيو آهي ، ليڪن هو بي مثال خدمتن ڪري اڄ به امر آهي ۽ سڀاڻي به امر رهندو .

هو پهرين ڊسمبر 1980 ع تي گذاري ويو .

 

منگها رام ملڪاڻي

منگها رام ملڪاڻي، سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي دنيا جي هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. پاڻ ادبي کيتر ۾ ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ گل ڀريا اٿن، تن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نٿو سگهجي. جيئن ته پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو احوال هيٺ ايندڙ خطن ۾ تفصيل سان ڏنو اٿن، انهيءَ ڪري اڳ ۾ دهرائڻ اجايو آهي. “ڪراچي ضلعي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو’’ جي موضوع تي جڏهن پي. ايڇ. ڊي لاءِ کوجنا جي شروعات ڪيم ته معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سرحد جي هن پار ڏي به هٿ وڌائڻو پيو. ڀاءُ جسونت ڪمار جي معرفت پروفيسر منگها رام ملڪاڻي جي ايڊريس ملي ۽ ائين اسانجي وچ ۾ خط و ڪتابت جو آغاز ٿيو. جسونت ڪمار، ڀارتي اديبن جي ڏس پتي ڏيڻ جو وسيلو بڻيو، ڀيڻ پوپٽي هيراننداڻيءَ وري  ادبي ۽ علمي معلومات وٺي ڏيڻ جو ڪارڻ بڻي ۽ ڪاڪو منگها رام ملڪاڻي  وري هڪ ٻيو محاذ سنڀاليو. اهو محاذ هو منهنجي ادبي منصوبن جي تاريخي ۽ ادبي اهميت جو جائزو.

سائين منگها رام ملڪاڻيءَ منهنجي ادبي ڪم ۾ نهايت دلچسپي ڏيکاري ۽ مونکي سختيءَ سان منع ڪئي ته آئونفرقيوار ادبي تاريخ’’ لکڻ کان باز اچان. آئون پي. ايڇ. ڊي کان سواءِ غير مسلم اديبن تي تفصيل سان ڪم ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ ان لاءِ مون وٽ جواز به آهي. بهرحال ڪاڪي منگها رام ملڪاڻي منهنجي ادبي منصوبن تي ڀارتي اديبن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، اخبارن ۾ رايا ڏنا ۽ ٻين دوستن خاص ڪرياتم’’ کي هن ڏس ۾ راءِ ڏيڻ تي زور ڀريو. پاڻ جيڪي خط لکيائون اهي هيٺ ڏجن ٿا:

 

5A/1 علي پور، ڪلڪتو 27  

26 جنوري 1976

سدا سلامت

دوست مهربان پٺاڻ صاحب

توهان جو خط پڙهي بيحد خوشي ٿي ته توهين ورهاڱي کان اڳ واريغير مسلم ادب’’ تي تحقيقات ڪري رهيا آهيو. افسوس آهي جو صحت سالم نه هئڻ ڪري جواب ڏيڻ ۾ دير وڌي اٿم. ساڳي پيريءَ ۽ بيماريءَ ڪارڻ آئون اوهان کي ان تحقيقات ۾ مدد ڪرڻ کان مجبور آهيان ۽ معافي طلب آهيان.

آئون نهايت شڪرگذار آهيان جو اوهان منهنجيسنڌي نثر جي تاريخ’’ جي قدر شناسي ڪئي آهي ۽ ان مان ڪجهه مواد حاصل ڪيو آهي. ان ڪتاب ۾ مون اديبن ۽ سندن تصنيف سان گڏو گڏ، پبلشرن، مگزينن ۽ سندن ايڊيٽرن وغيره جو به ذڪر ڪيو آهي. وڌيڪ معلومات ڏيڻ کان لاچار آهيان، جنهن لاءِ وري به معافي وٺان ٿو، پر هڪ ادبي دوست جو نالو ۽ سرنامو موڪليان ٿو، جنهن سنڌي ادب جي اونهي کوجنا ڪئي آهي ۽ توهان کي مدد ڪري سگهندو.

مسٽر اي جي اتم 4- اي هيرا آباد مينشن،

سيتلديو روڊ، ماهم بمبئي 16 (انڊيا)

ڪراچيءَ جي ادبي تاريخ’’ تي پي. ايڇ. ڊي لاءِ مقالو تيار ڪري رهيا آهيو، تنهن جي ڪاميابيءِ لاءِ دعائون!

توهان ڪراچي ڪاليج ۾ ليڪچرار آهيو، تنهن ناتي منهنجا ڌنڌي ڀائي ٿيا. آئونڊي جي سنڌ ڪاليج’’ ۾ انگريزيءَ پروفيسر هوس.

وڌيڪ قرب سان منگهارام ملڪاڻي

 سدا خوش هجو.

 

5A/1 ٻلديو روڊ علي پور، ڪلڪتو، 27- 25 فيبروري 1926

دوست مهربان پٺاڻ صاحب

توهان جو ٻيو خط پڙهي مونکي گهڻو افسوس ٿيو آهي ته ٽپالي سرشتو جاري ٿيڻ بعد به، توهان جي پهرين خط جو جواب توهان کي ڪونه پهتو آهي، جو مون بروقت ڏنو آهي. توهان کي منهنجي پيريءَ ۽ بيماريءَ جو اونو آهي، تنهن لاءِ احسانمند آهيان پر تنهن هوندي به مان توهان جي کوجنا جي ڪارج ۾ مدد ڪريان ها. پر حقيقت هيءَ آهي ته مون وٽ ڪوبه وڌيڪ مصالحو موجود نه آهي. جيڪا به تحقيقات مون سالن جا سال ڪئي هئي ساسنڌي نثر جي تاريخ’’ ۾ ڏيئي ڇڏي اٿم. ان ۾ ليکڪن ۽ سندن تصنيفن سان گڏو گڏ ميگزنن، ايڊيٽرن، پبلشرن ۽ ادبي ادارن جي جيڪا معلومات مونکي ملي سگهي سا درج ڪئي اٿم. ان ڪتاب مان توهان کي ڪجهھ واهر حاصل ٿي آهي، سو ٻڌي خوش ٿيو آهيان. پر وڌيڪ تفصيلوار حقيقتن لاءِ هيٺين شخصن جا نالا ۽ سرناما ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه ڪرڻ کان مجبور آهيان.

1-                   مسٽر موتي رام رامواڻي معرفتڀارتواسي’’ ايڊيٽر گاجرا 36-38 اگياري لين، فورٽ بمبئي -1 (انڊيا)

2-                   مسٽر گوبند مالهي 6- بي، راکي بلڊنگ ايم جي روڊ، ڪانڊيولي بمبئي 27 (انڊيا)

 توهين انهن دوستن کي لکندا ته اميد آهي ته چڱو ئي کوجنا ڀريو مواد ملي ويندو.

وڌيڪ قرب سان،

منگها رام ملڪاڻي

سدا سلامت

 

ڪلڪتو ستين مئي 1976

دوست مهربان پٺاڻ صاحب

اميد ته منهنجو ٻيو ڪارڊ به اوهان کي پهتو هوندو ۽ ٻن وڌيڪ عالمن جا سرناما موڪليا هئم (خاص ڪري موتيرام رامواڻي) تن وٽان توهان کي ڪجھه گهربل تفصيل مليا هوندا. تنهن بعد توهان جو ٻيو خط به مونکي مليو آهي، جنهن ۾ پروفيسر پنجواڻي ماڙيوالا کي سفارش ڪرڻ لاءِ لکيو اٿو. پر انهن پروفيسرن، توڙي پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ کي ادبي تاريخ جي ايتري معلومات نه آهي جو توهان کي مدد ڪري سگهن. مالهي، اتم ۽ رامواڻي ئي توهان جي گهرج ڪي قدر پوري ڪري سگهندا، جنهن کان مان  پڻ نا واقف آهيان. توهان وڌيڪ لکيو آهي ته مان پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکي موڪليان، جو هن خط رستي موڪليان ٿو ۽ ان سان گڏ سنڌ ۾ نڪتل پنهنجو فوٽو به موڪليان ٿو. اصلي فوٽو مون وٽ موجود نه آهي، جنهن ڪري اخباري فوٽو ٿو موڪليان.

پر مون توهان جي رٿيل غير- مسلم اديبن جي تاريخ تي غور ڪيو آهي ۽ سمجهان ٿو ته توهان جي رٿا بيحد ڪشادي ۽ غير عملي آهي، هڪڙو ته غير مسلم اديبن بابت لکڻ سان ڪتاب جو تاريخي سلسلو ڪٽجي ويندو ۽ اهو اڻ پورو رهجي ويندو. ڇو جو مسلم ۽  غير مسلم ليکڪن جون تصنيفون هڪ ٻئي سان ڳنڍيون پيون آهن ۽  هڪ ٻئي جي پورت ڪندڙ (Complementary) آهن ۽ الڳ ڪري نٿيون سگهجن. صرف غير مسلم اديبن جي تاريخ اڌوري ٿيندي، نه مڪمل. توهان جي تاريخ ڪن چند اديبن جو احوال ٿيندو ۽ نه ادبي تاريخ. ٻيو ته اوهين ليکڪن جون سوانح عمريون اهڙيون تفصيلوار ڏيڻ  چاهيو ٿا جو اهو رسالو تاريخ  ((History سان گڏو گڏ (Biographies) بنجي پوندو ۽ مقدار کان ٻاهر نڪري ويندو. ادبي تاريخ ۾ ليکڪن جي حياتيءَ تي مختصر چٽڪا لکڻ ضروري آهن. پر توهان ته زندگيءَ جي احوال سان گڏ ڪٽنب ۽ اولاد جو احوال به گهريو آهي، جو موڪليان ٿو. اهي صرف منهنجون صلاحون آهن ته ادب تي وڌيڪ زور ڏيو، سوانح، پبلشر، ڇاپخانا، ادارا وغيره ڪتاب ۾ آڻڻ گهٽايو. آخرين فيصلو وري به توهان تي ئي ڇڏيل آهي، مرضيءَ جا مالڪ آهيو.

منهنجو جنم حيدرآباد سنڌ ۾، 24 ڊسمبر 1896 ع ۾ ٿيو هو. منهنجو ڏاڏو ديوان شيوڪرام ان زماني جي روايت موجب، دٻدٻي وارو مختيارڪار هوندو هو ۽  پوءِ حيدرآباد جو پهريون ديسي سٽي مئجسٽريٽ بڻيو. سندس رهڻي ڪهڻي شاندار هوندي هئي ۽ جيڪب روڊ تي سرڪاري هاءِ اسڪول سان لڳو لڳ هڪ شاهي حويلي اڏايائين جنهن ۾  چيروليءَ جي چٽساليءَ جو ڪم فنڪار ڪاريگرن کان ڪرايائين. طارق اشرف کان معلوم ٿيو اٿم ته ان مڪان ۾ هاڻ (Art Exhibition) برپا ڪيل آهي. منهنجو پتا ديوان اڌارام هڪ زبردست زميندار هوندو هو، جنهن جون ٻنيون ٽنڊي محمد خان ڀرسان ٽن تپن ۾ چار هزار ايڪڙن تي پکڙيل هيون. هو نئين زماني جو زميندار هو جنهن پنهنجي ديهن ۾ زرعي سڌارا ڪيا ۽ هارين کي سهولتون ڏنيون.

سنڌي تعليم مون گهر جي سامهون، پرئڪٽسنگ اسڪول ۾ حاصل ڪئي، جتي شاعر محمد صديقمسافر’’ منهنجو استاد هوندو هو. انگريزي تعليم گهر جي ڀرسان، سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ ورتيم، جتي منهنجا آدرشي استاد هوندا هئا: نانا غلام علي صاحب ۽ مسٽر وليرام ٿڌاڻي، جي مئٽرڪ پاس ڪيل هوندي به انگريزيءَ ۾ ماهر هوندا هئا. آئون ٻنهي جو لاڏلو شاگرد هوندو هوس ۽ جيڪا به انگريزيءَ جي ڄاڻ پرايم سا ٻنهن استادن کان. غلام علي صاحب کي پوءَخانبهادر’’ جو لقب عطا ٿيو، ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر بڻيو. وليرام صاحب ماستري ڇڏي وڪالت پاس ڪئي ۽ حيدرآباد جو قابل وڪيل هو. عجب آهي ته وڏي هوندي، ٻنهي استادن سان منهنجو گهاٽو دوستيءَ جو ناتو ٻجهي ويو ۽ سندن آخرين دم تائين هڪ ٻئي سان اڪثر ملندا جهلندا هئاسون ۽  خط ڪتابت ڪندا هئاسون.

مئٽرڪ امتحان ۾ مان سڄيءَ سنڌ ۾ چوٿون نمبر آيو هوس، ۽ پنهنجي هاءِ اسڪول ۾ پهريون نمبر، جنهن لاءِ مون کي انعام مليو هو. ان روڪڙ انعام سان مون (S.J Co-operative Society) تان ويهه انگريزي ڪتاب چونڊي خريد ڪيا ۽ پتا وٽان مليل ڪن ڪتابن سان گڏي پنهنجيهوم لئبرري’’ ٺاهيم، جا رفتي رفتي وڌي هزارن جي تعداد کي پهچي ويئي.

ڪاليجي تعليم ڪراچيءَ واري ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ پرايم، جتي مونکي ٽيون آدرشي استاد ملي ويو: پروفيسر صاحب سنگهه شاهاڻي، جنهن کي اسان شاگردن هڪ انگريز پرنسپال خلاف اسٽرائيڪ ڪرائي، پهريون ديسي پرنسپال ڪرايو. شاهاڻي صاحب نه صرف مشهور قلمدان هو، پر انگريزيءَ ۾ خاص مهارت رکندڙ هو. انگلش لٽريچر ڪلاس روم ۾ ٿيندو هو، هن جو به لاڏلو شاگرد هوندو هوس. هن پرنسپاليءَ جي ايام ۾ آرٽس ۽ سائنس کان سواءِ انجنيئرنگ ڪاليج ڪڍيو، لا ڪاليج کوليو، ڪامرس ڪاليج برپا ڪيو. مطلب ته چڱي چوکي سنڌ يونيورسٽي قائم ڪري ڇڏيائين!

گريجوئيٽ ڪرڻ بعد ڇهه مهينا پوني واري زرعي ڪاليج مان عملي تعليم وٺي، پنج سال مون پتا جون زمينون سنڀاليون، پر اَن جي چورين ۽ پرائين زالن ڀڄائڻ جا نبيرا ڪري آئون بيزار ٿي پيس. جيتوڻيڪ پڙهڻ جو ڪم ان اڪيلائي ۾ ئي شروع ڪيم ۽ لاڙي محاورو به چڱوئي سکي ورتم. هڪ ڏينهن اوچتو پرنسپال شاهاڻيءَ وٽان نوتو آيم ته پنهنجي جهوني ڪاليج ۾ اچي انگريزيءَ ۾ فيلو بڻج. انڌو گهري الله کان ٻه اکيون! آئون ٺهه پهه وڃي نوڪريءَ تي چڙهيس ۽ ڪجهه وقت بعد مون کي ليڪچرار مقرر ڪيائين. پرنسپال بوٽاڻيءَ پنهنجي ايام ۾ مونکي اسسٽنٽ پروفيسريءَ جو اضافو ڏنو ۽ بمبئيءَ ۾ لڏڻ کانپوءِ پرنسپال آڏواڻيءَ پنهنجي برپا ڪيل جئه هند ڪاليج ۾ پروفيسر ۽ آخر انگريزي شعبي جو اڳواڻ مقرر ڪيم. ڪي سال بمبئي يونيورسٽيءَ جي انگريزي توڙي سنڌي بورڊ آف اسٽڊيز جو چونڊيل ميمبر ٿي ڪم ڪيم. اهڙي طرح 37 سال پنهنجي پسنديءَ واري پيشي ۾ ڪاٽي، 1926ع ۾ رٽائر ڪري، هاڻي ڪلڪتي ۾ مربي پٽ جي ڪٽنب ۾ اچي پيري ۾ آسائش ورتي اٿم. ڌيءَ مئنا گهوٽ سوڌي لنڊن ۾ نوڪري ڪندي آهي.

ادبي پيشي کانسواءِ، منهنجو ٻيو شغل ناٽڪ آهي، ننڍيءَ ڄمار کان وٺي مون ڪيترين ئي ٻولين ۾ سوين ناٽڪ ڏٺا آهن. 40 ننڍا ناٽڪ سنڌيءَ ۾ لکيا آهن، انهن ۾ اداڪاري ڪئي اٿم، هدايتڪاري ڪئي اٿم، ناٽڪ لاءِ خاص شونق تڏهن جاڳم جڏهن 1923ع ۾ حقيقت پسند ناٽڪ جي باني خانچند درياڻيءَ سان ٻانهن ٻيلي ٿي، حيدرآباد ۾رابندرناٿ ناٽڪ منڊليبرپا ڪئي سون، جنهن جو مهورت مها ڪويءَ ٽاگور پنهنجي مبارڪ هٿن سان ڪيو هو. اين. ايڇ. اڪيڊمي جي هال ۾، ٽاگور جي حضوريءَ ۾، سندس ئي انگريزي ناٽڪ چترا (Chitra) ڪري ڏيکاريم، جنهن ۾ مون سان گڏ دوست ٽهلرام آڏواڻي پارٽ ڪيو هو. ٻئي صبح سويل ڄيٺمل پرسرام نياپو مُڪو ته ڪوي اسان ٻنهي کي نيرڻ لاءِ نينڍ ڏني آهي! ڏڪندا، ٿڙڪندا، نارائڻ محل ۾ پهتاسون ته ڪويءَ ناشتو ڪندي فرمايو؛مون پنهنجوچتراانگريزي ۾ گهڻن ئي هنڌ اسٽيج تي آندل ڏٺو آهي، پر توهان جنهن اتساهه ۽ نزاڪت ۽ مشڌ اچارن سان ڪري ڏيکاريو، اهڙو اڳ ڪونه ڏٺو اٿم! شل وڌو ويجهو!” اهو شڀ موقعو عمر ڀر وسرڻ جو نه آهي. ان کانپوءِ مون کيايڪتا جو آلاپترجمو ڪرڻ لاءِ رابندرناٿ منڊليءَ وٽان انعام مليو ۽ پڻکن جي خطاناٽڪ دليان جوڙڻ لاءِ تازو ڪلڪتي ۾ منهنجي ننڍي ناٽڪپريم جي سيجاکي چٽاڀيٽيءَ ۾ انعام جڙيو. 1929ع ۾سنڌي نثر جي تاريخلاءِساهتيه اڪاڊميوٽان پنج هزار انعام مليو ۽ 1972ع ۾ ساڳيءَ اڪاڊميءَ مونکي فيلوشپ جو خطاب ڏنو.

Menu
Go to top