Menu
Подробнее на сайте: http://samodelnaya.ruhttp://samodelnii.ruhttp://investment-money.ru http://hold-house.ruhttp://samodelkami.ruhttp://grand-builder.ru http://poleznii.ruhttp://samodelkinov.ruhttp://build-dwelling.ruhttp://sdelaisebe.ru
http://mending-house.ruhttp://pro-nedvijimosti.ru
http://grand-construction.ru http://stroi-rukami.ruhttp://lavandamd.ruGo to top of page

گل – گل حيات جا

 

اميربخش پٺاڻ ۽ درمحمد پٺاڻ

مختيارڪارين ۽ ڪليڪٽرين ۾ موجود سنڌ جي تاريخ جو خزانو

 

سياسي، سماجي ۽ انتظامي تبديلين ڪيترن ادارن ۽ انهن جي اڳواڻن جي حيثيت ئي بدلائي ڇڏي آهي. ڪو زمانو هو، جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو مختيارڪار منزل ڪندو هو ته سڄي ڳوٺ ۾ اهڙي خاموشي اچي ويندي هئي، جهڙوڪ راڪاس گهمي ويو هجي. ڪليڪٽر ته ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر نڪرندا هئا، پر جيڪڏهن آفيس ڇڏيندا هئا ته رستا ۽ روڊ صاف ٿي ويندا  هئا. هيٺين عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويندو هو، پر هاڻي صورتحال اها ڪانهي. اڄ ڪلهه صبح شام مختيارڪاريءَ کان وٺي ڪليڪٽريءَ تائين ٿرٿلو متو پيو آهي. اڪٽر آفيسر آفيسون ڇڏي ڪنهن نه ڪنهن امير وزير جا پروٽوڪول آفيسر بڻيا پيا آهن. ڪي بيٺا روڊ رستا صاف ڪرائيندا ته ڪي ڪنهن ايئرپورٽ تي يا ايندڙ اڳواڻ جي اڳ تي بيٺا هوندا. حالتن هنن ويچارن مان ڪن کي منشي بڻائي ڇڏيو آهي.

اهي ڳالهيون انهن عملدارن جي آفيسن، آفيسن جي ڪارڪردگي ۽ انتظام تي به اثرانداز ٿين ٿيون، ان ڪري ڪيتريون آفيسون اهو ڪجھ ڪرڻ کان قاصر آهن، جيڪو هوند کين ڪرڻ گهرجي. مثال طور اڄ ڪنهن مختيارڪار يا ڪنهن ڊپٽي ڪمشنر لاءِ اهو ممڪنن ئي ڪونهي ته هو ٿورو وقت ڪڍي پنهنجي آفيس ۾ موجود سموري رڪارڊ تي نظر رکي ۽ ان مان تاريخي اهميت وارو مواد ڪڍي قوم کي آڇي. اهو ته رهيو پنهنجي جاءِ تي پر هن کان اڳ سنڌ جا ڪليڪٽر تاريخ سازيءَ جو جيڪو ڪم پاڻ ڪندا هئا، اهو اڄ جا ڊپٽي ڪليڪٽر نٿا ڪن، بلڪ ڪري ئي نٿا سگهن. مثال طور لڳ ڀڳ ون يونٽ ٺهڻ کان اڳ واري زماني تائين ضلعن جا ڪليڪٽر “بلو بوڪ” ۾ ضلعي جي مشهور ماڻهن ۽ اڳواڻن بابت ذاتي تاثرات لکندا هئا. اهو “بلو بوڪ” هر نئين ڪليڪٽر کي ماڻهن جي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو هو. اهو رڪارڊ سنڌ جي تاريخ جو مستند باب آهي. بلاشڪ ڪنهن عملدار جو مشاهدو ۽ تاثرات ذاتي نوعيت جا به ٿي سگهن ٿا. “بلو بوڪ” ۾  ان ڪري عملدار جي نفرت، محبت، ذاتي تعلق ۽ معلومات جي ذريعن وسيلن جو به وڏو عمل دخل ٿي سگهي ٿو، پر پوءِ به انهيءَ مواد کي نطرانداز ڪري نٿو سگهجي.

اڄ ڪلهه انهن بلو بوڪس ۾ ڪجهه به نٿو لکيو وڃي. هن جو وڏو سبب اهو آهي ته بلو بوڪ لکڻ واري کي اهو احساس آهي ته هو جيڪو ڪجهه لکندو، اهو مخفي نه رهي سگهندو. هن جي ملازمت جا سمورا مامرا انهن ماڻهن سان لاڳاپيل آهن، جن لاءِ هن کي بلو بوڪ ۾  لکڻو آهي، ان ڪري هو دشمني ۽ مخالفت برداشت ڪرڻ کان قاصر آهي. بلو بوڪس ۾ سنڌ جي تاريخ جو خزانو موجود آهي، پر ڪوبه عملدار يا ڪابه حڪومت ڪنهن به ضلعي ۾ موجود بلو بوڪ کي ڇپرائي نٿي سگهي، ڇو ته انهن جي ڇپجڻ سان مــمڻ مچي ويندو ۽ ڪيترن وڏن ماڻهن بابت اهڙا راز فاش ٿيندا، جيڪي عوام جي ذهن ۾ انيڪ سوال اڀاري سگهن ٿا.

پر جيڪڏهن اسان ۾ پنهنجي تعريف ٻڌڻ جي جذبي سان گڏ تنقيد ٻڌڻ جو حوصلو به هجي ته پوءِ اهي بلو بوڪس ڇپجي سگهن ٿا، ليڪن اسان ۾ اڃا اهڙي همت پيدا ڪانه ٿي آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي تاريخ تي انگريزن جا لکيل ڪتاب جڏهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن شايع ڪرايا آهن ته انهن مان اهي ڳالهيون ڪڍيون ويون آهن، جيڪي اسان جي خلاف لکيون ويون آهن. اسان اهڙي ريت تاريخ سان زيادتي ڪندا آيا آهيون، ان ڪري بلو بوڪس مان ڪيئن ۽ ڪهڙو فائدو وٺي سگهون ٿا. ٿي سگهي ٿو ته ڪيترن ضلعن مان بلو بوڪس غائب ٿي چڪا هجن، جيڪڏهن ائين ٿيو هوندو ته سنڌ جي تاريخ سان ظلم ٿيو آهي. سرڪار کي هڪدم جاچ پڙتال ڪري پڇڻ گهرجي ته اهي بلو بوڪس ڪهڙن ڪهڙن ضلعن ۾ موجود آهن. انهن جون ڪاپيون “سنڌ آرڪائيوز” ۽ “سنڌالاجي” ۾  به محفوظ ٿيڻ گهرجن، بلڪ محققن جي رسائي کي آسان بڻايو وڃي ته ان مان استفادو ڪري سنڌي جي اڳواڻن جي اصلي صورت عوام اڳيان آڻن.

ڊپٽي ڪمشنرن جي دفترن ۾ فقط اهي بلو بوڪس ئي ڪونه آهن، پر سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل ڪيترو ئي ٻيو مواد به موجود آهي. مثالو طور “سنڌ گزيٽ”، “مختلف کاتن جون رپورٽون” ۽ مختلف واقعن جون رپورٽون” وغيره.

انگريزن جي دور کان وٺي هرڪا سرڪار پنهنجي ڪمن ۽ حڪمن جي پڌرائي “گزيٽ نوٽيفڪيشن” ذريعي ڪندي ايندي آهي. اها گزيٽ سرڪار ڪارڪردگيءَ جو اهم رڪارڊ آهي. انهيءَ گزيٽ جي هڪ هڪ ڪاپي اڳي ڪليڪٽرن ڏانهن به موڪلي ويندي هئي. پڪ سان چئي نٿو سگهجي ته انهيءَ گزيٽ جو سمورو سيٽ ڪٿي محفوظ هوندو.

انگريزن جي زماني ۾  ٻيو ته ڇڏيو، پر جيڪڏهن ڪتاب ڇپبا هئا، انهن جو تفصيل به گزيٽ ۾ ڏنو ويندو هو. سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تاريخ ان وقت تائين مڪمل ۽ مستند لکي نٿي سگهجي، جيستائين گزيٽ جا لاڳاپيل پرچا نظر مان نٿا ڪڍجن.

انگريزن جي زماني ۾ هرڪو کاتو سالياني رپورٽ شايع ڪندو هو. هر ڪنهن کاتي جون سموريون رپورٽون به ڪليڪٽرين ۽ مختيارڪارين ۾ موجود هجڻ گهرجن. سنڌ ۾ ڪيترائي واقعا ٿيا. مثال طور “رِوولٽ ائڪٽ” خلاف جيڪا تحريڪ هلي ۽ گرفتاريون ٿيون. علي برادران تي جيڪو بعاوت جو ڪيس هليو. نٿورام کي قتل ڪرڻ جو واقعو ٿيو. مسجد منزل گاھ سانحي تي انڪوائري ٿي. اوم منڊليءِ جو مامرو ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. سنڌ ۽  پنجاب جي وچ 1941 ع ۾  پاڻيءَ جو ٺاھ ٿيو. خلاف تحريڪ ۽  ڪانگريس تحريڪ جا جيڪي اثر ٿيا، انهن ۽ اهڙن سوين واقعن تي سرڪار رپورٽون شايع ڪرايون. ان کان علاوه 1937ع کان 1947ع تائين سنڌ جي ڌوهي قبيلن تي ساليانيون رپورٽون نڪتيون ۽ حرن جي لوڙهن بابت هر سال ڪتابڙو ڇپيو. تنهن کان سواءِ سنڌ ۾ جڏهن به ڪو تعلقو ۽ ضلعو ٺهيو ته ان تي به ڊيمارڪيشن ۽ سروي رپورٽون شايع ٿيون. اهو ۽ اهڙو، بلڪه ان کان به وڌيڪ ڪارائتو خزانو اڳ مفت ۾ ڪليڪٽرين ڏانهن موڪليو ويندو هو. وقت جي تقاضا آهي ته سنڌ جون سموريون ڪليڪٽريون ۽ مختيارڪاريون جانچي ڏسجن ۽ سنڌ جي مستند تاريخ جا اهي ورق محفوظ ڪيا وڃن، ڇو ته اهي جيڪڏهن ڪٿي محفوظ هوندا ته فقط ۽ فقط ڪليڪٽرين ۽ مختيارڪارين ۾ هوندا. هن وقت اهي سرڪار جي ڇاپخاني ۽ بوڪ اسٽور ۾ به موجود ڪونه آهن.

 

 

تحريڪ آزادي سان لاڳاپيل سنڌ جو سياسي ادب جيڪو مختيارڪارين ۽ ڪيلڪٽرين جي فائيلن ۾ موجود آهي، اهو ۽ اوترو شايع ٿيل ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن ۾  ڪونهي. اهي عملدار ۽ اهي حڪومتون جيڪي چاهين ٿيون ته ڪا پاڪستان ۽ ان جي تاريخ جي خدمت ڪري سگهن ته پوءِ کين فائلن ۾  موجود انهيءَ خزاني کي محفوظ ڪري عوام اڳيان آڻڻو پوندو.

سنڌ آزاديءَ جي تحريڪ جي جيئن ۽ جهڙيءَ ريت اڳواڻي ڪئي آهي، اهو ۽ اوترو ذڪر ڪتابن ۾ موجود ڪونهي. ان جي برعڪس غير سنڌي محققن ۽ مورخن جي لکيل ڪتابن ۾ ته سنڌ بابت اٽي ۾ لوڻ برابر به ذڪر نه ڪيو ويو آهي. بلڪ ڪيترن ڪتابن ۾ اهڙيون ته غلط  ۽  بي بنياد ڳالهيون لکيون ويون آهن، جيڪي سنڌ جي عظمت کي ڇيهو رسائين ٿيون. حقيقت ۾ سنڌ جي عظمت کي اهو ڇيهو غير سنڌي محققن ڪونه رسايو آهي، پر انهيءَ جا ذميوار اسان جا اهي اڳواڻ آهن، جيڪي اقتدار جي ڪرسي تائين پهچندا رهيا آهن ۽ کين اها سُڌ نه رهي آهي ته سنڌ جي عظمت جو ڪيس تاريخ ۽ تحقيق جي ڪورٽ ۾ به کٽڻ گهربو هو. جيڪڏهن ڪا حڪومت قلم- ڌڻين کي نظرانداز ڪندي به پنهنجي ڪامورن کان پنهنجي گوڏن هيٺان رکيل فائيل نظر مان ڪڍرائي، ڪي ورق ڇپرائي پڌرا ڪري ها ته هوند هن وقت سنڌ کي جنوب ايشيا جي سياسي ۽ نظرياتي اڳواڻ صوبن جي پهرين صف وارو صوبو تسليم ڪيو وڃي ها.

انگريزن جي دور کان وٺي اڄوڪي دور تائين سياسي تحريڪن ۾ حصي وٺڻ تي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن خلاف ڪيس هليا. سچ لکڻ تي اخبارن خلاف مقدما هليا. عوام کي بيدار ڪرڻ لاءِ لکڻ تي ليکڪن جا ڪتاب ضبط ٿيا، سياسي ڪارڪنن، صحافين ۽  قلم ڌڻين جي اهڙين قربانين جو ذڪر ڪٿي به ڪونه ٿو ملي. پر اهو حرف به حرف سرڪاري فائيلن ۾ موجود آهي. اخبارن ۽ رسالن ۾ انهيءَ عظمت واري تاريخ جا ٽاڻا ۽ اشارا ضرور ملن ٿا، پر تفصيل ڪيترن جا ڪونه ٿا ملن. مثال طور ڄيـٺـمل پرسرام ۽ سندس اخبار تي جيڪو ڪيس هليو، اها سموري فتويٰ اخبارن ۾ ڇپي هئي. اهڙيءَ ريت وقت بوقت “الوحيد” اخبار تي جيڪي وقت جي سرڪار ڪيس ڪيا، انجو ذڪر به تفصيل سان شايع ٿيو، پر پوءِ به اخبارن تي سوين ڪيس ٿيا. ڪارڪنن تي هزارين عتاب ٿيا ۽ ڪيترا ڪتاب ضبط ٿيا. انگريزن جي دور ۾  ڪهڙن سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي ڪيس ٿيا ۽ اهي ڪهڙي قلم هيٺ هلايا ويا؟ ڪنهن کي ڪيتري سزا ملي؟ ڪهڙين اخبارن کي سرڪار ڪکين تي کنيو ۽ پنهنجي من پسند ماڻهن کان بدناموسيءَ جا ڪيس ڪرايا؟ ڪهڙا ڪتاب ضبط ٿيا ؟ اهي انگ اکر ”گل حيات” هٿ ڪري محفوظ ڪيا آهن. انهيءَ معلومات جي آڌار تي اسان جيڪڏهن ڪليڪٽرين ۽ مختيارڪارين جا فائيل کولي ڏسون ته ان مان هزارها صفحن واري آزاديءَ جي تحريڪ جي ڪهاڻي مرتب ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان فقط هڪ واقعي جو مثال عرض رکنداسين.

آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪانگريس توڙي مسلم ليگ شاگرد برادري کي پنهنجي پنهنجي هراول دستي طور ڪتب آندو. پارٽين ۽ انهن جي ذيلي شاخن کي جيڪو به موقعو ملندو هو، اهو هٿان ڪونه وڃائينديون هيون.

21 مئي 1943 ع تي فرنگي سرڪار پنهنجي جنگي فتح ملهائڻ لاءِ “ٽيونيسا ڊي” ملهايو. ڪانگريس پارٽيءَ اها ڪوشش ورتي ته غيرن جي انهيءَ خوشيءَ ۾ عوام شريڪ نه ٿئي. ان ڪري پارٽيءَ پنهنجي ذيلي شاخن کي انهيءَ جي بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. وقت جي سرڪار اسڪولن ۽ تعليمي ادارن تي نظرداري جا اپاءَ ورتا. سرڪاري جاسوس محمد موسيٰ ۽ پيسومل لاڙڪاڻي جي ميونسپل هاءِ اسڪول تي مقرر ڪيا ويا. هنن اسڪول جي ٻن شاگردن موٽو مل پٽ ڌنراج مل ۽ ڪشن پٽ جيوت رام کي اسڪولي شاگرد برغلائيندي ڏٺو ۽ نتيجي ۾  قلم 36  (6-اي) ۽ 38 (1-اي) ڊفينس آف انڊيا رولس هيٺ ٻنهي کي گرفتار ڪيو ويو. انهن شاگردن جي 21 مئي 1943ع تي گرفتاري ٿي ۽ 27 مئي 1943 ع تي کين آزاد ڪيو ويو. انهن ستن ڏينهن ۾ وقت جي سرڪار ڪهڙو تحرڪ ورتو؟ ۽ ڪهڙي ڪاروائي ڪئي؟ ان جو تفصيل هن ريت آهي.

سڀ کان پهريون سرڪاري جاسوسن محمد موسيٰ ولد محمد احسان ۽ پئسومل پٽ مولچند لکت ۾ سب انسپيڪٽر پوليس ٽائون ٿاڻي لاڙڪاڻي کي واقعي جا تفصيل ڏنا ۽ اهو ٻڌايو ته ڏوهين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سندن اها لکت پهريون دستاويز ٿيو، ان کانپوءِ سب انسپيڪٽر ايف آءِ آر ڪٽي. جنهن جو نمبر 17 ۽ تاريخ 21 مئي 1943 ع ۽ وقت صبح جا ساڍا ڏھ ٻڌايو ويو آهي. هن ڪيس جو ٽيون دستاويز چارج شيٽ آهي، ان جو نمبر 42 ۽ تاريخ 22 مئي 1943 ع آهي. ٽائون ٿاڻي جي انچارج اها چارج شيٽ، ايف آءِ آر  ۽  پنهنجي رپورٽ، جاسوسن جي رپورٽ ۽ مشير نامو گڏجي لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾  چالان پيش ڪيو. چالان پيش ڪرڻ وقت ڏوهي شاگردن کان هٿ آيل پوسٽر، جهنڊو ۽ ٻيو مواد به ڪورٽ ۾  پيش ڪيو ويو. انهن سمورن دستاويزن سان گڏ ڏوهي شاگردن جو اقرارنامو به شامل ڪيو ويو.

هن کانپوءِ ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ڪيس هلائڻ لاءِ مختلف ڌرين ڏانهن وارنٽ جاري ڪيا. پهرين ڏينهن تي ڪيس جي ڪارروائي هلي ۽ شاگردن جا بيان ٿيا. جن ۾ هنن پنهنجو ڏوھ قبوليو ۽ معافي جي درخواست ڪئي. ساڳي تاريخ شاگردن جي والدين لکت ۾ معافي ورتي ۽ پنهنجي ٻارن جي چال سڌراڻ جي ضمانت به ڏني ۽ يقين به ڏياريو. ان کانپوءِ شاگردن کان “خود مچڪلو”  لکرايو ويو، جنهن ۾ هنن هر ڪنهن هلچل ۾ حصي وٺڻ کان بانءِ ڪئي. ٻئي ڏينهن تي لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ پنهنجي حڪم نامي نمبر 248 مطابق شاگردن کي آزاد ڪريو ڇڏيو.

انهن ستن ڏينهن ۾ اسانجي سياسي تاريخ جا ويهارو کن صفحا تخليق ٿيا. جاسوس جي رپورٽ، مشيرنامي، ايف آءِ آر، چارج شيٽ، اقرار نامي، وارنٽ، شاگردن جي بيانن، معافي نامن، خود مچلڪن، ضمانت نامن، والدين جي معافي نامن ۽ ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ جي حڪم نامي تي مشتمل آهن.

هن ڳالهه مان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ اسٽرائيڪ ڪرائڻ جو معمولي واقعو، جنهن جو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾  ڪٿي به ذڪر ڪونهي انهي بابت ڪيلڪٽري ۾ ويهارو کي صفحن تي مواد موجود  آهي. غلاميءَ جي هڪ صدي ۾ هر ڪنهن ڪليڪٽر ۽ مختيارڪار جي دفتر ۾ ڪيترا نه اهڙا ڪيس هليا هوندا، اهي جيڪڏهن منظر عام تي اچن ته هوند ان مان اسان کي گهڻا فائدا ملن. هڪ طرف اسان جي سياسي تاريخ مرتب ٿي ويندي ته ٻئي طرف اسان کي اصلي ۽ نقلي تحريڪ آزاديءَ جي متوالن جي خبر پوندي.

سنڌ جي ڪليڪٽرين ۽ مختيارڪارين ۾ مواد موجود آهي، پر ڪنهن محقق ۽ مورخ جي انهيءَ تائين پهچ ٿي نه ٿي سگهي، هي سرڪار جو ڪم آهي ته سنجيدگي سان سنڌ جي سياسي تاريخ کي بچائي ۽ منظر عام تي آڻي. وقت گذرڻ سان گڏ سنڌ جي سياسي تاريخ جا اهي ڪاڳر ڪارا ٿيندا پيا وڃن، انهن کي بچائڻ گهرجي.

 

 

Menu
Go to top