Menu
Подробнее на сайте: https://pc-room.ruhttps://ultimnews.ruhttps://holdnews.ruhttps://newsexplore.ru https://maincredit.ruhttps://newshead.ru https://priornews.ruhttps://flarenews.ruhttps://hotsnews.ruhttps://news101.ruhttps://estascredit.ru https://prime-pc.ruhttps://automobyle.ru
https://topallnews.ruhttps://leadingnews.ru

توبن جاني! هيءُ جهان – بشر آهين يا تون باهه؟

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

  دين ڌرم جي چواڻي اسان آهيون ته مٽيءَ مان جوڙيل، پر لڳي ٿو ته باهه وري اسان مان پيدا ٿي آهي. سدائين مٽ سجيل، اکيون ڳاڙهيون ۽ ڳالهائينداسين ته لفظن بدران ٽانڊا پيا وات مان ڪرندا. چڙ، غصو ۽ ڪاوڙ جھڙوڪه اسان جي فطرت بڻجي وئي آهي. نه وڏن جي شناس ۽ نه ننڍن جو خيال. جيڪو آيو. تنهنجو پٽڪو سلامت نه هوندو. گهٽين ۽ شهرن ۾ ماڻهن جون حياتيون غير محفوظ ۽ اسان جي ڪچهرين ۾ ماڻهن جون عزتون غير محفوظ!.

هڪ اداري ۾ آئون انتظامي عهدي تي ڪم ڪندو هيس ته منهنجو وڏو صاحب گهڙيءَ پلڪ پيو صلاحون ڏيندو هو ته زير دستن سان منهن بڇڙو ڪري ڳالهاءِ. منهن تي مرڪ آندئي ته انتظامي وهنوار هلائي نه سگهندي.مثال ڏيندو هو ته سرڪاري عملدار جيڪڏهن رعيت آزار نه ٿيندو ته سندس رعب تاب نه هلندو، ڪامورن کي اهو ئي سيکاريو ويندو آهي ته پنهنجن يارن دوستن ۽ عزيزن اڪابرن جو ڪم اصلي نه ڪيو.ڇو ته انهن جي گلا ۽ شڪايت اوهان جي نيڪ نامي، ايمانداريءَ ۽ سخت گيريءَ جو سبب بڻبي. مان هن جي منهن ڏي پيو ڏسندو هئس. واقعي هن کي سانڊي جيان رنگ بدلائڻ ايندا هئا.

اها اڳي حڪمراِنيءَ جي حڪمت عملي هوندي هئي، پيرن ۽ وڏيرن جي روش هوندي هئي. پر هاڻي انسان-دشمنيءَ واري اها بدعت جهڙوڪه اسان ۾ به جن وانگر واسو ڪري وئي آهي. بس موقعو پيو ڳولهبو ته اندر جي باهه ڪڍجي. ان ڪري اسان ”انڪاري فطرت“ جا پوئلڳ بڻجي ويا آهيون. ڪنهن به چڱي ڳالهه کي نه مڃينداسين. ڪو کڻي اڏندو رهي، پر پوءِ به ان مان عيب ڪڍي وٺنداسين ته اڏي ته برابر ٿو،  پر پاسيرو ٿو اڏي!

پر جيڪڏهن ڪنهن کي وجھه ڏنوسين ته پوءِ اسان جو الله واهي آهي. مونکي اهڙاکوڙ سارا کٽا متا تجربا ۽ مشاهدا نصيب ٿيا آهن. مان مرحوم شخصيتن جي وفاتن جون تاريخون ۽ زندهه شخصيتن جي ڄمڻ جون تاريخون اخبارن ۾ ڏيندو آهيان. ڪا غلطي ٿي ويندي آهي ته مرحوم ميار ڪو نه ڏيندا آهن، باقي حال حيات اهڙا احوال ڪندا آهن جو ڇٺيءَ جو کير ياد اچي ويندو آهي.

اهي ڪم ادارن جا آهن.مغربي دنيا ۾ بايوگرافيڪل سوسائٽيون آهن. انگريزن جي زماني ۾ مقامي ادرا ڄم موت جو رڪارڊ رکندا هئا. اسانجي ڄمار ۾ جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته پرائمري اسڪولن جا هيڊ ماستر ڄم موت جو رڪارڊ رکندا هئا. هاڻي اهو ڪم ڪو به ادارو نه ٿو ڪري، ڇو ته اسان جا اڪثر ادارا هوندي به الله کي پيارا ٿي چڪا آهن. آئون هڙئون ڏئي، همت ڪري اهو ڪم ڪندو آهيان. پر مڃتا وري اهڙي جو ڪڏهن لاهه ڪڍجي وڃن ته ڪڏهن لاک لهي وڃي. ڪنهن ڪابل يا قابل جو نالو رهجي ويو ته تن ڀون ڀون ڪري وٺي ويندو. هڪ دفعي ڪنهن همراهه جو مواد جي غلط پيسٽنگ سبب نالو مرحومن ۾ لکجي ويو. اهڙي ته فون تي ڇنڊ پٽايائين ۽ گاريون ڏنائين جيڪي ڪنهن ڊڪشنريءَ ۾ ئي ڪونهن. مرحوم علي احمد بروهي اڃا زندهه هئو ته ڪن اخبارن ۾ سندس مرڻ جي خبر ڇپي. مرحوم ناراض ته نه ٿيو، پر پاڻ تي هڪ ڪالم لکيائين، جيڪو هڪ شاندار ۽ شاهوڪار ڪالم هو.

مون پنهنجا مشاهدا ۽ تجربا هن ڪري ٻڌايا ته جيئن پاڻ هوا ۾ لٺيون هڻڻ ۽ مفروضن تي ٻڌل ڳالهين ڪرڻ بدران ٺوس ۽ کريون ڳالهيون ڪيون ۽ ٻڌون. اسان جي معاشري ۾ ماڻهوءَ جو ملهه ان ڪري ڪري پيو آهي ته انساني عزت ۽ احترام اسان مان موڪلائيندو وڃي ٿو. هر ڪو پاڻ کي عقل جو اڪابر ۽ ٻين کي بي عقل يا بي علم ڄاڻي ٿو. ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي، پر ٻڌائڻ لاءِ ور گهنجيو بيٺو آهي. ڪو سڻڻ، ٻڌڻ ۽ سمجھڻ لاءِ تيار ڪونهي، پر اسانکي پنهنجي صراط مستقيم تي هلائڻ لاءِ بي تاب آهي. اسان خود شناسيءَکي خودي ۽ خود پرستيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. ان لاءِ ماڻهو اسان لاءِ ماڻهو رهيو ئي ڪونهي. ماڻهو مندرن ۾ هجن يا مسجدن ۾، امام بارگاهن ۾ هجن يا ڪليسائن ۾، اسان جڏهن به چاهيون ۽ جيئن به چاهيون تن کي ماري سگهون ٿا. سو به بنا ڪنهن ڏوهه عذر جي، بنا ڪنهن سبب جواز جي. ڪڏهن پنهنجي مرضيءَ تي ڪڏهن پرائي مرضيءَ تي! ڪنهن وڏيري ننڍيري جي چوڻ تي اسان ڪنهن جي منڍي لڻي سگهون ٿا. پنهنجي مرضِيءَ تي ڀيڻ يا نياڻيءَ کي ڪاري چئي ماري سگهون ٿا. دنيا جا سڀ دين ڌرم ماڻهو مارڻ کان منع ڪندا. پر اسان انهن دينن ڌرمن جي نالن تي پيا ماڻهو مارينداسين. هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ جتي دنيا چنڊ ستارن تي پهتي آهي. اتي اسان انساني عزت يا حياتي وٺڻ جا نت  نوان تجربا ڪري رهيا آهيون. بشر آهيون، مٽيءَ جا جڙيل آهيون، پوءِ جنت جهڙيءَ ڌرتي-ماتا دوزخ بڻائي رهيا آهيون.

 

 

Menu
Go to top