سنڌ جو ناليوارو موسيقار استاد غلام علي مرحوم 
تحرير : عبدالله جروار

   facebook 1710429214158 7174060094667155312اڄ سنڌ جي ناليواري موسيقار غلام علي کي ياد ڪريون. جنهن وڌ کان وڌ سنڌي فلمن ۾ موسيقي ڏئي پنهنجو نالو ڪمايو. موسيقار غلام علي شيخ جو جنم بروز ڇنڇر 23 نومبر 1933 ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو عبدالواحد شيخ هو. پاڻ مئٽرڪ جو امتحان نور محمد هاء اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيو. سندن وڌيڪ تعليم ڏانهن دلچسپي نه رهي. ننڍپڻ کان ئي فن جي دنيا ۾ آيا. جو سال 1945ع ڌاري پنهنجي والد صاحب سان گڏ جوڌپور جي مهاراجا جستونت سنگھ جي ڀاء جي شادي ۾ فرمارمنس ڪئي. ننڍپڻ کان اداڪاري ڏانهن شوق رکندڙ غلام علي" آسي عرف لوفر" نالي اسٽيج ڊرامي ۾ ڪم ڪري مقبوليت ماڻي 1953ع ڌاري سندس ملاقات شيخ حسن سان ٿي جنهن فلم عمر مارئي ۾ "کيت" جو ڪردار ڏنو. شيخ حسن صاحب جي تعلق سان سندن ملاقات اسماعيل ٻن واصف سان ٿي.  جنهن سان غلام علي موسيقي ڪمپوز ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. موسيقي ۾ گهڻي شوق جو اظهار ڪيو. جنهن تي شيخ حسن صاحب کيس ڪجھ ڌنون ٻڌڻ جي فرمائش ڪئي. جيڪي شيخ حسن صاحب کي پسند آيون. جنهن بعد غلام علي کي نذير بيگم جي آواز رشيد احمد لاشاري جا ٻول " دل منهنجي ڌڙڪي، اک منهنجي ڦڙڪي"   جنهن کي پاڻ بهترين نموني ڪمپوز ڪيائون. جو نگهت سلطانه کي بيحد پسند آيو. جنهن بعد اهو فيصلو ٿيو   غلام علي فلم ۾ "کيت" جي ادا ڪرڻ بجاء ڪمپوزر طور ڪم ڪري. ان بعد غلام علي ڪپوزر طور شاندار موسيقي ڏئي نالو ڪمايو. ان کان علاوه پاڻ پاڪستان ٽيليويزن تي پروگرام پرک ۾ موسيقي ڏنائون. پروگرام پرک جا ڪيترن ئي گيتن جي موسيقي استاد غلام علي مرحوم ڏني هئي. سنڌي فلمن جي موسيقار طور تاريخ ۾ مٿاهون مقام ماڻيندر استاد غلام علي ڪيترن ئي فلمن لاء موسيقي ڏئي شهرت جي آسمان تي پهچي ويا.  استاد غلام علي 6 آگسٽ 1996ع تي وفات ڪئي پاڻ حيدرآباد ۾ آسوده خاڪ آهن. 
سندن موسيقي ڏنل سنڌي فلمن ۾ عمر مارئي، پرديسي، شهرو فيروز، چانڊوڪي، نوري ڄام تماچي، پنو عاقل، محبوب مٺا، مٺڙا شال ملن، جيجل ماء، البيلي، پيار ڪيو سينگار، پيار تان صدقي، منهنجو پيار پڪاري، رت جا رشتا، سنڌڙي تان صدقي، رت ۽ اجرڪ، ڌرتي ۽ آڪاش، اميد، ممتا، سورمي سنڌ جي، هو جمالو، دشمن، علي گوهر، بيوس، جيئي لطيف، محب شيدي، آئي مند بهار (اڻ رليز)  قسمت ڪئي جدائي (اڻ رليز ٿيل) شامل آهن..
مددي ڪتاب : سنڌ ٽاڪيز
ليکڪ : ڊاڪٽر محمود مغل صاحب
ڪتاب: آئينا ۽ عڪس
ليکڪ: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب

Good Wishes