صدارتي ايوارڊ يافته شاعر محمد ياسين ڪنڀر جو تعارف۔

سنڌ جو مشھور نعتيه شاعر محمد ياسين ڪنڀر ولد شاھ محمد ڪنڀر مرحوم  (وفات 6 نومبر 2023ع) ڳوٺ سلطانپور ۾ تعلقي پنوعاقل ضلع سکر ۾ پھرين آڪٽوبر 1979ع بمطابق ٩ ذوالقعد ١٤٩٩ھجري بروز سومر تي ڄايو۔ سندس ڏاڏي جو نالو مرحوم محمد عيسيٰ ( وفات 1985ع) ۽ ناني جو نالو مرحوم خميسو خان ڪنڀر (جنم 1931ع وفات 2005 ع) ھو۔ناظره قرآن شريف مولانا احمد علي ناپر (وفات نومبر 2021 ع) وٽ پڙھيو۔پرائمري تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پرائي۔ميٽرڪ 1997ع ۾  گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سلطانپور مان اي۔ ون گريڊ ۾ پاس ڪري  ڳوٺ ۾ رڪارڊ قائم ڪيو۔انٽر سائنس 1999ع ۾  گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول پنوعاقل مان پاس ڪئي۔ بي اي 2002 ع پنوعاقل ڊگري ڪاليج  ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ فسٽ ڊويزن ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2004 ع ۾ پاس ڪئي۔گورنمينٽ  ايجوڪيشن ڪاليج سکر مان  2004 ع ۾ فسٽ ڪلاس ۾  بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيو۔ 
1999ع کان آرمي پبلڪ اسڪول پنوعاقل ڇاوڻي ۾ ٻه سال اسسٽنٽ ٽيچر رھيو۔
6 نومبر 2001 ع ۾ سنڌ گورنمينٽ جي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ڀرتي ٿيو۔
2014ع ۾ ٿرو پراپر چينل ”جي ايس ٽي“ استاد مقرر ٿيو۔
31 مئي 2022 ع کان ھاءِ اسڪول ٽيچر (ايڇ ايس ٽي) جو پروموشن مليو ۽ گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول سلطانپور ۾ مقرري ٿي۔۔
ھن وقت گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول ھاليجي شريف ۾ سنڌي سبجيڪٽ جو استاد ٿي نوڪري ڪري رھيو آھي۔ تعليم و تربيت جي حوالي سان  ڪجھ ٽريننگ آغا خان يونيورسٽي مان 48 ورڪشاپن ۾ شرڪت  ڪري حاصل ڪئي۔ واءِ ٽو ڪي ڪيمبريج اسڪول سکر  مان 2000 ع ۾ ٽيچنگ ٽرينگ ڪئي۔ يو ايس ايڊ جي طرفان منقعد ٿيندڙ ٽريننگ ورڪشاپ ۾ به شرڪت ڪئي۔
سندس حمد نعت منقبت مناجات مرثيا قومي نظم اصلاحي شاعري سڄي سنڌ ۾ مشھور آھي۔نعت جو پڪو پختو ۽ علم عروض تحت پابند شاعري ڪندڙ ڪھنه مشق شاعر آھي کيس پھريون صدارتي ايوارڊ ۽ انعام  2017 ع ۾ نعتيه شاعري جي ڪتاب ”سرھاڻ“ تي ان وقت جي صدر پاڪستان سيد ممنون حسين ھٿان مليو۔
جميعت العلماء اسلام يونٽ گلشن حماد جو پنج سال پريس سيڪريٽري ٿي رھيو ۔کيس  جميعت علماء اسلام طرفان  بھترين ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽس سند ۽ قرآن پاڪ جو تحفو مليو۔تعلقي ليول تي سرڪاري اسڪولن ۽ پروگرامن ۾  نعتيه مقابلن جو بطور جج مقرر ڪيو وڃي ٿو۔سنڌي ادبي سنگت شاخ سلطانپور جو چار دفعا سيڪريٽري ٿي رھيو۔عزم پبليڪيشن مھيسرو جو سب  ايڊيٽر  ۽ شيخ اياز پبليڪيشن سلطانپور جو سب ايڊيٽر رھيو۔ھاليجي شريف جي بزرگ مولانا عبدالصمد انڍڙ ھاليجوي (وفات 2023 ع)  سان دست بيعت ٿيو۔سنڌ ليول تي ٿيندڙ نعتيه مشاعرن ۾ شريڪ ٿي شاعري پڙھي۔سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيو۔سندس شاعري ماھوار  الفاروق ڪراچي،ماھوار ھزار داستان حيدرآباد ماھوار امرتا حيدر آباد ماھوار گل ڦل ھتيور سنڌو ڊائجسٽ پندره روزه عبرت ميگزين، ماھوار گل ڦل ، سنڌي ادبي بورڊ جي مشھور علمي رسالي ٽماھي مھراڻ، ٽماھي سنگت مخزن حيدر آباد ، ماھوار الصادق ڪراچي،اردو رسالن ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڇپيل آھي  ۽  ڇپجندي رھي ٿي  ۔سنڌي ۾ سنڌي ٻاونجاھ اکرن تي رديف وار نعتيه شاعري جو ديوان ”سيد الثقلين صلي الله عليه وسلم“  سال 2022ع ۾ ڇپيو جنھن تي کيس 2023ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان  قومي سيرت ايوارڊ شيلڊ ۽ پنجاھ ھزار نقد انعام  به مليو۔
۔محمد ياسين ڪنڀر 27 جولاءِ 2002 ع ۾ پنھنجي سوٽِ ۽ ماساتِ سان شادي ڪئي۔اھا شادي سندس لو ميريج به ھئي ته ارينج ميريج به ھئي۔کيس ٻه پٽ (محمد اسامه ۽ محمد ارقم آھن)۔چار نياڻيون (حفصه، تقويٰ ، رقيه ۽ عظما) آھن۔ھڪ ڀاءُ حضور الدين آھي۔محترم محمد ياسين ڪنڀر  شاعري جي شروعات 1994ع کان ڪئي ۔سندس پھريون شعر ئي الله پاڪ جي ساراھ ۾ لکيل(حمد) ھو، جيڪو روزانه  جاڳو  اخبار ۾ 1997ع ۾ ڇپيو۔
ڪيسٽ جي دنيا  سندس پھريون شعر
  ”جنت ورھائجي ٿي جنت اچي وٺو“ ھو جيڪو سنڌ جي مشھور نعتخوان محترم 
 الحاج امدادالله ڦلپوٽو پنھنجي  آڊيو ڪيسٽ  واليم نمبر 73 ۾ سال 1997ع ۾ رمضان المبارڪ جي خاص نمبر ۾ رڪارڊ ڪيو۔ ياسين ڪنڀر جا  ٻاراڻا شعر ماھوار گل ڦل، عزم ، ادڙا، نٽ کٽ ۽ سنڌي رسالن ۾ ڇپيا۔ مھراڻ رسالي ۾ 2013 کان مسلسل ڇپبو رھيو آھي ۔سنڌي اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾ سندس شاعري تمام گھڻي تعداد ۾ ڇپي آھي۔سندس پسنديده موضوع حمد ۽ نعت آھن۔ کيس چار دفعا صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو آھي۔۔ نعتيه شاعري لکڻ  سندس خاص مشغلو ۽ مقصد حيات آھي۔ شاعري ۾ استاد سيد الشعراء سيد رفيق احمد امروٽي آھي۔ڪجھ اصلاح مرحوم  سيد گل محمد شاھ بخاري (وفات 25 آڪٽوبر 2023 ع) به ڪئي ۔محمد ياسين ڪنڀر جي حمديه ۽ نعتيه شاعري الحاج امدادالله ڦلپوٽو، نعمت الله سولنگي، سلطان احمد چنا ،انعام الله مگسي، مسڪين محمد عيوض ابڙو، سيد حاجن شاھ، امتياز احمد ڦلپوٽو (شھيد)، علي گوھر ڌاريجو ، راشد احمد منگي، ڌڻي بخش چاچڙ، صدام حسين لنجار، عبدالباقي دايو ، گلزار چنا ، ذوالقرنين حيدري عبدالواحد جتوئي، جميل الرحمان گندرو ۽ ٻين نعتخوانن ڳائي آھي سندس نعتيه ڪلام نوي جي ڏھاڪي  ۾ آڊيو ڪيسٽن ۾ رڪارڊ ٿي چڪو آھي۔ محمد ياسين ڪنڀر جا وڏڙا ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪندا ھئا ۔
 محمد ياسين ڪنڀر جا ڇپيل ڪتاب ھي آھن۔
1۔منھنجو دلبر (نعتيه شاعري) 2007 ع
2۔منھنجو رھبر  (نعتيه شاعري) 2010 ع
3۔ساھ ۾ سوجھرو۔(نعتيه شاعري) 2013 ع
4۔سرھاڻ۔(نعتيه شاعري) ۔2015ع جنھن تي 2017 ع ۾ صدارتي ايوارڊ مليو۔
5۔راھن ۾ رابيل ۔(نعتيه شاعري) 2016 ع
6۔ابوصدقي امان صدقي۔(اسلامي شاعري) 2017ع
7۔جانانِ جان۔(نعتيه شاعري)۔2018 ع۔(ان ڪتاب تي قومي سيرت ايوارڊ 2019ع ۾ مليو)
8۔درود توتي سلام توتي۔ اسلامي شاعري۔2019 ع
9۔جاني لاثاني۔(نعتيه شاعري)۔2019 ع۔
10۔امڙ آمنه جو لال صه۔(نعتيه شاعري 2020ع)
(ان ڪتاب تي 2021ع ۾ قومي سيرت ايوارڊ مليو )
11۔لڙڪن ڪئي پڄاڻي۔(اسلامي شاعري)۔2022ع
12۔آئيندي جا معمار۔(ٻاراڻي شاعري) 2022ع
13۔سيد الثقلين صه۔(نعتيه ديوان) 2022ع(ان ڪتاب تي 2023ع ۾ قومي سيرت ايوارڊ مليو)،
14۔نگر نگر ۾ نالو جنھنجو۔اسلامي شاعري۔2023ع۔
اڻ ڇپيل ڪتاب.....
*سنڌ جا حسان۔(سنڌ جي نعتيه شاعرن جو احوال)
*گلڙن جھڙا گيت۔(ٻاراڻي شاعري)
*منھنجي مٺڙي ماءُ۔ (منظوم ڀيٽا۔ترتيب)
*سنڌ جا نعت گو شاعر۔ (شاعرن جو احوال)
*علماءِ سنڌ جي ياد ۾۔(منظوم ڀيٽا ترتيب)
*سلطانپور جون سارون۔
(آتم ڪٿا)
*آقاءِ نامدار صه(نعتيه ديوان)
*نقشِ قدم نبی صہ کا۔(اردو نعتیہ شاعری)
رابطي لاءِ موبائيل نمبر۔03003135557
 بياد۔ نعت گو شاعر سيد گل محمد شاھ بخاري۔وفات 25 آڪٽوبر 2023ع شھدادڪوٽ۔) شاعري۔محمد ياسين ڪنڀر۔
************************
دسترس ۾ جنھنجي ھا بيشڪ زبان و شعر و فن۔
موڪلائي گل محمد شاھ  ويو شيرين سخن۔
شاعري جي باغ ۾ سرھا ٽڙيا گل ڪيئي پر
نعتيه شعراء ۾ سيد گل ھو سرتاجِ سخن۔
شاعر و ليکڪ مصنف ۽ مرتب مترجم
سو ويو سيرت نگار ٿيندس يقينن گھر عدن۔
ويو مجاھد جو ابو وڇڙيو ثناخوانِ رسول
جنھن جي رحلت تي  چشم پرنم ٿي دل اندوھ گن۔
ھو شھنشاھِ نظم  سَيّدُ ھو سالارِ نثر
نعتيه شعرن ۾ جنھن جا ڪو نه ٿا ثاني  ملن۔
ھن جي لکڻين جو نرالو رنگ اسٽائيل ھو
نعتيه شاعر اھو مشھور ھو اڄ ٿيو دفن۔
بامروت باقدر بازيب بااخلاق ھو
سنڌي ٻولي ۽ ادب جو ھو اھو سرھو چمن۔
سچ لکندڙ سچ پڙھندڙ سچ چوندڙ ھو سچار
دردمند ھمدرد ساٿي ھو ته ساريو دوستن ۔
روح شھدادڪوٽ جو ھن سنڌ جو سينگار ھو 
گل محمد شاھ ھو گلفام  گل رخ گلبدن۔
 ھن ڪئي شب روز خدمت سنڌي ساھت جي سدا
نعت ٺاھڻ جو ھو ماھر سنڌ وارا ٿا چون۔
شخصيت ھئي پرڪشش وڻندڙ طبيعت ھئي سندس
خوش قلم  ٿيو رب عطا جنھن کي ڪيو سھڻو ذھن۔
ھن ڪيا تحرير نظم ۽ نثر جا اٺھٺ ڪتاب
ڪتب خانو ديس ھن جو رحمتون ھن تي وسن۔
جنت الفردوس ۾ ھوندو ڪنڀر ياسين سو
جو محمد پاڪ جي الفت ۾ رھندو ھو مگن۔
 محمد ياسين ڪنڀر۔
خدا کان اھائي گھري آ دعا مون
ڏسان ھڪ دفعو روضئِه مصطفا مون۔
ديارِ محمد پسان مرتبو ھڪ
ته چوندس لڌي آھي دل جي دوا مون۔
ھتي درد و غم آھي رنج و الم آ۔
وڃي ڪاش طيبه جا ماڻيان مزا مون۔
اُتي دردَ ماري جي دلجوئي ٿيندي
ھِتي سورَ صدما گھڻا ئي سَٺا مون۔
زَر و سِيمَ ھِيرَن نه بنگلن جي خواھش 
رڳو بس مديني جي چاھِي دَيا مون۔
لکيا جيڪي اشعارَ عِشق نبيءَ ۾ 
ڪئي حمد ۽ نعت سان ابتدا مون۔
سڄي زندگي نعت لکندس نبيءَ جي 
”پرين جانِ پنھنجي ڪئي آ فدا مون“
عُمرِ چوئيتاليھ ٿي سال آھي۔
ڏٺو ناھين  ” ياسين “  طيبه اڃا مون
شاعر محمد ياسين ڪنڀر۔
عورت اسلام جي نظر ۾ ۔۔۔ 
====================
عورت پنھنجي عظمت ڄاڻي
 جيڪر پنھنجي عزت ڄاڻي۔
ھڪ ھڪ قطري کير جي عيوض۔
ھڪ ھڪ نيڪي اجرت ڄاڻي۔
ھڪڙو جوڙو مڙس جو ڌوئي 
نيڪيون ھزار ٻه نعمت ڄاڻي۔
مڙس ڏي پيار سان جي ٿي نھاري
رب ٿو نھاري رحمت ڄاڻي۔
جيڪا ٻار گھڻا ٿي ڄڻي پڪ
سا ٿي وڌائي امت ڄاڻي۔
مڙس کي راضي جيڪا  رکي ٿي۔ 
رب کان وٺندي جنت ڄاڻي۔
بسم الله سان ڳوھي اٽو ٿي۔ 
رزق ۾ ٿيندي برڪت ڄاڻي  ۔
تولا ڪري ست سون ٿي صدقي 
مڙس کي زور ٿي ڏي ھت ڄاڻي۔
 ويم جا سور سھي ٿي عورت 
 حج جا ثواب حقيقت ڄاڻي۔
ستر ولين کن به ڀلي آ 
عورت نيڪ نصيحت ڄاڻي۔
 ملندو جھاد جو ان کي ثواب آ۔
مڙس کي ڏي ٿي آٿت ڄاڻي  
ستر سال عبادت ڪيائين۔
 ٻار ڄڻي ٿي غنيمت  ڄاڻي ۔
 ھڪڙو وار ڪري ٿي ظاھر
 ان تي وسي ٿي لعنت ڄاڻي۔ 
مڙس ڪري ناراض مري وئي
ڪاري ھوندس قيامت ڄاڻي۔
۔
عورت ماء ته جنت ان وٽ
عورت زال ته غيرت ڄاڻي۔ 
عورت ڀيڻ ته ڀاءُ جي ھمدم
  عورت ڌيءَ ته رحمت ڄاڻي۔
 ننھن کي ڌيءُ ڪري ئي ڏسجي
سس پوءِ لھندي فرحت ڄاڻي۔
زن زر توڙي زمين فسادي
 پر ٿو پرور حڪمت ڄاڻي۔
 عورت نينھن نڀائڻ ڄاڻي
 عورت ڪرڻ محبت ڄاڻي۔ 
پڪ ياسين ڀلي زائفان جي
 رب ڪندو آ نصرت ڄاڻي۔
 محمد ياسين ڪنڀر۔
عيب ڍڪجن خلق جا ۽ عيبداري ڇو ڪجي
ڇو ڪجي غيبت ٻين جي پاڻ خواري ڇو ڪجي؟
ملڪ سان رکجي محبت آھي ايماني جزو۔
پنھنجي ڌرتي سان پيارا پوء غداري ڇو ڪجي؟
في سبيل الله سھڻي ۽ سٺي شيءِ آ ڏبي۔
پنھجي مالڪ کان ته ڪابه چيز پياري ڇو ڪجي۔؟
چار ڏينھن آ زندگي گڏ سمر اخريٰ لئه ڪجي۔
غفلتن ۾ گھاري  ضايع عمر ساري ڇو ڪجي ۔
دوست پورھيت آ خدا جو  آ عبادت پورھيو۔
پورھئي سان پيار رکجي پاڻ عاري ڇو ڪجي۔
واعدو ڪنھن سان ڪجي پوءِ واعدي کي پاڙجي۔
واعدي کان مُڪري پيدا بيقراري ڇو ڪجي۔
آسري ٻين جي رھي ڇو وقت کي ضايع ڪجي۔
پاڻ ٻوٽو ٻارجي ٻي انتظاري ڇو ڪجي۔
 ڪر مذمت ظلم جي ۽ ڏاڍ لئه کڻجي قلم 
ظالمن ڏاڍن ڪنن جي پاسداري ڇو ڪجي؟
ھل شريعت تي ڪنڀر ياسين ٿي اسلامي تون۔
 دين واري مسئلي ۾ دنياداري ڇو ڪجي

Good Wishes